Sunday, September 22, 2019

پنهنجو پاڻ سان به ملجي ڪڏهن


پنهنجو پاڻ سان به ملجي ڪڏهن
هڪ ڪالم هڪ ڪھاڻي
ضراب حيدر
Image result for beads meaning in urdu
ڪي مهينا ڪي سال گذري ويا. اُها فرصت ئي نه ملي جو پنهنجو پاڻ سان ملجي.
وقت ۽ حالتون، ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏو بيگانو، ڪيڏو اجنبي بڻائي ڇڏينديون آهن، جو پنهنجي اندر جو آواز به ڪنهن قبرستان جي صدا لڳندو آهي. هر ماڻهوءَ جو ننڍپڻ ڪيڏو نه شاندار هوندو آهي، ڪيڏو نه سندس اختيار ۾ هوندو آهي، هو جيئن چاهيندو آهي ڪري سگهندو آهي.


کيڏڻ چاهيندو آهي ته کيڏي سگهندو آهي. وڙهڻ چاهيندو آهي ته وڙهي سگهندو آهي. سمهڻ چاهيندو آهي ته سمهي سگهندو آهي. وڏي ڳالهه ته ننڍپڻ ۾ کِل توڙي روئڻ بي اختيار ۽ بااختيار هوندا آهن. کل سان کوکلا ٽِھڪ نه اُڀرندا آهن ۽ روئڻ سان لڙڪن جا آبشار جاري ٿي ويندا آهن.
اڃا به وڏي ڳالهه جيڪا آهي، اُها اِها آهي ته ماڻهو مٽيءِ سان کيڏندي به ڪڏهن ميرو نه ٿيندو آهي.
۽ هاڻ ته اُجالن سان کيڏندي به تاريڪيون پلئه ٿيون پون.
صفائي سُٿرائيءَ به، وجود توڙي مَن کي، ميرو ڪر ي رکيو آهي.
آئون پنهنجو سمورو اڄ اِن لاءِ ڊس اون disown ٿو ڪريان جو اُهو منهنجو آهي ئي ڪو نه. سڀڪجهه ڄڻ مصنوعي ۽ ڏيکاءَ وارو آهي. اِهو سڀ ڪجهه اِن لاءِ به آهي جو آئون پنهنجو پاڻ کان پري ٿي ويو آهيان. منهنجو پنهنجو پاڻُ، جيڪو بنهه هڪڙو ٻار يا منفرد ٻار آهي، سو ته ڪي ورهيه ٿيا چيچ ڇڏائي ماضيءَ جي هُن ڀر بيٺو آهي.
توهان سان ائين آهي، الائي نه!!؟ سوچجو ضرور.
مون اڄ هڪ لمحي لاءِ پنهنجو پاڻ آئيني ۾ ڏسڻ چاهيو!!
مون کي ڪجهه ساعت لاءِ آئينو خالي نظر آيو. جنهن ۾ ڪو به عڪس ڪو نه هو. پوءِ ٻئي لمحي، آئينو ڏاڍو ڀيانڪ ٿي ويو. مون آئيني کان مُنھن موڙي ڇڏيو. اِن ڪري آئون نه مُنھن ڌوئي سگهيس، نه ئي وري ڪنگي ڪري سگهيس.
گهڙيءَ جا ڪانٽا، مونکي گِهلي آفيس جي در تي آيا. آفيس جي احاطي ۾ سڀ مُرڪي نِھاري رهيا هئا. هڪ نه، ٻن نه، پر سڀني ائين ئي چيو ته؛
”اڄ ته صفا اسڪولي ٻار جِھڙو پيارو پيو لڳين.
مونکي اِها ڳالهه اڄ سُوڌو سمجهه ۾ ناهي آئي. ٺَھي سنڀري مصنوعيت جا ويس پائي جڏهن به آفيس ايندو آهيان ته ڪو ئي کِيڪاريندو به ڪونهي ۽ اُن ڏينهن هر ڪو ئي مُرڪي نِھاري رهيو هو، کِيڪاري رهيو هو.
آئون ننڍڙي هوندي جڏهن پَٽي کڻي وحدت ڪالونيءَ واري پرائمري اسڪول ويندو هوس ته مون کي زندگي لِپيءَ جي اکرن جيان لڳندي هئي. منهنجو ننڍپڻ جيڪو شروع کان بنهه مختلف هو. آئون ننڍپڻ کان ئي ڪي ڀيرا اڳتي نڪتل هوس. مون لِپيءَ جي انهن اکرن جِھڙي زندگيءَ کي جڏهن لفظن جي مالها ۾ پوئڻ شروع ڪيو، اُها بنهه بي ترتيب بڻجي وئي. مون کي ياد آهي؛ پرائمري اسڪول جي اُن ننڍڙي ڪلاس روم ۾ اسين ڪيترا ئي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين. اسان سان گڏ هڪ ڇوڪري زين به پڙهندي هئي. سندس اصل نالو ته اسڪول رجسٽر تي ڪهڙو داخل هو، ڪنهن کي به خبر ڪونهي، پر هر ڪو ئي کيس زين سڏيندو هو.. هوءَ صبح صبح سان پٽي جا اکر پڙهندي چوندي هئي..
الف- اچ،
ٻ -ٻُڌ،
ڀ-ڀگُڙا،
ک-کائيندين
آئون جڏهن هُن طرف نِھاريندو هوس ته هوءَ ڇا پئي پڙهي ته هوءَ يڪدم ٻروچڪي پاتل ننڍڙي گهگي جي اڳئين وڏي ٽه-ڪنڊي کيسي مان ڀُڳڙا ڪڍي، مون کي ڏيندي هئي.
ڪي سال پُڄاڻان، جڏهن هوءَ اوچتو مون کي ڪنهن پروگرام، ڪنهن فنڪشن، ۾ ملي ته ساڳيا الف ب واري لِي جا اکر اُچاريائين، مون کيس سڃاڻي ورتو ته هوءَ زين آهي.
مون کي مُرڪندي چيائين؛ ياد اٿئي ته تون ننڍپڻ ۾ مون کي چوندو هئين ته صبح صبح سان ڀڳڙا ڪٿان آندا اٿئي ۽ آئون تو کي چوندي هئس ته هَٽ تان ورتا اٿم.. پر آئون اُهي ڀڳڙا هٽ تان نه پر رستي تان ايندي، ڪاڪي دُمبالي پٺاڻ جي ريڙهيءَ تان کڻي وٺندي هيس. ڪاڪي دمبالي پٺاڻ کي خبر ئي نه پوندي هئي. نه ئي وري تو کي ڪا خبر هوندي هئي ته ڀڳڙا ڪٿان آيا. ائين اسين ٻئي صبح صبح سان چوريءَ جا ڀڳڙا کائي وٺندا هئاسين.“ پوءِ هُن هڪڙو ٽِھڪ ڏيندي چيو؛ ”ڪيڏي نه مزو هو اُن ننڍپڻ جي هڪڙي ڪوڙ ۾.....!! اڄ آئون يا تون، چاهين به ته اُن لمحي کي واپس واري نٿو آڻي سگهين.
مونکي اُن ڏينهن محسوس ٿيو هو ته مون جيڪا الف ب جي لِپي وارن اکرن جي مالها پوئي، زندگيءَ جو هار ٺاهيو آهي، اُهو ته ڪڏهن ڪو ٽُٽي پيو آهي. لِپي جي اصل تسبيح ته هُن ڇوڪريءَ وٽ ئي رهجي وئي هئي، جنهن زندگيءَ جو وِرد ڪري زندگيءَ کي بنهه ويجهڙائيءَ سان ڏسي ۽ پروڙي ورتو آهي.
مون زين کي انهي فنڪشن ۾ چيو هو؛ ”زين ڇا ڪندي آهين اڄڪلهه؟
هن مُرڪي چيو هو؛ ”انتظار ۽ اوسئيڙو ڪندي آهيان!
چيو هومانس؛ ”ڪنهن جو اوسئيڙو؟
چيو هيائين؛ ”زندگيءَ جو انتظار، جنهن ميلن ۽ محفلن ۾ بنهه اڪيلو، هيڪل وياڪل ڪري ڇڏيو آهي...“
چيومانس، ”زندگي ته تو وٽ آهي، تون ڪيئن پئي اُن جو انتظار ڪرين؟“
مُرڪندي چيائين؛ ”زندگي ته مون ڀڳڙن مُٺ ۾ ڪڏهوڪو ڪنهن کي ڏئي ڇڏي.
چيومانس؛ ”سو وري ڪئين؟؟“
چيائين؛ ”زندگي ته ڪاڪي دُمبالي پٺاڻ جي ريڙهي تي بس هڪ ادا ۾ رهجي وئي، ٿوري گهڻي جيڪا بچي سا ڀڳڙن مُٺ ۾ ورهائجي وئي.“
چيومانس” تون ڇا پئي چئين؟ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي زين!؟“
مُرڪندي چيائين؛ ”جڏهن سمجهڻ لاءِ زندگي تو وٽ الف ب جي لِپي ۾ موجود هئي ته زندگيءَ جي پَٽي نه پڙهيئه ۽ روز ميٽ سان اُن کي مِھٽي ميساري ڇڏيئه...!! ۽ هاڻ پيو ڪتابن ۾ زندگي ڳولهين، ڪٿان ملندءِ!!؟“
منهنجي چپن تي هلڪي مُرڪ تري آئي، ۽ اکين مان لڙڪ ليئا پائڻ لڳا.
چيومانس؛ ”تون سچي آهين زين....!!“
۽ پوءِ منهنجي ذهن تي جگجيت سنگهه جون سٽون تري آيون،
فاصلا نظروں کا دوکھا بھی تو ہو سکتا ہے
وہ ملے یا نہ ملے، ہاتھ بڑہا کر دیکھو.
دھوپ میں نکلو، بارش میں نہاکر دیکھو،
زندگی کیا ہے کتابوں کو ہٹاکر دیکھو.
اڄ وري سالن پڄاڻان، جڏهن پنهنجو پاڻ سان ملڻ چاهيو اٿم ته زين ڏاڍو ياد آئي آهي، جيڪا بنهه ناياب ڇوڪري هئي. هوءَ ڪيڏي بي باڪ ۽ دلير هئي، جنهن زندگيءَ کي هڪ ٻار جيان کيڏي، مڙس ماڻهوءَ وانگي نباهيو هو.
هوءَ جيئن ۽ جيڪا به هئي، بنهه Live هئي. جيئن جو تيئن هئي، وٽس اسان ماڻهن جيان ڪا به مصنوعيت ڪو نه هئي. ڪو به ڪوڙ ۽ دولاب نه هو... هوءَ ڪاڪي دُمبالي پٺاڻ جي ريڙهيءَ تان ڀڳڙا کڻڻ ۽ ورهائڻ تائين، سنڌي لِپيءَ وانگي زندگيءَ جي پَٽيءَ تي ڪائنات جيان ڦهليل هئي. هوءَ الف کان ي تائين، سچي ۽ لائيو هئي. اسين الف کان ي تائين مصنوعي، ٻهروپيا ۽ رپيٽ آهيون.

No comments:

Post a Comment