Saturday, December 17, 2022

پين پسٽل - دريا خان شنباڻي

پين پسٽل

ڪهاڻي ۸۴

دريا خان شنباڻي



“سائين هينئر پاڻ جتي ويٺا آھيون ان کي ڇا چون!”

“سائين سيڪريٽريٽ”

“سيڪريٽريٽ!!!؟”

“ڇو ڀلا، تعجب ۾ اچي ويا آھيو!”

“بلڪل سائين، مان حيران آھيان...... پر خير، هن کي ڀلا سيڪريٽريٽ ڇو ٿا چئو، حالانڪ مان ته ڌاڙيلن جي ٻيلي ۾ ويٺو آھيان.”

“بلڪل، ٻيلو ئي آھي. پر اسان هن کي سيڪريٽريٽ چوندا آھيون.”


“ٺيڪ.....”

“هتي مون کي ڪي هٿيار نظر نه پيا اچن.”

“ڇا مطلب!؟”

“سائين ان ڪري جو اوهان سڏرايو ۽ سڏجو ٿا ڌاڙيل ته پوءِ ڌاڙيلن وٽ هٿيار ئي ته هوندا آھن.”

“سائين هي آھي هٿيار، جنهن کي پاڻ چئون ’پين پسٽل.”

 هن جيب مان هڪ پين نما پسٽل ڪڍي ڏيکاريو.

“زبردست يار......”

“نه صرف زبردست، پر انتهائي زبردست!”

“هتي اوهان ماڻھو اغوا ڪري ايندا آھيو، پر مون کي ته ڪي به مغوي نظر نه ٿا اچن.”

“صفا ڪو سادو آھين، جديد دور آ بابا، ماڻھن جي ڊيٽا اسان وٽ آھي ته پوءِ ماڻھو ڇو هجن؟!”

“اڇا اڇا...... يعني ماڻھو اغوا ڪونه ڪندا آھيو.”

“ماڻهو اغوا ناهيون ڪندا، پر ماڻھن جي ڊيٽا اغوا ڪندا آھيو.”

“اهو ڪيئن سائين؟”

“اهو ته ٻڌل اٿئي نه ته ڪهاڻين، لوڪ داستانن ۽ فلمن ۾ جيئن ڏيکاريندا آھن ته فلاڻي ماڻھو جو ساھ طوطي ۾ آھي، طوطي جو ڳلو گُهٽيندو ته ماڻھو جو ڳلو گُھٽجڻ لڳندو.”

“جي جي بلڪل!”

“بس ائين ئي آھي، اسان وٽ ڊيٽا جي صورت ۾ ماڻھن جا طوطا آھن!”

“پر طوطا نظر ته ڪو نه پيا اچن!”

“هي آھن طوطا” هن پاسي سان اڇلايل ڍڳ فائيل ڏيکاريا ۽ ٽهڪ ڏيندي چيائين؛ “جديد طوطا!!!”

“سائين پوء ڀلا اوهان ڪيئن پيا ڪمايو!”

هن هڪ دفعو وري کيسي مان پين پسٽل ڪڍي ڏيکاريندي چيو؛ “هن ذريعي!”

“هن ذريعي!!”

“ها هن ذريعي، طوطي جو ڳلو هن پين پسٽل سان گُھٽيندا آھيون ۽ پوءِ اڳلو ڇڪجي ايندو آھي!”

“ڀلا هن سسٽم کي اوهان ڇا چوندا آھيو؟”

“ڇا مطلب......!!!”

“مطلب ته، هن کي رشوت چوندا آھيو، سفارش چوندا آھيو، ڪميشن چوندا آھيو يا ڀُنگ.....!!!؟”

“آھي ته رشوت جو روپ پر هن کي سڏيندا رشوت ناھيون.”

“پوء ڇا سڏيندا آھيو؟!”

“مٺائي!”

“اڇا مٺائي!”

“جي مٺائي......”

“اوهان جديد قسم جا ڌاڙيل آھيو!”

“ڪيئن!!”

“نه مُڇون وڏيون، نه گهيردار شلوار، نه پانئچا پندرهن انچ، نه ٽوپ مٿي تي.......”

“اها ئي ته ڳالھ آھي، جديد دور جون جديد تقاضائون!”

“اوهان ڏسڻ وائسڻ ۾ سهڻا سيبتا، ماشاءَ الله، ڪلين شيو، سوٽيڊ بوٽيڊ، صاف شفاف چونئرو......”

“چونئرو.....!!!؟”

“هن کي چونئرو ٿو چئين!؟ هن کي پاڻ چئون چيمبر يا آفيس!”

“سوري.....”

“ٺيڪ آ، تون پنهنجو ڪم ٻڌاءِ!”

“هي فائيل آھي، هن تي اوهان جي صحي ۽ ٺپو کپي!”

“ڏس نه!” هن هڪ ٽھڪ ڏنو ۽ وڌيڪ چيائين؛ “اهو ئي طوطو تو کي اسان وٽ گهلي آيو جنهن سان تو کي ننڍڙي ڇڪ ڏنيسين.”

“بلڪل سائين!”

“ته پوءِ مٺائي!!”

“مٺائي ڪو نه آندم باقي.......”

“باقي!”

“باقي ڀُنگ آندم!”

“نه بابا مٺائي چئو!”

“ڏسو نه سائين، ٽن مهينن کان منهنجو هي فائيل اوهان جي جهنگل ۾ اغوا ٿيل هيو، ڀُنگ ڏيندو ڏيندو، اوهان تائين اچي پهتو آھيان، سو مان ته ڀُنگ چوندس.”

“هلو ٺيڪ آ، هي هاڻي کڻندين يا بعد ۾.”

“هاڻي کپي سائين!”

“پوء ڏي ڀلا تو واري ڳالھ وانگي ڀُنگ!”

اغوا ٿيل فائيل ڇڏائڻ لاءِ کيسي مان رقم ڪڍي هن جي هٿ ۾ ڏنائين ته هن به دير نه ڪئي، سو کيسي مان “پين پسٽل” ڪڍي، زنجير سان ٻڌل فائيل جي زنجير تي فائر ڪري، مغوي ٿيل فائيل، مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏيائين...... ڌاڙيل به خوش، مالڪ به راضي ته “مغوي فائيل” به آزاد.........

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل)

1 comment: