Sunday, September 23, 2012

ساڻو ساڻو ساهه - امر جليل


ساڻو ساڻو ساهه
امر جليل
هيءُ منظر يونيوررسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ مان ذري گهٽ سمورن ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ ليڪچرارن ۽ پروفيسرن ڏٺو.
سامهون ميدان ۾، اٺن ڏهن ڇوڪرن جي هٿن  ۾ خُردم، هاڪيون . بيد جا لڪڻ ۽ کليل چاقو هئا. هو گولائيءَ ۾ بيٺا هئا . سندن وچ ۾ مجيد ڌرتيءَ تي اونڌي منهن ڪريو پيو هو. سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا هئا . ڦاٽل ڪپڙن مان ظاهر ٿيندڙ جسم جي کل لهي ويئي هئس. سندس سنڌ سنڌ مان  رت وهي رهيو هو. گولائيءَ ۾ بيٺل شاگرد مان هڪ شاگرد جي هٿ ۾ پستول هو. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ڏانهن پستول سڌو ڪندي پنڊپهڻ ڇوڪرن، ڇوڪرين ۽ اُستادن کي رڙ ڪري چيو،”جيڪو  شخص عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مخالفت ڪندو، تنهن جو مجيد جهڙو حال ڪيو ويندو.“


جنهن شاگرد پستول تاڻي سوين شاگرد کي هبسائي ڇڏيو هو، سو قد جو بندرو هو. نڪ نبات جهڙو هوس. چپ ٿُلها، اکيون چنجهيون، ۽ نڪ شرناءِ جهڙو هوس. منهن جي کل گهڻن موئيڙن سبب گهنججي ويئي هئس. هو پريان ڏسڻ ۾ هوبهو ڪريلي جهڙو پئي آيو . هنجو اصلي نالو مان توهانکي نه ٻڌائيندس. هن ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ سندس ذڪر قاسم جي نالي سان ڪنداسين.
قاسم پنهنجي هڪ ساٿيءَ کان خردم وٺي، مُٺ ۾ قابو ڪري هوا ۾ ڦيرائيندي وڏي واڪ چيو، ” سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو اسان خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. آهي ڪٿي ڪو مجيد  جو ساٿي  - سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو ڪو ميمبر؟“
آرٽس فيڪلٽيءَ جي ورانڊن ۾ بيٺل  شاگرد جو ساهه سُڪي ويو. جن سڙٻاٽن ۾ ڳالهايو پئي، سي خاموش ٿي  ويا .
قاسم ڪريلو آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت آڏو ٻرانگهه کولي بيهي رهيو . پوءِ هن هٿ مٿي ڪري پستول مان ٽي هوائي فائر ڪيا ورانڊن ۾ بيٺل شاگرد ۽ استادن۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. ترسوي. منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو. اسين عوامي اسٽوڊنٽس فيبرريشن جاشاگرد نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جا مالڪ آهيون . قاسم ڪريلي چيو ” اڄ کانپوءِ ڪوبه شخص، شاگرد يا استاد، يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سنڌ جو نالو نه کڻندو. جيڪو ڄڻو جيئي سنڌ چوندو ، تنهن جي زبان تارون ءِ مان پٽي وٺبي.“
شاگرد ۽ استاد آهستي آهستي ٿي ورانڊن مان کسڪڻ لڳا. هو عمارت مان نڪري سامهون واري بس  اسٽاپ تائين وڃڻ بدران، هيسيل ۽ ڊنل ، عمارت جي پوئين پاسي کان نڪري ، ايڊمنسٽريشن واري بس اسٽاپ ڏانهن وڃڻ لڳا. ٿوري دير ۾ ورانڊن مان اڌواڌ شاگرد ۽ ڪافي تعداد ۾ استاد هليا ويا.
قاسم ڪريلو موٽي وڃي پنهنجن ساٿين وٽ بيٺو، جيڪي قاسم جي مٿان ڳجهن وانگر ڪانڀ ڪڍي بيٺا هئا. قاسم سڌو مجيد جي مٿان وڃي بيٺو. ڪجهه دير تائين ڏانهنس ڏاڍي نفرت ۽ حقارت مان ڏسندو رهيو. پوءِ پستول کاٻي هٿ ۾ جهلي، ساڄي هٿ سان خردم ڦيرائي ، سموري طاقت سان مجيد جي چيريل چچريل پٺيءَ تي وهائي ڪڍيائين .مجيد جي رت هاڻن ڇٿيل چپن مان آه نڪري ويئي هو گهڙي کن لاءِ ڦٿڪي پيو، خردم جو ڌڪ ايڏي شدت سان لڳو هوس، جو ڪرنگهي وٽان سموري قميص ذراذرا ٿي ويس. هن پاسو ورائي پنهنجي مٿان بيٺل اٺن ڏهن ڄڻن ڏانهن ڏٺو جيڪي کيس رتو رت ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش ٿي رهيا هئا. ڪريلي وڌي اچي پنهنجو پير مجيد جي  سڀني تي رکي ڇڏيو.سندس ساٿين ٽهڪ ڏنو.
ڪريلي خردم جو لوهي ڳنڍ وارو پاسو مجيد جي منهن ۾ هڻندي چيو، ” اڄ کان توهانجي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو دور ختم ٿيو، ۽ سنڌ عوامي  اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو دور شروع ٿيو آهي. اسين نئين سنڌ جا مالڪ آهيون.“ مجيد ويڻيءَ سان پنهنجن چپن تان رت اُگهي ، ڪريلي ڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اکين جي پنبڻين ۾ رت جا ذرڙا ڄمي ويا هئس هو چٽيءَ طرح ڪريلي کي ڏسي نه سگهيو. هن هٿ جي تري سان اکين تان رت اُگهي ڇڏيو کيس ڪريلو چٽو ڏسڻ ۾ آيو.ڪريلي پنهنجي هڪ ساٿي کان چاقو وٺي هيٺ جهڪي مجيد جي منهن ۾ ڏسڻ لڳو مجيد جو سڄو منهن ٺونشن ۽ بيد جي لڪڻن لڳڻ سبب ڦاٽي پيو هو،مٿي ۾ هاڪيون ۽ خردمن جا لوهه لڳا هئس مٿي ۽ نرڙ مان وهندڙ رت منهن جي سوچ ۽ نيراڻ سان ملي وڍن ۾ ڀر جي ويو هوس کيس ايترا ڌڪ لڳا هئا جو ڌڪن جو احساس ختم ٿي ويو هوس. هن ڪنڌ پاسيرو ڪري رت جي گرڙي ڪري ڪريلي ڏانهن ڏٺو ڪريلي چيس، مجيد جيڪڏهن اسين تنهنجا آنڊا ڪڍي ڇڏيون، تڏهن به اسانجو وار ونگو ٿي نه سگهندو.“  ” تون فقط منهنجا آنڊا ڪڍي سگهندين، قاسم.“ مجيد ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيو ” پر، تون تاريخ جا آنڊا ڪڍي نه سگهندين. تاريخ تنهنجا انڊا ڪڍي ڇڏيندي.“
قاسم ڪريلي، مجيد جي منهن ۾ ٿڪ هڻي ڪڍي. مجيد ٻئي هٿ پنهنجي سڀني تي کپايل قاسم جي ٽنگ ۾ وجهي ڇڏيا ۽ پوءِ رهيل کهيل سموري سگهه سان قاسم جي ٽنگ کي مروڙي ، قاسم کي پنهنجي پاسي ۾ ڪيرائي ڇڏيو قاسم ڪويلو چوطاق ڪرڻ کانپو وائڙو ٿي ويو مجيد پاسو ورائي مٿان وڃي پيس ان جدوجهد جي اکين اڏو اوندهه اچي ويئي هڪ ٿلهي بيڊولي ۽ ڀوائتي شاگرد جنهنجي منهن تي وڏيون وڏيون مڇون هيون ۽ پاڻ ڪنهن وڏيري جي اولاد لڳي رهيو هو تنهن پوري زور سان مجيد کي پاسراٽين ۾ لٽ وهائي ڪڍي.
مجيد عذاب ۾ ٻيڻو ٿي ويو گوڏا وڃي سڀني سان لڳس . قاسم ڪريلي موقعو وٺي هڪدم منهن تي پستول جي نالي هڻي ڪڍيس لوهي نالي نڪ تي لڳس ۽ نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳس مجيد ٻئي هٿ منهن  تي رکي قاسم جي مٿان هٽي ويو ٿلهي ۽ ڀوائتي شاگرد کيس پيٽ ۾ لت هڻي  ڪڍي ۽  هو ڌڪ کائي پٺي ڀر وڃي مٽي ۾ ڪريو 
قاسم ڪريلو ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو هو هڪ گهڙي جي شڪست ۾ پڄرڻ لڳو هواٺن ڏهن سنڌ عوامي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي پهلوانن جو اڳواڻ هو کيس پنهنجي ڪرڻ جي احساس ڏنڀ ڏئي  ڇڏيو هو ذري گهٽ  ڇتو ٿي پيو هن هيٺ جهڪي چاقوءَ جو ڦرو مجيد جي لوندڙي ۾ ٽنبي سٽ ڏيئي سندس نرڙ کي ڦاڙيندي چاقوءَ ٻي لوندڙي ۾ وڃي ٽنبيو. تڏهن هڪ آهه يونيورسٽيءَ جي بيرحم ۽ سخت ڏونگرن سان مٿو هڻندي، پڙاڏا ڪندي، ڪارونجهر ۾ لاکي ڦلاڻي ءَ جي آهه سان وڃي ملي.
قاسم ڪريلي، سندس بهادر ساٿين، ۽ ورانڊن ۾ بيٺل بچيل سچيل شاگردن آرٽس فيڪٽيءَ جي ٻاهرين ٺلهه ڏانهن ڏٺو جتان عرش کان اوچي آهه اڀري هئي.
ٻاهرين ٺلهه وٽ هڪ  سانوري ڇوڪري بيٺي هئي. کيس ڇيٽ  جا ڪپڙا پاتل هئا. سندس ٻئي هٿ ٺلهه ۾ قابو ٿي ويا هئا، ۽ هوءَ ٺلهه جي موزيڪ سان لڳي روئي رهي هئي جنهن وقت قاسم ڪريلي مجيد جي لوندڙي ۾ چاقو ٽنبي سٽ سان سندس نرڙ چيري ڇڏيو هو، تڏهن هن چاهيو هو ته هوءَ ڊوڙندي وڃي ۽ مجيد کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي سندس رتوڇاڻ منهن پنهنجي سڀني ۾ لڪائي ڇڏي پر هو ائين ڪري نه سگهي هئي صدين جي روايت کي ٽوڙي نه سگهي هئي ٽوڙي سگهي هئي ته پنهنجي دل ! جڏهن ضبط ڪري نه سگهي،تڏهن هڪ آهه اندر مان اڀرندي هوائن کي چيريندي جبلن ٽڪرن مان وچڙندي آڪاس تائين هلي ويئي هئي هو ڦتڪندڙ دل، ۽ آلين اکين سان ميدان ڏانهن ڏسي رهي هئي جتي مجيد ڌرتيءَ تي پيو هو، ۽ قاسم ڪريلو ۽ سندس سورهيه ساٿي دائري ۾ بيٺا هئا.
” ثريا، ڏسي ڇڏ مجيد ڀڙوي جي حالت. قاسم ڪريلي مجيد ڏانهن اشارو ڪندي  رڙ  ڪري چيو، ” هن ماءُ جي تنهنجين اکين ۾ شاهه لطيف جو سُر سارنگ ڏٺو آهي تون ئي سمجهائينس ته ماڻهوءَ جو پٽ ٿي ۽ اسان جي مخالفت ڇڏي ڏئي ورنه بڇڙو ڪري مارينداسينس.“
ثريا روئيندي رهي. هوءَ مجيد سان گڏ سوشيالا جي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندي هئي. هوءَ سانوري جنهنجي اکين ۾ مقناطيس جهڙي ڪشش هئي، ۽ جنهن تي يونيورسٽي ءَ جا اڌ کان وڌيڪ شاگرد ۽ استاد عاشق هئا، سا فقط مجيد لاءِ ماندي هئي. کيس فقط مجيد وڻيو هو، جيڪو خالي پيرڊن  ۾ ۽ موڪل کان پوءِ کيس شاهه لطيف جي بيتن جي عجيب ۽ حيران ڪندڙ معني ۽ مفهوم ٻڌائيندو هو. ساڻس چيگيوارا، هوچي منهه، ياسرعرفات، ۽ جپان جي آپگهاتي گوريلن جون ڳالهيون ڪندو هو. ۽ پوءِ جڏهن  سرڪاري ڪامورن وڏن فنڊن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي وجود ۾ آندو، ۽ شاگردن کي واڱڻ، ڀينڊين ۽ پٽاٽن وانگر خريد ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن ثريا سمجهي ويئي هئي، ته مجيدجنهنجو وچن ويڙهيچن سان آهي، سو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ڇڏي ڪنهن به آڇ ، ڪنهن به لالڇ ۽ ڪنهن به واعدي تي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيندو.
مجيد عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل نه ٿيو هو. هن عوامي اسٽوڊيشن فيڊريشن جي آقائن ۽ سرپرستن جي هرڪا آڇ ٺڪرائي ڇڏي هئي. هن پاڪستان جي شاگرد وفد سان گڏ آمريڪا ۽ يورپ گهمڻ جي آڇ تڏي - پنج سورپيا هر مهيني جي کيسي خرچيءَ جي لالڇ ٿڏي ڇڏي. هونڊا موٽرسائيڪل ۽ ويسپا اسڪوٽر جي پيشڪش ٿڏي ڇڏي. هو  سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل هو. هن پاڻکي وڪڻڻ بدران عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ۾ بيهاري ڇڏيو. کيس ان مخالفت جي قيمت جي خبر هئي. هو  قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان اڪيلي سر وڙهي، فرد جي اهميت، ۽ انفراديت متعلق پنهنجي نظر يي کي سچو ثابت ڪري رهيو هو.هو اڪثر چوندو هو  ته ؛ قومون، گروهه، ۽ جماعتون شڪست کائي سگهن ٿيون، پر فرد، هڪ هيڪلو انسان، ڪڏهن به شڪست کائي نه ٿو سگهي. هو رتوڇاڻ ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي نظريي تي قائم هو. قاسم ڪريلي جي حڪم  تي ٻن  ڄڻن مجيد کي ٻانهن کان جهلي. ڇڪي ، اُٿاري بيهاريو.
بيهڻ شرط سمورو يونيورسٽي ڪيمپس مجيد جي نگاهن ۾ ڌڏي ويو. هن رت هاڻين اکين سان آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ڏٺو. سموري عمارت کيس ڌنڌ ۾ ويڙهيل نظر آئي. هن ويڻي جي پٺ سان اکين تان رت اُگهي، ٻيهر عمارت ڏانهن نهاريو . کيس عمارت ڪجهه ڪجهه چٽي نظر اچڻ لڳي.
” مجيد سوئر جا پٽ ماءُ جا – غور سان ڏس . سامهون ٺلهه وٽ ثريا رنڊي بيٺي اٿئي، جنهنجي اکين ۾ تو شاهه جو سُر سارنگ ڏٺو آهي.“ ڪريلي خارن مان مجيد کي وارن کان وٺي ڌونڌاڙيندي، ڏند ڪرٽيندي چيو، ” تون جيڪڏهن اسانجي مخالفت بند نه ڪندين، ته خدا رسول جو قسم آهي، اسين ثريا کي زوريءَ کڻي وينداسين ۽ پوءِ خبراٿئي اسين ساڻس ڪهڙي تعدي ڪنداسين؟“ ” قاسم.“ مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان ۽  ڀڳل ٽٽل لهجي ۾چيو، ” توهين ثريا سان اُها ئي تعدي ڪندا، جيڪا جميله ۽ ليليٰ سان فرانسيسي ۽ يهودي دهشت پسندن ڪئي هئي . ان کان وڌيڪ توهان ثريا سان ڪابه تعدي ڪري نه سگندا.“
قاسم ڪريلي ، ڀر ڪري مجيد کي منهن ۾ چماٽ وهائي ڪڍي. پنهنجي سائين کي حڪم ڏيندي چيائين، ” اڙي وٺي هلو ماءُ جي – کي فيڪلٽي بلڊنگ ڏانهن.“
پوءِ ، اٺ ڏهه عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا پهلوان، ۽ جوڌا جوان هيڪلي مجيد کي لتون، مڪون، ۽ ٺونشا هڻندا، ڌڪاڏيندا آرٽس فيڪلٽيءَ جي عمارت ڏانهن ٿڏينداآيا.هو جڏهن عمارت جي ڏاڪڻ ڀرسان ٻاهرين ٺلهه وٽ پهتا، تڏهن ڪريلي جي حڪم تي بيهي رهيا. ڪريلي مجيد جي وارن ۾ مٺ وجهي، سندس منهن مٿي ڪندي چيو، ” ڏس، ٺلهه وٽ ڪيو بيٺي آهي؟“
ايترن ڌڪن کائڻ کانپوءِ به مجيد هوش ۾ هو ، سامت ۾ هو. هن ٺلهه ڏانهن ڏٺو.
ٺلهه جي ميوزيڪ تي منهن رکي ثريا روئي رهي هئي. مجيد ڦاٽل چيريل ۽ ڇٿيل چپن سان مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي انگريزيءَ ۾ چيو؛ Forgive them, O! Lord for they do not know what they are doing”“ ان وقت هڪ ڇوڪري، کيس پٺن تي هاڪي وهائي ڪڍي ۽ هويولاٽيون کائيندو سڌو وڃي ثريا جي پيرن وٽ ڪريو ثريا صدين جي قدامت پرست روايتن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا هن مجيد جو رتوڇاڻ منهن پنهنجن ٻانهن ۽ سڀني ۾ لڪائي ڇڏيو گهڙي کن لاءِ آرٽس فيڪلٽي جي ورانڊن ۾ چوٻول ٿيو ۽ پوءِ خاموشي ڇانئجي ويئي.
”پنهنجي- جي حياتي چاهين ٿي ته سمجهائينس. مُڙي وڃي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مخالفت ڇڏي ڏي.“ ڪريلي ثريا کي چيو؛ ”مجيد جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو تيستائين کيس يونيورسٽي ڪيمپس مان جيئري ٻاهر وڃڻ نه ڏينداسين .
ثريا کين جواب نه ڏنو. هو ءَ روئيندي رهي. ”سمجهائينس ميس ميس نه ڪر.“ قاسم ڪريلي ثريا کي چيو؛ ”اجايو مفت ۾ مارجي ويندو.“
”مجيد ، مجيد.“ ثريا ساهه روڪي، سڏڪن ۾ چيو؛ ”هيءُ توکي عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ ڪجهه لکرائڻ ٿا چاهين.“ مجيد جي نرڙ مان وهندڙ رت ثريا جي قميص جو آڳو آلو ڪري ڇڏيو. ثريا سندس منهن، پنهنجي سيني کان ڌار ڪندي چيو؛ ”مجيد اکيون کول. مونڏانهن ڏس.“ مجيد رت هاڻيون اکيون کولي ثريا ڏانهن نهاريو. هوءَ مجيد جي اکين ۾ تڪليف جو احساس ڏسي نه سگهي. مجيد مُرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو؛ ”اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“
”ائين نه چؤ! ائين نه چؤ!“ ثريا، مجيد جو چيريل چچريل منهن وري پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. پوءِ قاسم ڪريلي ڏانهن ڏسندي چيائين؛ ”ڏسو ته توهان مجيد کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي. هينئر کانئس پنهنجي حمايت ۾ بيان ٿا ڪڍايو!“
”ها. جيستائين دم ۾ دم اٿس، کيس هر حال ۾ عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڪڍڻو پوندو.“ قاسم پستول سڌو ڪندي چيو؛ ”نه ته مجيد جو موت يقيني آهي.“
مجيد، ثريا جي سيني مان منهن ڪڍي وسامندڙ اکين سان قاسم ڏانهن ڏسندي، تمام جهيڻي آواز ۾ چيو؛ ”مونکي موت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ، قاسم.“
”موت!“  قاسم حيران ٿي ويو. چيائين؛ ”موت، بس موت آهي.“
”توکي خبر ناهي قاسم ته ڪجهه انسانن لاءِ موت ابدي زندگي جو سبب ٿي پوندوآهي!“
”بڪواس پيو ڪرين.“
”۽ ڪجهه ڪانيرن لاءِ زندگي چپي چپي تي مرڻ جو سلسلو ٿي پوندي آهي.“
”مٿي تي هاڪيون لڳيون اٿئي تنهنڪري وڦلين پيو.“ مجيد ساڻو ٿي، پاڻ کي ثريا جي پيرن وٽ ڏاڪي تي ڇڏي نرڙ تي رکيو.
جنهن ٿُلهي، ۽ بيڊولي شاگرد مجيد کي پاسراٽين ۾ لت هنئين هئي، تنهن وڌي اچي ڪريلي جي ڪن ۾ ڪجهه چيو. ڪريلي هڪدم منهن  ورائي پوئتي نهاريو. پريان ، ڪاري رنگ جي هڪ سرڪاري ڪار اچي رهي هئي. ڪار، آرٽس فيڪلٽي جي عمارت کان ڪجهه پرڀرو بيهي رهي ۽ سندس ساٿي ڪار ڏانهن هليا ويا. لڙيا ڪريلو مجيد کي ڪلهي کان وٺي ڌونڌاڙيندي سڏ ڪيو، ”مجيد، مجيد.“ مجيد اکيون کولي ثريا ڏانهن ڏٺو. پوءِ جهيڻي آراز ۾ چيائين؛ ”مونکي هتان وٺي هل، ثريا.“ ” پر،.......“ ”دير نه ڪر، ثريا مونکي ڪيمپس مان  وٺي هل.“ ”پر مجيد هن قاسم.“ ” مان ڪجهه دير کانپو مري ويندس .“ مجيد چيو؛ ”مونکي ڇهن سالن جو هڪ ننڍڙو ڀاءُ آهي. مان هنجي سامهون پويان پساهه پورا ڪرڻ چاهيان ٿو.“ ”ائين نه چئه، ائين نه چئه مجيد .“ ثريا روئي پئي . چيائين، ”تون نه مرندين. مان توکي مرڻ نه ڏيندس.“ ”اسان رڻ ۾ لائون لڌيون آهن.“ مجيد آهستي آهستي چيو، مونکي سهاڙو ڏيئي اُٿاري بيهار، ثريا.“ ”پر قاسم چيو آهي ته تون جيستائين عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان نه ڪڍندين، تيستائين توکي ڪيمپس مان ٻاهر وڃڻ نه ڏيندا.“ ”مونکي ڪوبه روڪي نه سگهندو.“ مجيد چيو؛ ”مان  پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ويندس مونکي اٿاري بيهار ثريا.“ ثريا مجيد کي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندي، اک ٽيٽ ڪري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن ڏٺو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي سرڪاري موٽر ۾ ويٺل هڪ نو جوان ڪاموري سان ڳالهائي رهيا هئا. ثريا ڪوشش ڪري مجيد کي اٿاري ويهاريو پوءِ کيس پنهنجي ٻانهن ڏيندي ٺلهه جو سهارو وٺندي آهستي آهستي اٿاري بيهاريو پيرن تي بيهڻ شرط مجيد کي اکين آڏو اوندهه اچي ويئي مڙهيل چاڪ چڪي پيس ڪرڻ تي هو جو ثريا سهارو ڏيئي ٺلهه جي ميوزيڪ سان بيهاري ڇڏيس مجيد ساڻي ساڻي ساهه سان پاڻ سنڀالي ورتو پو هڪ هٿ ثريا جي ڪلهي تي رکي ٻئي سان سڀني جي زخمن مان وهندڙ رت کي روڪيندي هو ٺلهه وٽان هٽي ويو ۽ پو ٽي ڏاڪا لهي فيڪلٽي عمارت جي سامهون ميدان ۾ وڃي بيٺو ورانڊي ۾ بيٺل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو وات ڦاٽي ويو هو اچرج وچان مجيد ۽ ثريا ڏانهن ڏسڻ لڳا. مجيد ٿڙندو ٿاٻڙندو ثريا جو سهارو وٺندو فيڪلٽي عمارت جي سامهون رستي جي وچ ۾ وڃي بيٺو اُتان ڦري قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. قاسم ڪريلو ۽ سندس ساٿي نوجوان ڪاموري سان ڳالهائي گد گد ٿي رهيا هئا. ڪامورو سندن ڪارڪرد گيءَ تي خوش هو ۽ کين چئي رهيو هو ” توهين نئين پاڪستان جي نئين سنڌ جو نئون نسل آهيو اوهين انقلابي شاگرد اسانجي سڀ کان وڏي طاقت آهيو قوت آهيو توهان سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کي مڪمل طرح ختم ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ خاص ڪري اڄ ته توهان ڪمال بهادري جو ثبوت ڏنو آهي اهڙا جوڌا جوان ورلي پيدا ٿيندا آهن.“ ڪريلي خوش ٿيندي چيو؛ ”سائين اوهانجا ٻانها آهيون.“ ڪاموري هڪدم چيو؛ ”قاسم تنهنجو هي ٽولو تنهنجي سربراهي ءَ ۾ اسين يورپ جي دوري تي موڪلينداسين.“ ”مهرباني، مهرباني.“
”اسان توهان سڀني لاءِ گزيٽيڊ نوڪرين جو به بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.“ ”لک ٿورا، سائين.“ ”توهانکي پلاٽ ۽ پرمٽون به ڏنيون وينديون.“ ”سائين.“ هڪ جانٺي جانٺي شاگرد چيو؛ ”مونکي ڪجهه نه گهرجي مون کي فقط ڪنهن ٿاڻي جو صوبيدار ڪرائجو.“ ”سڀاڻي آرڊر منهنجي آفس مان کڻي وڃجانءِ.“ ”۽ سائين مونکي ايڪسائيز ۽ ٽيڪنيشن آفيس ۾ لڳرائجو.“ ”تون به آرڊر سڀاڻي منهنجي آفيس مان وٺي وڃجان.“ پوءِ قاسم کان پڇيائين؛ ”قاسم توکي ڪا خاص نوڪري وغيره گهرجي ڇا؟“ ”مونکي چانور ۽ بنا گيهه پستي سمگل ڪرڻ جي پرمٽ وٺي ڏيو.“ قاسم ڪريلي چيو. نوجوان ڪاموري ٽهڪ ڏنو. چيائين؛ ”تنهنجي لاءِ اهو ڪم ڪيو باقي مجيد جو ڇا ٿيو؟“ ”سوئر کي اُها ڌمال ڪڍي اٿئون جو سڄي ڄمار ياد رکندو“ ”عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾ بيان ڏنو اٿائين؟“ نوجوان ڪاموري چيو، جيڪڏهن بيان نه ڏنو اٿائين، ته پوءِ حرامزادي کي Tortureڪري به بيان وٺو اهو تمام ضروري آهي سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري آهي. سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيز يشن کي مڪمل طرح ختم ڪرڻ لاءِضروري آهي ته مجيد کان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حمايت ۾بيان ڪڍائجي.“ ”بيان ڪيئن نه ڏيندو. سائين.“ قاسم ڪريلي چيو اسان چيو اٿس ته جيڪڏهن عوامي اسٽوڊنٽس جي حمايت ۾ بيان نه ڏيندو ته کيس جيئري يونيورسٽي ڪيمپس مان باهر وڃڻ نه ڏينداسين.“ ”مان يونيورسٽي ڪيمپس مان ٻاهر وڃي رهيو آهيان قاسم.“ مجيد رهيل سهيل سگهه سان وڏي واڪ چيو، ”مان وڃي رهيو آهيان .“ قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين کان ڇرڪ نڪري ويو هنن هڪدم منهن ورائي مجيد ڏانهن ڏنو . مجيد بس اسٽاپ ڏانهن وڌي رهيو هو. سامهون بس اچي رهي هئي . قاسم ڪريلي پستول سڌو ڪيو. رڙ ڪندي ڇيائين، ”بس ڏانهن وک وڌائيندين ته اڦٽ ماريندوسان.“ بس، بس اسٽاپ وٽ اچي بيٺي مجيد ثريا جو سهارو وٺندو آهستي آهستي بس ڏانهن وڌڻ لڳو. ”بيهي رهه مجيد.“ قاسم چيو؛ ”نه ته مان گولي ٿو  هلايان.“ مجيد بس وٽان منهن ورائي پوئتي نهاريندي چيو ، ”سيئي حوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا.“ ” ته پو ڪرڻ لا  تيار ٿي“ قاسم پستول جي گهوڙي تي آڱر رکي ”ترس“ ڪاموري کيس گولي هلائڻ کان روڪي ڇڏيو چيائين؛ ”مجيد کي وڃڻ ڏيو“ مجيد بس جي فٽ بورڊ وٽ ڪري پيو ثريا ۽ هڪ ٻن سهارو ڏيئي اٿاري بس ۾ آندو. نوجوان ڪاموري ڪريلي کي چيو؛ ”مون کي هڪدم فون ڪرڻي آهي ”اچو سائين“ ڪريلي چيو آرٽس فيڪلٽي جي ڪنهن به ڊپارٽينٽ امان اوهين فون ڪري سگهوٿا “ نوجوان ڪامورو قاسم ڪريلي ۽ سندس ساٿين سان گڏ فون ڪرڻ لاءِ آرٽس فيڪلٽي جي بلڊنگ ڏانهن هليو ويو. جنهن وقت هو ٻاهرئين ٺلهه وٽان ٻه ٽي ڏاڪا چڙهي ورانڊي ۾ داخل ٿي رهيا هئا ان وقت بس زوڪاٽ ڪندي شهر ڏانهن رواني ٿي ويئي بس جا سمورامسافر جيڪي سائنس فيڪلٽي جا شاگرد ۽ ڪيمپس جا ملازم هئا“ حيرت وچان مجيد ڏانهن ڏسڻ لڳا هو پاڻ ۾ ڀڻڪا ڪري ڳالهائڻ لڳا مجيد هنن لاءِ نئون نه هو ثريا به هنن لاءِ نئين نه هئي پر ٻنهي کي رت هاڻو ڏسي سڀئي تپرس ۾ پئجي ويا هئا .
مجيد جون اکيون بند هيون ۽ هن پنهنجو منهن ثريا جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو هو ثريا دري کان ٻاهر ڪيمپس جي عماتن ڏانهن ڏسي رهي هئي سندس اکين جا لڙڪ سڪي ويا هئا هزارين وسوسا ۽ سوداءَ کيس ورائي ويا هئا هوءَ محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد هڪ هڪ گذرندڙ گهڙي سان گڏ ختم ٿي رهيو هو وسامي رهيو هو . ثريا کيس ڇوهيندي چيو ” مجيد مجيد ڪيئن آهين؟“
مجيد اکيون کوليون. ”ڪيئن آهين؟“ مجيد ٻڏندڙ آواز ۾ چيو. ”سر سوري ڌڙ ڪنگرين متان ڪڇين ڪٽ!“ ثريا اشارو سمجهي ويئي سندس سمورو وجود وڍجي ويو. ” ثريا .“ مجيد ڀڻڪن ۾ ڳالهايو. ”جيءُ“ ”شاهه جو هيءُ بيت ٻڌو اٿئي؟“ ”ڪهڙو“ ”سڪ نه آهي سٿري کڻ پروڙي پير، ڪسڻ ڌاران ڪير ڪري سڌ سڪڻ جي؟“ ”ها تو اڳ به ٻڌايو هو.“ ”ان بيت جي معني سمجهين ٿي.“ ”ها.“ ثريا ذري گهٽ روئي پئي. بس جڏهن ڪيمپس جي حدن مان نڪري شهر ڏانهن ڊوڙن لڳي تڏهن مجيد اکيون کولي منهن ورائي ثريا ڏانهن ڏٺو پڇيائين؛ ”روئين پئي چري؟“ ”مان نه نه.“ ”ثريا“ ”جيءُ“ ”جڏهن جرمن نازي فوجون ماسڪو کي گهيرو ڪري ويون هيون تڏهن خبر اٿئي ته روسي ماڻهو ڪهڙي جذبي سان جرمن فوجن سان وڙهيا هئا؟“ 
ثريا محسوس ڪري رهي هئي ته مجيد کيس سرچائڻ ۽ سندس خيال بدلائڻ لاڳالهائي رهيو هو نه ته جهڙي نموني هو هيڊو ٿيندو وسامندو ۽ ڀڄندو ڀرندو پئي ويو هن جو ڳالهائڻ ناممڪن هو پر ثريا کي اها خبر هئي ته مجيد غير معمولي ارادي جو مالڪ هو هو سوري کي سينگار سمجهندو هو خبر اٿئي روسي ماڻهن خونخوار جرمن فوجن جو ڪهڙي  جذبي سان مقابلو ڪيو هو.
”نه، نه.“
”؟؟؟؟ جي جذبي سان روسي ماڻهن جرمن فوجن جو مقابلو ڪيو.“ مجيد چيو؛ ”جڏهن انسان فقط مرڻ ۽ مارڻ لاءِ جنگ لڙندو آهي، تڏهن فتح سندس پير اچي چمندي آهي.“
ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ مجيد پنهنجي ساءِ چيو؛ ”مان سمجهان ٿو، مان مجيب وٽ پهچڻ کان اڳ مري ويندس.“
”ڇا!“ ثريا کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ذري گهٽ رڙيون ڪري روئي پوي ها، پر  هڪدم ضبط ڪري ويئي. مجيد کي پيار  منجهان ڇوهيندي فقط ايترو چيائين؛ ”تون رهندين، توکي  رهڻو آهي.“
مجيد اکيون بند ڪري جهونگاريو:
”ڇَپرَ چَمَر ڀائيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پٻ وجهنديس پٺ تي، صبح سوارو،
وڃڻ مون وارو، ڪين وهنديس وچ ۾.“
 
ضبط جي باوجود ثريا جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا هو شهر تائين، آهه کي روڪي، سڏڪن کي سانڍي ڪارونجهر جي ڪونج وانگر روئندي رهي بس جو ڪنڊيڪٽر مجيد جو واقف هو هن ثريا کان پڇيو اسپتال هلندو نه“ جواب مجيد ڏنو نه مونکي گهر وٺي هلو مان پنهنجي ڀاءُ کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
ڪنڊيڪٽر بس کي گاڏي کاتي وٽان کوکر محلي ڏانهن ڦيرائي وٺي ويو کوکر محلي وٽ هن ثريا سان گڏ جي مجيد کي  بس مان هيٺ لاٿو ۽ کيس گهر جي در تائين ڇڏڻ آيو.
 گهر ۾ مجيد ۽ سندس ڀاءُ هيڪلا رهندا هئا. مٽ مائٽ ڳوٺ ۾ هئن.
 گهر جو در کليو پيو هو مجيد جڏهن چانئٺ ٽپي اندر داخل ٿيو تڏهن سندس ڇهن ستن سالن جو ڀاءُ اڱڻ ۾ پنهنجي سليٽ کي ڪوئلي سان ڪارو ڪري رهيو هو. هو پنهنجي ڀاءُ جي حالت ۽ ساڻس اوپري ڇوڪري ڏسي حيران ٿي ويو هو عجب وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندو رهيو .
 ثريا مجيد کي سهارو ڏيندي ورانڊي ۾ وٺي ويئي مجيد ورانڊي ۾ رکيل موڙي تي ويهي رهيو. اکيون بند ٿيڻ لڳس ساهه جو پکي سڀني جي پڃري ۾ پرڙا هڻڻ لڳس. هن آهستي آهستي اکيون کولي پنهنجي ڀاءُ ڏانهن ڏٺو .
 ”مجيب.“ مجيد ٻانهون کوليندي چيو؛ ”مجيب“ مجيب سڌو اچي ڀاءُ جي چچريل ۽ وڍيل سيني سان لڳو مجيد کيس ڪمزور ۽ نٻل ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو.
 مجيب حيرت وچان ڀاءُ ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”ادا، تون ان بيت جهڙو پيو لڳين، جيڪو مونکي روز رات جو سمهڻ مهل ٻڌائيندو آهين.“
مجيد ڀاءُ کي رت هاڻن چپن سان مٺي ڏيندي پڇيو؛ ”تو کي اهو بيت ياد آهي مجيب.“
 ”ها ادا.“
”مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“ مجيد چيو؛ ”منهنجي سيني سان لڳي مونکي اُهو بيت ٻڌاءِ.“
 ننڍڙو مجيب پنهنجي وڍيل ۽ زخمي ڀاءُ جي سيني سان لڳي بيت ٻڌائڻ لڳو:
”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
 ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن واهي رڻ جا.“
 
 ثريا رئو وات ۾ وجهي سڏڪا ضبط ڪري ويئي. مجيب ڏانهنس ڏسندي پنهنجي ڀاءُ کان پڇيو؛ ”هي ڪير آهي ادا؟“
 ”هيءَ ڪير آهي!“ مجيد اجهاڻيل اُجهاڻيل اکين سان ثريا ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”هن کي به مون شاهه سائين جي بيت جي هڪ سٽ ٻڌائي هئي هي اڄ مونکي اها سٽ ٻڌائڻ آئي آهي هان نه ثريا؟“
ثريا ڪنڌ لوڏيو.
”مونکي سمورا ڌڪ منهن ۾ لڳا آهن.“ مجيد جهيڻي آواز ۾ چيو؛ ”ڪجهه ڌڪ پٺي تي به لڳا آهن پر اهي ڌڪ مون کي ڀڄندي نه لڳا آهن ’ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾‘ ائين نه چئجان ثريا.“
مجيد پنهنجو ڪنڌ موڙي جي پٺي سان لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون هو ڪجهه دير تائين وات مان ساهه کڻندو رهيو پوءِ ثريا کي چيائين ”ثريا مونکي شاهه سائين جي بيت جي اها سٽ ٻڌا جيڪا تو اڄ تائين نه ورجائي آهي.“
ثريا انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
 ”اها سٽ ٻڌاءِ ثريا.“
 ثريا وات تان رئو پري ڪري ڇڏيو پوءِ، ڀڳل ٽٽل لهجي ۾ چيائين ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان.“
 ان وقت، ٻاهرين در وٽ جيپن ۽ لارين بيهڻ جو آواز آيو. لارين ۽ جيپن مان لانگ بوٽن جي لهڻ ۽ ڊوڙڻ جو آواز آيو. پوءِ پنڌرهن - ويهه سپاهي ۽ فيڊرل سيڪيورٽي فورس جا جوان روالور ۽ رائيفلون تاڻي اندر گهر ۾ ڪاهي آيا. هنن سان عوامي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ٻه ميمبر به ساڻ هئا.
اندر گهڙڻ شرط سندن نگاهه مجيد تي پئجي ويئي هو کيس گهيرو ڪري ويا صوبيدار رڙ ڪري چيو هڻو هٿڪڙيون بدمعاش کي يونيورسٽي ۾ اسٽرائيڪ ڪرائي، فساد ڪرائي، ڀڄي گهر ۾ اچي لڪو آهي!“
 ٻن سپاهين وڌي وڃي مجيد جي ڀڳل چٿيل ۽  چچريل ٻانهن ۾ هٿڪڙيون هنيون .
 مجيد اُجهاڻين اکيون کولي سپاهين ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ” اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.“
ننڍڙي مجيب ثريا کي ٻانهن کان جهليندي پڇيو، ”ڪيڏانهن پيو وڃي؟“
 ثريا کيس ڪو به جواب ڏيئي نه سگهي هن وٽ جواب نه هو.
 

No comments:

Post a Comment