Tuesday, September 4, 2012

هڪ انسان - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٻــــار:
عيدو جڏهن ڄائو هو تڏهن هن جا ماءُ پيءُ کِلي پيا هئا. سالن جي منٿ ميڙ کان پوءِ ته مليو هونِ عيدو. سندن کنڊَر جيان ويران زندگيءَ ۾ رونق، قوت ۽ جاڳرتا پکڙجي وئي هئي. خزان تباهيل باغ ۾ ڄڻڪ گل ٽڙي پيا هجن. عيدو جڏهن هنبوڇيون هڻندو هو تڏهن ٻئي مامتا ۽ شفقت جي بي اختياريءَ ۾ کيس سيني لائيندا ۽ مٺيون ڏيندا هئا. عيدو سندن زندگيءَ جو سَتُ هو. عيدو جڏهن بانبڙا پائي گھمندو هو، ته هو ٻئي بانبڙا پائڻ لڳندا هئا. عيدو جڏهن ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻ لڳو، تڏهن پڻهنس جو ڏينهن جي مزدوري جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو هو ۽ ماڻهنس گھريلو ڪم ڪار جي بڇان جو احساس جھٽ ۾ وڃائي ويهندي هئي. عيدو جڏهن کٽ جي پائي يا ڀت کي جھلي لڏندو لچڪندو اٿي بيهندو هو، تڏهن هو ٻئي مرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا هئا ۽ سندن نظرون ڄڻڪ ٻولڻ لڳنديون هيون: ڇا جنت هنن احساسن کان وڌيڪ بخشيندڙ هوندي؟ ڇا اتي ٻاتا ٻاتا ٻول ٻڌي سگھنداسون؟ ڇا اتي اسان جي زندگيءَ جو ٿڪ پلڪ ۾ لهي ويندو؟ پوءِ ٻئي کلي، ڪنڌ ڌوڻي، آڱريون ڇت طرف اڀيون ڪري، بيخوديءَ ۾ مرڪڻ لڳندا هئا. عيدوءَ جون رڙيون ۽ ٻاڪار کين پري ڪٿي مندر ۾ وڄندڙ گھنڊڙن جي ياد ڏياريندي هئي. عيدو جا ٽلول ٽهڪ، هو جھرڻن جي جھونگار ڀائيندا هئا. عيدو جي ڪري سندن گھر جنت هو، عيدو سندن بيخودي هو.


جوان:
عيد محمد هڪ جانٺو جوان آهي. سندس قد کيرٿر جيان اڀو ۽ سينو سنداڻ جيان مضبوط آهي. هن جا ڏورا فولاد جيان سخت ۽ اکيون ڪرڙيون ۽ چمڪدار آهن. هن جي آواز ۾ صفائي ۽ ڪڙڪائي آهي. هو چوي ٿو:
”ڇا جو ڏک؟ ڪنهن جو ڏک؟ بابا مري ويو، مرڻ ڏينس. امڙ مري وئي، مرڻ ڏينس. آخر هنن کي مرڻو هو نه. مان ڇو روئان؟ روئڻ سان ٿيندو ڇا؟ توهين چئو ٿا، مان سخت دل آهيان! پاڳل! ان ۾ سخت دليءَ جي ڪهڙي ڳالهه؟ مون کي بيحياءُ ٿا چئو، جو مان ڪپڙن پهرڻ جي خلاف آهيان. بيوقوفو! انسان پيدا اگھاڙو ٿئي، مري ته به اگھاڙو، باقي کيس ڪپڙن جي ڪهڙي ضرورت! هي جيڪي مون ڪپڙا پاتا آهن، صرف مجبوريءَ ڪري، جو اوهين ۽ اوهان جهڙو ذهن رکندڙ ٻيا ڪوڙهه مغز منهنجي پٺيان خواهه مخواهه ڪاهي پوندا. مان ڊڄان نه ٿو؛ ڪنهن کان به نه، خدا کان به نه. خدا آهي ڇا؟ وڏيرو نصير ڪوڙهه سبب  مري ويو. چون ٿا ته خدا کيس اذيت جو موت ڏنو، ڇو ته هن جوانيءَ ۾ ڪيترن جي زندگي تباهه ڪئي! هن اربو موچيءَ جي ڌيءُ گم ڪرائي، شيدي جي گھر ڌاڙو هڻايو، پر مان ٿو چوان ته هو پاڻ مري ويو، هن کي ڪوڙهه ماريو. وري چون ٿا ته دولت جمعدار کي به خدائي عذابن ماريو، ڇو ته هو ڇوڪرين جي زندگي تباهه ڪندو هو. اڙي چريؤ! دولتُ ته ناسور سبب مري ويو، هن کي وري خدا ڪيئن ماريو؟ مون کي نه ٿو ماري؟ مون کي عذاب ڪو نه ٿو ڏئي! مون کي اذيتن ۾ مبتلا نه ٿو ڪري! ڇو؟ ڇا مان سندس عزيز آهيان؟ مون به ڇوريون کاريون آهن، مون به ڪيترين جي عصمت لٽي آ، عزت غرق ڪئي آهي. مون به ڌاڙا هنيا آهن، مون به بيوه عورتن جا اڪيلا پٽ قتل ڪيا آهن. مون نوجوان سهاڳڻين جا خاوند ڪٺا آهن. مون معصوم ٻارن کي چورائي بيگار ڪئمپن ۾ وڪيو، مون ننڍڙيون نينگريون چورائي چڪلي جي رنڊين کي ڏنيون. مون گھڻو ڪجھ ڪيو آهي، توهان انهن سڀني ڪمن کي گناهه چئو ٿا نه؟ وڏيري نصير ۽ جمعدار جيڪي ڪجھ ڪيو آهي، اهو ته منهنجي ڏائي هٿ جو ڪم آهي. وري چئو ٿا، موسو مواليءَ چرس ڇڪيو، ٽي بي ڪري مري ويو، خدا کيس ڦڦڙن ۾ ڦٽ ڪيا! اڙي پاڳلو! مون کي ڦڦڙن ۾ ڦٽ نه ٿا ٿين. هو ته رڳو چرس ڇڪيندو هو! مان چرس، ڀنگ سان گڏ آفيم کان به نه مڙان، شراب پيان، ٺَرو پيان، جوئا ڪيان، منهنجي گھر ۾ ٽِڪري ٿي هلي. مون کي ڀلا خدا ڇو نه ٿو ڪنهن اذيت ۾ مبتلا ڪري، مون کي ڇو نه ٿو ذليل ۽ خوار ڪري؟ ڇا خدا مون کان ڊڄي ٿو؟ ردي انسانو! خدا، جنت، جهنم، بدلو، گناهه، اِهي سڀ انسانن جي بزدل دماغن جي پيداوار آهن، هنن چاهيو ٿي، ته هو تخت حاصل ڪن، دنيا تي حڪومت ڪن، ٻيو ڪجھ به ڪينهي، هنن کي جيئرو رهڻو هو، هنن اهو ڪجھ ڪيو. مون کي جيئرو رهڻو آهي، مان ڇني کائيندس. مون کي ڇني کائڻ جو حق آهي، ڇو ته مان طاقتور آهيان.“
ٻڍو:
اڄ عيدو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال پورا ڪري چڪو آهي.  سندس چوڻ صحيح آهي ته نشو ڪجھ نه ٿو ڪري، زنا مان ڪو نقصان ڪونهي. اڄ به هُو بنا لٺ جي گھمندو آهي، بس رڳو رفتار ٿوري ڍري هوندي اٿس. هن کي ان جي ڪا به پرواهه ڪانهي ته کيس اولاد  ناهي. هن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ڪونهي. اڳي جو پنجاهه پنجاهه ڄڻا سندس مداح هئا، سڀ کيس ڇڏي ويا. اڄ هو اڪيلو آهي، ته به زندگيءَ جا ڏينهن ڪٽڻا ئي آهن، ڇو نه کڻي جسم تي سندس ٿوٿر چڙهي وئي هجي، ڇو نه هن جي گوڏن ۽ ٺوٺين ۾ پُونءِ ڀرجي وئي هجي، ڇو نه اهي سڄيل هجن، ڇو نه هن جي بينائي ختم ٿي هجي، هن جا ڪن ٻڌڻ کان بيهي ويا هجن، ڇو نه هو پرائي گھر جي ڪنڊ پاسي ۾ راتيون ڪٽي، ڇو نه هن کي ڪوئي حقارت سان ٿُڪي ۽ گاريون ڏي. هو ڪمائي نه ٿو سگھي، هن کي هيٺ تي هڪ انگوڇو ٻڌل هوندو آهي، ڪيترائي انگوڇا ڳري ڦاٽي ويا پر ماڻهو کيس انگوڇو ضرور وٺي ڏيندا آهن، ڇو ته هو اڄ به سندس اگھاڙو رهڻ نه ٿا پسند ڪن. انگوڇو ڏاڍو ڇَوڙو ٿي ويو اٿس. جڏهن هن کي بک لڳندي آهي تڏهن هو ڪنهن ڍير طرف وڌي ويندو آهي. هن کي اها پرواهه ڪانهي ته هو گندي ماني ٿو کائي. ڪي ڪي هن آڏو ماني ٽڪر ڦٽو ڪري ويندا آهن. هو کڻي کائيندو آهي، ڇو ته هن کي بک لڳندي آهي، هن کي جيئرو رهڻو آهي. جڏهن هن کي ماني ڀور نه لڀندو آهي، جڏهن هن کي بک ستائيندي آهي، جڏهن هن کي پيٽ جي باهه مجبور ڪندي آهي، پوءِ.... ڪڏهن ڪڏهن... پنهنجي انگوڇي کي لڳل ڪرپٽي پنهنجي آڱر سان کڻي پنهنجي وات ۾ وجھندو آهي.

No comments:

Post a Comment