Sunday, September 2, 2012

هڪڙو ماڻهو - بهادر ٽالپر

هڪڙو ماڻهو
بهادر ٽالپر
هو جن لمحن ۾ پنهنجي گهران نڪرڻ جو سوچي رهيو هو..! هن کي بس اها ئي سڌ هئي ته هاڻ شهر جون بازارون ۽ راهون ماڻهن سان انبوهجي ويون هونديون.


سج جيڪو آني جي ڄميل زرديءَ جهڙو مهانڊو کڻي اڀريو هو، تنهن لاءِ اهو ضروري نه هو ته هو هر ڪنهن کي پنهنجو زرديءَ مائل چهرو ڏيکاري.. جنهن چهري ۾ نه ڄاڻ اڃا ڪيتريون صديون بلڪ هزارين سال روشنيءَ جي سگهه موجود هئي.. هونءَ اهو سج جيڪو اڀريو هو، تنهن جي روشني ته، روايتي هئي، پر اهو ڏينهن غير روايتي ڏينهن هو. جنهن ۾ گهر مان نڪرڻ واري شخص کي هر اک، ٻئي انداز سان ڏسڻ جو شڪ هو...!!
هن گهر مان نڪرندي ئي سوچيو: ”هر اک ڪوڪو هوندي، جيڪا منهنجي وجود جي تابوت ۾ ٽنبجي مون کي گهائيندي ۽ اذيت ڏيندي.“
اهو سوچيندي ئي هن جي بت ۾ ڄڻ بجليءَ جو ڪرنٽ ڊوڙي ويو.. هن کي ويندي ويندي مگهن ميگهواڙ به ياد اچڻ لڳو ۽ سندس اڳيان ڳنڍجڻ لاءِ رکيل پادر، ڪوڪا ۽ ٻيا اوزار به...
مگهن جي نگاهه به سندءِ ڪوڪن جيان تيز.. ائين ٿي تاڙي جو شڪار ٿيندڙ کي پڪ ٿيو وڃي ته لڪڻ جي واهه ڪٿي؟! ڪو چار ڏوڪڙن جو قرضي هوندس ته ڊڪڙي پائي ڊوهه هڻي وڃي کانئس پئسا گهرندو...
ڪالوءَ جو پيءُ قيصر، تڏهن ڪاسائڪو ڌنڌو ڪندو هو. انهيءَ ڪرت ۾ راڄن جا واڙا ئي سُڃا ڪري ڇڏيائين. ڪهڙو سڀاڳو ٿي سُجهيو جيڪو قيصر ڪاسائيءَ کي ڇڏي، پنهنجو پهرو ڪنهن ٻئي کي وڪڻي. ڪالو به پيءَ جيان ڪاسائڪي ڌنڌي ۾ ته ڀڙ ٿي ويو هو، پر حرامپائيءَ ۾ به سندس ڪو مٽ نه هو.. نه ڪنهن جي ڀيڻ ڏسي، نه ڪنهن جي ماءُ....؟! هن ڪالو ڪاسائيءَ جي دوستيءَ جا هڙئي رستا، پنهنجي وجود جي رڻ ۾ مٽجندي ڏٺا.. هن پنهنجي جيون ۾ اڀري آيل سورج جي سون رنگي ڪرڻن کي ڪالو ڪاسائي جي ڪاتن ۾ گهائجندي ڏٺو.. پنهنجي چاهت جي چنڊ ۾ به چير ايندي ڏٺا.. هن آڪاس ۾ بادلن کي ڀو کان ڀڄندي ڏٺو.. هن پنهنجي وجود ۾ دوستيءَ جو جيڪو وڻ پوکيو هو. ان کي ظاهري دوستيءَ واري دولاب جي طوفان ۾ پاڙان پٽجندي ڏٺو هو..!!
هن کي مانڊڻي تي ويٺل محبوب جي نگاهه جو به اونو هو.. جيڪو ڪڏهن کيس چوندو هو ته؛ ”ڪالو ڪاسائيءَ کان بچ چريا! ان ڪاسائيءَ جن جا سَر سُڃا ڪيا، تن جا سر ساوا ئي نه ٿيا....“
محبوب ۾ ماڻهوءَ کي پرکڻ جي ساڃاهه ڪيڏي نه سرس آهي. هن وڏو ساهه اندر ۾ اوتيندي سوچيو.
هو هاڻ سوچن ئي سوچن ۾، ڊاڪٽر ذوهيب جي ڪلينڪ (جيڪا سندس ئي گهر واري ڳليءَ ۾ هئي) وٽ پهچي ويو هو. ڊاڪٽر ذوهيب ڪنهن به ماڻهوءَ کي پري کان ڏسي ٻڌائي سگهندو هو ته کيس ڪهڙو مرض آهي.. پر هن کي ته نه اهڙي خواهش هئي ۽ نه ئي هن چاهيو ٿي ته، ڊاڪٽر ذوهيب جي نگاهن جو شڪار ٿئي.. هن کي هڪ ته اول اها سڌ هئي ته ڪنهن به ڊاڪٽر جي نگاهن کان پهرين هر ماڻهو صحتمند ئي هوندو آهي. پر جڏهن مٿس ڪنهن ڊاڪٽر جي نگاهه پوندي آهي ته هو بيمار ٿي پوندو آهي. هن کي اھو به ويساهه هو ته، ڊاڪٽر ذوهيب اڄ کيس ضرور هڪ نئين انداز سان ڏسڻ چاهيندو ۽ اهو نئين انداز وارو ڏسڻ، منجهانئس ڪانه ڪا بيماري کوٽي ڪڍندو.. ان ڪري هو هوا جو جهوٽو بڻجي اتان گذري ويو.. جيتوڻيڪ سندءِ نگاهون هيٺ هيون، پر الائجي ڇو، کيس اڻ تڻ ٿي پئي ته ڊاڪٽر ذوهيب جي نظر واري چشمي پويان تاڙيندڙ شڪاري نگاهن جو هو به شايد شڪار ٿي ويو آهي.
اهڙين سوچن جي سانوڻيءَ ۾ ڀڄندي، هن کي علي محمد استريءَ وارو به ياد اچڻ لڳو هو. جنهن ڪيترن ئي ماڻهن جي انگن جي لٽن جا سَرَ ڪڍي، کين ڄڻ سنئين لڱين ڪيو هو.
علي محمد، جيتوڻيڪ پاڻ بظاهر خوش خوش نظر ايندو هو، پر سندس ڳالهين مان اداسيءَ جا پکي پيا اڏامندا هئا. اداسيءَ جا پکيئڙا، پر پکيڙي ان شخص جي وجود ۾ آکيرو ٺاهي، ويهي رهندا هئا. اهو سوچي ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي سر پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳي ٿو... هو علي محمد استري واريءَ جي دڪان واري ڳلي ڇڏي، ٻي ڳليءَ ۾ اچي ويو.. هن ٻي ڳليءَ واري واٽ، رڳو ان ڪري ورتي جو کيس گمان هو ته؛ اڄ علي محمد واري استري وڌيڪ تتل هوندي ۽ ان جو تاءُ سندس وجود جلائي رک ڪري ڇڏيندو.. جيتوڻيڪ هن جو وجود، اڳ ئي ڪالو ڪاسائيءَ جي ڪرتوتن رک بنائي ڇڏيو هو.. ۽ هو ان رک منجهان پنهنجي وجود جا رهيل ڪي اهڃاڻ، ڳولهڻ جي جتن ۾ رڌل هو..
نئين ڳليءَ واري واٽ وٺندي، هن کي نياز حجام جو دڪان ۽ سندس نوڙت ياد آئي. هن کي پڪ هئي ته نياز حجام جي پاڪيءَ وانگر، اڳ جي ابتڙ اڄ سندءِ نگاهه تيز تيز هوندي.. نياز حجام پنهنجي نوڙت وساري، اڄ اهڙي ادا سان مون کي ڏسندو.. جيئن پاڪي کڻي، ڪن واڌو وارن کي، ڪترڻ جو سوچيندو هجي.. هن تصور ۾ پاڪيءَ سان پنهنجي وجود جو انگ انگ وڍجندو ۽ رت ٺينڍيون ڏئي وهندي محسوس ڪيو... هن کي نياز حجام ۽ ڪالو ڪاسائي ڄڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا لڳا.. ٻنهي جي هٿن ۾ انگ وڍيندڙ اوزار..! هو جيئن ئي اڳتي وڌي رهيو هو، تيئن ئي شهر ۾ ڳئونئن جو شور ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان وڌندي پئي وئي.. هو هاڻ ڇاڪاڻ ته شهر جي مصروف ترين علائقي صدر ۾ پهچي ويو هو. اتان ڪجهه خريداري ڪري، کيس واپس به ورڻو هو. پر ان کان اڳ جو هو خريداري ڪري واپس وري.. هن هڪ نگاهه آسپاس اڇلائي.. هر ڪو پنهنجي هڻ هڻان ۾ هو.. ڪو به کيس ڏسڻ جو خواهشمند نه هو.. لڄي ٿيندي، سندءِ نگاهه ڄڻ سجدي ۾ هلي وئي..
اندر ۾ اٿيل اڻ وڻندڙ اتساهه جي لهر ماٺي ٿيندي محسوس ڪيائين. کيس محسوس ٿيو ته؛ هو انهن ئي لمحن ۾ واپس گهر اچي ويو آهي... جن لمحن ۾ هو گهران نڪرڻ جو سوچي رهيو هو. اصل ۾ اڃا هو پنهنجي گهر ۾ ئي موجود هو. اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ جا پن هوا ۾ لڏي، انڪار ڪري رهيا هئا ته؛ هو ڪو هتان گهر مان نڪري بازار مان واپس به ٿي آيو آهي.

No comments:

Post a Comment