Tuesday, September 25, 2012

محبوب - ميڪسم گورڪي


محبوب
ميڪسم گورڪي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان شاگرد جي حيثيت سان ماسڪو ۾ رهندو هوس. جنهن جاءِ ۾ مان ڪمرو ڪرائي تي ورتو هو، اها آڳاٽي دؤر جي ڀڳل ڀريل ماڙي هئي، هن ۾ آساني بس اها هُئي ته ڪمري جو ڪرايو ڏاڍو گھٽ هيو.


منهنجي سامهون واري ڪمري ۾ هڪ ڇوڪِري رهندي هئي، جنهن کي عورت چوڻ جيڪر وڌيڪ مناسب ٿيندو، هوءَ ڪجھ اهڙي قسم جي عورت هئي، جنهن کي . . . . منهنجو مطلب آهي، ڪنهن جي ڪردار متعلق ڪجھ چوڻ ڪا سٺي ڳالهه نه آهي، اوهان پاڻ سمجھي وڃو. هوءَ پولينڊ جي رهواسڻ هئي، سڀ ان کي ٿريسا جي نالي سان سڏيندا هئا. ڳاڙهن وارن ۽ ڊگھي قد واري ٿريسا جي مکڙي تي ڪشش سان گڏ هڪ عجيب ڪشمڪش به هوندي هئي. جهڙوڪر سندس مکڙو سخت پٿرن مان تراشي ٺاهيو ويو هجي. هن جي اکين ۾ سدائين گَھرُ ڪري ويٺل چمڪ، ٽيڪسي ڊرائيورن وارو ڍنگ ۽ سندس شخصيت مان نظر ايندڙ توانائي، اهي سڀ ڳالهيون مون منجھه ڊپ پيدا ڪنديون هيون.
سندس در منهنجي در جي بلڪل سامهون هو، جڏهن به مون کي يقين هوندو هو ته هوءَ گھر ۾ موجود آهي ته مان پنهنجو دَرُ ڪڏهن به کليل نه ڇڏيندو هوس، پر ائين ڇٺي ڇماهي ئي ٿيندو هو. ڏينهن جو ڪمري ۾ مان نه هوندو هوس رات جو هوءَ ٻاهر هلي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڏاڪڻين تي ساڻس سامهون پئجي ويندو هوس ته سندس چپن تي مرڪ اچي ويندي هئي، پر نه ڄاڻ ڇو مون کي سندس اها مرڪ طنزيه محسوس ٿيندي هئي.
ٻه ٽي دفعا مون کيس نشي ۾ الوٽ ڪمري جي در وٽ بيٺي ڏٺو، سندس وار کليل هوندا هيا اکين ۾ اداسي ۽ ويراني ۽ چپن تي ساڳي مڪروهه مرڪ، اهڙن موقعن تي هوءَ مون کي ڪجھه نه ڪجھه ضرور چوندي هئي: ” ڇا خيال آهي مهربان شاگرد؟“ ۽ پوءِ سندس احمقاڻو ٽهڪ گونجڻ لڳندو هو، جيڪو، سندس لاءِ منهنجي دل ۾ موجود نفرت ۾ واڌارو ئي آڻيندو هو.
ان قسم جي ملاقاتن ۽ جملن کان بچڻ لاءِ مان پنهنجو ڪمرو مٽائڻ لاءِ به تيار هوس پر ڏکيائي بس اها هئي ته ڪو ٻيو ڪمرو موجود نه هو ۽ ٻيو ته منهنجي ڪمري جي دري کان ٻاهر جو حسين منظر پري پري تائين نظر ايندو هو، اها سهولت هر ڪمري ۾ موجود نه هئي. ان ڪري مان دل اندر ڪڙهندي ٻرندي به خاموشيءَ سان برداشت ڪندو رهندو هوس.
هڪ ڏينهن کٽ تي ستي ڪمري جي ڇت کي گھوري رهيو هوس ۽ ڪلاس کان گسائڻ جو بهانو به ڳولهڻ ۾ مصروف هوس ته در کليو ۽ ٿريسا جھٽ پلڪ ۾ اندر داخل ٿي.
بادشاهيون برقرار جناب شاگرد“ هن پنهنجي سخت آواز ۾ چيو.
ڇا ڳالهه آهي“ مان اٿي ويهي رهيس سندس مک تي مون کي اڻ تڻ ۽ ڪا اندروني ويڙهاند ڏسڻ ۾ پئي آئي. اهي سندس مهانڊي جي حساب سان ڏاڍا عجيب غريب تاثر هئا.
ڏسو“ ٿريسا لفظ چٻاڙي چٻاڙي چيو ” مون کي . . . . مون کي . . . . مان هڪ عرض کڻي آئي آهيان.“
مان کٽ تي ويٺي کيس ڏسندو رهيس. مون سوچيو ”يا منهنجا مولا هي ته منهنجي پاڪيزه ڪردار تي ٿيڻ وارو ڪو حملو آهي. همٿ ڪر نوجوان، همٿ کان ڪم وٺ .“
ٿريسا اتي ئي در تي بيٺي بيٺي چيو: ” مان هڪ خط موڪلڻ چاهيان ٿي، منهنجو مطلب آهي هڪ خط لکرائڻ چاهيان ٿي، بس ايترڙي ڳالهه آهي.“ سندس آواز حيرت انگيز حد تائين نرم، هيسيل ۽ عاجزانه هيو. مون دل ئي دل ۾ مٿس لعنت وڌي ۽ بنا ڪجھه ڳالهائڻ جي اٿي لکڻ واري ميز جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس.
اچ “ مون چيو ” ويهه ۽ لکراءِ “ هوءَ خاموشيءَ سان هلندي آئي ۽ ٻي ڪرسيءَ تي احتياط سان ويهي رهي. ان کان پوءِ هن مون ڏانهن اهڙي نموني ڏٺو جيئن ڪو ٻار غلطي ڪرڻ بعد شرمساريءَ سان ڏسندو آهي. مون چيو: ”ڪنهن جي نالي لکرائڻو آهي؟
بورس ڪارپوف جي نالي “ هن چيو، ”هو وارسا ۾ رهندو آهي ، ٽين مرڪزي روڊ جي فليٽ نمبر ٽي سؤ ٻارهن ۾ .“
جي . . . .چئو، ڇا لکرائڻو آهي. “
منهنجا پيارا بورس “، هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ” منهنجي جان، منهنجا محبوب مولى توکي پنهنجي امان ۾ رکي . . . اي سون جي دل رکڻ وارا ! تو گھڻي وقت کان ڪو نينهن نياپو ڇو ڪونه موڪليو آهي ؟ ڇا توکي پنهنجي ننڍڙي اداس ڪبوتري جي ياد نه ٿي اچي.. فقط تنهنجي ٿريسا.“
مون وڏي مشڪل سان پنهنجو پاڻ کي ٽهڪ لڳائڻ کان روڪيو. ’ ننڍڙي اداس ڪبوتري ‘ . . . . يعني اوهان پاڻ سوچيو، ڇا ڪبوتريءَ جو قد ڇهه فوٽ ٿي سگھي ٿو؟ ان جا هٿ پٿرن وانگي سخت ٿي سگھن ٿا، مهينن جا مهينا وهنجڻ کان پرهيز ڪرڻ واري اهڙي ڪبوتري ٿي سگھي ٿي جنهن جو آکيرو وڻن بجاءِ ڪنهن گھر جي چمنيءَ ۾ هجي.؟!“ پر مون پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکندي کانئس پڇيو ته ” اهو بورس ڪير آهي؟
بورس ڪارپوف“ هن سخت لهجي ۾ وراڻي ڏيئي جهڙوڪر مون کي سڄو نالو وٺڻ جي هدايت ڪئي. ”هڪ نوجوان
”. . . . نوجوان ؟
ها پر تون حيران ڇو آهين . . . ؟ ڇا مون جهڙي ڇوڪريءَ جو ڪو نوجوان محبوب نه ٿو ٿي سگھي ڇا؟
مون کيس غور سان ڏٺو، هوءَ پنهنجو پاڻ کي ڇوڪري چوڻ تي بضد هئي، ان جو ڀلا ڪهڙو علاج هيو. مون چيو ” نوجوان محبوب ٿي سگھي ٿو ڇو ڪونه ٿو ٿي سگھي. “
هن چيو: ”مان اوهان جي دل سان شڪرگذار آهيان، هي خط لکي تو مون تي احسان ڪيو آهي، جيڪڏهن توکي منهنجي ڪنهن به قسم جي خدمت جي ضرورت هجي ته بنا هٻڪ . . . “
نه نه . . . . “ مون چيو ” وڏي وڏي مهرباني “.
هن چيو ته ” اگر ڪنهن چولي جو بٽڻ لڳرائڻو هجي يا ڪا سلائي وغيره ڪرائڻي هجي . . . .“ مون پنهنجو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿيندي محسوس ڪيو ۽ سختيءَ سان کيس چيم ته مون کي اهڙي قسم جي ڪنهن به خدمت جي ضرورت نه آهي.
هوءَ هلي ويئي.
ٻه هفته گذري ويا.
هڪ ڏينهن شام جو وقت هيو. مان دري وٽ بيهي ٻاهر جي نظاري ڪرڻ سان گڏ سير لاءِ ٻاهر وڃڻ جي همٿ ڪرڻ جو سوچي رهيو هوس. حقيقت هي هئي ته مان ڏاڍو بيزار هوس، موسم خراب هئي، ٻاهر وڃي به سڪون حاصل ڪرڻ جو ڪو امڪان نه هو. ان ذهني ڪشمڪش جو ڳچ وقت کان تجزيو ڪري رهيو هوس، اهو هڪ الڳ بيزار ڪندڙ ڪم هيو، پر ان وقت ٻي ڪا مصروفيت به نه هئي.
ان وقت دروازو کليو ڪو اندر هليو آيو.
مهربان شاگرد توکي ڪا مصروفيت ته نه آهي. . . .؟“ مان مڙي ٿريسا کي ڏٺو سندس انداز ۾ ساڳي نرمي ۽ اهائي عاجزي هئي ، مون چيو ” نه . . . . مصروفيت ته ڪابه نه آهي . . . . ڪهڙو ڪم آهي؟
مان چاهيان ٿي ته تون . . . . هڪ ٻيو به خط لکي ڏي. “
جي بورس ڪارپوف جي نالي. . . ؟
نه هن دفعي هيءُ خط ان جي طرف کان آهي. . . ؟
” . . .ڇا . . . ؟
مان به ڪيڏي نه احمق آهيان“ ٿريسا چيو، ”اهو خط . . . منهنجي لاءِ نه آهي مهربان شاگرد، مان معذرت ٿي چاهيان، اهو منهنجي هڪ دوست جي طرفان آهي . . . دوست نه پر هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري طرفان آهي، هن جي به مون جهڙي يعني ٿريسا جهڙي هڪ محبوبه آهي . . . سمجھين پيو نه . . . هو ان کي خط لکرائڻ چاهي ٿو، ڇا تون ان ٻي ٿريسا جي نالي خط لکي ڏيندين ؟
مان کيس غور سان ڏٺو . هن جي چهري تي پريشاني هئي ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا ، هوريان هوريان ڪجھه ڪجھه منهنجي سمجھه ۾ اچڻ لڳو.
ٻڌ مائي“ مون چيو ”هي چڪر ڇا آهي؟ . . . . مون کي يقين آ ته تون حقيقي ڳالهه مون کي نه پئي ٻڌائين، ۽ هاڻ ته مون کي گمان آهي ته هي بورس ۽ ٿريسا ڪٿي به نه آهن، مون کي ان گورک ڌنڌي کان معاف رکندا، اميد آهي ته منهنجي ڳالهه ڀَلي ڀت اوهان سمجھي ويا هوندؤ . . . مان تو سان دوستي هرگز وڌائڻ نه ٿو چاهيان. “
منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ خوفزده ٿي ويئي، اڳتي وڌڻ يا واپس وڃڻ جي اڻ تڻ ۾ گرفتار، ڪجھه چوڻ ۽ نه چوڻ جي ڇڪتاڻ ۾ ورتل . . . نه ڄاڻ هاڻ ڇا ٿيئڻ وارو هيو، شايد مون کي اندازي لڳائڻ ۾ ڪا غلطي ٿي ويئي هئي، شايد ڳالهه ڪجھه ٻي هئي.
مهربان شاگرد . . . .“ هن چيو ۽ پوءِ اوچتو خاموش ٿي ويئي، هن پنهنجو مٿو ڌوڻيو، مڙي دروازي ڏانهن هلڻ لڳي، در وٽ پهچي گھڙي پلڪ بيهي رهي ۽ پوءِ ٻاهر نڪري هلي ويئي.
مان ڪاوڙ ۽ شرمساري جي ڪيفيت ۾ گرفتار بيٺو رهيس. ٻاهر گيلريءَ مان سندس در کلڻ ۽ ڌماڪي سان بند ٿيڻ جو آواز آيو. هوءَ يقينن سخت ڪاوڙ ۾ هئي. مون دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي ۽ وٽُس وڃي کيس پرچائي واپس پنهنجي ڪمري ۾ آڻي سندس مرضيءَ موجب خط لکڻ جو فيصلو ڪيم.
سندس ڪمري جو در کولي خاموشيءَ سان اندر ويم.
هوءَ ڪرسيءَ تي منهن جھڪائي ويٺي هئي.
ٻڌ “ مون چيو
منهنجو آواز ٻڌندي ئي هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهي پوءِ تيزيءَ سان مون طرف آئي، سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي رهيون هيون، هن ٻئي هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي تند تيز سرگوشيءَ سان چيو:
مان نه ٻڌنديس تون ٻڌ ، هو بورس ڪٿي به نه هجي ۽ هيءَ ٿريسا مان به ڪٿي نه هجان ان سان توتي ڪهڙو فرق ٿو پوي، ڇا ڪاڳر تي قلم وهائڻ تولاءِ مشڪل ڪم آهي! ٻڌاءِ . . . . . فرض ڪري وٺ ته ڪوئي بورس آهي نه ئي ڪا ٿريسا آهي، ان کان جيڪڏهن توکي خوشي ٿي ملي ته خوش ٿي وٺ .“
مان حيرت وچان وات پٽيو کيس ڏسندو رهيس.
معاف ڪندا “ مون چيو ” هيءَ سڀ ڇا آهي ! ڇا تون چئين ٿي ته نه ڪوئي بورس آهي . . . . ؟ ۽ نه ئي ڪا ئي ٿريسا آهي
ٿريسا ته مان آهيان
منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه به نه پئي آيو . مان سندس مکڙي کي گھوريندي سوچڻ لڳو هوس ته الائي اسان ٻنهي مان چريو ڪير آهي!
هوءَ ٿڙندي ٿاٻڙندي هڪ طرف ٿي ويئي ۽ ميز جو خانوکولي ڪجھه ڳولهڻ لڳي، پوءِ هوءَ هڪ ڪاڳر ٽڪرو کڻي مون طرف آئي.
تولاءِ منهنجي خاطر بورس کي خط لکڻ ايترو ئي مشڪل ڪم هيو ته هي وٺ “ هن اهو ڪاڳر جو ٽڪڙو منهنجي منهن تي ڦهڪائي هنيو. ” هيءُ اهوئي خط آهي جيڪو تو بورس جي نالي لکيو هيو مان ڪنهن ٻئي کان لکرائي وٺنديس
مان سُڪل ساهه سان کيس ڏسندو رهيس ، پوءِ مون چيو ”ڏس ٿريسا انهن سڀني ڳالهين جو مطلب ڇا آهي، تون ڪنهن ٻئي کان خط ڇو لکرائيندي، جڏهن ته مان بورس جي نالي خط لکي توکي ڏئي چڪو آهيان ۽ تو ان کي موڪليو به نه آهي.“
ڪٿي ناهي موڪليو“ هن چيو؛ ”بورس کي“ ”ڪوئي بورس ناهي“ هن رڙ ڪري چيو، ”پر مان چاهيان ٿي ته هو هجي، مون بورس جي نالي خط لکرايو ته ان مان ڪنهن کي ڪهڙو نقصان پهتو، جيڪڏهن هو هن دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه آهي ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي !“. هن وحشت جي عالم ۾ چيو، ”مان ان جي نالي خط لکرائيندي آهيان ته مون کي لڳندو آهي ته هو ڪٿي موجود آهي ۽ پوءِ مان هڪ خط ان جي طرف کان پاڻ لاءِ ٿريسا کي لکرائيندي آهيان ۽ پوءِ ان جو جواب لکرائيندي آهيان. “
سندس اکين مان نير وهي رهيا هيا ” تون بورس جي طرف کان اهو خط لکي ڏين ها، مان ڪنهن ٻئي کان اهو پڙهايان ها ۽ پوءِ سوچيان ها ته بورس منهنجو محبوب ڪٿي موجود آهي، اهي خط لکبا رهن ها ۽ انهن کي ٻڌي ۽ لکي ڪري ۽ پنهنجي اندر ۾ هڪ نئين دنيا آباد رکي ڪري هن مڪروهه ۽ بدصورت دنيا جون تلخيون گھٽ ٿي وڃن ها ته ان ۾ تنهنجو يا ٻئي ڪنهن جو يا هن دنيا جو ڇا بگڙي ها. . . ؟
مان ڪنڌ جھڪائي بيٺو رهيس. جيئن ڪو ملزم عدالت جي سامهون بيٺو هوندو آهي ۽ مان اکڙين ۾ تري آيل آب کي روڪڻ جي به ڪائي ڪوشش نه ڪئي.

No comments:

Post a Comment