Sunday, September 16, 2012

ايڊوانس بُڪنگ - شوڪت لوهار


ايڊوانس بُڪنگ
شوڪت لوهار
عاليشان بنگلي جي خوبصورت ڪمري ۾ هوءَ ڊريسنگ ٽيبل جي شيشي سامهون بيهي، پنهنجي ڊگهن وارن ۾ برش ڦيري رهي هئي. هوءَ پنهنجي وڌندڙ وزن جي ڪري ڪجهه ڳاراڻي جو شڪار به ٿي چُڪي هئي. گهڻو ئي ڊائيٽ ڪيو هُئائين، پر روز روز جي پارٽين ۽ جيمخاني جي هيوي کاڌن سندس سَڄو نقشو ئي وڃائي ڇڏيو هو. اڄ هن پاڻ سان پڪو پهه ڪيو ته هوءَ ليڊيز جِم جوائن ڪندي، جنهن جو مشورو سندس سهيلي نائله ڏنو هو. هوءَ پنهنجي وڌندڙ وزن جي ڪري ڏاڍي پريشان هُئي، ڇاڪاڻ ته ان سان سندس فِگر خراب ٿي رهي هئي.


ٿورو پرڀرو هڪ ڪمري ۾ هڪ عمر رسيده، پيرسن ماڻهو کنگهي کنگهي صفا ساڻو ٿي پئي ويو. هو جڏهن کنگهڻ شروع ڪندو هو ته ائين لڳندو هو ته هن دفعي سندس ساهه واپس ڪو نه ورندو. وڏي عمر سان گڏ سندس فالج سٽيل ٻانهن ۽ ٽڙيل واڇ هن جي بيوسي ۽ لاچاري جو چٽو ثبوت هيون. پوڙهي کي دم هو ۽ سندس ساهن ۾ ڊرل مشين هلندي محسوس ٿيندي هئي. هو جڏهن زور زور سان کنگهڻ شروع ڪندو هو ته پريان لان ۾ بيگم صاحبه جو اٽلي مان گهرايل سهڻو بُل ٽاڪ پنهنجو سڄو زور لڳائي، ڀونڪي، پنهنجي وفاداري جو ثبوت ڏيندو هو.
”ٽينهه ٽينهه“ صاحب ڪار سميت اندر داخل ٿئي ٿو، چوڪيدار ڊوڙي گيٽ کولي ٿو ۽ پنهنجي گن سيٽ ڪندي وڏو گيٽ بند ڪري ٿو.
يار! سِپي اڄ ته ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان، سڄو ڏينهن گهوڙن جي ريس ۾ لڳي ويو. مٿان وري مير جعفر خان جي گهوڙي راڪيٽ ريس کٽي ته هن سڀني آفيسرن جي تمام وڏي ۽ شاندار دعوت ڪئي. مرغ، ڇيلا، سجيون، پاڻي ٻاڻي پر آءٌ تڪڙو گهر نڪري آيس. هو هڪ ئي ساهي ۾ پنهنجي زال کي سڄي ڪارروائي ٻڌائي ٿو.
ها اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر.....
پر، پر ڇا.....
يار! آءٌ هن پوڙهي مان اچي ڦاٿي آهيان، هن ته سڄي گهر کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي. پوڙهي جي سهڪي ۽ کنگهه جي ڪري، منهنجو پپي (ڪتو) به تمام گهڻو ڊسٽرب ٿيندو آهي. پليز خان! هن مان منهنجي جان ڇڏاءِ.
آهستي سِپي! هو ٻڌندو هوندو، آخر منهنجو پيءُ آهي، آءٌ هن کي ڪيڏانهن ڪريان؟؟؟؟
جيڏانهن به ڪر، پر منهنجي هن هِچا مان جان آجي ڪراءِ، پليز.
يا مون کي ڇڏ ته آءٌ اڄ ئي ٽڪيٽ ڪٽائي، وڃان دبئي، پنهنجي ڊيڊي وٽ وڃي رهان. ڪم آن يار، ريليڪس، ٽيڪ اِٽ ايزي. ڊول! هو پنهنجي بيگم کي سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو.
ٽچ اسڪرين موبائل کي اسڪرول ڪندي اَچي پيءُ وٽ پهچي ٿو.
بابا! ڪيئن آ طبيعت؟؟
خوش ته آهين نه؟
ماسي! بابا کي دوا ٽائيم تي ڏين ٿي يا نه؟ هو نوڪرياڻي کان پُڇي ٿو.
ها صاحب دوا ته وقت تي ڏيندي آهيان.
ها بابا آءٌ ٺيڪ آهيان. تون ته خوش آهين نه پُٽڙا؟ ڦريل واڇ ۽ وچڙيل زبان سان پيءُ پنهنجي پٽ سان اُنس، پيار، محبت، پاٻوهه ۽ شفقت گاڏڙ لهجي ۾ وراڻي ٿو.
هيءُ پيرسن جيڪو هينئر بيمار ۽ توجهه جو مستحق ۽ پٽ جي وقت جو گُهرجائو هو. اهو پنهنجي وقت جو وڏو پهلوان هو. سڄي شهر ۾ دِينو پهلان جو ڪو به مٽ، ثاني نه هو. هو واڍڪو ڪم ڪندو هو. هِڪ پُٽ ٿيڻ کانپوءِ سندس گهرواري پنهنجا پساهه ان سڪيلڌي، پهرين ۽ آخري پٽ کي ڄڻيندي ئي پورا ڪيا. محنت ڪري پٽ پڙهايائين. پَٽ سَٽ ڪري پُٽ کي لاهور موڪليائين. اتي پڙهڻ، رهڻ ۽ ٻين عيش عشرتن جو خرچ برداشت ڪيائين. پٽ چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪري، سڻڀي پوسٽ تي آفيسر مقرر ٿيو ۽ هڪ رٽائرڊ وردي واري جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن جي لاءِ هاڻ هيءُ پوڙهو اچي بار ٿيو هو.
پيءُ کان طبيعت پڇي، ساڳي طرح موبائل اسڪول ڪندو ورانڊي ۾ پهتو،
”تون خواهه مخواهه ضد پيو ڪرين.“ جوڻس نخريلي ۽ حجت گاڏڙ لهجي ۾ چيو.
سپي! پر ماڻهو ڇا چوندا؟
ڇا وري ڇا چوندا؟ ڪجهه به ڪونه چوندا.
هونئن به هِتان کان وڌيڪ اُتي ڪيئر ٿيندس. اسين هفتي هفتي وڃي چڪر لڳائي اينداسين.
يار زمان! Now enough is enough. هاڻي گهڻو ٿيو.
I can’t put up with this Playful. آءٌ هن هچا کي گهڻو برداشت نٿي ڪري سگهان. بيگم پنهنجي اندر جي بخض کي ظاهر ڪندي چوي ٿي. منهنجون سهيليون به مون کي طعنا ڏين ٿيون، مون تي چٿرون ڪن ٿيون.
اوڪي بابا اوڪي، ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي.
هو زن مريدي جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي بيگم جي اِها ڳالهه به سندس فرمائش سمجهي، پوري ڪرڻ لاءِ گوڏا کوڙي ويهي ٿو.
ته پوءِ هَلو نه، بابا کي وٺي اچو، مون ايڌي اولڊ هومز وارن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. بيگم پنهنجي ولايتي ڪتي جي نرم وارن تي اسڪريچ ڪندي چوي ٿي.
گاڏي تيزي سان روڊ کي ڳڙڪائيندي وڃي ٿي. ڊبل ڊور ويگو گاڏي ۾ هو ٽئي بلڪه چارئي (ڪُتي سميت) سوار آهن. گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي ماشاءَ الله جو ٽيگ لڳل آهي. بريڪ لڳائڻ سان بسم الله واري بَتي ٻري پوي ٿي. اسپيڊ بريڪر تي سفر جي دعا بار بار هن جي منهن ۾ اچي ٿي ۽ ڪار ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪرن مان ”ڪرم مانگتا هون، عطا مانگتا هون، الاهي مين تجهه سي دعا مانگا هون“ جو آواز اچي ٿو.
ڪجهه منٽن ۾ ئي ايڌي اولڊ هائوس به اَچي وڃي ٿو.
”بابا! اوهان ڪجهه ڏينهن هِت رهندا.“ گهٻرايو نه اسان توهان کي پاڻ کان جدا ڪونه پيا ڪيون. بس ڪجهه ڏينهن اوهان جو هتي علاج ٿيندو.
”ها پٽ! ڪا ڳالهه ناهي، جيئين شال.“
امڙ سپي! منهنجي زمان جي پارت اٿئي. هو ٿڙيل واڇن سان فالج واري ٻانهن مٿي ڪري، نُنهن کي ٻانهن جيڪي فالج جي سَٽ سان سَٽيل هجڻ ڪري پوريون ٻڌي نٿو سگهي، ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿو.
Don’t worry mom توهان بي فڪر رهو.
After all it’s my duty, I am his wife. مائي مڪاري وچان، اکيون ڦيرائيندي چوي ٿي.
رجسٽر تي آخري سِگنيچر ڪري، هو پنهنجي پيءُ کي ايڌي اولڊ هائوس ۾ ڇڏي ٿو. واپس ويندي، هن کي رجسٽر تي لکپڙهه ڪندڙ همراهه پٺيان سڏ ڪري ٿو.
”او ميان! هڪ مِنٽ“
وري ڇا ٿيو؟ توکي به ڪا خرچي ڏيڻي پوندي ڇا؟
”نه نه“ مون کي خرچي نه کپي، آءٌ اوهان وانگر رشوت خور ناهيان.
تميز سان ڳالهاءِ مسٽر!
”ميان صاحب! تپڻ جي ضرورت ناهي.“ رجسٽر تي لکندڙ همراهه پنهنجي عينڪ کي ٺاهيندي، صاحب جي بيگم تي نظر وجهي چوي ٿو.
”بهتر ٿيندو ته هڪڙي ٻي ڀي بُڪنگ ايڊوانس ۾ ڪرائي وڃو!“
”ڇا مطلب؟“
مطلب ته جيئن اَڄ اوهان پنهنجي پوڙهي پيءُ کي اڄ هتي ڇڏي ٿا وڃو، ائين سڀاڻي متان اوهان جو پٽ به اوهان کي ڇڏڻ اَچي ۽ ان وٽ رجسٽريشن جو وقت به نه هجي. بهتر ٿيندو ته اوهان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي ايڊوانس بُڪنگ ڪرائي وڃو!!
هن کي ايڌي اولڊ هائوس جي ان همراهه جي ڳالهه، ڪنهن زهر آلوده خنجر جيئان اندر ۾ کُپي وڃي ٿي. هو وائڙو ٿي، هن ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پنهنجي پيءُ کي ڀاڪرن ۾ ڀري اچي گاڏي ۾ ويهاري ٿو...

No comments:

Post a Comment