Saturday, September 15, 2012

سونو روپو سج - عبدالقادر جوڻيجو

سونو روپو سج
عبدالقادر جوڻيجو
هتان گھڻو پري، ميرپور کان به پرتي ڍورو وهندو هو. هاڻي سندس سڪل پيٽ ۾، چيڪيءَ مٽي جي سيرن مان ساوا مورا، ٻٻر ۽ اَڪ ٽڙ پکڙ ڦٽي نڪتا آهن. جي هوا جي ٿوري لوڏي تي، ماءُ مٽيءَ کي پيا سلام ڪندا آهن. ڍوري جي ٻنهي ڪپن تي لين ۽ ڪنڊين جو گھاٽو جھنگ آهي، انهيءَ ڪري ڍوري جو پيٽ چٽو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڍوري جي اترئين پاسي ته ڳچ ڀرو اڳتي ڪلر ۾ کارين ڄارين جا ٽڙ پکڙ ويڙهه آهن، پر ڏاکڻئين پاسي، وري رائلي جي ڇاتيءَ تي مٺين ڄارين ۽ ٿوهرن جو ڳتيل جھنگ آهي. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن گل ڇڻي ويندا آهن يا پنهنجو منهن لاهي ڇڏيندا آهن ۽ موسم پنهنجي ڪارروائي تي نادم ٿي پنهنجو اداس منهن لاڙي ڇڏيندي آهي ۽ اداس-پڻي جا سايا وڌيڪ گھرا ٿي ويندا آهن، تڏهن اتي وري ساين ڄارين جي ڊگھوتن پنن جي هيٺان مٿان، ڳاڙها، رس ڀريا ۽ گول گول سائي چولي کي ڳاڙهي رنگ جا پچڪاريل ڇنڊا، جنکي ڏسي دل بي اختيار ڀاڪر پائڻ لاءِ ڪندي آهي.


انهن ڄارين کان اڳتي ڀٽ جي ادکڙ تي ننڍو ڳوٺ ٻڌل آهي. ننڍا وڏا چونئرا پري کان ائين لڳندا آهن، جيئن ڪن معصوم هٿن تازي وٺل مينهن کانپوءِ ڄميل واريءَ تي ننڍيون وڏيون ڍِڳيون ٺاهي ڇڏيون هجن. انهن ڍِڳين کي جڏهن ڪو وڏيرڙو شرارتي ڇوڪرو لت هڻي ڊاهي ڇڏيندو آهي ۽ معصوم خالق جي دل ڦٿڪي اٿندي آهي، تڏهين هو بيوس پنهنجا ڪجھه قيمتي لڙڪ انهن ڊٺل ڍِڳين مٿان ڪيرائي وجھندو آهي. شايد وڏي خالق جي به اها حالت ٿيندي آهي، جڏهن سندس تخليق کي فولادي پيرن هيٺيان لتاڙيو ويندو آهي.
انهيءَ ڳوٺ ۾ ايڪا قلم ڀِيل ويٺل آهن. جڏهن شام جو سج، ڦوڪجي لال ٿي، وڏو ٿي، ڦوڪڻي وانگر ڦاٽڻ تي هوندو آهي ۽ اوندهه جي باز کي ڳچ منزلون ڪڍڻيون هونديون آهن، جڏهن آسمان اڃا چپن تي لالائي ڪونه هڻندو آهي، تڏهين سج جا هزارين سونا روپا روپ سانورين سانورين ڀيلڻين جي گجن ۾ ٽانڪيل ٽڪن ۾ جاڳي پوندا آهن ۽ جوانڙا اهي تيز ترورا محسوس ڪري، اکيون پوري ٿڌا ساهه ڀري، ٽڪن جي پوئين پاسي هليا ويندا آهن، جتي هيٺ مٿي ٿيندڙ سيني جي پينگھه ۾ پاڻ کي لڏندي محسوس ڪندا آهن.
جڏهين ٻئي پاسي اونهارو ايندو آهي، تڏهين اتي پِيرون پچندا آهن. سڄيون ڄاريون جھوڙ ٿي وينديون آهن ۽ پيرُن سان گڏ جوانيون به ڄارين ۾ پاڻ کي لڏنديون محسوس ڪنديون آهن.
اها ئي موسم هئي. ٻنپهرن جو ٽائيم هو. سج مٿي تي چڙهي آيو هو. ڪوسو واهوندو، ڇانئن ۾ گرمي پيدا ڪري رهيو هو. گھر جا سڀ ڀاتي ٻاهر هئا. ماڻس پاڙي ۾ ويئي هلي هئي. ننڍو ڀاءُ صبح جو ئي ٻڪريون ڪٽڪاري، چارڻ وٺي ويو هو. ڀيڻس ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرين سان پيرون چونڊڻ ويئي هلي هئي. پاروءَ ڪيس هنيل ڪاري نيٽ کي تيل مکيو، اجرڪ چؤڻي ڪري مٿي تان ڍڪي، ٻاهر نڪري آيو. واريءَ مان ڪوسي ڪوسي اٻ پئي نڪتي، نظرن کي اڌ کڙ کان هيٺ ڦيرايائين، ڇوڪرين جا ولر هئا. چيلهن سان ٽڀا ٻڌيو پيرون پئي چونڊيائون.
مهينو کن ٿيو هو، جو هو پاتوڙي جي پويان لڳل هو. گھڻيئي وجھه هلايا هئائين. سينڍون، اشارا، تعويذ، کنگھڪارون، نيٺ چئه چوائه. ور ڇوري مڙيئي نه. اڄ کيس نئين شرارت سُجھي آئي هئي. سوچيائين: ”اڄ پِيرن جو ڀريل کارو ضرور کڻبو، ڀلي ڇا به ٿي پوي.“
هو کاري جي چوري ڪرڻ جون اٽڪلون سوچيندو، هيٺ ٿڙندو ٿاٻڙندو لٿو، اچي بنهه ڀٽ جي ٻيڪڙ وٽ پڳو. هاڻي هو ڇورين کي ڏسي نٿي سگھيو. منهن ۾ ڄاريون ڏيندو ويجھو آيو. هڪڙي ڊگھي گھاٽي ڄاري جانچي مٿس چڙهي ويو. ٻه پيرون پٽي وات ۾ وڌائين، پن هٽائي جانچ ورتائين، هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين جانچيائين. پاتوڙي اُڀرندئين پاسي ڄار جي هڪڙي ڊگھي ڏار تي چڙهي بيٺي هئي، سڀني کان هيٺئين ڏار تي سندس ننڍڙي ڀيڻ بيٺي هئي.
”اها ڇوري به وڏي ٿئي ته خبرون وٺندي ڇورن جون.“ هن سوچيو ۽ هيٺ لهي آيو. هڪڙيءَ ڄار کي ڦيرو ڏنائين، ٻي کي ڦيرو ڏنائين ۽ ڀر ۾ بيٺل ڄارين جي ويڙهه ۾ پئي ويو. هو جھڪيو، ڪارو نيٽ نانگ وانگر سري کاري ۾ ڦاسي پيو، کارو کسڪيو، ڪجھه پيرون هاراڻا، کارو ريڙهجي آيو ۽ ائين پارو کاري سميت رفو چڪر ٿي ويو.
ائي ادي کارو؟“ ننڍي ڇوڪريءَ هيٺيان رڙ ڪئي.
هان!“ پاتوڙي جو ٻاڪو ڦاٽي ويو؛ ”ڇوري ڪيڏانهن ويو؟“ ڊنل آواز اڀريو. ٻئي هيٺ لهي آيون. ڇوريون سڀ مڙي ويون.
ڇوري جا لاهه نڪري ويا.“ هڪڙيءَ ٻي کي آهستي چيو ۽ پاتوڙِي ڏانهن نهاريو، جنهن جو من ايندڙ وقت جي خوف وچان لهي ويو.
”هاڻي؟“ ننڍڙي ڀيڻ پڇيو.
۽ پاتوڙِي خاموش ڪنڌ لاڙيو بيٺي هئي. خيالن جا ڌڻ سندس دل جي وٿاڻ ۾ ڪاهي پيا هئا.
”ابو ماريندو ضرور، امان الائي ڇڏيندي ڪين مرڳو گاريون ڏيندي. ادي کي خبر پئي ته سنئين هڻندو. ڳوٺ ۾ ابي، امان، ادي، اديءَ، منهنجو نڪ وڍجي ويندو. سڄي راڄ ۾ خواري.........“ سندس سانورو رتايل رنگ جھڪو ٿيندو ويو. سندس ڦڙ ڦڙ ڪندڙ دل جا پر، سندس پاسرين تي لڳي رهيا هئا، پيرن مان ست نڪري ويو هوس.
”چڱو ڏسبو.“ سوچي دل پڪي ڪيائين ۽ ماٺ ميٺ ۾ پيرن کي گيهليندي گھر اچي ويهي رهي.
کاري جي چوريءَ جي ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ هُلجي ويئي. ڳالهيون فائر بم وانگر ڦاٽي پيون؛ ٻه حصا، ٻن مان چار، چئن مان اٺ، اٺن مان سورنهن.
”ادي ڏسين ٿي زمانو ڪهڙو نه اچي ويو آهي. پيرون ڏنائين ڪنهن يار کي، هاڻي وريو پيئي چوي ته کارو چوري ٿي ويو. مُئيءَ کي ٿورو شرم هجي ته ٻڏي مري.“ هڪڙي پوڙهيءَ ٻيءَ سان ڳالهه ڪئي.
”منونءَ جي ٻيڙي ٻڏي ويئي، ڇورين کي اڇين ڏاڙهين جو حياءُ نه ٿو پوي، هاڻي منون اڇي ڏڙاهي ٽنگي ڪچهري ۾ ويهندو سو ڏسنداسين.“ ٻيءَ پوڙهيءَ چيو.
”ادي، رنون ڪنٽرول مان نڪري ويون، ڇورين جي زورآوري ته ڏس. ادا! مڙس ڀاڙيا اٿئي سڀ. نه ته هڻي نه ڀيڻسان جون سسيون لاهي وجھن.“ هڪڙي نوجوان ٻئي کي چيو.
”ادي ويچارن سان ويڌن ٿي ويئي. ڇورا به لاهيو پاهيو پيا هلن. هرو ڀرو ڪنهن مسڪين کي موچڙا ڏيارڻا. ڇوري به ته اهڙن ٽرڙن وٽ وڃي ڦاٿي.“ هڪڙي ڇوڪريءَ ٻيءَ کي چيو.
سج جو شاهي ڳاڙهو ٿيل ڦوڪڻو ڦاٽي پيو هو. اوندهه اچي ويئي هئي، ڄارين ۾ ويڙهيل ڳوٺ تي اوندهه جي باز پنهنجا پَر پکيڙي ڇڏيا هئا. ڪوسو واهوندو اڃا پئي لڳو. ڪٿان ڪنهن ٻار ڪاوڙجي وٽو اڇلايو هو، جو ڪنهن مٽ سان لڳي رڙي رهيو هو.
منونءَ نيٽ هٿ ۾ کنيو. سندس ٽنگون پئي ڏڪيون. گھر جا سڀ ڀاتي خاموش هئا. ”شپ!“ نيٽ پاتوڙي جي بت تي ويڙهجي ويو. هلڪو سڏڪو اڀري اونداهين ۾ گم ٿي ويو؛ ”شپ...شپ... شپ.
نيٽ جا ڌڪ ۽ ڪنوارو جسم. الاهي ڪٿي ڪنهن شاعر جي دل مان آهه نڪتي ۽ سندس مٿو وڃي بتيءَ سان لڳو ۽ اوندهه ٿي ويئي. کيس تشبيهه ملي ويئي هئي.
هاڻي ڇڏينس کڻي رن کي.“ آخر ماڻس ڪڇي پيئي.
اڃا ته ڀاڻس اچي ته اهو خبر ڏيندس.“ پڻس ڏند ڪرٽيندي چيو.
ڀاءُ جو ٻڌي پاتوڙي جون ڦاٽل اکيون، قابل رحم اکيون، پورجي ويون ۽ هوءَ ايندڙ وقت لاءِ سوچڻ لڳي: ”ڪارو ڳن، اڌ ٻائڙي ڪهاڙي جو ڦر، ڳاڙهيون اکيون، تيل ۾ ٽٻ وٽيل مڇون....“ سندس هٿ ڳچيءَ وٽان لهندا، سيني وٽ اٽڪي پيا.
”پارو، ادا، ويچاري پاتوڙي کي رات ڏاڍا نيٽ لڳا.
”هان؟“ هن ڇرڪ ڀريو.
هو سوچ ۾ پئجي ويو، ڪيڏي نه غلطي ڪئي هئائين.
”هاڻي ڇا ڪريان؟ ڀاڻس کي خبر ٿي پوي ته پوءِ.......“ هن جون اکيون پورجي ويون. پاتوڙي جو اڻڄاڻ چهرو سندس ذهن تي ڪڪرن وانگر وڇائجي ويو. ”اڄ ڀاڻس اچي ويندو. پاتوڙي.......ڇورو....... ڪهاڙي.....الا!“ پارو وسامي ويو. ”سچي ڪريان...؟ ها ها. مون چوري ڪئي آهي. سچي ڪندس، پاتوڙي مسڪين جو ڪهڙو ڏوهه.“
”کارو مون کنيو هو....چوري ڪئي هيم.“ هو منونءَ کي چئي رهيو هو.
”هون....“ منون پٺ ورائي ويو هليو.
اڄ پئنچائت هئي. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو، منونءَ جي اوٽي تي اچي گڏ ٿيا هئا. پٽيل سامتو، وچ ۾ ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هو. ڳالهين جي واٽر جو بند ٽٽي پيو.
”چڱو هاڻي ٻڌو.“ پٽيل سامتي، لپو ڏيئي ڇڏيو.
”اڄوڪي اڄوڪي ڏينهن ۾، پارو راڄ ڇڏي وڃي ۽ وري جي هيڏي منهن ڪري ته اصل منهايون وهائجوس.“ پٽيل جا چپ ڀڪوڙجي ويا، جن کي کولڻ لاءِ حقي جو نڙ سيري وات ۾ وڌائين ۽ ”گڙ گڙ“ ڪندي سوٽو هڻي، دونهون سامهون ويٺل ماڻهن تي اڇلائي ڇڏيائين.
سج جو ڦوڪڻو اڃا ڪو نه ڦاٽو هو، آسمان چپن تي اڃا لالائي ڪو نه هنئي هئي. پاڻيارين جي گجن ۾ سج جا هزارين سونا روپا روپ چمڪي اٿيا هئا. پاتوڙيءَ جون نظرون الهندي طرف، ڪنهن ويندڙ جي پيرن جي اڏايل لٽ سان وچڙي رهيون هيون. کيس اڄ گج پيل ڪو نه هو. ساڄيءَ اک مان هڪڙو لڙڪ ڪري سندس ڪاري چولي تي ڇاتيءَ وٽ اٽڪي پيو هو. سج جو هڪڙو روپ ان ڳوڙهي ۾ ٿڙڪي رهيو هو.


No comments:

Post a Comment