Tuesday, September 25, 2012

مٺو وات - پروين


مٺو وات
پروين
ڪلرڪ سائين، مون سان ظلم. مون وٽ دوڪان ۾ تاڪيا ئي ڏهه ٻارهن رکيا آهن. آءُ مسڪين مشڪل سان گذر سفر پيو ڪريان. . . . . . . . سائين مونکي ٽن سالن جي انڪم ٽيڪس جو نوٽيس مليو آهي سائين، آءُ . . . . . . !“
بابا، هتي هاءِ گھوڙا نه ڪر، اچي هي وٺ گوشوارن جا فارم. اهي ڀري فائيل کڻي صاحب وٽ وڃ. معاف ڪري ڇڏيندءِ“ ڪلرڪ سيٺ جي تقرير اڌ ۾ ڪٽيندي چيو .
سائين هي فارم مونکي ڀرڻ ته ڪونه ايندا !“
ته پوءِ مان ڇا ڪريان.“ ڪلرڪ بيزاريءَ مان چيو.
سائين، توهان ئي کڻي مهرباني ڪري ڀري ڏيو.“


مون ڪو تنهنجو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ هو سامهون وڪيل ويٺو آهي انکان ڀرائي وٺ.“ ڪلرڪ وڪيل ڏانهن اشارو ڏنو.
وڪيل سائين هي فارم. . . . . . . .“ سيٺ جو عرض اڌ ۾ ڪٽجي ويو.
سيٺ صاحب، ٻه سئو روپيا في ٿيندي فارم ڀرڻ جي.“ وڪيل نج ڪاروباري انداز۾ ڳالهايو.
سائين آءُ مسڪين غريب . . . . . . . . “
هونهه. . . . . . ! ڪپڙي جو واپاري ۽ مسڪين غريب . . . . . ! “وڪيل ۽ ڪلرڪ جي ڳڏيل زهريلي طنز. سيٺ آسرو لاهي، پٽيوالي کان اک بچائي سٽ ڏيئي صاحب وڏي وٽ پهچي ويو. ”ڇا آهي بابا؟
سائين آءُ مسڪين غريب، اوڌر تي ڪپڙو آڻي مڙيئي گذر سفر پيو ڪريان. سائين مون تي ٽن سالن جي ٽئڪس جو نوٽيس نڪتو آهي . . . . . . “
فائيل ڪٿي آهي تنهنجو؟“ هتي به سيٺ جي تقرير اڌ ۾ ڪٽجي ويئي .
سائين هي فارم آهن پر مونکي ڀرڻ ڪونه ٿا اچن . . . . . . . .“ سيٺ عرض ڪيو .
ته پوءِ مان ڇا ٿو ڪري سگھان؟ مون وٽ فائل مڪمل ڪري کڻي اچ . پٽيوالا! سيٺ کي ڪلرڪ وٽ وٺي وڃ .“
ٻاهر نڪري سيٺ جائزو ورتو. سجاول جي ريسٽ هائوس ۾ لڳل انڪم ٽيڪس واري ڪئمپ ۾ تر جا ڪيترائي سيٺيا، مل مالڪ، درزي، حجام ۽ واپاريڏنو پٽ ڇٽو“ جي اصول تحت ڪم لاهرائيندا ٿي ويا. نيٺ سيٺ به ساڳيو اصول اختيار ڪيو. وڪيل صاحب ٻن سالن جا فارم ڇڏي آخري سال جو فارم ڀري فائيل مڪمل ڪري سيٺ کي چيو: ”فائيل ڪلرڪ ڏي کڻي وڃ.“ ڪلرڪ وڪيل ڏي نهاريو جواب ۾ اشارو مليو ته ”رب جي مهرباني آهي.“ فائيل ۽ سيٺ ٻئي پٽيوالي سان گڏ انسپيڪٽر وٽ پهتا
اچو اچو سيٺ صاحب، اچو ويهو. هي ڇا آهي؟“ انسپيڪٽر هرو ڀرو فائيل کڻي ڪاغذ اٿلائي پٿلائي ٿو.
سائين آ مسڪين غريب . . . . . . . . . . . . .،“ تيسيتائين انسپيڪٽر پٽيوالي ڏانهن نهاري ٿو ۽ پٽيوالي مرڪي چيو؛ ”ها سائين ڪم لهي ويو آهي
”ٺيڪ آهي سيٺ صاحب، وڃ صاحب وڏي ڏانهن. رب مڙيئي چڱي ڪندو.“ پٽيوالو، سيٺ کي وٺي صاحب وڏي وٽ ويو.
”اچو اچو سيٺ وڏا. ويهو هتان ڪرسيءَ تي ٿي ويهو. حڪم ڪريو ڪئين تڪليف ڪَيوَ؟
سائين آ مسڪين غريب . . . . . . ! “
”سيٺ وڏا ڳالهه ٻڌ، هتي اسان وٽ هر ڪو ماڻهو ائين ٿو چوي ته سندس گذر به ڪو نه ٿو ٿئي، اسان کي خبر آهي ته مهانگائي آهي. پر توهان کي به خبر هئڻ گهرجي ته گذر سڀني جو ڏکيو ٿي پيو آهي. مهانگائيءَ جو رڳو اثر توهان تي ڪونهي پر اسان تي به پوي ٿو. پر ڇا ڪجي؟ نيٺ به ته رهڻو ته هتي ئي آهي. هاڻ جيڪڏهن قانوني حجتون ٿا پوريون ڪريون ته ڳالهه گوڙ کان چڙهيو ٿي وڃي تنهن ڪري اسان سڀني جي سهوليت لاءِ مڙيئي معمولي ڏيتي ليتي رکي آهي. هاڻ هيئن ڪر. ٻه سال توکي معاف آهن. باقي هڪ سال جو ٽيهن روپين جو چالان ٺهرائي وٺ ۽ ها، پٽيوالي کي به وات مٺو ڪرائج . بس هاڻ ته خوش ٿيئين .“
بس سائين جيڪا توهان جي مرضي .“

No comments:

Post a Comment