Monday, November 3, 2014

ڦوٽ جو نتيجو

ڦوٽ جو نتيجو
(ٻڌيءَ جي طاقت بابت، چيڪوسلواڪيا جي بادشاهه جي نصيحت واري آکاڻي)
اڄ کان تيرهن سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. يورپ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي حڪومت هئي. انهيءَ ۾ موراويه، ٻوهيميه ۽ سلواڪيا جا ملڪ هئا. انهن ملڪن تي جيڪو بادشاهه حڪومت ڪندو هو، ان جو نالو ”سوائو پولڪ“ هو. اهو بادشاهه ڏاڍو سياڻو ۽ بهادر هوندو هو. کيس ٽِن پٽن جو اولاد به هو. اهو هن جي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو، جو هو انهن ملڪن تي حڪومت ڪندو هو. جڏهن ته بادشاهه پوڙهو ٿي ويو هو ۽ بيمار پڻ رهڻ لڳو هو. تڏهن کيس اچي ڳڻتي ٿي ته مون کان پوءِ هيڏي ساري ملڪ کي ڪير سنڀاليندو؟ هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ سڏايو. ٽئي اچي هن جي بستري وٽ بيٺا. بادشاهه کين چيو؛ ”پُٽ! آءٌ هاڻي پوڙهو ۽ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان ۽ ڪجھه ڏينهن جو مهمان آهيان. مون وڏين ڪوششن ۽ محنت سان، هيءَ حڪومت جوڙي آهي. هاڻي اهو وقت تمام ويجهو اچي ويو آهي، جو اوهان کي حڪومت جون واڳون ڏيان. هن حڪومت جا دشمن به گهڻا اَٿوَ، جن جون نظرون هر وقت ان ۾ کُتل آهن. توهان جو فرض آهي ته هن حڪومت کي دشمنن کان بچايو ۽ هن کي قائم رکندا اچو!“


ائين چئي، بادشاهه هڪ پوڙهي نوڪر کي پاڻ ڏانهن سڏي، هن جي ڪَن ۾ ڪجھه چيو. نوڪر بادشاهه جي ڳالهه ٻڌي، اتان هليو ويو ۽ ٿوري دير ۾ ئي سنهيون ۽ ڊگهيون ڪاٺيون کڻي آيو. بادشاهه جا پٽ اهي ڪاٺيون ڏسي ڊڄي ويا. ڇو ته ننڍپڻ ۾ جڏهن هُو ڪا حرڪت ڪندا هئا ته بادشاهه اهڙن لڪڻن سان کين ماريندو هو. بادشاهه پٽن ڏي ڏسي کليو ۽ کين چوڻ لڳو؛ ”توهين هنن ڪاٺين کي چڱيءَ طرح سڃاڻو، ڏسو هي ڪاٺيون ڪيتريون نه سنهيون آهن. اوهان مان هر هڪ هنن ڪاٺين کي سولائيءَ سان ڀڃي سگهي ٿو.“ پوءِ بادشاهه اهي ڪاٺيون نوڪر کي ڏنيون ۽ چيائين ته؛ ”ٽئي ڪاٺيون گڏي ٻڌي اچ!“ نوڪر ٽنهي ڪاٺين کي گڏي هڪ مضبوط رسيءَ سان ڇڪي ٻڌو. هاڻي اهي ٽيئي ڪاٺيون، گڏجي هڪ ڪاٺي ڏسڻ ۾ پئي آيون. اتي بادشاهه پٽن کي چيو ته؛ ”مون کي اوهان ٽنهي جي ڏاڍي ڳڻتي آهي. اوهين پاڻ ۾ سدائين وڙهندا رهندا آهيو ۽ هاڻي به جيڪڏهن اوهين وڙهندا رهندؤ ته پوءِ هي ملڪ اوهان جي هٿن مان نڪري ويندو. پر جيڪڏهن اوهين ٽئي گڏجي رهندؤ ته پوءِ هيءُ ملڪ به مضبوط ۽ قائم رهندو.“
ائين چئي بادشاهه ڪاٺيون نوڪر کان وٺي پنهنجن پٽن کي ڏيندي چيو ته؛ ”اوهان مان هر هڪ هنن ڪاٺين کي ڀڃي ڏيکاري!“
ٽنهي پٽن، واري وٽيءَ سان، ڪاٺين کي ڀڃڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اهي ڀڄي نه سگهيون. بادشاهه چيو؛ ”ڏٺوَ، اها اَٿوَ ٻڌيءَ جي طاقت! جيڪڏهن توهان به ٽئي گڏجي هڪ ٿي رهندؤ ته اوهان کي به ڪو نقصان نه ٿيندو.“
وري بادشاهه نوڪر کي چيو؛ ”رسي کولي ڪاٺيون جدا جدا ڪر!“
نوڪر ٿوري دير ۾ ٽئي ڪاٺيون کولي جدا جدا ڪيون. بادشاهه هر هڪ پٽ کي هڪ هڪ ڪاٺي ڏني ۽ چيو؛ ”هاڻي ان کي ڀڃي ڏيکاريو.“ ٽنهي پٽن پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪاٺيءَ کي ڏاڍي سولائيءَ سان ڀڃي ٻه ٽڪر ڪيو. بادشاهه اهو ڏسي کين چيو؛ ”ڏٺوَ، اهو اٿوَ ڦوٽ جو نتيجو! جيڪڏهن اوهان گڏجي حڪومت نه هلائي، پاڻ ۾ پيار محبت نه ڪيوَ، ته اوهين اڪيلا ٿي پوندؤ ۽ دشمن اوهان کي ختم ڪري ڇڏيندو. منهنجي نصيحت ياد رکو، پاڻ ۾ ڪڏهن نه وڙهجو. سدائين هڪ ٿي دشمن کي منهن ڏجو، پوءِ ڪا به طاقت اوهان کي نقصان نه پهچائي سگهندي، سدائين انصاف، رحمدلي ۽ سخاوت سان حڪومت ڪجو. اوهان جو ملڪ سدائين سلامت رهندو. پوءِ نه ملڪ ۾ ڦيٽاڙو پوندو ۽ نه وري ٻاهرئين دشمن کي اوهان تي حملي جي همت ٿيندي.“
ٿورن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه مري ويو ۽ سندس ٽنهي پٽن کي حڪومت سنڀالڻي پئي. پر هنن پنهنجي پيءُ جي نصيحت وساري ڇڏي ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. اهو حال ڏسي، هنن جي دشمنن کي وجهُه ملي ويو. هنن هڪ هڪ ڪري ٽنهي ڀائرن کي ماري، سندن ملڪ تي قبضو ڪري ورتو.

بادشاهه سوائو پالڪ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان جيڪا هيڏي وڏي حڪومت ٺاهي هئي، اها ڌارين جي هٿ اچي وئي ۽ ڦوٽ جي نتيجي ۾ بربادي ٿي وئي.

No comments:

Post a Comment