Sunday, September 16, 2012

هي ڪراڙو ڪير آهي؟ - امر جليل


هي ڪراڙو ڪير آهي؟
امر جليل
هاڻي مان ٿي ويو آهيان ڏاڍو پوڙهو. بنهه کک ٿي ويو آهيان. ٻين پوڙهن وانگر مون به پوڙهي ٿيڻ جي ڪجهه علامتن تي ڪي قدر ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. خبر اٿو ته ڇا ڪيو اٿم؟ غور سان پڙهجو. اوهين ڀل جوان هجو، اڌڙوٽ هجو، هڪ نه هڪ ڏينهن اوهان کي پوڙهو ضرور ٿيڻو آهي. بس سگهارن ادارن جي مشٽنڊن جي وَر نه چڙهجو. جيڪڏهن ڌڻي چاهيو تڏهن به اوهين پوڙها ٿي نه سگهندا. مشٽنڊن جي ور چڙهي وڃڻ کانپوءِ اوهين گم ٿي ويندا. اوهان جو نالو نشان گم ٿي ويندو. ڄڻ ڪڏهن ڄاوا ئي نه هئا.!


پوڙهي ٿيڻ جو ڪجهه ظاهري ۽ ڪجهه پوشيده نشانيون آهن. پوشيده نشانين جو ذڪر هرگز نه ڪندس. جيڪڏهن ڪيم ته پوءِ هيءُ ڪالم شايع نه ٿيندو. سينسر ٿي ويندو. مان فقط پوڙهي ٿيڻ جي ظاهري نشانين جو ذڪر ڪندس. قلم ڪاغذ کڻو ۽ نوٽ ڪندا وڃو. پر، اوهين جيڪڏهن ناظم، نائب ناظم يا ڪائونسلر قسم جي ڪا شيءِ آهيو ۽ جنرل پرويز مشرف پاران هيٺين سطح تي جمهوري حڪومت هلائي رهيا آهيو ۽ اڌ اکري آهيو ته پوءِ اوهين ڪالم جي خاص خاص ڳالهين هيٺان ڳاڙهي يا سائي پينسل سان ليڪو ڏيئي ڇڏجو ۽ ڪالم وارو پنو ڦاڙي ويهاڻي هيٺان رکي ڇڏجو. ورائي ورائي ويٺا پڙهجو.
پوڙهائپ جي پهرين نشانين ۾ الله سائينءَ طرفان تحفي ۾ مليل ڏند لڏي پوندا آهن. ڪجهه ڪري پوندا آهن. ڪجهه ڏندن کي ڪيئون کائي ڇڏيندو آهي. مون پنهنجي وات مان الله سائينءَ طرفان مليل ڏند ڪڍائي نقلي ڏند هڻائي ڇڏيا آهن. ڏاڍو تنگ ڪيو هئائون. مون وات ۾ ٻن قسمن جا نقلي ڏند هڻائي ڇڏيا آهن. هِڪڙا ڏيکارڻ لاءِ ۽ ٻيا کائڻ لاءِ. ڏيکارڻ وارا ڏند سامهون لڳل آهن. ڏيکارڻ وارن ڏندن سان کائي نه سگهبو آهي. فقط چڪ پائي سگهبو آهي. کائڻ لاءِ منهنجي وات ۾ هوڙون لڳل آهن. ڏند جوانيءَ ۾ به ڪري پوندا آهن. پر ان لاءِ محبوبه جي مڙس، پيءُ يا ڀاءُ جو وات تي ٺونشو کائڻو پوندو آهي. رقيب به اسان جا ڏند ڀڃي سگهندو آهي. جيڪڏهن اوهان کي کلڻ ايندو هجي ته پوءِ اوهين ڏيکارڻ وارن ڏندن سان کلي سگهو ٿا. اوهين کنڊا نظر نه ايندا.
پوڙهائپ ۾ وار ڇڻي پوندا آهن. چمڪڻي ٽڪڻ ظاهر ٿي پوندي آهي، جنهن تي ترڪڻ هئڻ سبب ڪنهن به قسم جي مک ويهي نه سگهندي آهي. جوانيءَ ۾ به مٿي جا وار ڇڻي پوندا آهن، پر اڪثر جوان پبلڪ کي پنهنجي سيني ۽ ٻانهن جا وار ڏيکاري ڪم هلائي ويندا آهن. اوهان اڪثر ڏٺو هوندو ته ٺوڙها نوجوان، جوان ۽ اڌڙوٽ قميص جون ٻانهون کُنجي ۽ سيني جا بٽڻ کولي ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي نموني ٻانهن ۽ سيني جي گهاٽن وارن جو نماءُ ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ ڪلاسيڪل مثال سنڌ اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر جو ڏيئي سگهجي ٿو. پر سندس نالو استحقاق مجروح ٿي پوڻ جي ڊپ کان کڻي نه ٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ تائين اوهان کي انهن ٻن ميمبرياڻين جا نالا ٻڌائي نه سگهيو آهيان، جيڪي پاڪستان جي سمورين صوبائي اسيمبلين ۽ قومي اسيمبلين ۾ ويٺل ميمبرياڻين کان وڌيڪ سهڻيون آهن. بي انتها سهڻيون آهن. استحقاق اها بلا آهي جيڪا چونڊيل مردن وٽ هوندي آهي، ته عورتن وٽ به هوندي آهي. آهي نه تعجب ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه؟
مان سنڌين جي ذهني ڪيفيت ۽ سندن گندا خيال چڱي طرح سڃاڻان، ڇو جو مان پاڻ ڪٽر قسم جو بدبودار سنڌي آهيان. مون کي خبر آهي ته استحقاق جي باري ۾ اوهين ڇا سوچي رهيا آهيو. يار ڪو حياءُ ڪريو. اجايو ڏند شيڪي گد گد نه ٿيو. هاڻي پوڙهائپ جي ڪجهه ٻن علامتن طرف توجهه ڏيو. سڄي ڄمار بڪواس ٻڌندي ٻڌندي پڇاڙيءَ ۾ ماڻهو يا ته صفا ٻوڙو يا ڪجهه ڪجهه ٻوڙو ٿي پوندو آهي. مان ڪجهه ڪجهه ٻوڙو ٿي پيو هوس. هڪڙي ڏينهن ٻڌم صدر مري ويو. مٺائي وٺي ماڻهن ۾ ورهايم پوءِ خبر پئي ته صدر سڳورو ڪوهه مري ويو هو. گذاري نه ويو هو. اجايو وسوسن ۾ نه پئو. پاڪستان ۾ انيڪ صدر ٿي گذريا آهن. مان انهن مان ڪنهن هڪ صدر جو ذڪر پيو ڪريان. مان چريو نه ٿيو آهيان جو صدر جنرل پرويز مشرف جو ذڪر  ڪندس، جنهن کي ستر هزار سالن تائين پاڪستان تي حڪومت ڪرڻي آهي!
پاڻ جهڙي مولائيءَ جي گهر، ويٺي دال ماني کاڌيسين. پاسي کان ويٺل همراهه، سرٻاٽن ۾ مون کي چيو؛ ”واهه جو زال اٿس.“
مون کيس سرٻاٽن ۾ دٻ پٽيندي چيو؛ ”اڙي ڪو شرم ڪر. دوست جي زال لاءِ اهڙا غليظ خيال ٿو رکين!“
ڏاڍي چڙ لڳس، رڙ ڪري چيائين؛ ”مان دال جي تعريف پيو ڪريان. ڪُندن جي زال جي نه! خدا جي واسطي ڪنن جو علاج ڪراءِ!“
چٽو ۽ صاف ٻڌڻ لاءِ، مون ڪن ۾ هڪ اوزار هڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي مان خانبهادر کُهڙي کي خانبهادر گهوڙو نه سمجهندو آهيان. سڀ ڪجهه چٽو ٻڌي سگهندو آهيان. اُهي ڳالهيون به ٻڌي سگهندو آهيان، جيڪي اڳئين شخص جي من ۾ هونديون آهن. اجايو حيران نه ٿيو. دنيا ۾ اهڙا ماڻهو عام جام ٿي پيا آهن، جيڪي پوريءَ پڪ سان اڳڪٿي ڪري سگهندا آهن ته طوفان ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت ايندو. مينهن ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت وسندو. اهڙا ماڻهو ميٽريالاجيڪل ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندا آهن ۽ کين چڱي چوکي پگهار ملندي آهي. ڪجهه سؤ سال اڳ، هن دنيا ۾ ڪو اهڙي اڳڪٿي ڪري ها ته بلاسفيميءَ جي الزام ۾ ڦاهيءَ چڙهي وڃي ها. پوڙهي ٿيڻ کانپوءِ ديد به جهڪي ٿي ويندي آهي. سج چڙهڻ ۽ سج لهڻ واري ويل جي خبر نه پوندي آهي. چڙهندڙ سج بدران، لهندڙ سج کي سلام ڪندا آهيون ۽ خوار ٿيندا آهيون. گهران ٽنڊي الهيار لاءِ الهه توهار ڪري نڪرندا آهيون، ۽ غلط بس ۾ سوار ٿي ٽنڊي باگي پهچي ويندا آهيون. جوانيءَ ۾ نظر گهٽ ٿي پوي ته پوءِ وڏو ظلم ٿي پوندو آهي. پريان محبوبا جي ماءُ تي محبوبا جو ۽ محبوبا تي محبوبا جي ماءُ جو گمان ٿي پوندو آهي. اهو نظر جو فريب، غير شرعي آهي. اوهان کي گهاڻي  ۾ پيڙهائي سگهي ٿو. خيال ڪجو بابا! اسلامي رياست ۾ ٿا رهو.
اهڙن مسئلن کان بچڻ لاءِ، مون آپريشن ڪرائي، اکين ۾ عاليشان لينس هڻائي ڇڏيا آهن. مٿي تي ڪارن وارن جي پيوندڪاري ڪرائي ڇڏي اٿم. نوان گوڏا هڻايا اٿم. مون سان ملندئو ته اوهان کي چڱي چوکن جوانن کان نوجوان لڳندس. بس پوڙهائپ جي هڪ علامت تي ڪنٽرول ڪري نه سگهيو آهيان. ان بدبخت علامت ششدر ڪري وڌو آهي. جيڪڏهن ياد رهيو ته ٻن هفتن کان پوءِ اوهان سان پوڙهائپ جي پشيمان ۽ پريشان ڪندڙ علامت جو ذڪر ڪندس. تيستائين اوهين ڀَل مغز ماريندا رهو. سوچيندا رهو ته پوڙهائپ جي اها علامت ڪهڙي آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي شرمندو ڪري وجهندي آهي.

No comments:

Post a Comment