Tuesday, September 25, 2012

صَديءَ جو سفر- طارق قريشي


 صَديءَ جو سفر
طارق قريشي
ھن اکيون کولي ڏٺو ته پنھنجي مٿان بيٺل سفيد ايپرن ۾ ڪجھ ماڻھو نظر آيس، جن جي منھن تي به سفيد نقاب ھئا، کيس ھڪدم خيال آيو ته اھي ڊاڪٽر ئي آھن، ڇاڪاڻ ته ھو آپريشن ٽيبل تي ئي ليٽيو پيو ھو، ۽ جنھن جاءِ تي ھو ليٽيل ھو، اھا بلڪل ھڪ ليبارٽري يا آپريشن ٿيئٽر جو ڏيک ڏيئي رھي ھئي. ھن پاڻ کي ڏٺو ته سندس ھٿن پيرن ۾ ڪيترائي اليڪٽروڊز لڳل ھئا ۽ مٿي تي ڪا شيءِ چنبڙيل ھئس.، جيڪا ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آئي، شايد ڪو ڪنٽوپ ھوندو ۽ يقيناً ان ۾ به ڪي لِيڊز لڳل ھونديون. ھڪ ڊاڪٽر اڳتي وڌي ھن کي انھن شين کان آزاد ڪرايو ۽ ھن جي مٿان پلاسٽڪ جو شفاف اليڪٽرو ڪيپ لاھي رکي ڇڏيو، نڪ مان آڪسيجن جي نلڪيءَ کي آرام آرام سان ڪڍي ڇڏيائين، ۽ دل جي رفتار ٻڌائڻ لاءِ لڳل اليڪٽرو ڪارڊيوگرام جون ليڊز ھٿن پيرن مان لاھڻ کانپوءِ، آپريشن ٽيبل جي ڀرسان، لڳل مختلف ڊائلن واري مشين جا ڪيترائي بٽڻ دٻايا. بٽڻ دٻائڻ ۽ ڊائل گھمائڻ کانپوءِ، ھن جي مٿان لڳل لائيٽن جھڙي ليزر مشين مان، ھلڪي نيري رنگ جا شعاع نڪتا، جيڪي ھن جي سڄي بدن ۾ جذب ٿي ويا، ھن محسوس ڪيو ته ھن ۾ ھاڻ چرڻ پرڻ جي طاقت پيدا ٿي آھي، کيس ان ڳالھ جو چڱيءَ طرح احساس ٿيو، ته سندس جسماني طاقت جي اچڻ کان اڳ، سندس ذھني صلاحيتون بحال ٿي چڪيون ھيون، ڇاڪاڻ ته ھو گھڻي دير کان سوچي ۽ سمجھي رھيو ھو. ڊاڪٽرن ھڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ۽ اکين ۾ ھڪٻئي کي اشارو ڏنائون. ھيءُ اٿي ويھي رھيو. ويھڻ کانپوءِ اٿي بيٺو. ڊاڪٽرن ھن کي ٿورو حيرانيءَ وچان ڏٺو، پر ھن کي ڪجھ نه چيائون. ھي آپريشن ٿيئٽر ۾ ھلڻ لڳو، ڪجھ پل وکون کنيائين ۽ پوءِ ڊاڪٽرن جي سامھون اچي بيٺو ۽ کين سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ھڪ ڊاڪٽر ھن کي، آپريشن ٿيئٽر مان ٻاھر ھلڻ جو اشارو ڪيو. ھو ڊاڪٽر سان گڏ ٻاھر نڪري آيو. ھن پنھنجي باري ۾ سوچيو ته کيس سڀ يادگيريون اچي ويون. سندس ياداشت بلڪل صحيح ڪم ڪري رھي ھئي. ھن ھڪ ڪمري ۾ ويھڻ کانپوءِ ھڪڙي ڊاڪٽر کان پڇيو، ” ڊاڪٽر ھينري ڪٿي آھي؟


انھيءَ ڊاڪٽر ايپرن جو نقاب لاھيندي چيو، ”مان ڊاڪٽر ھينريءَ جو پوٽو آھيان. “
ھن کي حيرت ٿي، ۽ ڄڻ جھٽڪو لڳو، ڇا؟! تون ڇا پيو چوين ڊاڪٽر..... “
موزيز، مون کي موزيز چوندا آھن. “
پر ڊاڪٽر موزيز، اھو ناممڪن آھي ته ڊاڪٽر ھينريءَ جي عمر ٻاونجاھ سال ھجي، ۽ سندس پوٽي جي عمر لڳ ڀڳ پنجاھ سال ھجي.“ ھن ڊاڪٽر موزيز جي عمر جو صحيح اندازو لڳايو ھو.
مسٽر سچل، اھو ناممڪن ناھي، ڇو جو ائين آھي، پر جيڪو تون سمجھين ٿو، سو صحيح ناھي. مونکي خوشي ٿي آھي جو تنھنجي ذھن تي ڪوبه اثر نه پيو آھي، پر تنھنجي ذھانت شايد اڳي کان به اڳري ٿي آھي. ھا منھنجو ڏاڏو،اھو ته گھڻو اڳ ھڪ ھوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو، ان جي ڄمار انھيءَ وقت پنجونجاھ ورھيه ھئي ۽ جيڪو تجربو ھو، سو اڌ ۾ رھجي ويو. اڄ تقريباً ھڪ سؤ سال کانپوءِ، ان جي اڌ ۾ رھيل تجربي ۾ مون ۽ منھنجي ساٿي سائنسدانن ان وقت ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن توکي ھڪ سؤ سالن کانپوءِ اڳڱايو (De-frosted) ويو آھي. ڊاڪٽر موزيز ٿورو ساھي پٽي چيو، ”۽ اسانکي ڏاڍي سرھائي ٿي آھي، جو اڄ اھو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آھين.“
پر مان ته صرف پنجاھ سالن لاءِ يخ ( ڳڱايو ( Frozen ڪيو ويو ھئس، پوءِ مونکي پنجاھ وڌيڪ ڇو لاش بڻائي رکيوَ؟“
مجبوري ھئي مسٽر سچل، مجبوري ھئي. ان عرصي ۾ دنيا ۾ ڪيترائي انقلاب آيا، تبديليون ٿيون، ڪيئي وڏا طوفان آيا، دنيا ۾ الائي ڪيتري اٿل پٿل ٿي ۽..... اھو به تون شڪر ڪر، جو اڄ ٻيھر جيئرو ٿيو آھين. جيڪڏھن مان ڏاڏا جي اڳوڻي ليبارٽريءَ ۾ رکيل پراڻا فائيل نه پڙھان ھا ته، جيڪر توکي ائين ئي سردخاني ۾ صديون گذري وڃن ھا. مون تنھنجي فائيل ۾ پڙھيو ته تون ميڊيڪل جو شاگرد ھئين، توکي سائنس سان گھڻي دلچسپي ھئي، ۽ پوءِ ھڪ ڀيري ڏاڏا تنھنجي ڪاليج ۾ ليڪچر جو پروگرام ڪيو ھو، تو ليڪچر ۾ ڏاڏا کان کوڙ سوال ڪيا، ڏاڏا ڏٺو ته تون ھڪ ذھين نوجوان آھين، پوءِ ھن توکي پاڻ سان گڏ پنھنجي ملڪ ھلڻ جو چيو، ڏاڏا ھتي ھڪ وڏو تجربو ڪري رھيو ھو، ۽ پوءِ تو ڏاڏا جي ان انسانيت جي ڀلائيءَ واري جذبي کي ڏسندي، پنھنجا پنجاھ سال ڏاڏا جي تجربي کي ارپي ڇڏيا ھئا، ۽ نه رڳو اِھا قرباني ڏني ھئي، پر تو پنھنجو ديس ڇڏيو، مِٽ مائٽ ڇڏيا ۽ زندگيءَ کي به داوَ تي لڳايو ھو. “
ھا مونکي ياد آھي، “ سچل چيو، ” مونکي سڀ ڪجھ ياد آھي،
اتي ويٺل ھڪ سائنسدان چيو، ” توھان ھينئر ڇا پيا محسوس ڪريو؟
مان نارمل آھيان ۽ نارمل ماڻھوءَ وانگر محسوس ڪريان پيو. “
۽ ڀلا پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو، ته جيئن ھي ڪامياب تجربو پوري پوري معلومات سميت عام انسانن تائين پھچايون. “
ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر پنھنجي ايپرن جي کيسي مان ھڪڙو ننڍڙو نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ ڪجھ نوٽ ڪرڻ لڳو.
مونکي پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ۽ مون تي ٿيندڙ تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي خوشي ٿي محسوس ٿئي، جو منھنجو وجود ھڪ چڱي مقصد لاءِ ھڪ صديءَ تائين ڪم آندو ويو ۽ مان اڄ به پنجويھن ورھين جو نوجوان آھيان، جڏھن ته اڄ کان سؤ سال اڳ يعني ۱۹۹۲ ۾ به مان پنجويھن سالن جو ھوس. “ سچل ڀت تي ٽنگيل ۲۰۹۲ جي ڪيلينڊر ڏي ڏٺو.
ھو ٻڌائي رھيو ھو: ”مان ميڊيڪل ۾ پڙھندو ھوس، منھنجي دلچسپي سائنس سان گھڻي ھوندي ھئي، ان جو ھڪ وڏو سبب اھو ھو، ڇوته ان وقت منھنجي ديس جا عام ماڻھو ته ٺھيو، پر نوجوان به ان شعبي طرف تمام گھٽ توجھ ڏيندا ھئا، جڏھن ته منھنجي ديس جو حالتون تمام خراب ھيون ۽ انھن حالتن جي گھرج ھئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي زور وٺرائجي، تعليم ۽ شعور ڏنو وڃي. ڇو جو اسان جي ديس تي طبقاتي ۽ قومي، ٻئي ظلم چوٽ چڙھيل ھئا، مان پنھنجي شاگرد برادريءَ سان به اھي ڳالھيون ڪندو ھوس. “ ھن ڪجھ دير ترسي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ چيو: ” مون ان وقت جي سڀني ترقي پسند جمھوري ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد دوستن کي به چيو ته، علم ئي اھو ھٿيار آھي، جنھن سان راڪاس جھڙي دشمن کي به مات ڏئي سگھون ٿا. مون چيو ھو- اڄ جو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آھي. اڄ چؤطرف سماجَ به سائنس جي بنياد تي جُڙي رھيا آھن. زندگيءَ جي ھر ونھوار ۾ سائنس جو وڏو دخل آھي. منھنجي انھن ڳالھين تي ھو سڀ مونسان سھمت ھئا، پر عمل ڪرڻ وارا ڪونه ھئا، ايتري قدر جو منھنجو پارٽنر، يعني منھنجو روم ميٽ، مون سان ھاسٽل تي گڏ رھڻ وارو منھنجو دوست، جيڪو پاڻ کي ھڪ وڏو دانشور سمجھندو ھو، جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙھي چڪو ھو، سو مونکي چيڙائيندو ھو ۽ چوندو ھو- پارٽنر تون نعري بازي واري ادب جو شڪار آھين. جدوجھد جي ڳالھ تي چوندو ھو ته- اھو بدنام زمانا ڪتابي لفظ مونکي اُلٽي ٿو ڏياري. ۽ مونکي ياد آھي ته ھو ھڪ بيھودو ٽھڪ ڏئي مونکي چوندو ھو ته- احمقن جي دنيا مان نڪري اچ پارٽنر. مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي. يقيناً اڄ ھو دنيا ۾ ڪونه ھوندو. ھڪ سؤ سالن ۾ مري کَپي ويو ھوندو. چڱو ٿيو اھو مري ويو. ڪيڏو نه واھيات شخص ھو.
سچل ڪاوڙ ۾ سھڪڻ لڳو، ”اف، جيڪڏھن سو سالن ۾ مون وارو پارٽنر گذاري ويو ھوندو ته يقين اٿم ته بابا به گذاري ويو ھوندو. دنيا ۾ رڳو ھڪڙو پيءُ ئي ته منھنجو ھوندو ھو، نه ماءُ نه وري ڪو ڀاءُ ڀيڻ ھئا.
ھو روئڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس پرچايو. ھن وري ڪجھ دير کانپوءِ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ” مونکي چِٽي طرح ياد آھي ته مان سائنس جي مختلف موضوعن تي ريسرچ ڪندو ھئس ۽Thesis لکندو ھئس. ھڪ ڀيري مون پنھنجو ھڪڙو مضمون ھڪ اخبار ۾ شايع ڪرايو، مون لکيو ھو ته- ھندو مذھب جي آواگون واري Theory صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن به ڪنھن جاندار جا D. N.A (ڊي آڪسي رائيو نيو ڪليئس ائيسڊ) کي اَجنسي Asexual طريقي ٻئي جاندار ۾ منتقل ڪري، ھڪ ٻيو جاندار يعني Duplicate تيار ڪري سگھجي ٿو، سائنسدانن انھيءَ عمل کي Cloning جو نانءُ ڏنو آھي. ۽ اسان ان عمل سان انسانن مان نه رڳو موت جو خوف ختم ڪنداسين، پر موت کي به ختم ڪري ڇڏينداسين. مون لکيو ھو ته- آواگون جي نظريي جنم در جنم کيCloning ذريعي سچ ثابت ڪرڻ، سائنس جو ڪمال آھي. خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ مونتي وارنٽ نڪتا، مونتي ان وقت مذھبي ٺيڪيدارن ڪفر ۽ الحاد جو الزام مڙھيو ھو، منھنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيائون، مونکي تعزيرن جا نيئر پھرائڻ لاءِ سڀ ڀوپا پريشان ھئا، انھن ڏينھن ۾ توھان جي ملڪ جو مُھان سائنسدان، ڊاڪٽر ھينري اسان جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. ھن جڏھن ڪرايو بائلاجي(Cryobiology) تي ليڪچر ڏنو ته مون غور سان ٻُڌو ھو. ھن ٻڌايو ھو ته- ھاڻي جڏھن اوزون جي چادر ۾ به سوراخ ٿي پيا آھن ته انساني قوت گھٽجي رھي آھي. انسانن ۾ بيماريءَ خلاف مزاحمت ۽ مدافعت جي طاقت نه رھي آھي، ۽ ھاڻ جڏھن اڃا ايڊز، ڪينسر ۽ گينگرين جھڙين بيمارين جو ڪوبه مڪمل علاج نه پيو لڀجي، ته سائنسدانن اِھو ويچار ڪيو ته جيستائين وڃي انھن بيمارين ۽ انھن کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين جو ڪو ٺوس حل يا علاج لڀي، تيستائين انسان جي قيمتي جان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي. انھيءَ ڏس ۾ ڪرايو بائلاجي جي مدد ورتي وئي ۽ ان تي تيزيءَ سان تحقيق ڪري، اھا رپورٽ ڏني ته ڪرايو بائلاجي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي.
ڪرايو بائلاجي ڇا آھي؟ پھرين ان جي باري ۾ توھان کي ٻڌايان. ڪرايو بائلاجي ٻن يوناني لفظن جو ميڙ آھي Cryosمعنيٰ ٿڌو، يخ يا ڳڱيل يا ڳڱاٽيل ۽Biology معنيٰ جاندارن جو علم- ڪرايو بائلاجي ۾ اسان جاندارن ڳڱائي، مستقبل لاءِ سانڍي رکڻ ۽ وري ٻيھر ڳڱائڻ جو علم سِکون ٿا. شروع شروع ۾ جاندارن جا ڪجھ عضوا يا حصا ڳڱائي(Frozen) رکيا ويندا ھئا، پر ھاڻ مختلف تجربن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پھرين ڏيڏر، ڪتي ۽ ڀولڙي تي ڪيا ويا، انھن مان ھڪڙي ڳالھ جو انڪشاف ٿيو، ته ڏيڏر منجھ ھڪڙو ڪيميائي مادو گليسرول(Glycerol) ھوندو آھي، يخ ٿڌي ھنڌن تي ڏيڏر اھو مادو خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري سڀ کان گھڻو تجربو ڏيڏر تي ئي ڪامياب ثابت ٿيو ۽ .... “
ھن جو ليڪچر ختم ٿيو ته مون کانئس سوال ڪيو- سر جيڪڏھن يخ ڳڱائي(Frozen) ڪري انسان کي ڪجھ عرصي لاءِ ڪنھن ڪولڊ بينڪ ۾ رکون ۽ پوءِ ان کي اڳڱايون(De-frosted) ڪيون، ته ڇا انسان جا ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا؟ ھن جواب ڏنو- نه رڳو اھي ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا، پر گڏوگڏ انسان جي بند ٿيل دل جي ڌڙڪن ۽ رڪجي ويل ساھ به ھڪ نارمل ماڻھو وانگر وري ھلڻ شروع ٿي ويندا ۽ انسان جي ذھن تي ڪوبه خراب اثر نه پوندو. مون وري اُٿي بيھي سوال پڇيو، سر، اوھان جي چوڻ موجب ته سڀ کان پھرين اھو تجربو ڏيڏر پوءِ ڪتي ۽ پوءِ ڀولڙي تي ڪيو ويو ۽ اوھان ٻڌايو ھو ته ڏيڏر سخت ٿڌ جي حالت ۾ پنھنجي جسم مانGlycerol خارج ڪندو آھي، جيڪو ڏيڏر لاءِ اينٽي- فريزنگ(Anti-Freezing) وارو ڪم ڪري ٿو، جيڪو سندس گھرڙي(Cell) ۾ برف يا ٿڌ کي ڇائنجڻ نه ٿو ڏئي. توھان ٻڌائيندا ته انسان کي ڳڱائجي ته گليسرول ڪيتري ھجي ۽ اھو ڪٿان حاصل ڪجي؟
ويري گڊ، تون نھايت ذھين شاگرد آھين. “ پروفيسر ھينري مونکي چيو. گليسرول ۽ ٻين ڪيمائي مادن جي اڻاٺ ڪانھي، ان ڪري انھن جو حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي. ان کان پوءِ اھو اڃا مختلف تجربن مان معلوم ڪنداسين ته انسان لاءِ ڪيترو مقدار ھجي ۽ ان جو ڪيترو مُدو ڪم جي صلاحيت جي برقرار رھڻ لاءِ آھي، وغيرہ وغيرہ.
پروفيسر ھينري ليڪچر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، مون کي اڪيلائيءَ ۾ سڏ ڪيو ۽ چيو، تنھنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟
سچل، مون پروفيسر کي مُرڪندي ڏٺو ته مُرڪي چيم. “ ھن پڇيو ته توکي اُن سبجيڪٽ سان ڪيتري دلچسپي آھي؟ مون چيو، سر، اھو ئي ته زندگيءَ جو مقصد آھي.
مون سان گڏ منھنجي ملڪ ھل، اتي توکي ھر قسم جي سھولت، موقعا ۽ معلومات ملنديئي ۽ تون ھلي ھڪ کوجنادان ٿيءُ. ھِتي تنھنجون صلاحيتون ضايع ٿي وينديون. “
پر سر، مان پنھنجو ديس ڇڏي، ڪيئن ھلان؟ منھنجا ھم وطن ڏاڍا ڏکيا آھن. “
پروفيسر مون کي چيو، تون پنھنجي ھم وطنن کي ھينئر عارضي جدائي ته ڏيندين، پر موٽندين ته ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر تحفي ۾ ڏيندين، ڪيڏو نه بھترين تصور آھي؟
بس پوءِ مان ڊاڪٽر ھينريءَ سان توھان جي ملڪ ھليو آيس، ھتي مون ڪيترين بيمارين لاءِ نيون دوائون ايجاد ڪيون ۽ الائي ڪيترا تجربا ڊاڪٽر ھينريءَ سان گڏجي ڪيا ھئا. ھڪ ڏينھن اسان ھڪ تجربي کان واندا ٿياسين ته پروفيسر غمگين ٿي ويو ۽ مون کي چيائين، اسان کي ھاڻي انسانن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪرايو بائلاجي تي آخري ۽ حتمي تجربو ڪري، ان کي عام ڪرڻ گھرجي، پر افسوس ان لاءِ ھڪ انسان جي ضرورت آھي ۽ ان تجربي لاءِ ڪوبه ماڻھو تيار نه ٿيندو. ھن مون ڏي اداس نظرن سان ڏٺو ۽ مون کان پڇيو تهُ مان ڇا ڪريان، ڪٿان ماڻھو آڻيان، جنھن کي ڊگھي عرصي لاءِ (يخ) ڳڱائيCold bank ۾ رکون ۽ وري پوءِ کيس ڳڱايون ته جيئن ھي تجربو به انسانيت جي ڪم اچي.
پروفيسر ڏاڍو پريشان ھو، پورو ھفتو پريشانيءَ ۾ گذاريائين، پوءِ مون کان سَٺو نه ٿيو، جو منھنجو مھربان استاد، انسانن جي ڀلي لاءِ تڙپندو رھي ۽ مان ويھي سندس بي ڪيفيءَ جو تماشو ڏسان. مون کيس چيو، سر، مان پاڻ کي توھان جي تجربي لاءِ پيش ڪريان ٿو.
تون، نو.“ پروفيسر چيو؛ ”تون ھڪ ته اڳيئي ھتي الائي ڪيئن آيو آھين. ٻيو وري پنجاھ سال کن توکي ليٽ ڪرائجي، اِھو مون کان نه ٿيندو.“
چيومانس، سر، پاڻ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ھي سڀ ڪجھ ڪريون ٿا، اھو اسان جو ڪاز آھي. “
مون کيس ڏاڍيون منٿون ڪيون. مَسَ مَسَ پروفيسر ھينري راضي ٿيو. اڄ کان سو سال اڳي، رڳو پنجاھ ورھين جو گليسرول استعمال ڪيو ھئائين ۽ مون کي ڳڱائي ڇڏيائين. حيرت اٿم ته ھڪ صديءَ کان پوءِ به مان بلڪل ٺيڪ ۽ صحيح سلامت آھيان. “
سچل ڪجھ دير لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ لڳو، ” ھاڻي مان ٻه ڳالھيون توھان کان پڇڻ لاءِ آتو آھيان. مھرباني ڪري مونکي ٻڌايو ته ھاڻي انھيءَ تجربي جي ڪھڙي اھميت آھي، ۽ جيڪا به اھميت ھجي، ان سميت سڄي تجربي جي پوري ھسٽري فائيل مونکي ڏيو، ته مان پنھنجي ديس وڃي، وڌيڪ کوجنا ڪريان ۽ ٻيو مونکي ٻڌايو ته منھنجي ديس جو ڪھڙو حال آھي؟
ھڪ ڊاڪٽر کنگھڪار ڪري ڳلو صاف ڪيو ۽ چيو، ” مسٽر سچل، توکي ڳڱائڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ھينري ھڪ ھوائي حادثي ۾ گذاري ويو. پر تنھنجي باري ۾ سندس ليبارٽريءَ ۾ ھڪ فائيل رکيل ھو، جنھن ۾ تنھنجي باري ۾ ۽ توکيFrozen ڪرڻ جي ابتدائي رپورٽ لکيل ھئي. گذريل ھڪ سو سالن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون، ايتريقدر جو، انھيءَ تجربي تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر ھينريءَ جو اسسٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بروسٽ به گذاري ويو، جنھن کان پوءِ انھيءَ تجربي کي ڪجھ مھينا اڳ ڊاڪٽر موزيز پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ سندس محنتن اڄ توکي زندھ ڪيو آھي، تنھنجي فائيل ۾ تنھنجي ملڪ جو نالو به ڄاڻايل ھو. توکي اھو به ٻڌائيندا ھلون ته تون ڏکڻ ايشيا جي جنھن خطي سان تعلق رکين ٿو، ھاڻي اھو خطو ھڪ آزاد ۽ خود مختيار رياست آھي ۽ ترقي يافته پرڳڻن مان ھڪ آھي. ھا، ھي تجربو ڪامياب ويو آھي. ھن ۾ تنھنجي به اوتري محنت شامل آھي، جيتري اسان سڀني جي شامل آ. ان ڪري، ھن تجربي جي ھسٽري فائيل جي ھڪ ڪاپي توکي به ڏني ويندي. “
سچل اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته ھن جو ديس آزاد ۽ خودمختيار ٿي چڪو آھي. ھن چيو، ” مون کي جلد کان جلد پنھنجي ملڪ موڪليو. ھاڻي مان وڌيڪ انتظار ڪري نه ٿو سگھان. “
ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تنھنجي باري ۾ ھينئر اسان جا به ساڳيا جذبا آھن، تون پوري ھڪ صدي پنھنجي قوم ۽ ديس کان ڌار رھيو آھين. ھاڻي تون ڀلي پنھنجي ملڪ وڃ. اسان تنھنجي وڃڻ جو بندوبست ڪريون ٿا، پر اڃا به ھڪڙي سوال جو جواب ڏي ته تون ھڪ صديءَ کان پوءِ وري ھڪ نئون جنم وٺي چڪو آھين، تون ان باري ۾ ڇا ٿو محسوس ڪرين؟
سچل ٿورو کلي چوڻ لڳو، ” ائين ٿو لڳيم ته ڄڻ ڪنھن گھري ننڊ مان جاڳيو ھجان، باقي اندر ۾ ھڪڙي ھورا کورا اٿم ته انھن سو سالن ۾ الائي ڪھڙيون تبديليون آيون ھونديون. مان انھن کي قبول ڪري سگھندس يا نه؟
آل رائيٽ، “ ڊاڪٽر موزيز چيو، ” تون گھٻراءِ نه، تون تمام ذھين آھين، انھيءَ ڪري تون ان ۾ مس فٽ نه ٿيندين. ھاڻي تون ڪجھ دير آرام ڪر، رات جو تولاءِ ڪنھن نه ڪنھن فلائيٽ ۾ بندوبست ڪريون ٿا. “
ان کان پوءِ ڊاڪٽر موزيز ۽ سڀئي سائنسدان ڪمري مان نڪري ويا.
ھو ڏاڍو خوش ھو، سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رھي ھئي ۽ عجيب ڪيفيت ٿي رھي ھئس. ھُو جھاز مان ھيٺ لٿو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي خوبصورت لائونج ۾ گھڙيو، ھو ڏاڍو پرجوش ھو ته اوچتو ھڪڙو ھمراھ ھن وٽ آيو ۽ چيائين، ” اوھان ... مسٽر سچل آھيو نه؟
ھا. “
اچو مان اوھان جو ميزبان آھيان. “
سچل ھن سان گڏ لائونج مان نڪري آيو.
سچل سوچڻ لڳو ته ، ڪمال آھي، سؤ سالن کان پوءِ به سنڌي ٻولي پنھنجي اصلي حالت ۾ آھي.ھو ٻئي ھڪڙي ڪار ۾ اچي ويٺا. ميزبان چيو، ” منھنجو نالو سڀاڳو خان آھي. مان سياحت کاتي جو ڪارڪن آھيان، مونکي اوھان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. مونکي خبر پئي ته اوھان جي عمر سوا سؤ سال آھي، پر اوھان اڄ به نوجوان آھيو، توھان جس لھڻو، جو ھڪ نيڪ مقصد لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ جي سرڪار لاءِ اوھان تمام گھڻا اھم آھيو، جو اوھان ھڪ سو سال اڳ جي تاريخ آھيو ۽ گڏوگڏ ھڪ سائنسدان به آھيو، ان ڪري اوھان جي ذميواري اسانجي کاتي جي حوالي ڪئي وئي آھي ته سڀ کان پھرين اوھان کي سڄي ديس جا نظارا ڏيکارجن ۽ پوءِ اوھان کي ھتان جي شھريت ڏيڻ لاءِ ويچار ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اوھان سؤ سالن کان پوءِ ھتي آيا آھيو. ۽ اسان ھر ڪم ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪندا آھيون. “
سچل پنھنجي ميزبان جو ڳالھيون ٻڌي به رھيو ھو، رستي جي ٻنھي پاسن کان تمام وڏيون وڏيون عمارتون، صاف ۽ سڌا روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ساوڪ، گل ئي گل ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين، ” دادو ڪيڏو نه خوبصورت ۽ وڏو شھر ٿي ويو آھي!؟
رڳو دادو ڇا، سنڌ جو ھر شھر ھڪ ٻئي کان وڌيڪ آھي. “
واہ، ڏاڍي ترقي ٿي آھي. “ کيس مردن توڙي زالن جا ٻھڪندڙ چھرا ڏسڻ ۾ آيا، ھر ماڻھو چستيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان پنھنجي پنھنجي ڪم ڪار ۾ رڌل ھو. مرد توڙي عورتون ٻئي خوبصورت ھئا. مرد اڳي وانگر ٿلھا ۽ گنجا ڪونه ھئا، نه وري ڪنھن جو گھڻو پيٽ نڪتل ھو. رستا ۽ روڊ صاف، ڀتيون ۽ دروازا به اڇا اجرا ھئا. شھر جي ماڻھن جا به سادا ۽ رونق وارا مھانڊا ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڏن وڏن ڪشادن روڊن جي ھيٺان انڊر گرائونڊ بازاريون، ٽيوب ٽرينن جا رستا به الڳ الڳ ڏسڻ ۾ آيس. نظارن ڏسڻ کان اڃا واندو ڪونه ٿيو ھو، پر ميزبان جو خيال ڪندي پڇيائين، ” اوھان سياحت کاتي ۾ ڪھڙي عھدي تي آھيو؟
مان منسٽر فار ٽوئرزم اينڊ ڪلچرزم آھيان. “ سڀاڳي خان عام لھجي ۾ وراڻيو.
سچل کي ويساھه ئي نه پيو اچي، حيرانگيءَ سبب ڄڻ ھوش ئي نه رھيو ھجيس. سوچڻ لڳو: منھنجي ديس ۾ پاڙي جو ڪائونسلر مھينن کان پوءِ به نه لڀندو ھو. ھزار کن باڊي گارڊ کڻڻ کان پوءِ ڪو وزير نڪرندو ھو ۽ ھي وزير ايڏو سادو ۽ نھٺو آھي، جو نه ڪو کڻي باڊي گارڊ، نه ڪو وري ٽانءِ اٿس. ڪيڏو نه نياز سان مليو ھو. چئي پيو ته- سياحت کاتي ۾ ڪارڪن آھيان. سچل ڏاڍو متاثر ٿيو، ڪجھه سوچي وري سڀاڳي خان کان پچيائين، ” ھتي ڪھڙو نظام ھلي پيو؟
سنڌ ۾ ھيومن ايڪيولزم آھي. ملڪ جا سڀ ادارا جمھوري انداز ۾ جوڙيا ويا آھن، ۽ ھتي جو نظام سماج سان ٺھڪندڙ آھي. ھاڻي سنڌ جو اھو قائم ڪيل نظام سڄي دنيا ۾ رائج ٿي چڪو آھي.“
سنڌ جي خارجه پاليسي ڪھڙي آھي؟
سنڌ جي خارجه پاليسي ۽ سنڌ جو وڻج واپار به برابريءَ جي بنياد تي پنھنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺن ناتن جي حوالي سان قائم آھي. مثال طور بلوچستان مان گئس وٺندا آھيون، ۽ ان کي تيل ڏيندا آھيون. بلتستان مان سنگ مرمر امپورٽ ڪندا آھيون، ان کي سيمينٽ ايڪسپورٽ ڪندا آھيون ۽ اھڙيءَ طرح سرائڪي ديس، پختونستان، پنجاب، ھندوستان، خالصتان، بنگلاديش وارن سان سٺا واپاري ناتا آھن. ھن سڄي ريجن ۾، ڪنھن به علائقي کي پنھنجي فوج ڪانھي. ڇو جو اھو بين الا قوامي امن معاھدي ۾ طئه ڪيو ويو ھو، باقي، انتظامي معاملن کي ھلائڻ لاءِ ڪجھه فورسز آھن. “
مون کي ڪنھن سائنسدان سان ملاءِ ته مھرباني ٿيندي. “
ھا ھا، ڇونه. منھنجو ڀاءُ سائنسدان آھي، ھاڻ تازو سائنس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي اٿس، ھل ته ھلي ملايانءِ. “
سڀاڳو خان ھن کي وٺي پنھنجي ڀاءُ ڏي آيو، جنھن سان ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ، سچل کي اڃا به وڌيڪ حيراني ۽ خوشي ٿي.ھو سوچڻ لڳو: ھتي ڪيڏو نه مانڊاڻ مچي ويو آھي، ھي سڀ ڪجھه صرف منھنجو ھڪ خواب ھو، جيڪو ساڀيان بنجي پيو آھي. ڪيڏو نه مان ڀاڳوان آھيان، جو پنھنجو ديس آزاد ۽ خوشحال ڏٺو اٿم.
سچل، سڀاڳي خان جي ڀاءُ سوڀاري خان جي سائنسي آبزرويٽري جو جائزو وٺندي چيو ته ” ھتي ڀلا ڪا ليبارٽري به آھي؟
ھا ھتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ليبارٽري اڳيان جوھيءَ ۾ آھي، ۽ ان جي ٿورو پريان جبلن ۾ اسان جو نيوڪليئر پلانٽ به آھي. “
نيوڪليئر پلانٽ!“ سچل وڌيڪ حيران ٿي ويو. ”ھا، ان کي قائم ٿئي ته کوڙ وقت ٿيو آھي. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انرجي حاصل ڪرڻ جا ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ھر شھر ۾ لڳي چڪا آھن. گڏوگڏ ٿر ۾ سولر انرجي پلانٽ به لڳل آھي. “
سوڀارو گھڻي دير تائين سچل کي ھتي ٿيندڙ ترقي جي ڪمن جون ڳالھيون ٻڌايون، جڏھن گھڻي دير ٿي ويئي ته سچل به کانئس موڪلايو. ان کان پوءِ سڀاڳو، سچل جي چوڻ تي کيس آبدوز ٺاھيندڙ فيڪٽري، سنڌو ھيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ( SHMC )گھمائڻ وٺي ويو. سچل اتي پھچڻ کان پوءِ چيو ته، ” ڇا مان جنرل مئنيجر سان ملاقات ڪري سگھان ٿو؟
وائي ناٽ. “ کيس جواب مليو.
ٿوري دير ۾ ئي ھڪ مڪينڪ ٽائيپ ھمراھ ھنن وٽ آيو، ھن جا ھٿ پير منھن ۽ ڪپڙا تيل ۽ گريس لڳل ھئا، بنھ گدلو پئي لڳو، ھڪڙي سُٽ جي ويڙھي سان پنھنجا ھٿ اگھي، ھن مٿي تان پي ڪيپ لاھي سچل کي سلام ڪيو. سچل کيس اڇاترو جواب ڏنو. ڪجھ دير ترسي ھمراھ ڏٺو ته سچل ھن ڏي توجھ نه ٿو ڏئي ته چيائين، ” سائين مان اوھان جي ڪھڙي خدمت ڪريان؟
اسان کي جي ايم سان ملڻو آھي. “ سچل بي پرواھيءَ سان چيو.
حڪم ڪريو، مان ئي جنرل مئنيجر آھيان. “
ڇا؟ سچل جو وات پٽجي ويو.
ھا سائين، اچو ته پاڻ ھلي ڪٿي ويھون، ڪم جو وقت آھي، نه ته آفيس ۾ ھلي ويھون ھا. “ جنرل مئنيجر ھنن کي وٺي ھڪ ڪينٽين ۾ آيو، ڪينٽين جي ڪائونٽر تي رکيل ٽيليفون کڻي نمبر ملائي چيائين، ” سائين، مون وٽ مھمان آيل آھن، مان پنھنجي حصي جو ڪم ٿوري دير کان پوءِ اچي ڪندس. “ فون رکي سچل کي ھن ٻڌايو، ” اسان جو سپروائيزر ھو، کيس ٻڌايم ته پوءِ ايندس. “
توھان جي ايم آھيو ۽ ھڪڙي سپروائيزر کان موڪل ٿا گھرو؟ ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. “
ادل، مان کڻي جي ايم ٿيس ته ڇا ٿيو. مون کان وڌيڪ ڪم سپروائيزر ڪري ٿو ۽ اسان ٻئي گڏجي ڪم ڪريون پيا. جيڪڏھن کيس انفارم نه ڪريان ته اھا بداخلاقي چئبي. ٻيو ته پنھنجي حصي جو ڪم ته مونکي ڪرڻو ئي آھي. “
سچل جي نيڻن مان خوشيءَ وچان لڙڪ وھي آيا. دل ۾ چوڻ لڳو، ” انھن ڏينھن جي آس ھئم، برابر اڄ منھنجي قوم عروج تي آھي، ھاڻ منھنجي قوم عظيم آھي، جو اخلاق جا سڀ اعليٰ قدر ( Values )منجھس پيدا ٿي چڪا آھن. “
سچل رومال سان وھي آيل ڳوڙھا اُگھيا ۽ جي ايم سان رھاڻ ڪندي پڇيائين، ” اوھان جي تعليم ڇا آھي؟
ھونئن ته ڊگريءَ جي حساب سان ڪجھ به نه آھي ۽ مان اصل ۾ مڪينڪ آھيان، پر صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڏسندي ڏيپلو يونيورسٽيءَ مون کي بِي اِي جي اعزازي ڊگري ڏني آھي ۽ پيداوار جي وزارت منھنجي ڪارڪردگيءَ جي ساراھ ۾، مون کي ملڪ جو وڏو اعزاز ” ھوشو ايوارڊ “ پڻ ڏنو آھي. “
سچل جي ايم سان به کوڙ وقت حالي احوالي ٿيو ۽ پوءِ ان کان به موڪلائي، سڀاڳي خان سان زرعي فارم ڏسڻ لاءِ مٺياڻي پھتا. مٺياڻيءَ جو زرعي فارم سَون ايڪڙن تي پکڙيل ھو، ڏاڍو صاف ۽ سٺو. فصل جي اُپت ڏسي سچل دنگ رھجي ويو. فارم تي لابارو ھلي رھيو ھو، ھن جي تصور ۾ به ايڏو وڏو ۽ خوبصورت فارم ڪونه ھو، جيڪو ھن کي ھتي نظر آيو ھو. مختلف فصلن کي ڏسندي آخر ھو ڪڻڪ جي لاباري کي ڏسڻ لڳو. سچل ڏٺو ته لابارو ڪندڙ ھاري ڏاڍا ٽپ ٽاپ ۽ سُريلا ڏسڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ھن ھڪڙي لابارو ڪندڙ ھاريءَ کي سڏ ڪيو ۽ فصل بابت پڇڻ لڳو، ان ھاريءَ کيس، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ فصل بابت معلومات ڏني، ھاري جڏھن ٻيھر لاباري ۾ جُنبي ويو، ته ھن سڀاڳي خان کان پڇيو، ”ھتي جديد ٽيڪنالوجي موجود آھي، پوءِ به لابارو ھٿن سان ڪري رھيا آھن ڇو؟
اھو پنھنجي تجربي ۽ مشاھدي لاءِ پيا ڪن. ھينئر جيڪو ھاري توسان ڳالھائي ويونه، اھو کاڌ خوراڪ کاتي جو سيڪريٽري منوج ڪمار اٿئي، وڏو ماھر ايگريڪلچرسٽ آھي. “
سچل سوچڻ لڳو: ان کي چئبو آ قوم ۽ ڌرتي سان پيار، ھي مون سان گڏ سياحت جو وزير آھي، پر عام ماڻھوءَ وانگر گھمندو ٿو وتي ۽ ھوڏانھن ھڪڙو جنرل مئنيجر آھي، ھيڏانھن ھي ڪامورو آھي. پنھنجي ھٿن سان ويٺا ڪم ڪن، پوءِ ڪيئن نه منھنجو ديس ترقي ماڻيندو؟ ڪيڏو نه خوشحال ۽ سزسبز آباد آھي، ھن کي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، ڪٿي وري نه ڪو غاصب پرمار، منھنجي ملڪ تي ھلان ڪري، ھن پنھنجي خوف جو اظھار سڀاڳي خان سان ڪيو.
سڀاڳي خان چيو، ”سنڌ جي فوج ته ٻين علائقن جيان ڪونھي، ڇو جو ھاڻي ھر ملڪ، ھر خطو، ۽ ھر ماڻھو امن گھري ٿو، ۽ ھاڻي اھي اڳي واريون حالتون به ڪونھن، تنھن ھوندي به اسان جي ھر مرد توڙي نارِي، ھر ٻڍي چاھي ٻار، کي فوجي سکيا ڏنل آھي ۽ ھر مھيني ٻه ڏينھن سندن فوجي تربيت ڪئي ويندي آھي. “
سچل ڏاڍو خوش ٿيو، ھُو پنھنجي آڱر کي چڪ ھڻڻ لڳو. سڀاڳي خان ھٿ پڪڙيندي پڇيس، ” ڇو، ڇو خير ته آھي؟
ھا خير آ، مان چڪ پائي ٿو ڏسان ته ڪٿي مان ڪو سپنو ته ڪونه ٿو ڏسان؟
سڀاڳي خان کان ٽھڪ نڪري ويو. چوڻ لڳو، ” ڪيترا چڪ پاڻ کي ھڻي پڪ ڪندين؟ اھا ته بلڪل حقيقت آھي، جيڪا تنھنجي سامھون آھي، محنت ۾ عظمت آھي پيارا. “
سڄو ڏينھن گھمڻ کان پوءِ، شام جو ھو سڀاڳي خان سان سندس گھر آيو، سڀاڳي خان پنھنجي گھر واريءَ جي باري ۾ ٻڌايس ته ” ھوءَ ھڪ سول انجنيئر آھي، ان ڪري ھوءَ شام جو پنھنجي ڊيوٽيءَ تان واپس ايندي آھي، ڇو جو ميرپور بٺورو ۾ ٺھندڙ فوٽ بال اسٽيڊيم جو پراجيڪٽ، ھن جي ئي نگراني ھيٺ ھلي رھيو آھي، ھوءَ صبح جو سويل ئي واپس ويندي آھي. “
سچل پڇيو، ”پوءِ توھان جي گھريلو زندگيءَ تي اثر ڪونه ٿو پوي؟
پھرين ڳالھ ته ديس جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪجھ ته ڏيڻو پوندو، ان ڪري ان قسم جي قربانيءَ لاءِ ذھني طور تيار ھئڻ گھرجي، ٻي ڳالھ ته منھنجي زال لاءِ ۽ ھتي ھڪڙي ٻي به مڪينيڪل انجنيئر مائي، اسان جي پاڙي ۾ رھندي آھي انھن لاءِ ھيليڪاپٽر ايندو آھي ۽ کين ورائي ڇڏي به ويندو آھي. سو گھڻي ڏکيائي ڪانه ٿئي. “
سڀاڳو خان ڪِچن ۾ ويو ۽ چانھن جا ٻه مگ ٺاھي آيو، ھن وَٽ ڪوبه نوڪر ڪونه ھو، ھڪڙو مگ سڀاڳي خان پنھنجي مھمان کي پيش ڪيو.
سچل کي پاڻ چانھن جي ڏاڍي ضرورت محسوس ٿي ھئي، چانھن پيئندي سچل پڇيو، ” ھي فليٽ گھڻو وڏو ڪونھي، سرڪاري آھي؟
سنڌ جي حڪومت عوامي آھي، ان ڪري ھن فليٽ کي سرڪاري چئو يا عوامي، ڳالھ ساڳي آھي. ھن فليٽ ۾ ۽ عام ماڻھوءَ جي فليٽ ۾، ڪوبه فرق نه آھي. جھڙيءَ طرح مون ۾، اوھان ۾ يا ڪنھن عام ماڻھو ۾ ڪوبه فرق ڪونھي. “
سچل کي ھينئر ڪوبه تعجب نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ھو سمجھي ويو ته ملڪ ۾ ڪابه طبقاتي اڻ برابري ڪانھي. ھتي جا ماڻھو سڀ محنتي، بااخلاق ۽ ساڃاھ ڀريا آھن. انھيءَ وقت فون جي گھنٽي وڳي. سڀاڳي خان فون کنيو، چيائين، ” ھا سائين. “
ٻئي طرف الائي ڇا ڳالھايو ويو. سڀاڳي خان ٽھڪ ڏئي چيو، ” ھا ھا، مھمان مون وٽ ترسيل آھي. “
ھا ھا، ڏاڍو حيران. “
ھا، سڀاڻي وٺي ايندومانس. “
اڇا، ھا ھا. “
چڱو. “
ھا. “
وسي سنڌ- سدا جيئي سنڌ. “
سڀاڳي خان فون رکيو. سچل کي چيائين، ” ڀونگر ڪنڀار جو فون ھو. “
ڀونگر ڪير آھي؟
ڀونگر سنڌ جو وزير اعظم آھي، ٻيو ڪير آھي، توکي اھا به خبر ناھي؟ ھن تنھنجي باري ۾ ته مون کان ور ور پئي پڇيو. “
يعني ته سنڌ جو وزير اعظم منھنجي ايتري يادگيري رکي ٿو. “
ھا، ھو سڀاڻي توسان ملندو. تون ھن سان ملڻ ھلندين نه؟
ھا ھا، مان ضرور ھلندس. “
ٺيڪ آھي، سڀاڻي اتان ٿي پوءِ توکي سنڌ جا خوبصورت ھنڌ گھمائيندس، جھڙوڪ: کيرٿر پارڪ، گورک ھلز وغيرہ وغيره. “
ٻئي ڏينھن ھو سنڌ جي گاديءَ واري ھنڌ ڀٽ شاھ پھتا. جتي لطيف جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ، وزير اعظم ھاؤس ويا، پرائيم منسٽر ھاؤس وٽ ڪوبه چوڪيدار يا گارڊ وغيرہ ڪونه ھو. نھايت سادي انداز ۾ ٺھيل ھڪ عام بنگلو ھو. وزير اعظم جي گھر جي ڪال بيل وڄايائون، ٿوري دير کان پوءِ ھڪڙو ننڍڙو نينگر آيو، جيئي سنڌ چئي ٻنھي سان مليو. سڀاڳي خان پڇيس، ” پٽ، بابا ويٺو آھي؟
ھا ويٺو آھي. مون کي چيو ھئائين ته چاچا سڀاڳي خان سان گڏ ھڪ مھمان ايندو، انھن ٻنھي کي وٺي اچجان. “
ھو ٻئي ننڍڙي ڇوڪري جي پٺيان وڃڻ لڳا. سچل ننڍڙي نينگر کي چيو، ” بابلا، تنھنجو نالو ڇاھي؟
دودو. “
ڀلا تنھنجو ڪو ڀاءُ چنيسر به آھي؟ “ سچل کانئس وري سوال ڪيو.
نه، ھاڻي سنڌي ماءُ چنيسر ڪونه ڄڻيندي آھي. “ ننڍي ٻار جواب ڏنو.
سچل کي ياد اچي ويو ته ھو ۲۰۹۲ ۾ ڳالھائي رھيو ھو. کيس دودي جو جواب ڏاڍو وڻيو.
ھو دودي سان گڏ جيئن ئي اندر پھتا ته سچل وڌيڪ وائڙو ٿي ويو. ڇو جو ھڪڙي وڏي ڪمري ۾ باقائدي ڪنڀارڪو واڙو ھو، ڌرتيءَ ۾ چڪ لڳل ھو ۽ ڀرسان مٽيءَ جا ٺھيل مختلف قسمن جا ڪچا ٿانو پيل ھئا، ۽ اتي ئي ٿورو پريان رائيٽنگ ٽيبل تي ليمپ جي روشنيءَ ۾ ھڪڙو ھمراھ ڪجھ لکي رھيو ھو، ھنن تي نظر پيس ته مُرڪي اٿيو ۽ ٻنھي سان ڀاڪر پائي مليو. سچل ڏي اشارو ڪري چيائين، ” ھي آھي اھو سو سالن جو نوجوان؟
سڀاڳي خان ھاڪار ڪئي ۽ سچل کي ٻڌايو ته ” ھي ڀونگر ڪنڀار آھي، اسان جو وزير اعظم.“
سچل حيران ٿيڻ کان وڌيڪ خوش ٿيو، جو ھن جي ديس جو حڪمران ڪيڏو نه سادو سودو، نھٺو ھو، گھر به عام ماڻھن جھڙو، ڪوبه پھرو، ڪابه سڪيورٽي ڪانه ھئي ۽ ھڪ مختصر آفيس ۾ لِکي ويٺو، شايد ته ، اھي ٿانوَ به پاڻ ٺاھيا ھوندئين. ڏاڍو ڀلو ماڻھو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.
وزير اعظم کين اتي رکيل مُوڙن تي ويھڻ لاءِ چيو، پاڻ ميز جي خاني مان بسڪوٽن جو پيڪيٽ ڪڍي سڀاڳي خان کي چيو، ” ھي کولي مھمان کي کاراءِ ته مان ٿاڌل کڻي ٿو اچان. “ ھن جي وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ دير نه لڳي، ھو ٿاڌل کڻي آيو.
سچل ٿورو ھٻڪندي ھٻڪندي چيو، ” ھڪڙو سوال پڇان؟
ھا ھا پڇ. “
توھان وزير اعظم آھيو، پوءِ ھي سڀ ڪجھ ..... “ سچل چَڪ ۽ پنوڙن ڏي اشارو ڪيو.
ادا، مان اصل ۾ ڪنڀر آھيان. منھنجا وڏا به ڪنڀر ھئا ۽ مان گھڻو ڪري روزانو پريڪٽس ڪندو آھيان، اھي ٿانو جوڙڻ ته موھن جي دڙي کان وٺي اسان جي ثقافت آھي، اسان اھي ٿانو ايڪسپورٽ به ڪندا آھيون، ان مان جھجھو ناڻو به ملي ٿو. جيڪو مان سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائيندو آھيان ته جيئن ڪنھن چڱي ڪم ۾ ڪتب اچن ۽ ھي جيڪو تون پاڻ سان گڏ سڀاڳو خان ڏسين ٿو، ته اھو به ھڪ ڀلو ڊکڻ اٿئي. ووڊ ورڪ ۾ پڻ ڊپلوما ڪيل اٿس، ھي پارٽ ٽائيم ۾ جنڊي مشين تي ڪم ڪندو آھي ۽ سنڌ کي ناڻو ڏيندو آھي. “
توھان ھي ٿانو آويءَ ۾ پچائيندا ھوندا. اوھان جي آوي ته ھن بنگلي ۾ ٿي نه ٿي سگھي. “
ھتي آوي نه، پر اليڪٽرڪ بٺي آھي، آويءَ کان به بھترين، جديد ٽيڪنالوجيءَ تي مشتمل بٺي آھي، جنھن ۾ ٿانو پچي راس ٿيندا آھن. “ ڀونگر چيو.
ٿوري دير ترسي ڀونگر، سچل کي چيو، ” توھان کي ھتي ڪا ڏکيائي، ڪا تڪليف ته ڪانھي؟
”نه تڪليف ته ڪابه ڪانه اٿم، پر جڏھن کان آيو آھيان، تڏھن کان ذھن ۾ ڪجھ ٻي آترويلا آھي، سو اھا آنڌ مانڌ جيستائين ختم نه ٿيندي، مزو نه ايندو. “
ڇا ڳالھ آھي، سڀاڳا خان، توھان مھمان کان اڃا تائين حال احوال ئي نه ورتا آھن، ڇو؟“ ڀونگر، سڀاڳي خان کي سڌو سنئون مخاطب ڪيو.
”نه سائين، سڀاڳي خان مون سان اِلاھي ڳالھيون ڪيون آھن ۽ احوال ورتا اٿئين، پر جيڪا ڳالھ مون ھينئر اوھان کي چئي، ان جو ذڪر اڃا ته ڪنھن سان به نه ڪيو اٿم، ڇو ته مان جڏھن پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجي ڌرتيءَ واسين سان مليس، مون جڏھن پنھنجو خوشحال ديس ۽ آسودا ماڻھو ڏٺا. مون چوڌاري خوشيون ۽ خوشبو، پيار ۽ امن ڏٺو، ساوا کيت ۽ سونا سنگ ڏٺا، مون محنتي مارو، مشينن سان جھيڙيندي ڏٺا، تڏھن مون کان سڀ ڪجھ وسري ويو. ھا، مون کان وسري ويو ته سؤ سال اڳ، مان ڊھندڙ ڀرندڙ جاگيرداري ۽ اسرندڙ سرمائيداري جي دؤر ۾ ٻوساٽيل پساھ کڻي چڪو آھيان، مان ايڏا انياءَ ڏسي چڪو آھيان، جو ھي نياءَ ڀريو نئون نظام، ھي ترقي ۽ خوشحالي، ھي مھا خوش قسمتي، جنھن کي معجزو چئجي، جادو چئجي يا دعا چئجي پر مون لاءِ نه رڳو حيرت انگيز، پر ھنياءَ ڦاڙ خوشيءَ جو سبب آھن. مون کي ڊپ ٿو لڳي ته ڪٿي مان ايڏي خوشيءَ وچان مري نه وڃان يا ڪٿي ائين نه ٿئي، جو اک کلي ۽ خبر پوي ته اھو منھنجو ڪو سُندر سپنو ھو، جيڪو ٽٽڻ کان پوءِ منھنجي من کي به ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي. “
”اھي ڳالھيون ته ٿيون، پر جيڪا ڳالھ مون کي اڃا بي چين پئي ڪري، سا اھا آھي ته منھنجا مائٽ، منھنجي ڳوٺ جا ماڻھو ڪيئن آھن، ڪھڙي حال ۾ آھن، منھنجي شھر جاتيءَ ڪھڙي ترقي ڪئي، منھنجا ٻيا مائٽ يا ٻيا ماڻھو مون ننڍپڻ يا جواني ۾ ڏٺا، اھي جيڪڏھن زندھ نه ملندا ته اھو ايڏو عجيب ناھي، پر اھي ننڍڙا ٻالڪ ھاڻي پوڙھا ھوندا، پر خبر نه جيئرا به ھوندا يا نه، جيڪي جاتيءَ جي بازارين ۽ گھٽين ۾ اڌ اگھاڙا گھمندا ۽ ڪڏندا وتندا ھئا. مان اھي عقيدي جا پختا سھڻا سانگيئڙا ڏسڻ چاھيان ٿو، جيڪي کير جا لوٽا ڀري مگربين بادشاھ جي درگاھ ڌوئندا ھئا. مان جاتيءَ جون گھٽيون، گھيڙ، گھر، رستا، روڊ، پنڌ ۽ پيچرا، پسڻ چاھيان ٿو، ته اتي ڪھڙي ترقي ٿي آھي، ڇا شھر جي ڀر مان وھندڙ واھ اڄ به ائين ئي وھي ٿو؟ ڇا واھيري جي ويل اڄ به ايڏي سونھن ۽ سنگيت محسوس ٿئي ٿو؟
مان پنھنجي جنم ڀومي جي مخصوص ھڳاءَ کي پنھنجي ساھن ۾ سمائڻ چاھيان ٿو. منھنجي ڳوٺ جا ننڍڙا ٻالڪڙا جن ۾ علو کٽيءَ جو ڪن ڪٽيل نينگر، موسيٰ ٿھيم جو سِنگھ ڳاڙيندڙ گول مٽول گٽڪڙو پٽ، عمر چانگ جي پوپري نياڻي، جيڪا گدلي ھوندي به ڏاڍي معصوم، سھڻي ۽ گُڏين جھڙي لڳندي ھئي. ۽ ٻيا .... ۽ خدا کي خبر ته الائي ملندا يا نه .... پر شايد نه .... سؤ سال گذري ويا آھن. “
ڀونگر ۽ سڀاڳو خان ماٺ ڪري ھن جي جوشيلي مُک ۾، ۽ ھن جي پنھنجي شھر ۽ وطن سان سِڪ، محبت ۽ لڳاءَ کي محسوس ڪري، خوش ٿي رھيا ھئا.
ڀونگر وڏي ڳنڀيرتا وچان چيو، ”اوھان کي ضرور اوھان جو شھر جاتي گھمائبو، جاتيءَ جا کوڙ ماڻھو وڏي تعداد ۾ اڄ به پنھنجي اباڻن ڪکن ۾ رھن ٿا، مطلب ته جاتي اسان جو بندرگاھ آھي، سنڌ جو ٽيون وڏو بندرگاھ آھي، توھان دلجاءِ رکو. “
سڀاڳي خان به چيو، ”ھا ڀائو، اوھان اھڙي ڳالھ جو اڃا اظھار ڪيوئي ڪونه ھو، جاتي پورٽ ٽرسٽ جي چيئرمين ذاڪر کٽي اوھان جي مانَ ۾، آجياڻي جي ھڪ پارٽي منعقد ڪئي آھي، ان پروگرام ۾ اوھان جي شھر جا سڀ ماڻھو ايندا ۽ اوھان جي ڀليڪار لاءِ، اوھان کي مڃتا ڏيڻ لاءِ، اوھان سان ھڪ سرھي سانجھ ملھائڻ جو طئه ڪيو ويٺا آھن. “
اھو ٻڌي سچل ڏاڍو خوش ٿيو، ته جھڙي طرح پنھنجي ديس ڌياڻَن کي ھن ياد رکيو ھو، ان کان به گھڻو پيار، پاٻوھ ۽ اُڪير ھن جي لاءِ سانگيئڙن کي به ھئي.
ڀونگر سان ھن کوڙ دير تائين ڪچھري ڪئي، ڀونگر ھڪ پَل لاءِ به ھن کي اھو محسوس نه ڪرايو، ته ھو ڪنھن وڏي حاڪم سان ويٺو آھي، پنھنجائپ وارو ماحول ۽ ٻاجھارو لھجو، جيڪو سنڌين جو اصل ورثو آھي، جنھنجي کوٽ ڪڏھن به نه رھي آھي ۽ قيامت تائين ڪانه ٿيندي.
ڀونگر چيو، ”يار اصل ۾ مونڏي ماڻھن جا ڪجھ خط آيل آھن، انھن جا جواب ڏيڻا آھن ۽ ٻاھرين ملڪن سان ڪاروباري معاملن تي لک پڙھ لاءِ ڪجھ ليٽرز ٽائيپ ڪرڻا اٿم، اوھان جي اجازت ڏيو ته ڪچھري ڪندي، گڏوگڏ اھو به ڪم مڪمل ڪندو رھان. “
ڪو پي اي يا سيڪريٽري وغيرہ ڪونه آھي ڇا؟ “ سچل پڇيو.
يار، جيڪو ڪم آءٌ ڄاڻان ٿو، اھو پاڻ ڪرڻ بدران ٻئي ھمراھ کي سِيڙايان، ان سان وقت جو زيان به ٿيندو ۽ ھڪ خراب روايت به جنم وٺندي. “
اوھ، ھا واقعي اھو ائين به ڏاڍو سٺو آھي، اصل ۾ منھنجي ذھن تي پنھنجي اڳوڻي دؤر جا اثر آھن، ان ڪري اھڙيون ڳالھيون پڇي ٿو ويھان، ھوريان ھوريان ٺيڪ ٿي ويندس. “
ڪا ڳالھ ڪانھي، “ سڀاڳي مرڪي آٿت ڏنس.
ڀونگر کان موڪلائيندي، چيائينس، ”ھاڻي اسانکي موڪل ڏيو، مونکي ھن سان گڏ گورک ھلز به وڃڻو آھي، ۽ ڳوٺ به.“
ھا ھا ڀلي، پر ھاڻ توھان جو ڳوٺ شھر ٿي ويو آھي، وڏو شھر.“
پوءِ اسان ھلون؟
ھا، اچو ته اوھان کي دروازي تائين اُماڻي اچان. “
ڀونگر ھنن کي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.
پوءِ يارو ياري. “
ھا، الله واھي. “
ھنن ڀونگر کان موڪلايو.
ھو اتان موڪلائي روانا ٿيا.
ھاڻ مان توکي گورک ھلز گھمائڻ وٺي ھلان ٿو. “ سڀاڳي خان ڪار ۾ ويھڻ کان پوءِ چيو.
وايا مانجھند ھو سنڌو نيشنل ھاءِ وي تان ٿيندا گورک ھلز ڏي روانا ٿيا. گورک ھلز ڏانھن ويندڙ رستو ڏاڍو ڪشادو ۽ خوبصورت ٺھيل ھو. رستي جي ٻنھي طرفن کان ميويدار وڻن جون قطارون ھيون. جابلو رستو ھو، ان ڪري ھر ھڪ لنگھ ۽ لڪُ ڏسڻ وٽان ھو. ھنن جي ڪار ورن وڪڙن واري رستي تي ڊوڙي رھي ھئي. آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھئا. ٿڌڙي ٿڌڙي ھوا گھُلي رھي ھئي، ٻن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ، ھنن کي ماحول ۾ ٿڌڪار محسوس ٿي، سڀاڳي خان اعلان ڪيو ته، ” اسان گورک ھلز تي پھچي ويا آھيون، گورک ھل دنيا جي ڪنھن به ھل اسٽيشن کان گھٽ ناھي.
سچل دل ئي دل ۾ مڃيو ته- ھا واقعي ڪيڏو نه سُندر ھل اسٽيشن آھي، سڄو رستو به وڻڪار ۽ ساوڪ سان ڀريل ھو، واٽ تي ديال جا ڊگھا ڊگھا وڻ، منظر کي ڏاڍو رومانوي بنائي رھيا ھئا، ھن آسمان ڏي ڏٺو ته سڄو ڪڪرن سان ڍڪيل ھو. ھڪ طرف کان ڏاڍا وڻندڙ ڪاٽيج ٺھيل ھئا، ھتي ته ڪوھ مريءَ جي به جاءِ ناھي، واقعي شاھ سائين جي دعا جو اثر آھي- سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار. ھو منظرن جي سحر ۾ گم ٿي ويو. مختلف بازارون، مارڪيٽون به ائين گھميائين، ڄڻ ته ھن تي ڪو جادو ٿي ويو ھجي. گھمندا گھمندا ھو ھڪڙي جبل وٽ مٿاھين حصي تي پھتا، جتي ڪڪرن جي آلاڻ به ھنن جي مٿي کي لڳي پئي، سچل ھٿ کڻي مٿي وٽ ھڪڙي ننڍڙي ڪڪر کي ھٿ لاتو ته سندس ھٿ ٿورو آلو ٿي ويو. سچل خوش ٿيندي چيو، ” اسان سمنڊ جي سطح کان گھٽ ۾ گھٽ پنج ھزار فوٽ ته مٿي ھونداسين. “
ڪڪر تيزيءَ سان ڇانئجي رھيا ھئا.
پنج نه، اٺ ھزار فوٽن جي بلنديءَ تي آھيون. مريءَ کان به وڌيڪ گورک جي اوچائي آھي. “
ھلڪي ھلڪي ھوا ھاڻ تيز ٿي چڪي ھئي.
ھنن کي ٿوري ٿڌ محسوس ٿي رھي ھئي، اونھاري جي مند ھئي، اُن ڪري بغير ڪوٽ يا جئڪيٽ جي گھمي رھيا ھئا.
سياري ۾ ته ھتي برفباري ڪري ٽيمپريچر مائنس ٽين کان به گھٽجي ويندو آھي. “ سڀاڳي ٻڌايس.
سچل، سڀاڳي خان کي چيو، ”ڀاءُ، مون صديءَ جو سفر ڪري پنھنجو ڀيانڪ ۽ بدترين ماضي وڃائي، ھڪ شاندار ۽ سونھري مستقبل ماڻيو آھي. مان ھڪ ٻج وانگر، پنھنجو پاڻ کي فنا ڪري، سَلو ٿي اڀريو آھيان. منھنجو ھو سو ورھين جو سفر سڦل ثابت ٿيو، ھاڻ مان پنھنجي شھر ويندس، جتي منھنجا پنھنجا منھنجي اوسيئڙي ۾ آھن. ھونئن ته سنڌ سڄي منھنجو گھر آھي، تنھن ھوندي به مان پنھنجي نئين جنم کي، گذارڻ لاءِ شروعات اتان ئي ڪندس، جتان منھنجي وجود جي مٽي ڳوھي وئي ھئي. ھاڻي مھرباني ڪري مونکي منھنجي شھر وڃڻ جي موڪل ۽ سنڌ ۾ سنڌيت جي سَند ڏئي اجازت ڏيو ته مان ھڪ صدي پڄاڻان، پنھنجو ھڪ نئون سفر شروع ڪيان، جنھن مان سنڌ جي دائمي وقار جي ساک باسجي.

No comments:

Post a Comment