ڦوٽ جو نتيجو
(ٻڌيءَ جي طاقت بابت، چيڪوسلواڪيا جي بادشاهه جي نصيحت
واري آکاڻي)
اڄ کان تيرهن سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي.
انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت
ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. کيس
ٽِن پٽن جو اولاد به هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت
ڪندو هو. جڏهن ته بادشاهه پوڙهو ٿي ويو هو ۽ بيمار پڻ رهڻ لڳو هو. تڏهن کيس اچي ڳڻتي
ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو؟ هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن
کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه کين چيو؛ ”پُٽ! آءٌ هاڻي پوڙهو
۽ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪجھه ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏين ڪوششن ۽ محنت سان،
هيءَ حڪومت جوڙي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي حڪومت جون
واڳون ڏيان. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ کُتل آهن. توهان
جو فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ هن کي قائم رکندا اچو!“