Sunday, September 29, 2019

ڏھاڙي ۽ ننڊ - مٺل جسڪاڻي


ڏھاڙي ۽ ننڊ
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
موڪل جو ڏينھن ھو. پنھنجي مرضيءَ سان اٿڻ جي اختيار باوجود، معمول واري وقت تي اک کليس... ٻيھر سمھي ننڊ ڪرڻ لاءِ، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. رکي رکي پاسا پئي ورايائين، پر نه ننڊ پئي آيس ۽ نه وڌيڪ ليٽيل رھي پئي سگهيو...
معمول وانگر، صبح جو جاڳ ٿيس. عام معمول جي ڪرت ڪري، ليپ ٽاپ کولي ويھي رھيو...


موڪل جو ڏينھن ھجڻ ناتي ۽ ليپ ٽاپ تي وڃي ويٺو ته ساڍي ستين بدران ساڍي اٺين وڳي کانئس نيرن ڪرڻ جي پڇا ٿي؛ ”وھنجي پوءِ ناشتو ڪندا، يا کڻي اچان؟“
وقت ڏٺائين. ڪم جو اندازو ڪري، ناشتو آڻڻ جو چئي، تڙ تڪڙ ۾ ليپ ٽاپ بند ڪري، اڱڻ ۾ پيل کٽ تي وڃي ويٺو. اخبار به اتي مليس ته ناشتو به اتي آيو.
ناشتو ڪري، چڱي جھٽ تائين اخبار پڙھندو رھيو ۽ پوءِ وري به ليپ ٽاپ کولي، ان ۾ ڪجھه ڪندو رھيو.
يارھين وڳي ڌاري عجيب ڪيفيت تي ويچاريندي، ليپ ٽاپ بند ڪري، وھنجي، ڪپڙا تبديل ڪري، وري به ليپ ٽاپ کولي ويھي رھيو.
منجھند جي مانيءَ جو وقت ٿيو، ته ڏپھرو ڪري، کٽ تي آھِلي، چيلھه سڌي ڪيائين. گهر ڀاتين ممڪن آھي ته کيس ننڊ ۾ ستل محسوس ڪيو ھجي، پر ھو ننڊ نه ھو. ائين ليٽئي، شايد ٿَڪ پئي لاٿائين. ڪا گهڙي سوا ٻين ڀاتين سان گڏ ويھي، ٽي وي ڏٺائين ۽ وري به ليپ ٽاپ تي ويھي سج لاٿائين.
سج لٿي کان پوءِ، ڪنھن مھل گهر ۾ ٻه قدم ھليو ته ڪنھن مھل، ڪنھن ڀاتي جي ڀر ۾ وڃي ويٺو. تان جو رات جي ماني مليس. ماني کائي، ڪجهه وکون چھل قدمي ڪري، ڪي گهڙيون ٽي وي ڏسي، سمھڻ واري ڪمري ۾ ھليو ويو.
ننڊ جي انتظار ۾ سندس ڌيان، صبح کان رات ٿيڻ تائين، سندس ڏھاڙي ڪارڪردگي ڏانھن ويو ۽ خبر ئي نه پيس، ڪنھن مھل ننڊ اچي ويس.

No comments:

Post a Comment