Sunday, September 16, 2012

دولت، ناموس ۽ ڪنوارو - امر جليل


دولت، ناموس ۽ ڪنوارو
امر جليل
مان ڪنوارو آهيان.
پر جڏهن کان پنجويهين سالگره ملهائي اٿم، تڏهن کان منهنجو ڪنوارپڻو سڀني کي ککڻ لڳو. بابا صبح جو سڏ ڪندي چيو:
مونکي سيٺ نور ڀائي جي ڇوڪري پسند آهي.“
ان کان اڳ جو مان ڪجھ جواب ڏيان، امان پريان ئي رڙ ڪئي:
شرم نٿو اچيو، هن عمر اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو.“
تون وچ ۾ بڪ بڪ نه ڪر. پنهنجو ڪم ڪر.“
مان بڪ بڪ ٿي ڪيان؟


تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته بزنس جي معاملي ۾ نه ڳالهائيندي ڪر.“
اما جواب نه ڏنو ۽ نرم ڪشن جي صوفا سيٽ تي ڌڙام ڪري ويهي رهي. منهنجي ماءُ هن شهر جي مشهور هستي آهي. ڪيترن ئي جماعتن جي سرگرم رڪن آهي ۽ عورتن جي ترقي پسند جماعت ايل پي اي جي جنرل سيڪريٽري آهي. الاءِ ڪيئن بابا جي ڇڙٻ سهي ويئي. ڪوچ تي پاسا پي بدلائين. سندس رخ مان ظاهر هو ته هو جلد ئي ڪنهن فيصلي تي پهچي بک هڙتال جو اعلان ڪندي.
بابا چيو: ”ڇوڪري مونکي پسند آهي. اهڙو سڱ سالن ۾ هڪ دفعو ملندو آهي. تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟
توهان بزرگ آهيو.“
شاباس. فرمانبردار اولاد هجي ته اهڙي.“
مان توهان جو ۽ توهان جي فيصلن جو احترام ڪندو آهيان.“
شاباس. سيٺ نور ڀائي جي ڌيءَ تو به ته ڏٺي هوندي؟
ها. اڪثر ڪلبن ۾ هوٽلن ۾ کيس ڏٺو اٿم.“
ڪيئن آهي؟
توهان کي پسند آهي ته سمجهو ته مون کي به پسند آهي.“
شاباس. نورو ڀائي شادي ۾ ڌيءَ کي هڪ لک روپيا روڪڙ، هڪ بنگلو ۽ هڪ ڪار ڏيندو.“
ائين چئو نه“ اما اٿي کڙي ٿي. ”دولت تي ڀنڀليا آهيو.“
شٽ اپ!“ بابا رڙ ڪئي. ”فقط دولت جي ڳالهه ڪونهي، ڇوڪري به مونکي پسند آهي.“
شرم ڪونهي. ٻيو سڀ ڪجھ آهي، اڇن وارن ۾ عقل وڃايو اٿو.“
ڇا!. هن گهر ۾ مونکي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونهي؟
آهي، پر جائز هئڻ گهرجي.“
تون ڪير ٿيندي آهين حق ۽ لاحق جي ساهمي سنڀاليندڙ!“
مان ڪا پراڻي زماني جي دقيانوسي عورت نه آهيان. مان اهو مسئلو ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
مون وچ ۾ پئي صلح ڪرائڻ خاطر چيو: ”اما. هيءَ ويهين صدي آهي. ترقي پسند زمانو آهي. بابا کي اسلام ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.“
”What “ بابا آرام ڪرسي تان راڪيٽ وانگر اٿي کڙو ٿيو. ڪشميري ٽيبل تي پير رکندي چيائين: ”ٻي شادي! بدتميز! نالائق!“
پر بابا توهان.........“
”Shut up بابا جا ٻچا!“
پر........“
”No.  تون اهڙي واهيات ڳالهه زبان تي آڻڻ جي جرئت ڪئي؟
هن جو ڪهڙو ڏوهه، توهان ئي ته نورو موئي جي ڌيءَ جا ڪلما ٿا ڀريو.“
”Old Woman، تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته پنهنجو کنڊو وات بند رکندي ڪر.“
کنڊا هوندا توهان. مون کي ٻٽيهه ڏند آهن.“
سڀ نقلي آهن. چوچن جا چيني ڊينٽيسٽ جا ٺهيل آهن.“
بابا، توهان ئو چيو پئي، ته سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ توهان کي پسند آهي.“
آهي . Bloody Fool، پسند آهي.“
ته پوءِ؟
پسند ڪئي اٿم. پنهنجي جي لاءِ نه، پر تنهنجي لاءِ! “
ڇا؟
اسان کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
اما جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي. سندس منهن تي خوشي موٽي آئي.
مون همت ڪندي چيو: ”اها ڇوڪري مونکي پسند ناهي.“
ڇو پسند ناهي؟ لک روپيا روڪ، هڪ ڪار، هڪ بنگلو، پسند نه اٿئي؟
سڀ ڪجھ پسند اٿم، پر ڇوڪري مونکي پسند ناهي.“
ساڳي دقيانوسي پسند، اڙي بيوقوف عقل کان ڪم وٺ. اسان سنڌين کي ترقي ڪرڻي آهي.“
نه نه. ڇوڪري ڪاري آهي، ٿلهي آهي، منهن تي ماتا جا داغ اٿس ۽ هڪ دفعو پنهنجي ڊرائيور سان ڀڄي به ويئي هئي.“
غلطي انسان جي فطرت آهي.“ اما ڪاوڙجندي چيو:”توهان مرد سنگدل آهيو، عورت جي هڪ غلطي هزار سالن تائين سوچيندا رهندا آهيو.“
هي سڀني عورتن جو مسئلو ناهي.“ مون وراڻيو.
آهي. مار پوي مئي شيڪسپير کي، سوين سال اڳ هڪ دفعو چيو هئائين Frailty the name is Woman توهان اڄ تائين انهن اکرن جو تعويذ ٻڌي ٿا گهمو.“
تو کي ٽي هزار ٽي سو. . . . . .“
مان اهو مسئلو ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
ڪجھ به هجي، پر مان سيتاڦل سان شادي هرگز نه ڪندس.“ مون جواب ڏنو.
بابا اکيو ڦوٽاري مون ڏانهن ڏٺو.
اما چيو: ”مان احمد جي ماءُ آهيان. ڇوڪري پسند ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.“
تو ڪير ٿيندي آهين ڇوڪري پسند ڪرڻ واري؟ ڇوڪري مان پسند ڪندس!“
ڇوڪري پسند ڪرڻ عورتن جو ڪم آهي. توهان عورتن جي معاملي ۾ نه پئو
اڄ جي شادي بزنس آهي. بزنس ۾ عورتن کي دخل ڏيڻ نه گهرجي.“
توهان عورتن جي توهين ڪري رهيا آهيو.“
ڪراڙي، بيعقل.......“
خبردار جو مونکي ڪراڙو سڏيو اٿو.“
بيوقوف ناهين ته ٻيو ڇاهين؟ وساري ڇڏيو اٿئي ته انيتا کي شادي ۾ اسي هزار ڪيش ۽ هڪ ڪار ڏني هئي سين؟
انيتا منهنجي ڀيڻ آهي. بيحد ذهين ۽ حاضر جواب آهي. امريڪا وڃڻ کا اڳ انڪساري کان ڪم وٺندي هئي. هڪ دفعو بابا کيس سمجهائيندي چيو هو:” اسان سنڌي آهيون. ترقيءَ طرف قدم کنيو اٿئون. اسان کي پاڻ جھڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
سڀ انسان هڪ جھڙا آهن. دولت انسان جي وچ ۾ ديوار ٿي نه سگهندي.“ هن جواب ڏنو هو.
ان اعتراض جو جواب اما ڏنو هئس: ”سڀ انسان گهوڙا هجن ها، ته گڏهن جو ڪم ڪير ڪري ها؟
ڪجھ به هجي، مان بهادر خان جھڙي شرابيءِ جي زال ٿيڻ تي موت کي ترجيح ڏيان ٿي.“ انيتا هڪ ڏينهن انقلابي فيصلو ڪيو هو؛”مان رشيد سان شادي ڪنديس. هو غريب آهي. مسڪين آهي. ڏينهن جي نوڪري اٿس. رات جو ڪاليج ۾ پڙهندو آهي.“
اسان سڀني تي بم ڪري پيو. بابا، جنهن جتن ڪري دولت جمع ڪئي آهي، تنهن جي منهن جو پنو لهي ويو. اما کي ناموس جو فڪر رهندو آهي، سا فڪرمند ٿي ويئي هئي.
پر انيتا، جڏهن نوجوانن جي مٽا سٽا واري پروگرام ۾ هڪ سال لاءِ آمريڪا مان ٿي آئي، تڏهن سندس خيال به مٽجي ويا. اچڻ شرط رشيد کي ٽيليفون کڙڪائي هئائين:
رشيد، تون منهنجي لاءِ UnFit آهين.“
هن ڪجھ وراڻيو هو، جنهن تي انيتا جواب ڏنو هئس: ”منهنجو اعتقاد راڪيٽن جي رفتار ۾ آهي. تون سڙهه بنا ٻيڙي آهين.“
ڪجھ عرصي کانپوءِ بابا اسي هزار روپيا ڪيش ۽ موٽر ڏيئي انيتا جي شادي ساڳي زميندار سان ڪرائي هئي. انيتا بيحد مسرور هئي. هن پنهنجي ساهڙين کي شاديءَ رات هڪ فلمي راڳ به ٻڌايو هو. پر جڏهن کان انيتا جي شادي ٿي آهي. بابا ڏاج ۾ ڏنل دولت هٿ ڪرڻ لاءِ مونکي اهڙين نظرن سان ڏسندو آهي. ڄڻ ته مان سندس پٽ نه، بونس وائوچر آهيان.
چيائين:” جيڪي ڪجھ انيتا کي ڏنو اٿم. تنهن کان وڌيڪ وٺندس.“
مون احتجاج ڪيو: ”توهان مونکي وڪڻي رهيا آهيو.“
بيوقوف. اڄ انسان جو خدا کان وڌيڪ دولت ۾ اعتقاد آهي.“
اما چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائيندس.“
تونکي ٽي هزار ٽي سو ٽي دفعا چيو اٿم ته تون واپاري معاملن ۾ دخل نه ڏيندي ڪر.“
مونکي پٽ جي زال ڳولهڻ جو به حق ڪونهي؟
ڪونهي.“ بابا گجگوڙ ڪئي.
مان اها ڳالهه ايل ـ پي ـ اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
مون رڙ ڪئي: ”خدارا! منهنجي به ته ٻڌو.“
مان تنهنجو پيءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
مان تنهنجي ماءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪنديس.“
تونکي ٽي هزار ٽي سو............“
توهان ماٺ ڪريو.“ اما چيو : ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس. ڇوڪري ايم ـ اي آهي. يورپ جو سفر ڪيو اٿائين. عورتن جي ازدواجي ۽ سماجي مسئلن تي بهترين تقرير ڪري سگهندي آهي.“
تقرير!“ مون ذري گهٽ روئندي چيو.
نه پٽ، تو کي ليڊر نه، عورت گهرجي.“ بابا همدردي ڪئي.
مونکي ڪجھ به نه گهرجي.“
سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ............“
نه نه.“
هوءَ ايم. اي آهي ۽ .............“
مان شادي نه ڪندس.“
ڇا؟“ امان ۽ بابا گڏجي رڙ ڪئي.
مان ڪنوارو رهندس.“
تون پاڳل آهين. Crack آهين.“
ڪرسيءَ تان اٿي ڊوڙ پاتم ۽ تير وانگر ڪمري مان ٻاهر نڪري ويس.



No comments:

Post a Comment