سچل سرمست ان سچل ڪانفرنس
زيب سنڌي
سچل سرمست
جنهن وقت هال ۾داخل ٿيو، ان وقت ادبي ڪانفرنس ۾ مشاعرو پنهنجي پوري عروج تي هو. اسٽيج
تي ڊائيس جي پويان بيٺل بندري قد وارو شاعر، جنهن جو هال ۾ ويٺلن کي چهرو نه، پر
فقط سندس مٿي تي ٻڌل طُرو ڊائيس مٿان نظر اچي رهيو هو، اهو ڪيڪڙاٽ ڪري پنهنجو ڪلام
پيش ڪري رهيو هو، ”سچل سارو سچ.... سچ سارو سچ..... سچل سارو سچ...!“
