Tuesday, September 25, 2012

سرنهن جھليندي پيلا گل - نسيم حيدري


سرنهن جھليندي پيلا گل
نسيم حيدري
هو ڪار کي پڪي رستي تان لاهي ڪچي تي هلائڻ لڳو . . . . پري پري تائين پکڙيل ساوڪ وچ ۾ سرنهن جي پيلن گلن واري فصل کي ڏسي هو من ئي من ۾ مشڪڻ لڳو . . . . هُن گاڏيءَ کي آهستي ڪيو ته جيئن ڌرتيءَ جي هِنَ سونهن کي پَسي سگھي . . . .
ست سال به هڪ عرصو آهي، بدلجڻ تي اچي ته گھڻو ڪجھه بدلجي وڃي ٿو، نه ته ڪجھه به نه ٿو بدلجي . . . .“


” ’جيون‘ ڪيڏو نه پيارو نالو آهي!! کيس سرمد جو ڳاتل هيءُ گيت ڪيڏو نه وڻندو هو. . . . “
سرنهن پيلا جھليندي گل . . . . انهن کيتن ۾ ملنداسين
هن ڪيسٽ کي چالو ڪيو . . . . اوچتو گاڏيءَ کي وڌيڪ آهستي ڪندي . . . . ”هي ته چاچا رمون آهي“، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي . . . . ”هو ته سامهون اچي رهيو هو، مون کي ڏسي هڪدم ٻنين ۾ ڇو لهي ويو؟ شايد مونکي نه سڃاتو هوندائين . . . !!، ست سال ڪو وڏو عرصو به ناهي، هن عرصي ۾ انساني شڪل ته بدلجي نه ٿي سگھي . . . . ٿي سگھي ٿو ته ٻاهر رهڻ ڪري مون ۾ ڪا تبديلي اچي وئي هجي ۽ چاچا سڃاڻي نه سگھيو هجي . . . ”خير
تحفن ڏانهن نهاريندي، ”جڏهن هي تحفا جيون کي ڏيندس، ته سندس خوشيءَ جي ڪا حد نه هوندي . . . . ڪيڏو نه پيار هو هُن کي مون سان . . . . ياد ته ضرور ڪندو هوندو ۽ جڏهن ٻڌائيندومانس ته آءٌ صرف تنهنجي ڪري هت آيو آهيان ته کيس منهنجي ان ڳالهه تي يقين ئي نه ايندو . . . . “ واهوندي جي پل ٽِپڻ سان سامهون ڳوٺ تي نظر پوندي ئي خوشيءَ وچان سندس دل جي ڌڙڪڻ ڪجھه عجيب ٿي پيس. . . .
ڳوٺ ۾ داخل ٿيندي هر گھر جا دروازا بند، گھٽيون ويران *۽ سنسان ڏسي حيران ٿي ويو . . . . بازار مان لنگھندي هُنَ واچ تي نظر وڌي . . . ”اڃان شام جا صرف چار ٿيا آهن پر هي بازار ڇو بند پئي آهي . . . . اڳ ته رات تائين کليل هوندي هئي . . . . دڪانن ۽ هوٽلن تي ماڻهن جا ميڙاڪا هوندا هئا . . . . سڄي ڳوٺ ۾ رونق لڳل هوندي هئي، هڪڙي هوٽل تي جلال ته ٻئي تي عابده ته ٽين تي سرمد جا گيت . . . . پر اڄ، ڀانءِ ته ڪو راڪاس گشت ڪري ويو هجي . . . . ڪنهن به پاسي زندگي جو سمان نظر نٿو اچي !!!
هي سامهون گھٽيءَ ۾ بيٺل ٻار . . . . مون کي ڏسي خوف مان ڊوڙندو گھر ڇو گھڙي ويو؟ يا الله! هي ڪهڙي ماجرا آهي . . . . جتان لنگھان ٿو ته ماڻهون منهنجي گاڏيءَ جو آواز ٻڌي خوف مان دروازا بند ڪيو ڇڏينِ . . . . . ٻار ڊوڙيو گھرن ۾ وڃيو لڪن . . . . هي ڇا هُن جي گھر تي تالو؟ . . . . . منهنجو جيون! ڪٿي آهي منهنجو پيارو جيون؟
اڙي بابا! سارنگ آهين ڇا؟
چاچا رحيمداد توهان!“ گاڏي بيهاريندي، ”شڪر آهي چاچا اوهان ته سڃاتو، چاچا رمون ته ڏسي رستو ئي بدلائي ويو. .“
چاچا ڳوٺ ۾ ڪا پهر نظر نٿي اچي، بازار ۽ دڪانون بند . . . . هوٽل ويران ۽ سنسان . . . . اڃان ايترو وقت به ناهي ٿيو! . . . ٻارن ۽ وڏن جي چهرن تي عجيب خوف طاري آهي . . . . اوطاقون بند پيون آهن . . . . . منصور جي گھر تي تالو لڳل آهي . . . . آخر هي سڀ ڇا آهي؟
پٽ سارنگ! اچ ٿڪجي پيو هوندينءِ، اندر هل ته سڀ خبرون ڏيانِ ٿو . . . . “ اوطاق تي اچي هِنَ هٿ منهن ڌوتو . . . . تيستائين چاچو رحيمداد گھران چانهن چينڪ ٺهرائي آيو . . . . ڪوپن ۾ چانهن وجھندي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين . . . .
پٽ سارنگ! تون اڄ آيو آهين جڏهن قيامت گذري وئي آهي!“
قيامت!! ڇا مطلب؟؟
سارنگ پُٽ! ڪالھه شام ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي بهاني ڳوٺ ۾ فوجي آپريشن ڪيو ويو. ڪن جوانن کي گولين جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڪن کي جھلي ويا . . . .! پر منصور . . . !“
ڇا ٿيو منصور کي . . . ؟
منصور ساڻن مقابلو ڪندي مارجي ويو . . . . !!“
ڇا منصور مارجي ويو؟؟ نه نه اهو سچ ناهي . . . . تون مذاق ٿو ڪرين چاچا ؟؟؟ “ پر رحيمداد جي اکين مان وهندڙ سمنڊ جي گھرائي ڏسي سندس مٿو ڦرڻ لڳو، اکين اڳيان اوندهه اچڻ لڳس ۽ نڙي خشڪ ٿي ويس.
رحيمداد اکين جي سمنڊ کي روڪيندي چيو، ”ڪلھه شام اوچتو ئي گولين جي آواز ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو . . . . هٿياربند سپاهي گھرن ۾ ڪاهي پيا . . . بيگناهه نوجوان ڇوڪرن، جن کي اڃان مڇن جي ساوڪ به هاڻ آئي هئي . . . . ڳولهي ڳولهي ڌاڙيل چئي ماريندا ويا ۽ ڪيترن کي مارڪٽ ڪري مرڻينگ حالت ۾ گرفتار ڪري وٺي ويا آهن . . . “
سپاهي جڏهن دينوءَ جي گھر گھڙيا ته انجي ماءٌ ۽ ڀيڻ کين پلاند ۽ واسطا وجھندي دانهنديون رهيون ته دينو بيگناهه ۽ معصوم آهي، اوهين اصل ڏوهين بجاءِ بيڏوهين کي ٿا ماريو . . . پر ظالمن تي دانهن جي اثر ٿيئڻ بجاءِ اُلٽو دينو جي ڀيڻ کي وارن مان جھلي اهڙو ته ڌڪو ڏنائون جو منهن ڀر وڃي پٽِ تي پئي . . . .“
منصور اهو سڀ ڪجھه برداشت ڪري نه سگھيو ۽ ساٿين جي موت تي زخمي شينهن جيان تڙپي اٿيو . . . . ڀر واري سپاهي جي نڀاڳي رائيفل ڦري . . . . سپاهين تي وسڪارو ڪري ڏنائين . . . . ڪئي جهنم رسيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي . . . . اڪيلي سر ڪيتري دير تائين وڙهي ها . . . . پر ابا! مڙس هو آخري گوليءَ تائين کين وَٺُ نه ڏنائين . . . . ۽ ظالمن کيس شهيد ڪري وڌو . . . سندس امڙ، سهڻي جوان پٽ جو لاش ڏسي چري ٿي پئي آهي . . . !!“
ڪالهوڪي ان منحوس واقعي کانپوءِ هر طرف خوف پکڙيل آهي ابا! ٿورڙي به آواز تي ٻار توڙي وڏا ڏڪيو وڃن، ڳوٺ جون رونقون ختم ٿي ويون آهن . . . . مرڪندڙ چهرن تان مرڪ رُسي وئي آهي . . . شايد اهو ئي پنهنجو مقدر آهي!!!“ هڪ وڏو ساهه ڀرندي اخبار کڻندي، ”هي اخبار ڏس ابا، منصور کي رهزن ڌاڙيل ڪري لکيو اٿن ۽ دنيا ڀر جي وڏن ڏوهن ۾ کيس ملوث ٻڌايو اٿن.“
هُن کي همٿ نه ٿي اخبار ڏسڻ جي . . . سندس اکين ۾ سنڌو اُٿلي پيو هو . . . . ٻڏندڙ دل کي هُن مشڪل سان سنڀالي ورتو!!! ”ڇا ٿو ڪري سگھجي پٽ سارنگ!!! ڏاڍ ۽ ظلم اڳيان اسين بيوس آهيون . . . اصل بيوس . . . ڪنهن در ڏجي دانهڙي؟“ وڏا وڏا ساهه کڻندي اکين ۽ نڪ ۾ ڀرجي آيل پاڻي صاف ڪندي . . . ” آءُ تنهنجي لاءِ ماني موڪليان ٿو . . . ڪجھه دير آرام ڪر پٽ.“
نه چاچا! مون کي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت ناهي بس رات جو پهر گذاري آءُ ڳوٺ ويندس، جو سڌو هيڏانهن آيو هوس منصور سان ملڻ.“
ترسي پئه پٽ . . . “
نه چاچا! هاڻ هت رهان ته اندر ۾ وڍ پيا پوندا . . . سڀ ته ختم ٿي ويو آهي . . . جنهن جي سڪ ۾ آيس . . . ان سان . . . “ سندس لفظ ڪنهن ڳري پٿر جيئان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس . . . هڪ وڏي ڳيت ڏيندي . . . ”چاچا اوهين ڀلي گھر وڃي آرام ڪريو، حياتي ۽ قسمت ساٿ ڏنو ته وري ملبو.“
چڱو پٽ، جيئن تنهنجي مرضي.“ چاچو رحيمداد لڙڪ وهائيندو هليو ويو.
هُن اٿي دري کولي . . . ٻاهر ٿڌي هوا لڳي رهي هئي . . . شام جا پاڇولا آهستي آهستي وڌي رهيا هئا . . . آسمان جي ان حصي تي رتاڻ مائل ڳاڙهاڻ هئي جت سج ٿي لٿو . . . پري پري تائين سرنهن جي گلن جي پيلاڻ، ايئن پئي لڳو ڄڻ ڌرتيءَ تي خوبصورت گلن جي چادر وڇائي وئي هجي . . .
جيون جو معصوم چهرو سندس اکين اڳيان ڦرڻ لڳو . . . هوءَ ماضيءَ ۾ موٽي ويو . . .
ادا سارنگ!“
هون
اوهانجي ڳوٺ ۾ به سرنهن ٿيندي آهي؟
ها ٿيندي آهي.“
اوهان جڏهن به ايندا آهيو ته سرنهن پيلا گل نه جھليا هوندا آهن . . . ڪڏهن اهڙي موسم ۾ اچجو جڏهن سرنهن پيلا گل جھليا هجن . . . پوءِ ڏسو پنهنجو ڳوٺ ڪيڏو نه سهڻو آهي . . . پيلاڻ ۽ ساوڪ جي سمنڊ وچ ۾ ڳوٺ!!“
هڪ ڏينهن آءُ اهڙي مند ۾ ضرور ايندس.“
ادا سارنگ! اوهان جڏهن دوستن سان تنظيمي، سياسي ۽ سماجي ڪمن تي ڳالهائيندا آهيو ته مون کي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي . . . اوهين چوندا آهيو نه ته اسان مان هر هڪ قومي هيرو آهي، پر شرط آهي ته اسين پنهنجا جيون پنهنجي قوم لاءِ سچائيءَ سان وقف ڪري ڇڏيون . . . آءٌ به قومي هيرو ٿيندس . . . هينئر ته آءٌ ننڍو آهيان، الله ڪري آءٌ جلد وڏو ٿي وڃان . . . اوو اصل اوهان جيترو . . . .“
جيون ڪيڏو نه پيارو نانءٌ آهي . . . مٺا منصور . . . اڄ کان آءٌ تو کي ’جيون‘ جي نالي سان پڪاريندس.“
رات ٿي چڪي هئي . . . آڪاش تي ستارا چمڪي نڪتا هئا . . . موت جھڙي خاموشي ۽ سناٽو . . . ڪنهن ڪنهن مهل ڪتن جي ڀؤنڪ جو آواز ٿي آيو . . . خيالن جي دائري کي اڃان وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ . . . هن سگريٽ کي دکايو . . .
جيون پُٽ ڇا ڳالهه آهي، ايڏو اداس؟
وڃو . . . آءٌ نٿو ڳالهايان . . . اوهين خراب آهيو؟
ڇو ڇو، ڪهڙي خطا ٿي آهي بابا سائين؟
اوهان ته مونکي نه ٻڌايو پر مونکي خبر پئجي ويئي آهي . . . اوهين ملڪ کان ٻاهر ٿا وڃو نه . . . اسان کي ڇڏي پيا وڃو . . . ڏاڍا خراب آهيو . . . بس آءٌ اوهان سان ناراض آهيان . . .“
ڏسو سٺا ٻار ناراض ناهن ٿيندا . . . هميشه لاءِ ٿوروئي وڃان پيو . . . ڪجھه سالن جي ڳالهه آهي . . . واپس ايندس ۽ پنهنجي پياري جيون لاءِ سٺا سٺا تحفا آڻيندس . . . ۽ جڏهن واپس ايندس ته اوهان اڃا به وڏا ٿي چڪا هوندا . . . اوهان جي خواهش آهي نه قومي هيري ٿيڻ جي . . . آءٌ واپس اچي اوهان کي قومي هيرو ڏسڻ چاهيان ٿو . . . ۽ ها، هاڻ تڏهن ايندس جڏهن سرنهن پيلا گل جھليا هوندا . . . پوءِ گڏجي سرنهن جي گلن وچ ۾ فوٽو پڻ ڪڍنداسين . . . چڱو هاڻ کلي ڏيکاريو . . . پنهنجي ادا سان ناراض ناهي ٿبو . . . اوو ايئن . . . مسڪرائيندي ڪيڏا نه وڻو ٿا.“
هُنَ ڏڪندڙ هٿن سان اخبار کنئي . . . اڳئين ئي حصي تي اهم خبر جي ڀر ۾ منصور جي رتوڇاڻ تصوير . . . هيٺان وڏن اکرن ۾ لکيل ”خطرناڪ بين الصوبائي ڌاڙيل مقابلي ۾ مارجي ويو“ . . . . ’منهنجو معصوم جيون ۽ خطرناڪ ڌاڙيل . . . هون‘ . . . ڪاوڙ ۾ اخبار کي اُڇل ڏنائين . . . ”جيون تون قومي هيرو آهين . . . هي ڪوڙا آهن . . . نه ڄاڻ ڪيترا معصوم جيون بيگناهه مرجھائجي ويا هوندا . . . ۽ نه ڄاڻ اڃان ڪيترا ان ظلم جو شڪار ٿيندا . . . نڍهال ٿيندي پنهنجو پاڻکي کٽولي تي کڻي ڇڏيائين.
اکيون کوليائين ته جيون جي تصوير آڏو . . . تصوير تي آڱريون ڦيريندي . . . ”سرنهن پيلا گل جھليا آهن . . . منهنجو انتظار ته ڪرين ها جيونَ! ايترو جلد ساٿ ڇڏبو آهي ڇا؟ ڏس مون تولاءِ تحفا به آندا آهن“ . . . سندس اکين اڳيان اوندهه ٿيڻ لڳي . . . غم جو ڪنڊو نڙيءَ ۾ زور سان چڀندي محسوس ڪيائين . . . ويهاڻي ۾ منهن هڻي روئيندي رهيو.
صبح ٿيڻ وارو هو . . . ساڳي خاموشي . . . گاڏي سرنهن جي فصلن مان گذري رهي هئي . . . سارنگ جي منهن تي اڀرندڙ سج جي لاليءَ سندس چهرو لال ڪري ڇڏيو هو . . . اکين جو سارنگ جاري . . . هن ٽيپ کي چالو ڪيو . . .
سرنهن پيلا جھليندي گل . . . انهن کيتن ۾ ملنداسين.


No comments:

Post a Comment