Sunday, September 9, 2012

وڻ جي مٿان - ولي رام ولڀ

وڻ جي مٿان
ياسو ناري ڪاواباتا/ ولي رام ولڀ
جاپاني ڪهاڻي
ڪيسوڪي جو گهر درياءَ جي اُن ڪناري تي آهي، جتي اهو سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. درياهه باغ جي ڀرسان وهندو هو، پر پنهنجي بند جي اوچائيءَ جي ڪري اُهو گهر کان نظر نه ايندو هو. پراڻي ڪناري کان، جنهن تي صنوبر جا وڻ هڪ قطار ۾ بيٺل هئا ۽ جيڪي بند کان ٿورو هيٺ هئا، باغ جو هڪ حصو ڏسڻ ۾ ايندو هو ۽ ان جا وڻ به ڄڻ صنوبر جو باغ لڳندا هئا. صنوبر جي وڻن جي هڪ پاسي کان ڪارن چيني صنوبرن جي واڙ هئي.


مچيڪو، واڙ مان لنگهڻ جي جاءِ ٺاهي، ڪيسوڪي سان کيڏڻ لاءِ هلي ايندي هئي. اصل ۾ هوءَ ساڻس ڪجهه وقت گهارڻ لاءِ ايندي هئي. مچيڪو ۽ ڪيسوڪي، ٻئي ڄڻا چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندا هئا. سامهون کان يا باغ جي پوئين دروازي کان اچڻ بدران، ههڙي طرح واڙ جي هيٺان کان جُهڪي اچڻ جي راز جي خبر رڳو انهن ٻنهي ڄڻن کي هئي. ڇوڪرين لاءِ اها ڳالهه ايڏي سولي نه هئي. هوءَ جڏهن پنهنجي مٿي ۽ چهري کي ٻنهي هٿن سان ڍڪي ۽ پنهنجي چيلهه ڪُٻي ڪري، واڙ جي هيٺان ٽٻي هڻندي هئي ته باغ ۾ وڃي پوندي هئي، ۽ گهڻو ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪيسوڪي جي ٻانهن ۾ ڏسندي هئي.
ڪيسوڪي مچيڪو کي واڙ مان اچڻ جو طريقو سيکاري ڇڏيو هو ته جيئن ماڻهن کي خبر نه پوي ته ميچڪو هر روز اچي ٿي.
”مون کي اهو طريقو پسند آهي، جيتوڻيڪ منهنجي دل ايڏي ڌڙڪي ٿي جو بس!“ مچيڪو چيو.
هڪ ڏينهن جڏهن ڪيسوڪي صنوبر جي وڻ تي چڙهي، هڪ ڏار تي وڃي ويٺو ته مچيڪو اچي وئي. هوءِ ساڄي يا کاٻي پاسي ڏسڻ کان سواءِ، ڪناري سان گڏ گڏ تيز هلندي واڙ جي ڀرسان بيٺي، جنهن جي هيٺان هميشه لنگهندي هئي. هن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. مچيڪو پنهنجي ڊگهي ٽن وارن واري ڳُنڌيل چوٽيءَ کي اڳيان آڻي، چوٽيءَ جي اڌ کي وات ۾ قابو ڪري، پنهنجي پاڻ کي سنڀاليندي، واڙ جي هيٺان گهڙي ويئي. وڻ تي ويٺل ڪيسوڪي پنهنجو ساهه روڪي ڇڏيو. جڏهن هوءِ واڙ مان نڪري باغ ۾ آئي ته کيس ڪيسوڪي نظر نه آيو. سندس خيال هو ته هو اُتي ئي ڪٿي هوندو. ڊپ وچان هوءَ واڙ جي ڇانوَ ۾ لڪي ويهي رهي، جتان ڪيسوڪي کيس بلڪل نٿي ڏسي سگهيو.
”مچن...مچن...“ ڪيسوڪي سڏ ڪيس. مچيڪو واڙ مان نڪري باغ جي چوڌاري ڏٺو.
”مچن، مان صنوبر جي وڻ تي آهيان، جتان ڪيسوڪي جو آواز اچي رهيو هو، مچيڪو اوڏانهن نظرون ڊوڙائي هڪ لفظ به نه ڳالهايو.
ڪيسوڪي چيو، ”باغ مان ٻاهر هلي آءُ، مچيڪو.“
مچيڪو واڙ مان نڪري ڪيسوڪي ڏانهن ڏٺو.
”تون هيٺ هلي آءُ!“
”مچن، وڻ تي چڙهي  هلي آءُ هي ڏاڍو سٺو هنڌ آهي.“
”مان چڙهي ئي نٿي سگهان. تون به ٻين ڇوڪرن وانگر مذاق ٿو ڪرين، هيٺ هليو اچ.“
”تون مٿي اچ. وڻ جون ٽاريون وڏيون آهن، تون به مٿي اچي سگهين ٿي.“
مچيڪو ٽارين تي نظر وڌي. ”جيڪڏهن مان ڪِري پيس ته سڄو ڏوهه تنهنجو ٿيندو، ۽ جيڪڏهن مري ويس ته پوءِ ته مون کي ڪا خبر ئي نه پوندي.“
هن اول هيٺين ٽارين کي جهلي چڙهڻ شروع ڪيو. جيستائين هوءَ مٿي نه آئي، تيستائين ڪيسوڪي پنهنجو ساه روڪي رکيو. جڏهن هوءَ ڪيسوڪي جي ٽاريءَ تي پهتي ته مس وڃي ساهه کنيائين.
”مان چڙهي ويس... نيٺ چڙهي ويس.“ سندس اکيون چمڪڻ لڳيون. ”مان ڊڄان ٿي، مون کي ٿورو جهلجان.“
”چڱو.“ ڪيسوڪي مچيڪو کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو.
پنهنجي ٻانهن ڪيسوڪي جي ڳچيءَ ۾ ورائيندي مچيڪو چيو:
”هتان ته سمنڊ به ڏسي سگهجي ٿو.“
”هتان هر شيءِ ڏسجي ٿي، دريا جي پار، ايتري قدر جو دريا جي مٿان به ...چڱو ٿيو، جو تون هيستائين چڙهي آئينءَ. مچن، تون سڀاڻي به ساڳيءَ طرح چڙهي اچجان!“
ڪجهه دير ماٺ رهڻ کان پوءِ ڪيسوڪي چيو، ”اهو هڪ راز آهي. وڻ تي چڙهڻ ۽ هتي هن طرح رهڻ.... اهو هڪ راز آهي. مان هتي اچي ڪتاب پڙهندو آهيان ۽ پنهنجي اسڪول جو ڪم به ڪندو آهيان، جيڪڏهن تو ڪنهن کي اها ڳالهه ٻڌائي ته چڱو نه ٿيندو.“
”ڪنهن کي به نه ٻڌائينديس.“ مچيڪو پنهنجو ڪنڌ رضامنديءَ وچان جهڪائي ڇڏيو. ”تون آخر پکي ڇو ٿو بنجي رهين؟“
”ها، اها ڳالهه مان توکي ٻڌايان ٿو... منهنجا ماءُ پيءُ پاڻ ۾ ڏاڍو وڙهندا هئا. منهنجي ماءُ چوندي هئي ته هوءَ مون کي وٺي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر هلي ويندي. اهڙيءَ حالت ۾ مون کي انهن جي شڪل به نه وڻندي هئي، انهيءَ ڪري مان باغ جي هن وڻ تي چڙهي لڪي ويهي رهندو هئس. هو چوندا هئا، ڪيسوڪي ڪيڏانهن هليو ويو، ۽ مون کي هر هنڌ ڳوليندا هئا، پر مان نه ملندو هئس. هڪ ڏينهن مون وڻ تان ڏٺو ته منهنجو پيءُ منهنجي ڳولا ۾ سمنڊ تائين هليو ويو. اها گذريل بهار جي موسم جي ڳالهه آهي.“
”سندن جهيڙو ڪهڙي ڳالهه تي هو؟“
”توکي خبر ناهي؟ منهنجي  پيءُ پنهنجي گهر هڪ ٻي عورت آندي هئي.“
مچيڪو ماٺ ۾ رهي.
”مان ان وقت کان گهڻو ڪري هِن وڻ تي اچي ويهندو آهيان، منهنجي ماءُ پيءُ کي انهيءَ ڳالهه جي اڃا تائين خبر ناهي، اهو هڪ راز آهي.“ ڪيسوڪي ٻيهر پنهنجي اطمينان لاءِ چيو.
”مچن، سڀاڻي کان تون به پنهنجي ڪلاس جا ڪتاب هتي کڻي اچج، پاڻ پنهنجو ڪم هتي ئي ڪنداسين اسان کي سٺيون مارڪون به ملنديون. سموري باغ ۾ سدا بهار ڪيميليا جا گهاٽا وڻ آهن، جن جا پن تمام گهڻا آهن. اسان کي ڪوبه ماڻهو زمين تان يا ٻئي هنڌان ڏسي ئي نه سگهندو.“
سندن وڻ جي مٿان رهڻ جو راز تقريبن ٻن سالن تائين راز رهيو ۽ جنهن هنڌ وڻ جو ٿُڙ ٻن حصن ۾ ورهايل هو، اُتي اهي ٻئي نهايت آرام سان ويهي رهندا هئا. مچيڪو هڪ ٽاريءَ تي پنهنجون ٽنگون پساريندي هئي ۽ ٻيءَ تي ٽيڪ لڳائيندي هئي. ڪجهه ڏينهن اهڙا به هوندا هئا، جڏهن جهرڪيون به اُتي اچي ويهنديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن صنوبر جي نوڪدار پنن سان هوا ٽڪرائبي هئي ته سيٽيون وڄڻ لڳنديون هيون. جيتوڻيڪ هو زمين کان ڪجهه گهڻي اوچائيءَ تي نه هئا، پوءِ به محسوس ٿيندو هو ته اُهي ٻئي پيار ڪندڙ هئا ۽ بلڪل هڪ ٻيءَ دنيا ۾ آهن. هن زمين کان تمام گهڻو ڏور.

No comments:

Post a Comment