Friday, September 14, 2012

انصاف - منظور ڪوھيار


انصاف
منظور ڪوھيار
وڏڙا ڳالهه ڪندا آهن ته اڳي راڄوڻا فيصلا ٿيندا هئا. فيصلا ائين ٿيندا هئا ڄڻ مکڻ مان وار نڪري ويو. وڏيرا وڏ ڌڻي ڪنهن ڌر جي ماني نه کائيندا هئا. ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ڪن ڏئي ٻڌندا هئا. پڪڙ پڇاڙ ۽ آڏا سوال اهڙا ڪندا هئا جو کير جو کير، پاڻيءَ جو پاڻي ٿي ويندو هو. سچ وارو نچندو هو، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ هوندي هئي.


سچ ڪوڙ وڏن جي کاتي ۾، پاڻ به ڀوتارن جا انصاف اکين ڏٺاسين، ڪنين سئاسين..... هرو ڀرو ننڍا نيٽا پاڻ به ڪو نه آهيون ۽ نه وري واتان کير ٿو ڳڙي..... مرحيات ڀوتار کي اللھ جنت نصيب ڪري، نالو نه کڻبو، پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن کي قدرت ڏات اهڙِي ڏني هئي جو چوريءَ کان اڳ چور پڪڙيندو هو ..... ڌاڙي کان اڳ ڌاڙيل کي جهليندو هو ..... زيان ڪرڻ کان اڳ، زيان خور کي سوگهو.... . مون جڏهن سندس اهڙو انصاف ڏٺو يا ٻڌو هو ته مرحيات جي ان وقت عمر سٺ سال کن هئي پر دل جوان هيس..... هيشه تر ماريندو هو، پَرَ جي اوڏو ئي ڪو نه .....
اوچتو ڪنهن ٽنگر ٻڌايس ته ميري ڪنڀر جي گهر ۾ ڇوري ناهي، پر جهڙو پٻڻ جي ڏوڏيءَ جو گورو. ڀوتار جيڪو سڄو ڏينهن ۾ مصلي تي پيو ساهه  ڳڻيندو هو، تنهن هڪدم حڪيم علي مراد کي گهرائي چيو: ”وارو ڪر، ڪا طلاءَ تيار ڪر!“
حڪيم پنهنجي منهن تي چنبو هڻي چيو: ”مان سائين، ڪهڙو منهن ڪارو ڪريان! اهڙي دوا ڪاڏانهن آڻيان جو جوانيءَ جا جوهر ڏيکاريو..... هڪ عمر ڪو نه، ٻيو ذيابيطس جي بيماري، ٽيون اختلاج القلب!“ پر ڀوتار هڪ نه ٻڌيس، پيار ۽ ڌمڪي گاڏڙ لهجي ۾ چيائينس؛ ”استادي استاد جي، استادي لقمان حڪيم جي، چئي مٿو کٿو ڏي. پر جي ڪاميابي نه ٿي ته پاڻ کي جيئري گڏه جي پيٽ ۾ سمجهه!“
حڪيم پننهجي ڪم سان لڳو، ڀوتار پنهنجي ڪم سان ..... ڳوٺ جي مسجد شريف ۾ پنج ئي وقت اچ وڃ ٿيڻ لڳي. گهڻن سادن سودن ماڻهن ائين پئي سمجهيو ته ڀوتار جي پڇاڙيءَ جو پهر آهي، متان گناهه بخشائيندو هجي، پر ڳوٺ جون زائفون ان معاملي ۾ تيز هيون، تن سمجهي ورتو هو ته اهو ڳڙو ميري ڪنڀر جي گهر ڪرندو.
هڪ ڏينهن ڀوتار ٻنپهرن جو لانگهائو ٿيو. ڏٺائين ته ميري ڪنڀر جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک ..... البت گهر ۾ هڪ گڏهه وڏي بي حيائيءَ سان بيٺي پسار پئي ڪيا..... ڀوتار کي ڪاوڙ ڪر کنيو..... ٻنهي نوڪرن سوني ۽ صابوءَ کي هڪدم حڪم ٿيو ته ميرو ڪنڀر حاضر ٿئي ..... سومهڻيءَ کانپوءِ، ميرو ڪنڀر اوطاق ۾ حاضر ٿيو ..... ڀوتار جي عدالت لڳي ..... سوال جواب شروع ٿي ويا:
”اڙي احوال ڪر معتبر ڪاٿي هئين!“
”سائين جي بادشاهيءَ ۾ سائين جي سربخت جو خير ٿا گهرئون ..... قبلا ! اڄ هئي ڌيئڙيءَ جي شادي، وڏي ڀاءُ جي پٽ سان. سو الله توهان کي نيڪي ڏئي، ويو هيس گهر اباڻي ڳوٺ پيري ديري ..... گهر ۾ کڏ هجي ته ٻوهر ٻاهر ئي نه ڪڍجي ..... ابي مرحيات جو به اهو خيال هو ..... اڃا نڪاح پڙهائي بس ڪئيسين ته توهانجو ماڻهو پهتو .... سائين سان ملياسين ٻيو مڙئي خير!“ ميري ڪنڀر سربستو احوال ٻڌايو. وڏيري جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. پر انصاف به ڪا شيءِ ٿيندي آهي.... سوال ٿيو:
”ڌيءَ جو ته منهن ڪارو ڪيئي، پر تو کي ڪنهن ڳوٺ جي وڏي جي عزت جو به خيال آهي ڪن ڪو نه!“
”سائين الله اکيون ڏنيون ٿم..... ڪهڙي اربع خطا؟“ ميري ڪنڀر گهٻرائجي پڇيو.
”اکيون نه ٿي، متيرا ٿي ..... جي اکيون هجني ها ته ائين گڏهه کي گهر ۾ ڇڙواڳ نه ڇڏين ها! ..... جي اهو حرامي گڏهه ڀڄي اچي مون کي اٽ هڻي ها ته پوءِ؟“ ڀوتار ٿيندڙ نقصان جي انديشي کان واقف ڪندي پڇيس.
”پر سائين گهر جي ڳلي ڍنگرن سان بند هئي. هرو ڀرو گڏه ڇو اٽ هڻي ها ڪو چريو .....“ هن اڃا جواب ئي نه ڏنو ته سوني ۽ صابو اچي ڳٿڙ جهليس:
”اڙي وري، هودڙا ڀوتار کي تنهنجي ته .....“
ميرو ڪنڀر اوطاق جي وچ ۾ سرنهه جي ٿڙ سان ٻڌجي ويو... ماڪوڙن جي ٻرن ۾ پاڻي هارجي ويو ..... ميري ڪنڀر رکي رکي دانهون پئي ڪيون ۽ ماڻهن پئي چيو:
”جائي ته چوي ٿو ڀوتار!..... نمازي ماڻهو ..... هر هر لنگهي به اتئون ..... جي ڀوتار کي ڪجهه ٿي پوي ها ته پڻس پورو پوي ها!“.


No comments:

Post a Comment