مرڪ
تي منع
سندري اتمچنداڻي
لنبي
عرصي کان پوءِ ٿي ھئي پڪنڪ، چترڀڄ ڪيترو وقت ٻيڙيءَ کان پرتي ويندڙ پاڻيءَ کي تڪي
رھيو ھو. اوچتو راڻيءَ طرف منھن ڪري چيائين، “مون کي لڳي ٿو، تو
کي منھنجي باري ۾ ڪائي غلط فھمي ٿي آھي...”
راڻيءَ جي
پلڪن جا سورج مکي اڌ گول ڪجھه دير چترڀڄ کي تڪيندا رھيا. پڇيائين، “ڇو ٿو لڳي توکي
ائين؟”
