Showing posts with label ڪراچيءَ جو صبح، مختصر ڪھاڻي، وحيدمحسن،. Show all posts
Showing posts with label ڪراچيءَ جو صبح، مختصر ڪھاڻي، وحيدمحسن،. Show all posts

Monday, December 26, 2022

ڪراچيءَ جو صبح - وحيدمحسن

ڪراچيءَ جو صبح

ڪھاڻي

وحيدمحسن



صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته بستري کي الوداع ڪندي پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيس؛ پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا! جھرڪين جي چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلن جي ٻولي تي منهنجي گهر واري سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي مون کان پڇندي چيائين: “سرمد جا پيء اوھان لاءِ به چانه تيار ڪيان؟”