Thursday, May 3, 2012

ٽٽل ڀرم جا ڀور - واجد


ٽٽل ڀرم جا ڀور
 واجد
آصف جي پريشان چھري مان سندس اندر جي ويراني پڌري آھي. لڳي ٿو ته ھو ڪنھن ويچار جي وڙھوٽي ۾ ويڙھبو پيو وڃي. سندس نرڙ تي فڪر جون انيڪ ريکائون مڙي آيون آھن. سگريٽ سندس ھٿ ۾ ئي سڙي رک ٿي ويو آھي، سندس اڳيان ذوالفقار راشدي جو ڪتاب “سوچ کي لوچ” کليو رکيو آھي، جنھن جا ورق، ٽيبل فين جي تيز ھوا ۾ ھيڏي ھوڏي ٿي رھيا آھن. سوچيندي سوچيندي سوچون سندس زبان تي لھي اچن ٿيون ٿيون ۽ ھو پاڻ سان ڳالھائڻ لڳي ٿو: “اڳتي رياض سان ڳالھائڻ بلڪل بند، اصل باءِ ڪاٽ ننڍپڻ جو يار ھُيو، مون زندگيءَ جي اُس ڇانو ۾ وس آھر پئي ساڻس ساٿ ڏنو، پاڻ کي بکيو ڏکيو رکي به سندس سھائتا ڪندو آيس ۽ اڄ جڏھن مون تي ڏکيو وقت آيو آھي، ته آرسيءَ جي اولڙي جيئان ھٿ ئي نٿو اچي. جڏھن وڃ تڏھن ھڪ ئي جواب: ”رياض گھر ڪونھي.“


صبح سندس سھري ڪيترو نه ڳالھايم! ڪھڙا لفظ بچيا ھئا، جيڪي ھن نه ڳالھايا ھوندم. رياض جو خيال رکي ڪجھه نه چيومانس، نه ته ٻڌايانس ھا ته مون کي واندو، بي روزگار ۽ ڪنگلو ڪوٺيندڙ پوڙھا، تنھنجو ماضي ڇا ھو،  تو پنھنجي ماضيءَ کي ڪڏھن ياد ڪيو آھي، ڇا ھُئين تون؟ چور، رشوتي! ماڻھن جا حق ڦٻائيندڙ، ھڪ معمولي دارغوئي ته ھئين، سمورو تڪبر توري ڏيانس ھا پاڙي آڏو، انسانيت کي تارازيءَ ۾ ٿو توري، وياج خور مَڇُ! پر ھاڻي پئسا ڪنهن کان گهرجن جي سال به فارم نه ڀريوته پوءِ منهنجي تعليم جو ڇا ٿيندو، فارم ڀرائڻ جون به ته آخري تاريخون آھن، اُف! غربت به ڪيڏي نه بُري بلا آھي، خوديءَ جو جنازوئي ڪڍيو ٿي ڇڏي! نه ھيل به فارم ڪونه ڀرائبو، اصل ڪونه ڀرائبو، مون کان ڪونه پڄندوائين اڻ ھوند جو اشتھار بڻجڻ. پر، جي اڳتي نه پڙھيم، ته پوءِ زندگي گذارڻ جا ٻيا ڪھڙا وسيلا اٿم، ھيءَ جبل جيڏي جيوت ڪيئن گذرندي؟ مون کي پنھنجي آئيندي لاءِ ڪجھه ڪرڻ گھرجي، اوچتو سندس ذھن ۾ اعجاز جو خيال اچي وڃي ٿو.
اعجاز کان پئسا گھرڻ کپن. ھو مون سان پرخلوص آھي. ھن ڏکئي ويلي ضرور ھليپا ڪندو منھنجي. ٽين وڳي ايندو ته، اچي ته سموري حقيقت ڪريانس. اعجاز مايوس ڪرڻ جھڙو ماڻھو ناھي. (پنھنجي گھڙيءَ ۾ڏسي) پر ھينئر ته چار ٿي رھيا آھن. ھاڻي تائين ته اچي وڃڻ گھربو ھئس. (ايتري ۾ اعجاز کليل در مان ٽپي اندر اچي ٿو).
“گوڊ ايوننگ، ماءِ ڊيئر فلاسافر. “
“آءُ يار، مسين ٿو ظاھر ٿئين- خبر اٿئي، ڪيڏو اوسيئڙو ڪيو اٿم تنھنجو! “
“نه يار، اھڙي ڪا ڳالھه ڪانھي، آءٌ ٺيڪ ٽين وڳي پھتو آھيان، واعدو به ته ٽين جو ھو نه جاني! “ اعجاز پنھنجي گولڊن راڊو واچ ڏانھن گھوريندي چيو.
”پر، مون وٽ ته ڪڏھوڪجو چار ٿيا آھن. “
”ڀليو آھين ڀلا ماڻھو، ھڪ ڀيرو وري نھار پنھنجي ان ڪونج گھڙي ڏي. ڪٿي ڊاٻو نه ڪيو ھجيائين!“ اعجاز چاٻين جو ڇلو آڱر ۾ ڦيرائيندي چيو.
”اڙي! ھائو يار، ھي ته ڪا رات چئين وڳي کان بند ٿي ويئي آھي!“ آصف پنھنجي پراڻي گھڙيءَ کي ڏسندي چيو.
”يار منھنجي مڃين نه، ته اھا نالي چرچل واري نشاني ھاڻي برٽش ميوزم ڏانھن ڏياري موڪل. يا وري ھيئن ڪر، جو ان کي ڪنھن بس ھيٺان......... نه جائي، ريل جو بند ويجھو اٿئي نه، ڏھين واري ايڪسپريس ھيٺان ڏيئي ڇڏينس، الله سنھن جندئي ڇٽي پوندءِ ان روز روز جي آزار مان!“
”آزار گھڙي ئي نه، تون به ٿيندو پيو وڃين عجُو! “
”جي- اھا ڳالھه آھي، ته پوءِ آءٌ  ئي ٿو بند تي سمھان- پر ٻيلي گھڙي تو واري ٻڌي سمھندس، جيئن ھڪ ڌڪ سان ٻئي آزار فنش ٿي وڃن! “
”يار، ھٿ ٿو جوڙيانءِ، ھاڻي سنجيده ٿيءَ- مون کي تو سان ھڪ خاص ڳالھه ڪرڻي آھي. “ آصف سندس مسلسل بڪ کان عاجز ٿيندي چيو.
اوچتو اعجاز خاموشي اختيار ڪري ٿو. “ٻڌاءِ اعجاز، آءٌ ڪالھه ڪاليج ويو ھئس-ڪلارڪ ٻڌايو پئي ته فارم ڀرائڻ  جون آخري تاريخون آھن. “
”پوءِ ان ۾ ايڏي فڪر مند ٿيڻ ڪھڙي ڳالھ آھي، ڀراءِ نه فارم، ھيءَ سال به وڃائيندين ڇا پنھنجو، ٿڌا ٿانھير!؟ جن کي صلاحون ڏيندو ھئين پڙھڻ جون، سي به ايم اي ڪيو وتن ٿا نوڪرين لاءِ انٽرويو ڏيندا. “
”يار، اھا ئي ته ڳالھه آھي نه، ھينئر ته آءٌ ان پوزيشن ۾ آھيان جو فارم ڀرائڻ ته ٺھيو، مون لاءِ فرم لاءِ فوٽو ڇڪائڻ لاءِ مسئلو آھي. ٻڌ، اعجاز، تون منھنجو گھرودوست آھين، تو وٽ پئسو به آھي، تون منھنجي ھن سلسلي ۾ ھيلپ ڪري سگھين ٿو. ڏکي ويلي يار ئي ڪما يندا آھن. آءٌ سروس جي ڳولا ۾ آھيان، نوڪري ملندي ئي پھرين تنھنجو قرض لاھيندس. “
يار آصف! توکي شايد خبر ناھي ته بابا اڄڪلھه مون کان ڪيڏو الرجڪ آھي. جيڪو مھيني ۾ ھزار ڏيڍ ڏيئي ڇڏيندو ھو، اھو ھاڻي ٻه سؤ رپيا ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونھي. ڪالھه ڪاليج ۾ دوستن ڪجهه قلر فوٽو ڇڪرايا، صفائي جو خرچ منھنجي مٿان رکيائون ۽ آءٌ 20 روپين لاءِ سمورو ڏينھن ليلائيندو رھيس، پر بابا لفٽ ئي ڪانه ملائي، نيٺ امڙ کان ڏٽا سٽا ڏيئي پئسا ورتم، نه ته دوستن آڏو ساري فوشر ٿڌي ٿي وڃيم ھا!“ (ٿڌو ڇوڪارو ڀري) “يار، پاڻ به ڪيڏا نه مجبور آھيون. دوستن کي محرومين جي ڌٻڻ ۾ ويندي ڏسي به کين بچائي نٿا سگھون! آصف، مون کي تولاءِ بيحد عزت آھي. منھنجي وس ۾ ھُجي نه، ته خدا جو سُنھن ھڪ ئي ڏينھن ۾ تنھنجي تقدير بدلائي ڇڏيا!“ اوچتو چاٻين جو ڇلو سندس آڱرين مان ڇڏائجي پٽ تي ڪري پوي ٿو ۽ ھو جيئن ئي ھيٺ جُھڪي کڻڻ لڳي ٿو، تيئن سندس اڳئين کيسي مان سوَ سوَ جا ڪئين نوٽ ڪري پٽ تي وکري وڃن ٿا). اھو منظر آصف جي ھردي ۾ ٻاڻ جيئان کپي وڃي ٿو، پر ھو پنھنجي منھن اھڙيءَ طرح ٻي پاسي ڪري ڇڏي ٿو، جن اھو ننگو عمل ھن ڏٺوئي ڪين ھو.
اعجاز ان اوچتي حادثي جي ڪري ڏاڍي ڦڪائي محسوس ڪندي، آصف ڏانھن چور نظرن سان ڏٺو. پر، اھو ڏسي ته آصف جو ھن ڏانھن ڌيان ئي ڪونھي. جلدي ۾ نوٽ ميڙي کيسي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ۽ ضمير جي اکڙيل ڀت کي لفظن جو ليپو لائيندي چوي ٿو! “آصف، تون پريشان نه ٿيءُ، ھڪ دوست نظر ۾ اٿم، جي ان کان پئسا ملي ويا، ته پوءِ رات تائين به اچي ڏيئي ويندو سانءَ، ٺيڪ! ھاڻي آءٌ ھلان؟ اوڪي، گڊ باءِ!“
اعجاز جي ان ڪريل حرڪت آصف جي ڀرم کي ڀور ڪري وڌو ھو بيحد اداس ٿي ويو، سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، نرڙ تي فڪر جون ڪجھه وڌيڪ ريکائون مڙي آيس. ھن کي ائين لڳو، ڄڻ ڀت تي لڳل سموريون تصويرون مٿس چٿرون ڪنديون ھجن. ھن اھا سموري رات اکين ۾ ڪاٽي ھئي. سڄي رات جاڳڻ ڪري سندس اکيون سرخ ٿي ويون، ۽ رنگ ۾ پڻ ڪافي پيلاڻ اچي ويئي ھئس. صبح جو سورج وري ھن لاءِ سوچن جي سُوري سجائي آيو. ھو سوچي سوچي بيزار ٿي پيو، کيس ھر طرف کان ٻاٽ اوندھه وڌندي نظر اچڻ لڳي. (اوچتو ڀيڻس جو خيال سندس ذھن جي اونداھي ايوان ۾ ٽانڊاڻي جيان ٽمڪي اُٿيو، جا شھر کان 15 جي مفاصلي تي ھڪ ڳوٺ ۾ رھندي آھي ۽ سندس مڙس 16 گريڊ جو آفيسر آھي.)
ھن پيتي کولي، ٻه ڪتاب ڪڍيا ۽ پوءِ دروازي کي تالو ھڻي اڳيان وڌيو. پوءِ ڪجھه سوچي، پٽ تان ڪوئلو کڻي دروازي تي لکڻ لڳو:
دوستو! آءٌ ٻاھر وڃي رھيو آھيان، شايد پرينھن تائين واپس اچان. (آصف) ھو سڌو ھلندو ويگن جي اسٽاپ تائين آيو. اھا ھن جي خوش قسمتي ھئي، جو ويگن نه صرف ھلڻ لاءِ تيار ھئي، پر ھن کي انھيءَ ۾ جاءِ به ملي ويئي، شايد ھوئي آخري مسافر ھو. ويگن روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، ۽ آصف روڊ جي ڪنارن تي بيٺل وڻڻ  کي تيزيءَ سان گذرندو ڏسي رھيو . ھن جي ذھن ۾ تيزي سان گذرندڙ وڻن کان وڌيڪ سوچيون ھيون. سوچون، هن جي مستقبل جون.
ھُو ويگن تان لھي، آھستي آھستي ھلندو ھڪ دروازي آڏو بيھي رھيو. ڪجھه سوچي پوءِ در کڙڪايائين.
”ڪير آھي ادا؟ نظير، ٻاھر ته وڃي ڏس، ڪير آھي؟” (گھران آيل آواز ھو سڃاڻي ويو. اھو سندس ڀيڻ جو آواز ھو.)
”اڙي، ماماٰ ماما ھلو نه گھر، ٻاھر ڇو بيٺا آھيو؟” نظير کيس سڃاڻي سندس ٻانھن جھلي گھر ھلڻ لاءِ چيو. “ادا، ڀينرن جا در کڙڪائڻ جو دستور ڪڏھن کان  نڪتو آھي؟” آصف گھر ۾ گھڙيو، ته ڀيڻس ميار ڏيندي چيو.
“نه ادي، اھڙي ته ڪا ڳالھ ڪانھي. اصل ۾، گھڻي وقت کانپوءِ اچڻ ڪري ڪجھه اوپرائپ پئي محسوس ٿئيم، تڏھن دروازو کڙڪايوم. ھونئن به ڪنھن جي گھر ۾ گھڙڻ کان اڳ، کڙڪاءُ ڪرڻ لازمي آھي.“ آصف صفائي پيش ڪندي چيو.
”ڇڏ، ڙي ادا! اھي ڌارين واريون ڳالھيون پنھنجو رت اڃا ايڏو ڇڊو ناھي ٿيو ڀاءُ!“
ايتري ۾ سندس ڀاڻيجي ڪوثر سنداس مان تڙ ڪري، نڪري اچي ٿي ۽ آصف کي ڏسي حيرت جو اظھار ڪندي چوي ٿي؛ “ھلو ماما! ڪھڙا حاصل آھن- نه مينھن اُٺو نه گاج ٿي. اوھان ڪيئن اچي نڪتا! ڪٿي، راھه ته نه ڀُلجي پيا آھيون؟”
(ماڻھنس ڳالھه بدلائڻ خاطر) “ھاڻ ڇڏجان کڻي ويچاري جي، جج بڻجي ٿي پوين ماڻھو پويان- اُٿ، مامي لاءِ تڪڙ ۾ چانھه ٺاھي وٺ- ۽ ٻڌ، جي دٻي ۾ پتي نه ھجي ته مُرڪ کي سڏي گھرائي وٺ. “ (وھاڻو آصف ڏانھن سوريندي)، ”ادا، تون ٺھي ويھه نه - پر، منھنجي خيال ۾ پھريائين وھنجي وٺين ته پاڻ سٺو، سفر جو ٿڪ لھي پوءِ، اُٿ ڇورا نظير مامي کي ٽوال صابڻ کڻي ڏي، ته تڙ ڪري وٺي. “
آصف قميص لاھي کٽ تي رکي، سنداس ۾ ھليو وڃي ٿو. ڀيڻس سندس قميص کي اُٿلائي ڀٿلائي ڏسڻ لڳي ٿي. اوچتو سندس نگاھ قميص جي ڳريل ڪالر ۾ کُپي وڃي، ۽ ھو قميص کٽ تي رکي، اندران سلامي مشين کڻن وڃي. (ايتري ۾ پاڙي جي ڇوڪري مُرڪ، جا پتي وٺي آئي ھئي، کٽ تي ويھي رھي ۽ قميص جي ڳريل ڪالر ڏانھن گھورڻ لڳي ٿي) آصف جي ڀيڻ کي ڇوڪريءَ جو ائين ڀاءٌ جي ڳريل قميص ڏانھن گھوري گھوري ڏسڻ چڱو نه لڳو ۽ ھُن جلدي ۾ قميص کي ويڙھي ھڪ پاسي رکي ڇڏيو.
آصف تڙ ڪري ٽوال تار ۾ لڙڪائي، اچي کٽ تي ويٺو.
”ادي، ٻيا ته ڪُل خير آھن نه؟”
”ھا ادا، رب جون لک مھربانيون آھن. پر ادا، مون کي تنھنجو بيحد ڏک آھي، سڄو ورھيه وري آيو آھي، توکي آئي- نه اچڻ، نه وڃڻ- ائين ته ڪوئي مئن کي به نه وساريندو.“ (ٿڌو ساھه کڻي) ”ھائو ڙي ادا! ابي امڙ جي مرڻ پڄاڻان ڪير بڇندو ته ويچارڙي ڀينڙيءَ جي سار به لھو ٿا يا نه؟“
(ايتري ۾ ڪوثر چانھه ٺاهي آئي، ۽ ھڪ ڪوپ ماءُ کي ۽ ھڪ ڪوپ مامي کي ڏنائين)
”ادي، ادو ڪڏھن ورندو آھي ڊيوٽيءَ تان” آصف کائنس پنھنجي ڀيڻويي بابت پڇيو.
”ادا ھونئن ته ٽين وڳي تائين اچي ويندو آھي، اڄ الائجي ڇو دير ڪئي اٿائين! بھرحال شام تائين اچي ويندو.“
آصف، چانهه پي ڪتاب کڻي اندر ڪمري ۾ اچي ليٽي ٿو. ڀيڻس اندر اچي ٿي ۽ پکو بند ڏسي، ڀاءُ کان پڇي ٿي: ”ڇو ادا، لائيٽ بند آھي ڇا؟“
“الائجي ادي!“ آصف وراڻيو، ۽ پوءِ ڀيڻس پکي جو بٽڻ آن ڪري ٿي ۽ پکو ڦرڻ لڳي ٿو. ھو ٿورو ليٽي پوي ٿو- ته ڀيڻس واپس وري ٿي. ھن جي ھڪ ھٿ ۾ مانيءَ وارا ٿانوَ آھن ۽ ٻئي ھٿ ۾ پاڻي جو گلاس پڪڙيل آھي. “اُٿ ادا، ماني کاءُ.“ ڀيڻس ھڪ ھٿ ۾ جھليل پاڻيءَ جو گلاس آصف کي ڏنو. ھو ھٿ ڌوئي ماني کائڻ لڳي ٿو، ڀيڻس سندس ڀر ۾ کٽ تي ويھي رھي ٿي.
”ادا! ڀلا تنھنجي نوڪريءَ جو ڪجھ ٿيو يا نه؟”
ھُو ڄڻ انھن لفظن جو منتظر ھو، ھڪ دم ڳالھائڻ لڳي ٿو؛ ”نه ادي، نوڪري اڃا ناھي ملي. رائيس ملنگ ڪارپوريشن بند ٿيڻ کانپوءِ جھڙوڪر مون لاءِ سڀئي آفيسون بند ٿي ويون آھن. ھاڻ ته ادي، رکيل پئسا به ختم ٿي ويا آھن. تون ڀيڻ آھين، توسان ڪھڙو شان، ڪجھه ڏينھن کان سخت پريشان ٿو رھان فارم ڀرجن پيا، ۽ مون وٽ ٽيڊي پئسو به ڪونھي. جي ھن ڀيري به گذريل سال جيئان فارم نه ڀريو، ته تعليم جو سلسلو رڪجي ويندو. ۽ ادي، جي اھو آخري ڏيئو به اجھاڻو ته پوءِ مون وٽ جيئڻ جو ڪوبه وسيلو ڪونه رھندو! دوستن کان به بنھه مايوس ٿي موٽيو آھيان. ادي، آخري سال آھي پوءِ نوڪريون به جام ٿي پونديون. ھينئر ڪنھن آفيس ۾ اپلاءِ ڪجي ٿي، ته اول بي اي جو سرٽيفڪيٽ ٿا گھرن، پوءِ ٻيون ڳالھيون. ادي، جي تون اھو احسان ڪرين ۽ مون کي ٻه سؤ رپيا کن ڏين، ته منھنجي زندگي عذابن جي ڌٻڻ کان بچي پوندي.ٻي صورت ۾ تباھي منھنجو مقدر بڻجي پوندي ڀيڻ! “ ھو اھو سڀ ھڪ ساھي چئي ويو، پوءِ ڀيڻ ڏانھن اميد ڀريل اکين سان ڏسڻ لڳو.
”ادا، الله نه ڪري، جو منھنجي جيئري تون پريشان رھي. مان ڀاڻين سان رات جو ڳالھائينديس. خدا ڪندو مڙيوئي ڪم ٿي ويندو. تون ڀلا کائي وينديس ڇا پئسا؟- مالڪ مٺڙو نوڪري ڏياريئي ته ڏيئي ڇڏجائنس.“ ڀيڻس آٿت ڏيندي چيس. شام جو ڀيڻيوھنس جو آواز ڪن تي پيس ته آصف ڪتاب ويھاڻي ھيٺان رکي، ٻاھر نڪري آيو. ھو ساڻس ڀاڪر پائي مليو. آصف، ڪھڙا حال آھن؟ يار حيف ھجئي، آزاد منش ھوندي به، منھن مھانگو ڪري ڇڏيو اٿئي- اسان ڀاءُ اچ وڃ ۾ ئي پورا آھيون. ڊيلي آئوٽ بيڪ ھڻي ڀڃي رکيو آھي. ڇا ڪجي يار، مڙيوئي زندگيءَ سان ته منھن ڏيڻو ئي آھي نه! “
صبح جو سندس ڀيڻيويو ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ سنڀري رھيو آھي. ڪوثر نيرن جي ماني کڻي اچي ٿي ۽ ھو فائيل ٽيبل تي رکي، آصف سان کٽ تي ويھي ٿو.
ماني ٻئي گڏجي کائين ٿا “آصف، تون ته اتي ئي آھين- شام جو وري گڏ آھيون. “ اھو چئي، ھو فائل ڪڇ ۾ ھڻي، ٻاھر ھليو وڃي ٿو.
آصف کي ھورا کورا آھي ته ڀيڻس مڙس کان پئسا ورتا الائي نه!
ڀيڻس نيرن کائي سگريٽ دکائي سندس ڀر ۾ ويٺي ته آصف کائنس پڇيو!
”ادي، ڀلا چئيه ادي کي پئسن لاءِ؟”
”ادا، پئسن لاءِ چيومانس، پر ھُن ته ڪن ئي ٽاري ڇڏيا. چوڻ لڳو، مان ته پاڻ ئي گذاري ۾ حيران آھيان. آخري تاريخون آھن. روزانو روز ڪنھن نه ڪنھن کان قرض ورتيون پيو ڪم ھلايان. پھرين کانپوءِ کڻي گنجائس ڪڍي کيس پئسا ڏبا. “ ڀيڻس خاموش ٿي ڏانھن سواليه نظرن سان ڏٺو.
”نه ادي، پھرينءَ تائين ته داخلا جون آخري تاريخون به ختم ٿي وينديون. وقت وئي کانپوءِ آءٌ پيسا ڪيڏانھن ڪندس! “ آصيف بيحد نراسائي وچان چيو.”ادا، تون ئي چئه، ڀلا ھن صورت ۾ ڪري به ڇا ٿو سگھجي. پاڙي وارن ۾ ڪا مھر ئي ڪانھي- نه ته اُنھن کان ئي وٺي ڏيانءِ ھان!“
”بس، ادي! پنھنجا ڀاڳ ئي اھڙا آھن. پوءِ ادي آءٌ ڀلا ھلان؟”
”ڪيڏانھن ادا؟!” ڀيڻس حيراني وچان چيو.
”واپس ڳوٺ! “
”نه ڙي ادا، ائين وري ڪيئن ٿيندو- اڃا ڪالهه ئي ته آيو آھين ۽ اڄ ئي ٿو واپس- ٻه ڏينھن کن ترس- اُتي وري ڪير اٿئي مانيون ڪري ڏيڻ واري، اھي لٽا به لاھي ڏي ته ڌوئي ڏيانءِ. “
”نه ادي، مون کي اڄ ڪيئن به ڪري واپس وڃڻو آھي- من ڪٿان ڪم ٿي به پوي. “
”چڱو ادا، جي ھروڀرو نٿو مڙين ته پوءِ ڀلا شام ڌاري ھليو وڃانءِ، ويگنون ته ٻارھين تائين ٿيون وھن. ھونئن نه جھليانءِ ھان، پر پاڙي ۾ ميراڻين جي ٻُڪي آھي. نظير کي آءُ ورتيون وينديس پاڻ سان، ڪوثر اڪيلي ڪيئن رھي سگھندي؟”
ڀيڻس ڪپڙا مٽائي، سينگار ميز جي سامنھن ويھي ڳھن واري پيتي کولي، نه ڇرڪ نڪري ويس. سندس سوني مُنڊي گم ھئي. ھن ميز جي خانن کان ويندي، لٽن جون بيگون ڇنڊي خالي ڪري ڇڏيون. پر منڊي گم ھُئي، سا گم ئي رھي. ھُن پريشان ٿي، ڌيءَ کي سڏيو “ڪوثر، او ڪوثر! اڙي ھيڏانھن ته اچ! ھتان منڊي ڪنھن کنئي آھي مون واري؟”
”الائجي امان! مون کي ڪھڙي ڪل.“ ڪوثر حيرت ۾ ھراس وچان چيو.
”ٻاھران ته ڪوئي ڪو نه آيو ھو؟”
”نه امڙ، تون پاڻ نه ھئينءَ ڇا گھر ۾؟ ٻاھران ڪوئي به ڪونه آيو آھي. ڪالھ مُرڪ آئي ھئي، سا به ٻاھران ئي موٽي وئي آھي.
”پوءِ باقي ڪير کڻي ويو منڊي؟؟!” اوچتو سندس ذھن ۾ ھڪ شڪ ڪر موڙڻ لڳي ٿو- ’ٿي سگھي ٿو- ٿي سگھي ٿو وري ڇا جو- پڪ منڊي آصف کنئي ھوندي. ھون! تڏھن وڃڻ لاءِ جلدي جلدي پئي ڪيائين! مان به چوان ته اوچتو کاٽي ياد پئجي ويس. ڪلھه پئي چيائين ته ادي، سڀني کان مايوس ٿي تو وٽ آيو آھيان ۽ اڄ وري ڳالھيون ئي ٻيون! پوءِ پئي هوءَ ڪمري ۾ ستل ڀاءُ مٿان بيھي رھي. پھريائين سندس چھري ۾ گھورڻ لڳي- پوءِ لھجي کي نرم بڻائيندي چيائين: ”ادا، ھڪ ڳالھه چوانءِ، پر جي دل ۾ نه ڪرين ته.“
”چئه ادي، دل ۾ ڪرڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي؟” آصف سخت پريشانيءَ وچان چيو.
”ادا، جي مُنڊي تو کنئي آھي ته خدا جي واسطي مون کي واري ڏي. مان اوڙي پاڙي مان پني به تنھنجي فارم جي پورت ڪنديس. ڌاريو ماڻھو آھي ادا، مون کي ڪٽي ڇڏيندو. منھنجي عزت بچاءِ ڀاءُ، مان وڏي ڀيڻ آھيان ۽ ماءُ جي جاءِ تي- ھي ڏس، ھٿ ٿي جوڙيانءِ! “
ھن اوچتي الزام کان ھو ڏڪي وڃي ٿو. سندس روح تي ھڪ زوردار ضرب لڳي ٿي. ھو سوچي ٿو، ھيءَ ڪھڙي ڀيڻ آھي، جا ماءُ ھئڻ جي دعويٰ ڪندي به کيس چور ڀانئڻ لڳي آھي. ھُو سوچي ٿو، ان الزام کان ڪيئن پاڻ آجھو ڪري- ڪيئن بدگمان ڀيڻ کي يقين ڏياري ته ھو ڀيڻ جي منڊي چورائڻ کان ٻُڏي مرڻ کي وڌيڪ بھتر سمجھي ٿو. ھو غريب سھي، ڪنگلو ۽ فلاش سھي، پر چور ھرگز ٿي نه ٿو سگھي. ھو روح جي روڄ تي قابو پائي، وڏي مشڪل سان چپ چوري ٿو “پر ادي، تون سوچ ته سھي، آءُ تنھنجي چوري ڪندس؟ “
”منھنجا ادا، مان توکي نه چور ٿي چوان، نه ڌاڙيل، مان ته رڳو اھو ٿي چوانءِ، منھنجي عزت بچاءِ ۽ پاڻ تي به بدناميءَ جو ٽڪو نه لاءِ. “
پر، ڀيڻ! آءٌ تو وٽ پنھنجا سور کڻي آيو ھئس، پر تو ته الزام جي اوڙاھه ۾ اڇلي ڇڏيم. گھر ۾ڳولھه ڦولھه، ادي، مون تي ايڏو وڏو ليُو نه لاءِ”.
ڀيڻس جو مٿس شڪ چوٽ چڙھي وڃي ٿو ۽ سندس سپاٽ چھري تي نفرت ۽ ڌڪار جا ڀاوَ اڃا به گھرا ٿيڻ لڳا.
ان صورت حال ۾ آصف ساڌ ھوندي به پاڻ کي چور محسوس ٿو ڪري، ڀيڻ جي زھريلي لھجي کي محسوس ڪري سندس تن من پچرڻ لڳي ٿو- ھو ھتي ھڪ پل به ترسڻ نٿو چاھي، پر ان بدگمانيءَ واري ڪيفيت ۾ ھُو ڪيڏانھن وڃي به ته نٿي سگھيو، پنھنجي بيوسيءَ کي محسوس ڪري اکين ۾ مڙي آيل لڙڪ اکين ۾ ئي پي وڃي ٿو.
منجھند جو نظير اسڪول مان آيو، ته سڄي گھر کي چپ چاپ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ حيرانيءَ وچان ماءُ کان پڇيائين “ڇا ڳالھه آھي امي، سڀ خاموش ويٺا آھيو- خير ته آھي؟!”
“خير وري ڪھڙو، چور گھڙي آيو ھو گھر ۾ ڳولي ڳولي منھنجي منڊي چورائي ويو!“ ڀيڻس ڪاوڙ ۾ لوڪ لڄا جا سڀئي دائرا اورانگھي وڃي ٿي.
”چور گھڙي آيو ھو؟! پڪڙايُوَس ڇو ڪو نه، پوليس ڪٽ ڪڍيس ھا ته پاڻھي ڏئي ھا منڊي:“ معصوم نظير جي ماءُ جي طنز کي سمجھي نه سگھيو، پر آصف جي اندر جي ڪائنات ڌڏڻ لڳي.
”ابا، اسان جي پوليس ته (ڇڪي ۾ رکيل قرآن ڏانهن ٻئي هٿ کڻي) اهي جوان آهن جن جي هيٺان ويهي دانگي ملي اٿئين پنهنجي منهن تي قرآن ڪرٽ آھن پٽ، ٻن سون جي منڊيءَ مان ڪيترو کائيندو!“ آصف لفظن جي ان ڪرٽ ۾ چپ چاپ چيربو رھيو.
شام جو ڀيڻيوھنس آيو- سڀني جا چھرا لٿل ۽ زال جي چڙھيل چھرو ڏسي حيرانيءَ وچان پڇيائين؛ خير ته آھي، سڀني جا چھرا سڄيا پيا آھن؟”
”خيريت وري ڪھڙي صبح کان منھنجي منڊي گم آھي. ڳولي ڳولي ھڪ کان ٻه گھر کڻي ڪيا اٿم. منڊي چئي ته منھنجو نانءَ ئي نه کڻ! خبر ناھي، ڪھڙو سوڃھرو چور آھي آيو جنھن رڳو منھنجي ئي منڊي ھٿ ڪري ورتي- منھنجو فيصلو قرآن ڪندو.“ سندس مڙس ٽھڪ ڏيئي کلي پوي ٿو ته ٽھڪن وچ ۾ ٽي آڱر پيل منڊي کيس ڏيکاريندي چوي ٿو؛ ڪنھن کي جي پٽين اڙي انڌي، منڊي ته صبح جو مان پائي ويو ھوس، ھڪ دوست جي شادي ھئي. تون ننڊ پئي ھئين ته، سوچيم ننڊ مان اٿاريندوسانس ته اجايو چھڙون ڏيندين، ان ڪري تو کي ٻڌائڻ بنان ھليو ويس.“ اھا اوچتي پڌرائي جوڻس تي پھاڙ بڻجي ٽٽي پئي. پوءِ ھوءَ شديد ڪاوڙ وچان مڙس تي ھارجي پئي. خدا جي ڪا مار پوندءِ ماريا قھاري! مون کي اٿاريندي نانگ پئي ڏنگيئي، مان وري ويچاري ادي کي چور بڻائي ويٺي ھئس. الا! ڇا ڇا ته بڪي آھيان مان بدگمانيءَ ۾، ھن معصوم جي دل تي ڪيڏي ته قيامت گذري ھوندي. ھو ته اڳيئي پنھنجون مجبوريون کڻي آيو ھو مون وٽ، ۽ مون ڏائڻ ھن کي چور سمجھيو!“
آصف جيڪو اندر ستل ھو- اھو سڀ ڪجھه ٻڌي چڪو ھو. سندس حالت بيحد ابتر ٿي ويئي. سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھي رھيا ھئا. ھن جي دل چاھيو، ھو ڍنڍڪرون ڏئي روئي پوي، يا چرين جيان نڙيءَ ڦاڙ ٽھڪ ڏيئي کلي. پر ھن ايئن ڪو نه ڪيو. ھن پنھنجي تمام جذبن تي ضابطو رکيو. روڄ روڪڻ ڪري، ھن جي نڙي ڦاٽي رھي ھئي. ايتري ۾ ڀيڻس چرين وانگر اندر گھڙي آئي ۽ آصف جي منھن تان سندس ٻانھن ھٽائي ڏٺائين. آصف جي ڳلن تي لڙي آيل لڙڪ اگھندي، چوڻ لڳي: “ادا، مان بيحد شرمسار آھيان. مون ذليل تو ڀائڙي تي شڪ ڪيو. منڊي ڪا ھو سڙيو پائي ويو ھو، پنھنجي پيءَ جي شاديءَ تي. خدا جي مار پويس، مون کي ٻڌائيندي ٻرو پئي چڙھيس. نه- ادا، ھي ڏس مان وڏي ڀيڻ، ماءُ جي جاءِ تي آھيان. مونکي معاف ڪر ڀاءُ!ڏس مان ھٿ ٿي جوڙيانءِ! “
آصف رت جي ھن نئين روپ تي حيرت زده رھجي ويو. ھن کي ائين لڳو ڄڻ ھن آڏو ڪا وڏي گھاگھه اداڪاره اسٽيج تي بيھي، سوين روپ ڏيکاري رھي ھجي. ھو چپ چاپ اٿي ۽ پنھنجا ڪتاب کڻي ورانڊي ۾نڪري آيو. تنھن سمي ائين لڳو کيس، ڄڻ ھو گونگو ۽ ٻوڙو ٿي پيو ھجي. آصف کي ويندو ڏسي، ڀيڻس مڙس کي ليلائيندي چيو: اڙي نظير پيءُ! تون نه ٿو رڪين، منھنجي ڀائڙي کي. اڙي ھيءَ ھليو ويو ته وري ڪو نه ايندو. ڪڏھن به ڪو نه! اٿ، خدا جي واسطي روڪينس.
تڏھن مڙسنھس، کانئس پنھنجي ٻانھن ڇڏائيندي کيس کٽ تي ڌڪو ڏيندي چيو: “تون به پاڻ کي ڀيڻ ٿي ڀانئين، مان ته چوندس تون عورت ناھين. ڪا ڏائڻ آھين! تو اھڙيون حرڪتون ڪري ته جيئري ئي سڀ جدا ڪري ڇڏيا- ڀينرون ته ڀائرن لاءِ اولاد به قربان ڪري ڇڏينديون آھن. تون ڪھڙي ڀيڻ آھين. ھڪ خسيس منڊي جي ڪري پنھنجي جاني جگر ڀاءُ کي چور چئي ويٺئين!“ ۽ پوءِ آصف کي ٻانھن کان جھلي روڪيندي چيائين: “آصف ڀاءُ تون ائين ڏکيارو ٿي نه وڃ. ھيءَ ائين ئي ايندڙ ويندڙ کي ڏاڙھيندي رھندي آھي. خدا منھنجي جان ڦاسائي ڇڏي آھي، ھن عذاب مان! “
آصف ڀيڻويي کي ڪجھه چوڻ بجاءِ، ڀيڻس ڏانھن ڏسي چيو: “منھنجي ڀيڻ! شڪر آھي، جو تنھنجي سوني منڊي تو کي ملي ويئي، نه ته جيڪر منھنجو موت به مون کي بيگناھه ثابت نه ڪري سگھي ھا. آءٌ ته سموري دنيا کان ڌڪارجي تو وٽ آيو ھئس. صرف ان ڪري جو رت جي رشتي ۾ وڏو ويساھه ھئم- پر ھاڻي خبر پئي ته رت جو رنگ ايڏو ڦيٽھڙو ٿي پيو آھي، جو غرض جي ھڪ ئي سونٽي سندس رنگ روپ ئي وڃائي ٿي ڇڏي. مون کي ھاڻي دولابن سان نه ڌتار ڀيڻ! مون کي منھنجي ٽُٽل ڀرم جا ڀور ميڙي وڃڻ ڏي.“
۽ ھو دروازو کولي ٻاھر نڪري آيو. ھاڻي ھن جا تيز تيز قدم ويگنن جي اسٽينڊ ڏانھن وڌي رھيا ھئا.

No comments:

Post a Comment