ڪراچيءَ جو صبح
ڪھاڻي
وحيدمحسن
صبح سوير جڏهن جاڳ ٿي ته بستري کي
الوداع ڪندي پنھنجا نيڻ مھٽي اٿيس ۽ تازي ھوا جھٽڻ لاءِ گهر جي آڳنڌ تي ھليو آيس؛
پکي پنهنجن گهروندن مان اڏامي فضا ۾ سھڻيون پر ڪشش لاتيون ڪري رھيا ھئا! جھرڪين جي
چون چون ۽ ڪانون جي ڪان ڪان ۽ ٻير جي وڻ تي ويٺل بلبلن جي ٻولي تي منهنجي گهر واري
سحر به سجاڳ ٿي پئي ھئي ۽ ھٿ منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن ھلي ويئي مون کان پڇندي چيائين:
“سرمد جا پيء اوھان لاءِ به چانه تيار ڪيان؟”
