Tuesday, September 25, 2012

روپلي سان ملاقات - نثـــار ابــڙو


روپلي سان ملاقات
نثـــار ابــڙو
سانوڻيءَ جي مندائتي مينهن، ٿر جي وارياسي کي گل گلزار ڪري ڇڏيو هو ... دوستن جي واتان ٿر جي ان موسم واري هاڪ مستانو ڪري وڌو ۽ سندرو ٻڌي نڪتس ٿر جي سير تي ... حيدرآباد، ميرپور ۽ امرڪوٽ کان ٿيندي ڇاڇري ڏانهن رخ ٿيو ... ڇاڇرو گھمي ننگرپار ۽ اتان ڪارونجهر جي پانڌيئڙن ساڻ ٿي ڪارونجهر پهتس ... جبل جي چوٽ تي ”تروٽ “ جي ٿلهي تي چڙهي اچي سڪون جو ساه کنيو ...


جهڙائتي موسم ... بوندا بانديءَ کانپوءِ زوردار وسڪارا ... وڻندڙ صاف هوا ... رنگ برنگي گاه سان ڍڪيل ٿر جون واديون ۽ انهن وچ ۾ واريءَ جون ڀٽون ... روشنيءَ جا عجب ڏيک، ڪٿي جهڙائتي ڪاراڻ ته ڪٿي وري جهاتيون پائيندڙ سج روشني، واريءَ ذرن کي سون جيئان چمڪائي رهي هئي... مطلب ته ٿر ٿر هو ... ايئن ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن جادوئي قالين تي چاڙهي اچي ڪارونجهر مٿان لاٿو هجي ... ڊگھو سفر مٿان وري جبل جي چڙهائيِءَ جو ٿڪ ... بس مون پاڻکي ٿڌن پٿرن جي بستري تي کڻي اڇلايو ... خير سان ننڊ وٺي وئي ... ڪي پل ئي گذريا هوندا ته اچانڪ جھڙائتي گرج تي اک کلي پئي ... سامهون ويٺل نوجوان وڌيڪ ڇرڪائي وڌو، جنهن گھور پائي ويٺي مونڏانهن نهاريو... وڏي اوٻاسيءَ سان اٿي ويٺس ... نوجوان ڏسڻ ۾ سهڻو ... رنگ جو پڪو ... مڇن جي ساوڪ ... مٿي تي گھڻ وريو پٽڪو ... روايتي ٿري لباس ... اکين ۾ عجب جهڙي ڪشش ... منهن تي شجاعت ۽ پنهنجائپ جا چٽا اهڃاڻ...
مسافر آهين؟“ ويجهو ٿيندي سوال ڪيائين
جي ها ... سيلاني ۽ سچ جو ڳولائو! “ منهن آسمان ڏانهن ڪري ... مينهن ڦهوار سان تازو ڪري هٿ گھمائي لاٿو ... هو منهنجي سڄي پاسي واري پٿر تي چڙهي ويٺو ...
اوهان جو نالو؟ “ مون کيس گھور پائي پڇيو
روپلو ڪولهي
ذهن جا ورق ورڻ لڳا ... تاريخ جي خاني ۾ هڪ گمنام ورق تي روپلي ڪولهيِءَ جو نالو ڌنڌلو... ايئن جيئن ٽڪَ تي وقت جي ڌوڙ چڙهي وئي هجي ... اٽڪل ڏيڍ سئو ورهن جي پراڻي تاريخ ...
روپلو“ حيرت مان رڙ نڪري وئي .. ” اڙي يار ! توکي ته شهيد ٿئي ڏيڍ صدي گذري آهي! “
پنج ويهون سچ ... روپلو ئي آهيان ... ڏيڍ صدي اڳ، سنڌ جي جنگ وڙهندي ... انگريزن خلاف بغاوت جي بيرڪ بلند ڪندي، موت کي سيني سان لائي .. ديس ۽ ديس واسين جو ڳاٽ اوچو رکيو
پوءِ ڀائڙا ! هت جيئرو جاڳندو ! روح آهين يا ڀوت ؟ ڳالهه سڌي ڪر ... “
فڪر نه ڪريو ... ٻيو ڄم ٿيو آهي ... پهرين ڄم ۾ روپلو ته ٻئي ۾ پڻ
ياد آيو ... سنڌ جي پراڻن ۾ ٻئي جنم کي ڌرمي حيثيت آهي ... بس پوءِ خوشيءَ وچان ٽپو ڏئي وڃي روپلي کي ڳراٺڙي پاتي، نرڙ تي مٺي ڏئي ... سامهون واري پٿر تي ويهندي ... هٿ ٻڌي کيس پرنام ڪندي چيو ”يار روپلا! سچ پڇين ته حيرت سان گڏ بيحد خوشي ٿي آهي جو تو جهڙي جھونجھار مڙس سان ميلو ٿيو آهي ... اوهانجي سورهيائي ۽ ويڙه جا قصا اسين اڄ تائين ڳائيندا اچون ...“
برابر، جي قومون پنهنجي تاريخ کي ياد ڪن ٿيون سي لڏنديون لمنديون پر ٻڏنديون ڪين! “ روپلي منهن تي خوشي ظاهر ڪندي چيو ...
ڀاءُ روپلا! دل چوي ٿي ته ڇونه اوهان کان ئي اوهانجو احوال وٺجي! زندگي جو ڪو ڀروسو ... وري ميلو ٿئي يا نه ...“ مون اتساهيندي فرمائش ڪئي ...
اڙي مسافر ! پنهنجو قصو سنڌ جي آزادي ۽ غلاميءَ جو قصو آهي ... ڀونءِ تان نثار ٿيڻ جي ڪهاڻي آهي ... پنهنجن جي غداريءَ جو قصو آهي ... ٻڌي سگھندين؟
مون لاءَ عزت ۽ فخر جي ڳالهه ٿيندي ”بسم الله ڪريو... “ پٿر تي پٿلي هڻي پاڻ ٺاهي ويٺس سنڌ جي سورهيه جي ڪٿا ٻڌڻ ...
ڪولهي آهيان ... پنهنجي تاريخ هن ڌرتيءَ جيئان پراڻي آهي ... دراوڙ ۽ آريا به هن ڀونءِ تي پوءِ آيا ... پاڻ ڀونءِ واسي سدائين ساوا ۽ مالوند رهياسون ... هن جنهن ٿلهي تي پاڻ ويٺا آهيون، جنهنکي اڄ تروٽ وارو ٿلهو چيو وڃي ٿو سو اصل ۾ سنڌ جي مها پرش انسانن جي گيتن، سخن، ڀڄن ۽ موج ۾ اچي محبوب مڃائڻ جو آستان آهي ... ٻاراڻي ڄمار ۾ بابا سائين ٻڌائيندو هو ته هت هن چوٽي تي سنڌ جو مهاپرش، يوگي ۽ گياني ... پنهنجن ساٿين سميت، هالا حويليءَ کان ڪهي ايندو هو ... ويجهڙائيءَ جي سڀني جاتين کي ڪٺو ڪري، حق ۽ سچ جا گفتا جھوگاريندو هو ... مارئي ۽ سارنگ ڳايو ويندو هو ... هر ڌرم جا گيت ... راڳ ۽ ناچ جا عجب لقاءَ ٿيندا هئا .. ڪا به چنتا ڪونه ... هرڪا پسي پرينءَ کي ... رنگ ۽ نسل جي تفاوت بنا ...
هتان هو سامهون هاڪڙو درياه وهندو هو ... ڪشمير کان به مٿان برف جي جبلن کان هلندو هو ... هڪ درياه جو پاڻي مٿان وري اُڀَ جو اَبــرُ ... مندائتي مينهن جا وسڪارا ... پوءِ ته ماڻهون، مرگھه ۽ مينهون خوشين وچان نچندا ۽ نمندا هئا ... اسين ڪولهي مڙس ۽ زالون، ٻار ۽ ٻڍا، ڪنوارا توڙي پرڻيل شري ڪرشن مهاراج جي چوڦير ”راسوڙو ناچ“ نچندا هئاسين ته هن ڀونءِ جا مڙئي جيوَ پاڻ سان گڏ نچندا هئا ... رات جي خاموشي، چندرما جي مڌم روشني ۽ مٿان وري دڦ جي خاص وڄت ... اسين سڀ هرڻن جيئان ڇال ڏئي وڃي دهلاريءَ کي گھيرو ڪندي سڄي کان کاٻي ڦرندي، بيهڪ ٺاهيندي دهل جي لئه سان نچندا هئاسين ... دهل جي لئه ۽ تال جي تبديلي ۽ تيزي پاڻ۾ به تيزي ۽ تبديلي آڻي ڇڏيندي هئي ... جهومندا، نچندا ۽ نمندا، چپٽيون ۽ تاڙيون وڄائيندا، مڌر راڳ آلاپيندا هئاسون ... هن ناچ ۾ نچندڙ جسم جي جھوم، ڪمر جي لچڪ، چوڙين جي کڙڪي، جھانجھر جي ڇمڪي سان هڪ قدرتي حسن پئدا ٿئي ٿو ... پاڻ سان گڏ هرڻن جا جھنڊ ۽ مورن جا ميڙ پڻ نچندا هئا ... ڇا ته دلڪش منظر هئا ...“ ٿڌو ساه ڀري، هوا ۾ ڦهلائي، اکيون بند ڪري، چپ ٿي ويو ... آءُ به ٿڌڙي هوا جي جھوٽن ۽ خيالن ئي خيالن ۾ راسوڙو نچڻ لڳس ...
ادا مسافر! هن ترَ جا سڀ رهواسي هڪ مُٺِ هئاسون ... هر قسم جي مت ڀيد کان آجا ... راندين جا ميدان ته ڏسڻ وٽان هئا، ملهه، ٻلهاڙي ۽ ونجھوٽيءَ جي مقابلن ۾ سنڌ جا ناميارا پهلوان ۽ کيڏاري پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ... اٺ سواري، گھوڙي سواري ته پنهنجو محبوب مشغلو هو، ڊگھا ڊگھا سفر ڪرڻ، ڪڏهن پيرين پنڌ ته ڪڏهن اٺ گھوڙا ... هن ڪارونجھر جي اور جيڏانهن به رخ ڪندا هئاسون ته مهينن جا مهينا گم، نه جھل نه پل ... تلوار بازي، تير اندازي ۽ نيزي بازيءَ جي مقابلن ۾ ته ڪمال جو مزو ايندو هو ...“
هاڪڙي درياه جي پاسي مٽائڻ سان پاڻيءَ جي اڻاٺ ٿي ته ٿرين مندائتي مينهن جا انتظار شروع ڪيا ... آسمان تي ڪو ڪارو ڪڪر ڏسبو، واءُ سڻائو لڳندو ۽ تاڙي جي تنوار ٿيندي ته پوءِ پاڻ ٿر واسي سيڪڙن جي انگ ۾ ڪٺي ٿي ضروري اوزار کڻي، واري واري سان پنهنجن ۽ پاڙي وارن جي کيتن ۾ ڊگھيون قطارون ٺاهي ... همرچو ڳائيندي ونگار وهندا هئاسون ... “
ايئن ٿي لڳو اجھو هو اٿي همرچو ڳائڻ شروع ڪندو ... پر اوچتو ئي اوچتو منهن ۾ گھُنڊُ پائيندي چيائين ” ست سمنڊ پار کان آيل فرنگين چالاڪيءَ سان هند تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ تي به ڪاهڻ جون اٽڪلون ٿي ڪيون ... ميرن سنڌ کي انگريزن لاءِ موت جي ڌرتيءِ جو لقب ڏيندي حڪمنامو جار ڪيو ته:
سنڌ جي سرحدن ۾ ڪوبه انگريز ڪٿان به داخل ٿئي ته ساڻس جنگ ڪئي وڃي
تلوارون ۽ ڪهاڙيون تيز ٿي ويون ... ڪچهرين ۾ گرمجوشي ۽ واڌارو آيو ... ڪم ڪار لاهي ديش دشمن سان ويڙه جون تياريون ٿيڻ لڳيون ... بس سڏ جي دير هئي ... خبر آئي ته وڏي مير پنهنجي علاج لاءِ فرنگي طبيب کي گھرايو آهي ... خار ڏاڍا آيا ته ”کرن جي هٿان شفا“ ... اڃان اها خبر تازي ئي هئي ته مٿان وري ٻي هڪ انگريز کي ٻيڙن سميت سنڌوءَ مان گذري، پنجاب جي سک راجا لاءِ گھوڙن جا تحفا کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ... پوءِ ته چپن تي چپِ ... سمجھي وياسون ته پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪهاڙو هنيو ويو آهي ... کرن کي پنهنجو گھر ڏيکارڻ به ڪا سياڻپ آهي!
ڪابل ملڪ جي شاه شجاع ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي پٺاڻ وزير جو ڀاءُ ماري وڌو ... پٺاڻن سندس بادشاهي ڦري ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي ... شاه بدلي جي ڀاونا کڻي واپاريءِ جي روپ ۾ سنڌ مان گذرندو، ڪارونجهر کان ٿيندو، جيسلمير اچي نڪتو ... جت سندس چئن يارن کي قتل ڪيو ويو ... شاه وڃي فرنگين جي در دانهي ٿيو ... فرنگين کيس مدد ڪئي ۽ ڇتي ويڙه کانپوءِ جيسلمير تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪيائين ...
جيسلمير تي قبضي ٿيڻ کانپوءِ ڪابل جي حڪمراني هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳو ... انگريزن جي مدد ۽ ڪجهه پنهنجي ٻلَ تي هڪ جرار لشڪر تيار ڪري ... سنڌ جي ميرن کان اهڙي اجازت گھري وئي ته شاه ۽ انگريزن جي گڏيل فوج سنڌ مان گذري افغانستان تي حملو ڪندي ... سنڌ جا مير انگريزن جي مڪاريءَ ۾ اچي ويا ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي غلطي ڪندي کين اجازت ڏئي ڇڏي ... لکن جي فوج سنڌ لتاڙ ڪندي وڃي شڪارپور نڪتي ...
لک شاباسون بروهي سردارن کي جن ميري جي ڪوٽ وٽ انگريزن ۽ شاه جي لشڪر سان وڙهندي رڻ ٻاري ڏنو ۽ کين پنهنجي علائقي مان ڀڄائي ڪڍيو ... شاه جي لشڪر وڃي ڪابل ۽ قنڌار کنيو ... پٺاڻ وڏي مڙسيءَ سان وڙهيا ... رڻ ٻاري ڏنائون پر فرنگين جي حرفت ۽ چالاڪي به ڏيهين مشهور ... فرنگين جي هڪ جنرل جان جيڪب اهڙي ته حرفت هلائي جو پٺاڻ پنهنجا ماڻهو مارائي ڀڄي نڪتا ۽ شاه شجاع قنڌار تي راڄ ٺاهي ويهي رهيو ...
انگريز جنرل چارلس نيپئر افغانستان وارو معامرو اڪلائي لشڪر سميت اچي سکر کان نڪتو ... ڪجهه ميرن ذاتي لوڀ ۽ سردارن سان غداري ڪندي انگريز جنرل سان سازباز ڪري کيس سنڌ تي ڪاه ڪرڻ لاءِ همٿايو ... فرنگين موقعي کي غنيمت ڄاڻي سنڌ تي ڪاه جا بيوگل وڄائڻ جا حڪم ڏنا ... خيرپور جي حڪمران سردارن ۽ محب وطن سنڌين انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجن سرن جا نذرانا ڏنا پر فرنگين جي تجربيڪار، ويڙهو ۽ منظم فوج سردارن کي ٽڪڻ ئي نه ڏنو قتلام ڪندي، سنڌ لتاڙ ڪندي اچي مياڻيءِ جي ٻيلي ۾ لٿي ...
حيدرآباد جي ميرن ۽ سنڌ جي سڄڻن پنهنجو لشڪر وٺي ڦليلي واه جي ڪپ تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ... پنهنجن جي غداري ۽ سنڌي فوج جي غير منظم ويڙه سبب هيءَ جنگ به هارائي وئي ... مير شير محمد خان عرف ” شير سنڌ “ آڻ نه مڃيندي وڃي ناريجن جي ڳوٺ وٽ سنڌي ويڙهاڪن جو لشڪر ڪٺو ڪري سنڌ جي جنگ وڙهڻ جو سندرو ٻڌو ... هن لشڪر ۾ سنڌ جو بهادر ”جنرل هوش محمد شيدي“ پڻ شامل هو ... ” مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون “ جي جذبي سان سرشار هن لشڪر پڻ ”دٻي جي ميدان“ ۾ رڻ ٻاريو ۽ وڏا سورهيه ويڙهاڪ جان نثار ٿيا ... سورهيه هوش محمد شيديءَ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي رت جو ريج ڏئي جام شهادت پيتو ... چواڻي ته ” گھر جو ڀيڌي لنڪا ڊاهي“ سو ديسي دلالن سنڌي فوج جي بارودخاني جي نشاندهي ڪرائي سمورو بارود ساڙائي رک ڪرائي ڇڏيو ... سموري سنڌ فرنگين ۽ سندن ديسي دلالن جي لتاڙ هيٺان اچي وئي ... ڪئي انسان ويڪائو ٿيا ته ڪئي شهيد ... مير شيرمحمد به آخري پساه تائين ويڙهه وڙهڻ جو وچن ڪندي فرنگين کي آرام جي ننڊ ڪرڻ ڪونه ڏني ... لاڙ، وچولو ۽ اتر جت دشمن ات شيرمحمد ۽ سندس ساٿي...
اسين ٿري نوجوان ڪارونجهر جي چوٽ چڙهي ميرن جي قاصد جي راه نهاريندا رهياسون ته من ڪو هن پاسي به ديش دشمن سان جهاد جو پروانو يا نياپو پهچي ته دل جي باه مارجي ... فرنگين کان ديش جي سورهين جي شهادت جو بدلو وٺجي ۽ سنڌ جي بقاءَ واري جنگ ۾ پنهنجن سرن جا نذرانا ڏئي ڌرتي ماتا جو مان مٿاهون ڪجي ... پر افسوس هاڻ ميرن جي بجاءِ انگريز سرڪار جا حڪمنامه پهچڻ لڳا ... ڪنهن طرح سان شير سنڌ کي نياپو ڪري حالتن جي آگاهي ڏنيسون، جنهن تي شير سنڌ چوائي موڪليو ته اسين به لشڪر ٺاهي پنهنجي پنهنجي علائقي جي حفاظت ڪريون ۽ موقعي مناسبت سان سنڌ جا گڏيل محب وطن جنگجو پڻ اوهان سان شامل ٿي ويندا ...
ٿرپارڪر جي فرنگي ڊپٽي ڪمشنر ”ڪئپٽن ٽروٽ“ هڪ سنڌي غدار ”ڏيئي مل“ کي هن علائقي جو ڪاردار ڪري موڪليو جنهن اچڻ سان ئي ظلم جي باه ٻاري ڇڏي ۽ خاص سنڌ جي سڄڻن کي آزارڻ سندس فرائض ۾ شامل هو ... پوءِ ته سوڍن سردارن ۽ کوسن به انگريزن جا حڪمنامه ڦاڙي ڦٽي ڪيا ... اسين نوجوان ته بس انگريز سپاه ۽ سندن ڪارندن کي ڳولي ڳولي وڃي پورو ڪندا هئاسون ... ڀاراڻي کوسي، ڏيئي مل سان مهاڏو اٽڪايو پر ڏيئي مل حرفت سان کيس ڪاٺ ۾ وجھرائي ڇڏيو ... ڏيئي مل جي ظلمن، فرنگي سرڪار جي چاپلوسي، ۽ ڀاراڻي جي گرفتاريءَ، راڻي ڪرنجي ٽڪر کي ڪاوڙائي وڌو ۽ هن سرڪار خلاف جنگ جي منادي ڪرائي مڙني محب وطن قبيلن کي جهاد جي دعوت ڏني ...
اسين نوجوان ته اهڙي دعوت لاءِ ترسياسون ٿي ... آءُ پنهنجن قومپرست ساٿين سميت راڻي ڪرنجي ۽ اڌيسنگ جي لشڪر ۾ شامل ٿي وياسون ... مون واري ٽولي ۾ ڪولهي، ريٻاري ۽ سامي ويڙهاڪ هئا ... پاڻ سرڪاري عمارتن، ڪاردارن ۽ سپاهين تي حملا ڪرڻ لڳاسون ۽ سندن ڏينهنِ جو آرام ۽ راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيوسين ... ڏيئي مل پاڻ ۾ ڀتو نه ڀائيندي فرنگي ڪئپٽن تروٽ کي دانهيو ... هو به ديسي دلالن جي فوج وٺي اچي ڪڙڪيو، پاڻ به همٿ سان وڙهياسون پر ڪن اڻٽر مصلحت سبب پوئتي ڪڇ طرف هٽڻو پيو ... ڪڇ جي علائقي ۾ اڃان ڪي گھڻا ڏينهن نه ٿيا ته خبر آئي ته اسان جي ساٿي اڌيسنگ جي پيءُ لاڌي ۽ چاچي ڪلجيءَ تروٽ جو مقابلو ڪيو آهي ... چاچو ڪلجي بهادري سان وڙهندي ڪارونجھر کي پنهنجي رت سان رڱي شهيد ٿيو آهي، بابا لاڌو قيد ٿيو آهي ۽ فرنگي فتح جا اعلان ڪرائي رهيو آهي ...
دشمن فتح جي نشي ۾ چور اڃان ننگر ۾ ئي جشن ٿي ملهايا ته اڌيسنگ ۽ مون پنهنجا جان نثار جوڌا وٺي وڃي مٿانئن حملو ڪيو ... خونريز ۽ موتمار ويڙه کانپوءِ اڌيسنگ ۽ مون وڃي تروٽ جا پهريدار ماري تنبوءَ جون قناطون ڪپيون ... ڀاڙيو دشمن ڀڄي نڪتو ... مئي مينگھواڙ کيس پناه ڏئي، لڪائي ڪڍيو نه ته تروٽ جو نانءُ نشان ئي مٽائي ڇڏيون ها ... هن جنگ ۾ پنهنجي فتح ٿي ... ننگرپارڪر جي ويجھڙائي وارا علائقا پنهنجن هٿن ۾ هئا ... فرنگين جي تڏا ويڙه ڪرائيسون ... سرڪاري خزانو غريب ضرورتمند ديسواسين ۾ ورهايو ويو ... بند ۽ اذيتگاهون ٽوڙي بيگناه سنڌين کي آزاد ڪيو ويو ... فوجي سازو سامان تي قبضو ڪري، فرنگين جي رابطي جا وسيلا ناڪاره ڪري ڇڏياسون ...
تروٽ شڪست جا زخم چٽيندو هڪ ٻي انگريز سالار ايونس سان وڃي مليو، جو پڻ ٿر جي ٻين علائقن جي سنڌي محب وطن قبيلن کي چٿڻ تي مامور ٿيل هو ... ٻئي نڀاڳا فرنگي سالار لڳي ويا اسانجي مقابلي ڪرڻ جي سازباز ۾ ... ديسي دلالن جي مدد ۽ ماهر جنگجو فوج سان هڪ دفعو وري ننگر تي حملي جي تياريءَ ۾ ... آخر دشمن ڪاه ڪئي ... رڻ گجيو، راڙو ٿيو ... ساٿين جوانيءَ جا جوهر ڏيکاريا ... سر گھور ٿي ... ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏياسون ... بندوقن، تماچن ، بمن بارودن، تلوارن ۽ تيرن جي بارش ۾ شينهن جيئان گرجندا، ڪاهيندا رهياسون پر هڪ دفعو وري ديسي غدارن ۽ فرنگين جي نت نئين جنگي چالن اسانکي ننگر مان نڪري هن ڪارونجھر جي ڪُکِ ۾ پناه وٺڻ تي مجبور ڪيو ...
هن جاني جبل جي پناه دوران پنهنجو بارود ۽ کاڌ خوراڪ ختم ٿيڻ لڳو ... ساٿين پريشانيءَ جو اظهار ڪيو ... راڻي اڌيسنگ، ڪاسبي ۾ رهندڙ هندو سنياسي ٻائي مهاديوَ سان رابطو ڪيو. جنهن بارود ۽ کاڌ خوراڪ کڻي وڃڻ لاءِ نياپو ڪيو ... انگريز سرڪار پنهنجن سرن جي قيمت لڳائي ڇڏي هئي ... دولت ۽ جاگير جي لالچ ۾ ديسي دلالن ۽ انگريز سرڪار جي ڪارندن اسانجي ڳولا ۾ نوس نوس ٿي ڪيو ... ان سبب پنهنجو پناهگاه کان ٻاهر نڪرڻ خطري کان خالي نه هو ... مون ۽ منهنجن خاص ساٿين اها ذميواري سر کنئي ۽ ڪاسبي جا ڪجهه ڦيرا ڏئي پنهنجي ساٿين کي خبرداريءَ سان رسد پهچائيندا رهياسون ... آخري دفعو، اصل هتان سامهون ڪارونجهر تان هيٺ وهندڙ گوڙڌرو ندي وٺي چندن گب ڏانهن ٿي ويس ... سخت اڃ لڳي هئي، هيٺ پاڻي پيئڻ لاءِ لٿس ... ترار ڀر ۾ رکي، نديءَ جي ڪپر تي ويهي اڃان پاڻي جا ٻه ٻڪ ئي مس ڳيتيا ته مٿان فرنگين جي ڪارندن گھيراءُ ڪري ڄار اڇلايو ... فرنگين جي ڄار ۾ هڪ خونخوار چيتي جيئان گھڻي ئي پاڻ پتوڙيم پر افسوس جھلجي پيس ...
ڳچيِءَ ۾ ڳٽُ، چيلهه ۾ رسا، هٿين هٿ ڪڙول، پيرين زنجير، اوڍڻ مڙوئي رت سان رنڱيل، حال کان بيحال ... اهڙي حالت ۾ دشمن تروٽ جي سامهون آندو ويو ... ڀاڙيو دشمن ڪاوڙ ۽ حقارت سان ٽمٽار ... ٻائي مهاديوَ کي منهنجي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪرڻ بدلي کيس انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيو ويو ... آءُ کامي پچي پڄري رهيو هوس ... من چاهيو ته زنجير ڇنائي کيس نڙيءَ ۾ هٿ وجھي تڙپائي تڙپائي ماريان ...
تروٽ فاتحانه انداز ۾ مونسان مخاطب ٿيندي، فرنگي سرڪار جي شان ۽ شوڪت جا قصا ٻڌائيندي طرحين طرحين لالچون ڏيڻ لڳو ... مال ملڪيت جا اقرار ڪندو رهيو ... انگريز سرڪار سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ ۽ وڌيڪ ساٿين جي گرفتاريءَ عيوض جاگيرن ڏيڻ جا واعدا ڪندو رهيو ... آءُ بس بيهوش ٿيڻ تي هوس، دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان ڪي ٻل باقي هو ... اکين تي زور ڏئي کوليندي تروٽ جي اکين ۾ کپائي ڇڏيون ... اکين مان ئي منهنجي اندر جي باه کي پروڙي ورتائين ...
او ته روپلو اڃان جيئرو آهي“ ٻه زوردار چهبڪ پٽاڙن تي وهائيندي رڙ ڪندي چيائين ” سپاهيو هن کي ايترو ماريو جو روپلو مري سنڌ جو غدار پئدا ٿئي“ ايئن چئي ڏند ڪرٽيندو هليو ويو ...
مون اکيون بند ڪري ڇڏيون ... سنڌ امڙ جي سهڻن خوابن ۾ مهو ٿي ويس ... جسم تي گھڻا ڌڪ لڳا ... ڪنهن هنيا ... ڪٿي لڳا ... ڪيترو وقت هنيا ويا ... محسوس ئي نه ٿيا ... اڱرين تي ڪپهه جا ٻڙا ويڙهي باه ڏئي ڏيئاٽيون ڪري ٻاريون ويون ... آءُ عشق جي پيتل پيالن ۾ مدهوش ... فرنگين جا ڪارندا ماري ماري جڏهن ٿڪيا ۽ منهنجا زخم به ٺريا ته اک کلي پئي ... وچ ميدان تي ٻير جي وڻ سان ٻڌل هوس ... هڪ سپاهيءَ وڌي اچي چپن تي پاڻيءَ جو پيالو رکيو .. پاڻي جا ڪجهه ڍُڪَ سڪل نڙيِءَ کان هيٺ لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيس ... سامهون تروٽ جي خيمي تي نظر پئي ... جو پنهنجي چهبڪ سان ڪنهن ناريءَ کي الرون ڪندي ڪجهه سمجھائي رهيو هو ... مون گھور پائي ان ناريءَ کي ڏٺو ... لباس مان ڪولهڻ ٿي لڳي ... سندس چهرو چنريءَ سان ڍڪيل هو ...
ڪجهه ويرم ۾ تروٽ ۽ سندس ڪارندا ڪولهڻِ ساڻ ڪري مونڏانهن وڌڻ لڳا ... ناريءَ جي هلڻي سڃاڻيندي ئي دل جي رفتار تيز ٿي وئي ... منهنجي جان ، منهنجو روح، منهنجي وني مونڏانهن اچي رهي هئي جنهنکي ڏٺي ڏينهن ٿيا هئا ... تروٽ ڪجهه فاصلي تي اچي لڪڻ سان منهنجي روح کي بيهڻ جو اشارو ڪندي ... آواز ۾ ڏاڍائي آڻيندي رڙ ڪئي : ” اوو ناري ! سمجھاءِ هن ضدي، ارڏي ۽ جاهل انسان کي ... جيون خدا جي نعمت آهي ... خوشين ماڻڻ لاءِ آهي نه ڪي اجايا ڏک، بک ۽ سور سهڻ لاءِ ... هي انگريز سرڪار جو باغي آهي ۽ باغين جي سزا اذيتناڪ موت آهي ... جي سرڪار جو ساٿ ڏيندو، ٻين باغين جا ڏس پتا ٻڌائيندو ته سندس جان بخشي ڪري مالا مال پڻ ڪيو ويندو ... “
منهنجون نظرون پنهنجي جيون ساٿيءَ تي ڄميل رهيون ... ڪڏهن روپلي کي ماري غدار ته غدار کي ماري روپلي ٿي ٿيس ... منهنجي راڻي پنهنجي پوري حسن ۽ جوانيءَ سان ويجهو ٿيڻ لڳي ... دل جي رفتار تيز ٿي وئي ... من جا اڌما تيز ٿي ويا ... ٿڌي جسم ۾ گرمي اڀرڻ لڳي .. دل چاهيو ته پاڻ ڇڏائي وڃي ڳراٺڙي پايان ... ڀر ۾ اچي چهري تان چنيِءَ پاند سرڪائيندي اکيون اکين ۾ ملائي ڇڏيائين ... اکين ئي اکين ۾ ڪئي ڪٿائون بيان ٿيون .. ويرم کانپوءِ سندس چپ چريا ۽ من موهيندڙ آواز ڪن پيو ...
اي سرتاج ! منهنجا خدا ! منهنجا سڀ نسل اوهان تان قربان ... اوهانجو مان ۽ عزت دائم رهي ... فخر آهي ته آءُ هڪ مڙس جي وني آهيان ... هي ديس جا ويري مونکي اوهانجي همٿ ۽ مڙسي ٽوڙڻ لاءِ وٺي آيا آهن ... هو هر حال ۾ پاڻ کي فاتح ڏسڻ گھرن ٿا ... حيات موت لاءِ آهي ۽ هر حال ۾ موت سان ميلو ٿيڻو آهي ... سورهيائيِ جيهو موت ته نصيب سان ملندو آهي ... اڄ اوهان هن ديس دروهين آڏو ڪنڌ جھڪايو ته قسم تنهنجي سِرَ جو آءُ هڪ اهڙي روپلي کي ڪکان جنم ڏينديس جو ڪيترائي جنم شهيد ٿيندو پر پنهنجي ديس کي آزاد ضرور ڪرائيندو...“
هوءَ اهو سڀ هڪ ساهيِءِ ۾ چئي چبوتري تان ڊوڙ پائي هلي وئي ۽ آءُ کيس حدنگاه ڏسندو رهيس ... من جو بار هلڪو ٿي ويو ... پاڻکي فاتح محسوس ڪندي پنهنجي ئي زبان کي پنهنجن ئي ڏندن سان ڪُرٽي ٻاهر اڇلائيندي پنهنجون اکيون ٻي جنم ۾ کولڻ لاءِ ڀڪوڙي ڇڏيون ...“
آءُ انگن مٿان انگ چاڙهي ويٺي سنڌي سورهيه جي ڪٿا ٻڌي ... ڪڏهن سندس ننڍپڻ جي خوشين واري حال تي ٻهه ٻهه ٿي ٿيس ته ڪڏهن سندس سوريءَ تي سور سهڻ تي سوزخوان ...
ذهن جي چرکيءَ تي انگريزي ناٽڪ ” بهادر دل Brave Heart “ جي سورهيه ڪردار ”ويليم ولس“ جو ڪردار ڦيريون پائڻ لڳو، جنهن اسڪاٽلينڊ جي آزاديءَ لاءِ رڻ ٻاري، ظالم حڪمرانن جو سک آرام ڦٽائي ڇڏيو هو ... پر افسوس ! هو به پنهنجن جي غداريءَ جو شڪار ٿي گرفتار ٿيو ... ظالم حڪمرانن هن سورهيه باغي کي اذيتناڪ سزا ٻڌائيندي ...علائقي جي مڙني رهواسن کي ڪٺو ڪري، سزا جا اهڙا ته ظالماڻا ۽ وحشي طريقا استعمال ڪيا جو ماڻهن رحم رحم جون صدائون بلند ڪري ڏنيون .... پر هن سورهيه زبان تي صرف هڪ ئي لفظ آندو هو :
آزادي Freedom “
۽ منهن تي مرڪ آڻيندي جام شهادت پيتو هو ...
سلام ! اي محب وطن شهيدو .... سلام !
ڪاش اوهين هر هر جنم وٺو ... ستل قوم جي بيداري لاءِ
غلاميءَ جهڙي موذي مرض جي اگھائي لاءِ.

No comments:

Post a Comment