Tuesday, September 4, 2012

ڊاڪٽر - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڊاڪٽر
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
نوڪر سلپ آڻي سندس سامهون ٽيبل تي رکي، هن نمي مٿس نگاهه وڌي ۽ جلد هٻڪندي نوڪر کي چيائين، “جلدي، جلدي موڪلينس!“
پردو مٿي ٿيو. هن جون پريشان نظرون در مان لنگھي ايندڙ پيءُ جي نظرن سان ٽڪريون. هن پنهنجي جسم تي ڪوِليون ڊڪندي محسوس ڪيون کيس پيءُ جي اکين ۾ شفقت بجاءِ پريشاني ۽ مايوسي نظر آئي، من ۾ ٽٽل انسان جي ڪوڪار ٻڌائين، شڪايتن جي اٿندڙ طوفان سندس نظرن کي جھڪائي ڇڏيو. سندس والد سامهون ڪرسي تي ٿي ويٺو ۽ ڄڻڪ امرت ڀريل پيالو ڇلڪي پيو هجي. ”ڇو ٻچڙا! تون ته هميشه سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ جو تمنائي هوندو هئين، هڪ اهڙي ڊاڪٽر ٿيڻ جو... جو غريبن ۽ بي واهن جي مدد ڪري، مريضن جو آٿت بڻجي... اٻوجھ انسانن سان پاٻوهه ۽ همدرديءَ وچان ملي، مٿن ظلم ۽ ڏاڍ جي ڇپن کي ٽيڪ ڏئي. مون کي حيرت ٿي، جڏهن کٻڙ ٻڌايو ته تنهنجي نوڪر کيس ان ڪري تو سان ملڻ جي موڪل نه ڏني، جو هو سندس کيسي کي ڳورو نه ڪري سگھيو. ڪرمونءَ ڳالهه ڪئي ته تو بيمار پٽ کي گھر تائين هلي ڏسڻ ۾ هرج سمجھيو. ديدار ٻڌايو ته هن جو واحد سهارو کانئس ان ڪري هميشه لاءِ رسي ويو جو هن وٽ تنهنجي في ڀرڻ جي حالت ڪو نه هئي... ٻچڙا! ٻچڙا ڇا هي سچ آهي؟ ڇا تو وٽان خلوص، محبت ۽ همدردي فنا ٿي وئي آهي؟ ڇا تون انسانيت جي عظيم رشتي کي ڀلائي ويٺو آهين؟ ڇا تنهنجي دل کي دولت جي حرص ايترو ڪٺور بڻائي ڇڏيو آهي جا غريب لاءِ نه ڦٿڪندي آهي؟ ڇا لالچ تنهنجي اکين تي اهڙا کوپا چاڙهي ڇڏيا آهن، جي مجبور انسانن جي منهن تي پيل گھنج به نه ڏسي سگھن؟“


جذبا سندس والد جي اکين مان ڳوڙهن جو روپ ڌاري وهي پيا ۽ ۽ هن جو پورو وجود به هن جي همدرد دل جيان ڦٿڪي رهيو هو.
”بابا سائين!“ ڊاڪٽر جا چپ ڌار ٿيا، ڄڻڪ اڪ جي ڏانڍي کي چير اچي ويو، ”توهان منهنجي اِنسلٽ ڪري رهيا آهيو.“ اڪ جي اڇي کير جهڙو ڪڙو آواز هوا ۾ ڦهلجي ويو.
”جيڪڏهن تون انسانيت جي سبق کي بي عزتي ٿو سمجھين ته بي شڪ سمجھ... پر بابلا! تون پنهنجي عظيم پيشي جي حسين مجسمي کي داغدار نه ڪرين ته بهتر... تون ڊاڪٽر آهين، انسانيت جو خادم، تنهنجي لاءِ امير توڙي غريب هڪ هئن گهرجن.“ شفقت جي ورڇ فضا معطر ڪري ڇڏي.
”اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان مان پنهنجون اميدون ڪڏهن به پوريون نه ڪري سگھندس. مان ڪڏهن به ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۽ بنگلو... اعلى سوسائٽي ۾ اعلى مقام... حسن جي ديوي پروين ڪڏهن به حاصل نه ڪري سگھندس.“ حرص و هوس جو بوتو زمين کان آسمان تائين ڪر موڙي نڊرتا سان بيهجي ويو.
”سچي عظمت انساني خدمت ۾ آهي، ٻچڙا... تون انسانيت جي خدمت ڪر، اعلى مقام تو کي پاڻ ئي ڳولي لهندو... غريبن، بي واهن، بي ڪسن جي دلجوئي ڪر. غريب گلاب جي گل مثل آهن، جي ڏکن جي ڪَنڊن ۾ پلجي به، گلستان کي سڳنڌ بخشيندا آهن. تون ان سڳند کي حاصل ڪر، تنهنجي منزل تو ڏانهن پاڻ ئي وڌي ايندي... سچو حسن ته اخلاق ۾ آهي، پائوڊر ٿڦيل منهن ۾ ڪو نه آهي. جن کي تون سوسائٽي جي پاڙ سمجھين ٿو، بي بوءِ سورج مکي گل جيان اٿئي، جيڪي خوشين جي روشني ته دل کولي قبول ڪندا آهن پر مصيبت جي اوندهه کان ڊڄي ڪوماڻجي منهن هيٺ ڪري ڇڏيندا آهن...“ اڃا به شفقت جي خوشبوءِ ختم نه ٿي هئي، ”ٻچڙا، سيٺ صبور جي ڌيءُ پروين کي تو غيرن جي ٻانهن ۾ به ڏٺو هوندو، ته...“
”بابا... آ... آ...“ هوس جو ديوتا، سچ جي تيغي جو ڌڪ برداشت نه ڪري سگھيو. ”مان ٻار ناهيان جو اوهين مون کي سمجھائڻ آيا آهيو... مان پنهنجو برو ڀلو پاڻ ئي بهتر سوچي سگھان ٿو... انسانيت...! همدردي...! مون کي ڪجھ به ڏئي نه ٿا سگھن.“ هن جي غصي ڀريل منهن تي پيل گھنجن ۾ اضافو ٿي ويو.
”ٻچڙا!“ شفقت جو درياءُ جوش ۾ اچي ويو، ”ڇا تون غريبن جي خون سان پنهنجي ٻنيءَ کي ريج ڏيندين؟“ هڪ نهر وهي هلي.
”بس بابا،“ هن منهن ڦيري پيءُ کي پٺي ڏئي ڇڏي، ”مان ڪجھ بڌڻ نه ٿو چاهيان، اوهين هليا وڃو.“
محبت پدري اکين مان وهي پئي. هن پنهنجي ڏڪندڙ چپن کي ڀڪوڙي ڇڏيو، ڄڻڪ انسانيت جي ڊٿل مجسمي مان اڏامندڙ مٽيءَ کي پنهنجي سيني ۾ دٻائي ڇڏيو هجائين. ڪنڌ مٿي ڪري پٽ جي پٺيءَ ۾ چتائي نهاريائين، ڄڻڪ هن جي دل تي ڦِٺ ڪيائين جا قدرت سان ڀريل هئي. هٿ وڌائي کيسي مان لفافو ڪڍي ٽيبل تي ڦٽو ڪري... اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
ڊاڪٽر مڙي ٽيبل جي مٿان پيل لفافي کي گھوري ڏٺو. هٿ وڌائي لفافو کولي پنو ڪڍيائين. سندس هٿ ڏڪي ويا. پريشاني سندس منهن تي وري وئي. سندس ئي لکيل خط هو، سال اڳ جو، جڏهن هو ٽئين سال جو شاگرد هو:
سٻاجھا بابا سائين،
اڄ صبح ننڊ مان جاڳندي آنڊن ۾ وٽ پوندا محسوس ڪيم، ذهن ۾ ڳوراڻ ۽ دل ڪچي ڪچي ڀانيم. ڪکين وٽان اٿندڙ وٽ اکين اڳيان اوندهه طاري ڪري ڇڏي، ساهه سيني ۾ منجھي پيو، ٻئي هٿ زور سان ڀڪوڙي، برداشت ڪندي، ڪامن روم مان اچي هاسپيٽل فون ڪيم. ايمبولينس تي چڙهي هاسپيٽل پهتس. پروفيسر جي ڪمري اڳيان مڪروهه صورت وارو پٽيوالو بيٺو هو. مون کي ڏسي سندس منهن گھنج هڻي ويو. سوچيم، ”هي ڊاڪٽر ته ڊاڪٽر جي عظمت تي داغ آ، نڄاڻ ڪيترائي مريض ته هي نوڪر ئي دڙڪا ڏئي موٽائيندو هوندو. غريب ويچارا هن جون خوشامندون ڪندا، خرچي ڏيندا، تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر سان ملي سگھندا.“ اهو سوچيندو پروفيسر جي ڪمري ۾ گھڙي ويس. ڊاڪٽر جو ڪمرو مريضن کان خالي هو. پريان ٽيبل جي ڪرسيءَ تي ويٺل ڊاڪٽر ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هو. وڌي سلام ڪيومانس. ڪنڌ کڻي گھوري ڏٺائين. هن جي اکين ۾ رت جهڙي ڳاڙهاڻ هئي.
”بابا مان اسٽيڊي ٿو ڪيان، ڪلاڪ کان پوءِ اچج.“ ڊاڪٽر ڳوري آواز ۾ جملو ڳالهائي، ڪنڌ هيٺ ڪري، ڪتاب جو علم پرائڻ لڳي ويو. جسم جي ذري ذري ۾ سيون چڀندي محسوس ڪيم. ڪجهه دير بي جان بوتي جيان هڪ هنڌ بيٺو رهيس. ڪاوڙ وچان سوچيم ته ٽيبل تي پيل پيپر ويٽ کڻي سندس گنجي کوپڙاٽي تي وهائي ڪڍان. مغرور، ذليل، ڪمينو، وڏو آيو انسانيت جي خدمت جو دعويدار. ڪو انسان مري پوي ته.... پر هن جي گھران ڇا ويندو. مون ميڊيڪل جي شاگرد سان اهڙو رويو ته عام مريض سان ڪهڙي هالت هوندي! حضرت عليؑ جي قول، ”جيستائين تو ۾ قوت برداشت آهي، هلندو رهه“ ياد ڪري ڪجھ آٿت محسوس ڪيم. ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪري آيس. ههڙا ذل...
هو وڌيڪ ڪجھ پڙهي نه سگھيو. خط سندس ڏکندڙ هٿن مان نڪري پٽ تي وڃي پيو. هن جي اکين ۾ پاڻي مڙي آيو. ذهن پريشان ٿي پيس. اکيون ۽ چپ زور سان ڀڪوڙي ڇڏيائين. سوچيائين، ”ڪيڏي نه عظيم هستيءَ کي رسائي ڇڏيم... پيءُ... منهنجو پيءُ... بابو سائين... عظمت... شفقت...“
هن قدم وڌايو... ڪائنات جي ذري ذري ۾ پڙاڏا ٿيندي محسوس ڪيائين، ڪار... ايئرڪنڊيشنڊ ڪار... بنگلو... سوسائٽي... عورت... مقام... پنهنجي پيرن کي وزني ڀايائين... اڳتي قدم وڌائڻ جي ڪيائين... ڪار... بنگلو... سوسائٽي... پريشاني ۽ ڪاوڙ وچان ڏٺائين، پنهنجي پيرن ڏانهن... وڪوڙيل جڪڙيل زنجيرن ۾، لالچ جي زنجيرن ۾... ۽ قدمن هيٺان ڦٿڪندڙ انسانيت کي... اکين آڏو اوندهه اچي ويس... پوءِ هو ڦيراٽي کائي ڪمري جي فرش تي ڪري پيو.

No comments:

Post a Comment