Saturday, September 15, 2012

ٽين دنيا - امر جليل


ٽين دنيا
امر جليل
(تنهنجو غم ۽ منهنجو غم ساڳيو آهي. نه تون مونکان سواءِ مڪمل آهين ۽ نه مان تو کان سواءِ مڪمل آهيان.)
مان ٽين دنيا ۾ پنهنجي ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي نهايت سوڙهي ۽ واهيات اڱڻ ۾ ويٺو هوس، ۽ ٽين دنيا جي هڪ ٽئين درجي جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي مان هڪ معمو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. معمو مشڪل هو، ۽ مشڪل ڪشا جي مدد کانسواءِ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مان معمو حل ڪري هڪ لک رپيا هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ذري گھٽ چريو ٿي پيو هوس. ڇت ڪتائيءَ سبب مان ٽين دنيا جي سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالي کي خارن مان چڪ پائي رهيو هوس.
ٽئين درجي جي مسواڙي جاءِ جي واحد ڪمري مان مون پنهنجي زال جو آواز ٻڌو. وڏي واڪ چيائين: ”ٻڌين ٿو.“


ان وقت صبح جو وقت هو، جمعي جو ڏينهن هو، ۽ هڪ پاڙيسري ريڊيو تان اڱڻن ۽ عجيبن جو ڪلام ٻڌي رهيو هو. مون پنهنجي زال کي چيو: اڱڻن ۽ عجيبن کان وڌيڪ عجيب هيءُ معمو آهي، جيڪو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مان ٽين دنيا کان چوٿين دنيا ڏانهن سفر ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهيان.“
نهايت ناگوار لهجي ۾ چيائين: ”معمو حل ڪندي ڪندي، چريو ته نه ٿي پيو آهين.“
ڪجھه يقين سان چئي نه ٿو سگھان ته چريو ٿي پيو آهيان، يا سڄو آهيان.“ چيم؛ ”پر، ياد رک بختاور، هيءُ معمو حل ٿيڻ کان پوءِ اسان جا وارا نيارا ٿي ويندا.“
چوانءِ ٿي هڪدم اندر آءُ.“ سخت ڪاوڙ وچان دريءَ مان منهن ڪڍندي چيائين: ”دودي جي نڙيءَ ۾ ڪجھه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگھي.“
مون کي ان شيءِ تي سخت ڪاوڙ آئي، جيڪا بيوقت دودي جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي هئي. دودو منهنجو پٽ آهي. پنجن سالن جو آهي.
چيم؛ ”بختاور، ٽين دنيا جي هڪ رسالي مان معمو حل ڪري رهيو آهيان. چرچي جي ڳالهه ڪونهي.“
پٽهن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ منهنجي زال مون کان ٿلهي آهي، رئڻهارڪي آواز ۾ چيو؛ ”اچي ڏسينس ته سهي. دودو ڳالهائي ڇو نٿو.“
آچار کارائي ضرور سندس ٽرانسميٽر خراب ڪري ڇڏيو اٿئي.“ معمي تي ڌيان ڏيندي چيم؛ ”في الحال دودو هڪ هفتي تائين ڳالهائي نه سگھندو. هفتي کن کانپوءِ ٽرانسميٽر ٺيڪ ٿيندس ته انشاءَ الله تعالى وري ڳالهائڻ شروع ڪندو ۽ ابراهيم کير واري کي ست سريون ٻڌائيندو.“
خبردار جو بابا جو نالو کنيو اٿئي.“ منهنجي زال هڪدم جذباتي ٿي ويئي. ابراهيم سندس والد صاحب جو نالو آهي. سندس والد صاحب کير جو واڙو هلائيندو آهي. چيائين؛ ”دودو ست سريون ٻڌائيندو ٿلهي محمودان کي. بابا ويچاري کي ڇو ٻڌائيندو!“
محموده جو نالو ٻڌي، مان ڇرڪي پيس. ٽين دنيا جو سياسي، سماجي، فلمي ۽ فيشني رسالو عجيبن جي اڳڻ ۾ رکي مان ٽين دنيا ۾ مسواڙ تي ورتل ٽئين درجي جاءِ جي واحد ڪمري ۾ داخل ٿيس، جيڪو اسان لاءِ ڊرائينگ روم، ڊائيننگ روم، بيڊ روم، ڪچن ۽ باٿ روم جو ڪم ڏيندو آهي.
ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيم؛ ”تو کي لک دفعا چيو اٿم ته دودي کي ڪڪڙ نه کارائيندي ڪر. نڙيءَ ۾ ضرور ڪڪڙ جي هڏي ڦاسي پئي اٿس. ايلزبيٿ ٽيلر کي به نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي اٽڪي پيئي هئي.“
اها رن به تو سان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي ڇا!“ اکيون ڦوٽاريندي چيائين؛ ”محمودان کان اڳ هئي، يا پوءِ!“
ڊڄي، وک کن کانئس پري ٿي بيٺم. چيم؛ ”ايلزبيٿ ٽيلر انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪندي آهي.“
دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺم. بختاور کي چيم؛ ”هيءُ ته کلي پيو!“
ها، کلي پيو.“ بختاور چيو؛ ”پر ڳالهائي نٿو سگھي.“
مون دودي کان پڇيو؛ ”يار دودا نڙيءَ ۾ ڪڪڙ جي هڏي ته نه ڦاسي پئي اٿئي.“
بختاور چيو؛ ”گذريل پنجويهن ڏينهن کان گھر ۾ دال چڙهي آهي. ڪڪڙ جي هڏي وري ڪٿان ڦاسندس!“
دودو وري کلڻ لڳو. پر عجيب نموني.
بختاور روئڻ لڳي.
”نڙيءَ ۾ ڇا ڦاٿو اٿئي دودا؟“ دودي کان پڇيم؛ ”يار ڳالهائين ڇو نه ٿو!“
دودو عجيب نموني کلڻ لڳو.
بختاور کي چيم؛ ”سمجھان ٿو، دودي جي نڙيءَ ۾ هاٿي ڦاسي پيو آهي.“
”هاٿي!“ بختاور کان ڇرڪ نڪري ويو. چيائين: ”ٽين دنيا جو معمو حل ڪندي ڪندي چريو ته نه ٿي پيو آهين!“
اڙي سچ پچ جو هاٿي نه.“ چيم؛ ”مون ڪالهه دودي کي پلاسٽڪ جو هاٿي آڻي ڏنو هو.“
بختاور هيٺ جھڪي، هٿ وڌائي، کٽ هيٺان پلاسٽڪ جو هاٿي ڪڍي ورتو. چيائين؛ ”اچي وٺ، پنهنجو پلاسٽڪ جو هاٿي.“
معاملي جي نزاڪت اوچتو گنڀير ٿي ويئي. مون دودي کي چيو؛ ”يار دودا تون ڳالهائين ڇو نه ٿو! فقط کلين ڇو ٿو! ۽ کلين به اهڙي نموني ٿو، ڄڻ اسان تان ٺٺولي ڪري رهيو آهين!“
بختاور چيو؛ ”هڪدم دودي کي ڪنهن ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.“
اڄ جمعي جو ڏينهن آهي.“ چيم؛ ”جمعي بازار ۾ سڀ ڪجھه ملندو آهي، پر ڊاڪٽر ۽ قسمت جو حال ٻڌائڻ وارا پروفيسر نه ملندا آهن.“
بختاور چيو؛ ”جمعي ڏينهن، ڊاڪٽر خادم حسين منجھند تائين مريضن کي مفت ڏسندو آهي، ۽ دوا ڏيندو آهي.“
هو نه مفت مريضن کي ڏسندو آهي، ۽ نه مفت دوا ڏيندو آهي.“ چيم؛ ”ڊاڪٽر خادم حسين وڏو پلستر آهي. هو علاج معالجي لاءِ ماڻهن کان پيسن بدران واعدا وٺندو آهي.“
ڇا جا واعدا؟“ بختاور پڇيو.
ته جڏهن به چونڊون ٿينديون، اسين پنهنجو ووٽ خادم حسين کي ڏينداسين ۽ مان ان قسم جو ڪو به واعدو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
ڇو!“ بختاور اکيون ڏيکاريندي پڇيو؛ ”تون پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ڏيندين!“
ڪير محموده! ڪهڙي محموده!“ مٿو کنهندي چيم؛ ”مان ڪنهن به محموده کي نه سڃاڻان.“
هاڻي ٺهيو! اجايو معصومڙو نه ٿيءُ.“ بختاور چيو؛ ”اها ئي ٿلهي محمودان جيڪا تو سان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، ۽ جنهن سان تون . . . . “
ان کان اڳ جو بختاور پنهنجو جملو پورو ڪري، دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
ٻار جي سامهون اهڙيون ڳالهيون ته نه ڪر.“ چيم؛ ”محموده چونڊن ۾ حصو نه وٺندي. شادي ڪرڻ کان پوءِ، هوءَ تيزيءَ سان ملڪ جي آباديءَ ۾ اضافو ڪري رهي آهي، ۽ هن وقت تائين خدا جي فضل سان پندرهن ٻار ڄڻي چڪي آهي.“
هوءَ رَن چونڊن ۾ حصو وٺي يا نه وٺي، تون ته پنهنجو ووٽ ٿلهي محمودان کي ئي ڏيندين.“ بختاور چيو؛ ”وٺي وڃ دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن، جو دل ۾ قوم جو درد رکندو آهي.“
دودو وري کلڻ لڳو، پر بلڪل ٻئي نموني! منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويئي. مون بختاور کي چيو؛ ”مان دودي کي ڊاڪٽر خادم حسين ڏانهن وٺي ٿو وڃان. دودي جي حالت ڪا چڱي نه آهي. معاملو سيريس آهي.“
دودي کي هنج ۾ کڻي مان ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال پهتس. اسپتال جي ٻاهران، ۽ اسپتال جي اندر مريضن جو هجوم هو. هر ڪو مريض زندهه رهڻ جي آرزوءَ ۾ طرحين طرحَين قسم جا واعدا ڪري رهيو هو.
ڊاڪٽر خادم حسين مون کي سڃاتو، ۽ هٿ جي اشاري سان هڪ ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي رهيس.
ڊاڪٽر خادم حسين پڇيو: ”تنهنجي انجمن جو ڪهڙو حال آهي؟
انجمن جي شادي ٿي ويئي آهي، ڊاڪٽر صاحب، ۽ هينئر هوءَ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي.“ مون ٿڌو ساه کڻندي چيو؛ ”مون به شادي ڪري ورتي آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ سان. هيءُ منهنجو پٽ دودو آهي. هن جي نڙيءَ ۾ ڪجھه اٽڪي پيو آهي. ڳالهائي نٿو سگھي.“
ڊاڪٽر خادم حسين دل آويز مرڪ منهن تي آڻيندي چيو: ”ڀاءُ، مان تنهنجي انجمن دال روٽي زندهه باد جي باري ۾ پڇا ڪري رهيو آهيان.“
دودو کلڻ لڳو.
مون کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. هڪدم چيو؛ ”اُها انجمن ولايتي دالين جي قيمت معلوم ڪرڻ کانپوءِ هڪدم ڪلعدم ٿي ويئي آهي.“
دودو وري کلڻ لڳو.
ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجو پٽ ته ڏاڍو کلڻو آهي.“
ها، ڏاڍو کلڻو آهي.“ چيم؛ ”پر اڄڪلھه بولتي بند اٿس.“
دودو وري کلڻ لڳو.
هُوبهو مون تي ويو آهي.“ چيم؛ ”مان به جڏهن پنجن سالن جو هوندو هوس، تڏهن ڏاڍو کلندو هوس. هينئر مان کلندو آهيان ته ماڻهو روئيندا آهن، ۽ جڏهن روئيندو آهيان ته ماڻهو کلندا آهن.“
ڊاڪٽر خادم حسين منهنجي پٽ دودي جو معائنو ڪيو. لوهي چمٽو دودي جي نڙيءَ ۾ لاهڻ کان پوءِ، هن ٽارچ ٻاري دودي جي نڙيءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. ڪافي دير کانپوءِ ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ ڪجھه به ڦاٿل نه آهي.“
دوود ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. ڊاڪٽر خادم حسين کي دودي جو کلڻ پسند نه آيو. مون کان پڇيائين؛ ”تنهنجو پٽ ٺٺولي پيو ڪري ڇا!“
چيم؛ ”مان سمجھان ٿو، دودو تاريخ تان ٺٺولي ڪري رهيو آهي.“
تون پنهنجي پٽ کي وٺي وڃ.“ ڊاڪٽر خادم حسين چيو؛ ”تنهنجو پٽ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.“
چيم؛ ”منهنجو پٽ فقط ٺاڪ آهي! ٺيڪ نه آهي.“
نيڪسٽ“ ڊاڪٽر خادم حسين اشاري سان ٻئي مريض کي سڏ ڪيو.
دودي کي هنج ۾ کڻي، ڊاڪٽر خادم حسين جي اسپتال مان مايوس ٿي ٻاهر نڪتس. اسپتال جي ٻاهران وليداد عرف ولو ملي ويو. هن مون کان حال احوال ورتو. ڪو وٺيس، يا نه وٺيس وليداد عرف ولو مشورا جام ڏيندو آهي. چيائين؛ ”تون پنهنجي پٽ کي ڪنهن ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ. مونکي ته تنهنجو پٽ نفسياتي مريض ٿو لڳي.“
دودي هٿ وڌائي وليداد عرف ولوءَ جي ٺوڙهه تي ٺونگو هنيو.
تنهنجو پٽ بدتميز قسم جو نفسياتي مريض آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”هن کي هڪدم ماهر نفسيات ڏانهن وٺي وڃ.“
چيم؛ ”ماهر نفسيات کي ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجھه نه آهي؛ نه دمڙي، نه چمڙي.“
ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”تون پنهنجي بدتميز پٽ کي دماغي مرض جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار ڏانهن وٺي وڃ. تازو تازو آمريڪا مان ڊاڪٽري ڪري آيو آهي. دماغي ۽ نفسياتي مريضن جو انتظار ڪندي ڪندي ويچارو پاڻ به نفسياتي مريض ٿي پيو آهي.“
چيم؛ ”پر، في ته وصول ڪندو هوندو.“
اهو ئي ته ڪمال آهي، جو في نه وٺندو آهي.“ وليداد عرف ولوءَ چيو؛ ”هو پنهنجو علم آزمائڻ لاءِ مريضن جو منتظر آهي ... ۽، في وٺڻ بدران مريضن کي ويندي مهل ٻه ٽي روپيا خرچي ڏيئي ڇڏيندو آهي.“
دماغي ۽ نفسياتي مرضن جي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار جو ڏس پتو وٺي، دودي کي هنج تي کڻي، مان سڌو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال پهتس. هو ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو جوان هو، پر پيٽ ڪم خراب ڪري ورتو هوس. سندس پيٽ بيحد وڏو هو، ۽ مٿي جا چڱا چوکا وار کٿل هئس. نهايت تفصيل سان مون عبدالجبار کي دودي جي باري ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن هو ڳالهيون ڪندو هو. ٺٺوليون ڪندو هو. کُنڊين عورتن جي اَهل ڪندو هو. پنهنجي ناني ابراهيم کير واري سان ته بنهه نه ٺهندو هو. سندس نڪ ۾ دم ڪندو هو. پر اڄ صبح کان خاموش ٿي ويو آهي. بولتي بند اٿس. بس کلڻ تي زور اٿس.
دودو، ڊاڪٽر عبدالجبار جي بيحد وڏي پيٽ ڏانهن ڏسي کلڻ لڳو.
عبدالجبار ڏاڍي پاٻوهه مان دودي کان پڇيو: ”يار، ڪيئن آهين؟
دودي وات کولي، آڱر سان پنهنجي وات ڏانهن اشارو ڪيو.
عبدالجبار مون کان پڇيو؛ ”ڇا ننڍپڻ ۾ دودي کي ڪو سخت ذهني صدمو پهتو هو.“
ڪهڙي قسم جو صدمو!“ مون عبدالجبار کان پڇيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار چيو؛ ”ڪو اهڙو صدمو، جيڪو دودي جي تحت الشعور مان ٿيندو سندس لاشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي.“
مان دودي جي تحت الشعور ۽ لاشعور کان بنهه بي خبر آهيان.“ چيم، ”مون کي فقط ايتري خبر آهي ته منهنجو پٽ ڏاڍو باشعور آهي.“
چيم؛ ”منهنجو پٽ ٽيليويزن تي سگريٽ جي اشتهار ۾ سيٽسفڪشن سان نظر ايندڙ ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو آهي.“
دودو هاڪار ۾ مٿو ڌوڻڻ لڳو.
ڊاڪٽر پڇيو؛ ”هڪ سخت ۽ جابر پيءُ وانگر، ڇا تون ان شاديءَ جي حق ۾ نه آهين!“
منهنجي حق ۾ هئڻ، يا نه هئڻ جو مسئلو نه آهي.“ چيم؛ ”اها شادي نه ٿي سگھندي.“
ڇو نه ٿي سگھندي!“ ڊاڪٽر ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
مون دودي ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”دودو هينئر فقط پنجن سالن جو آهي. دودو جڏهن شاديءَ لائق ٿيندو، تڏهن سيٽسفيڪشن واري ڇوڪري پوڙهي کک ٿي چڪي هوندي، ۽ سنڌن جي سور ۽ مٺن پيشابن جي مرض ۾ مبتلا هوندي. يا ان وقت تائين وڃي مالڪِ حقيقي کي ملي هوندي.“
اوه! آءِ سي!“ ڊاڪٽر جبار سوچ ۾ پئجي ويو. ڪجھه دير کان پوءِ هن پڇيو؛ ”هيءُ جڏهن ننڍو هو، تڏهن سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڻس ڪهڙي قسم جو رويو هوندو هو.“
هيءُ ته هينئر به ننڍڙو آهي. فقط پنجن سالن جو آهي.“ چيم؛ ”هن جي ماءُ ابراهيم کير واري جي ڌيءَ آهي. ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي مرڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. دودي لاءِ ماٽيجي ماءُ ڪٿان ايندي!“
دودو ڏاڍي زور سان کلڻ لڳو، ۽ کلي کلي کيرو ٿي پيو.
عبدالجبار جي منهن ۾ گھُنڊ پئجي ويو. هن غور سان دودي ڏانهن ڏسندي پڇيو؛ ”هيءُ ڪٿي ڪو ڄامڙو پوڙهو ته نه آهي، جيڪو ناڪام محبت جا صدما سهندي سهندي تحت الشعور ۽ لاشعور جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو آهي!“
جھٽ ڏيئي مون دودي کي کڻي ورتو. ان کان اڳ جو ڊاڪٽر عبدالجبار جي اسپتال مان نڪري وڃان. ڊاڪٽر عبدالجبار منهنجي کيسي ۾ ڏهن رپين جو نوٽ وجھي ڇڏيو.
دودي کي هنج ۾ کڻي، مايوسيءَ جي عالم ۾ مان هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيس. ۽ پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي بي انداز ڏينهن گذري ويا، ۽ بي انداز راتيون گذري ويون. دودي جي نڙيءَ ۾ بدستور ڪا پُراسرار شيءِ ڦاٿل رهي، ۽ هن جو ڳالهائڻ بند رهيو. بظاهر کيس ڪا به تڪليف نه هئي، بس، هن ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. دودي جي خاموشيءَ سبب، مان پريشان رهڻ لڳس.
هڪڙي ڏينهن منهنجي پهلوان سهري، ابراهيم کير واري چيو؛ ”اڙي ڀولا، بيمار ڇو ٿي پيو آهين! ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جو پٽهين ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي.“
تمام وڏي ڳالهه آهي، بابا سائين.“ چيم؛ ”ڳالهائيندو نه، ته پوءِ راڳ درٻاريءَ جو وڏو ڳائڻو ڪيئن ٿي سگھندو!“
اڙي ڀولا، دودي کي ميراثي ڪندين ڇا!“ منهنجي سهري اُلر ڪندي پڇيو؛ ”پٽ کي ڳائڻ وڄائڻ ۾ هڻندين ڇا!“
ڳائڻ وڄائڻ نه، سائين بابا.“ چيم؛ ”مان دودي کي فقط راڳ درٻاريءَ جي تربيت ڏياريندس.“
منهنجي سهري کي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. چيائين؛ ”اڙي ڀولا، مٿو ته جائيتو اٿئي!“
منهنجو مٿو جائيتو آهي، سائين بابا.“ چيم؛ ”دودو راڳ درٻاريءَ کانسواءِ دنيا ۾ ترقي ڪري نه سگھندو.“
”وڏو ٿي ڦاڙها ماريندو ڇا؟“ منهنجي سهري پڇيو.
جيستائين دودو وڏو ٿيندو، تيستائين ملڪ مان ڦاڙها ختم ٿي ويندا.“ چيم؛ ”تڏهن دودو پاڻ ڦاڙهو ٿي پوندو، ۽ شڪاريءَ کان جان بچائڻ لاءِ کيس راڳ درٻاري ڳائڻو پوندو.“
منهنجو سهرو، ابراهيم کير وارو، کير جو دٻو کڻي، مون کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو.
مون دودي کي پيار ڪندي چيو؛ ”پيارا پٽ دودا، ٽين دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ تو کي راڳ درٻاريءَ جو فنڪار ٿيڻو پوندو. اهو لازمي آهي. هينئر، راڳ درٻاريءَ کانسواءِ، اسان جھڙن انسانن لاءِ دنيا ۾ جيئڻ ممڪن نه آهي.“
دودو کلڻ لڳو.
۽ پوءِ، دودي جي خاموشيءَ جي خبر اوڙي پاڙي ۾ پکڙجي ويئي. ڪجھه کک ڪراڙين، جن کي وات ۾ ڏند نه هو، فتوى ڏيندي چيو ته؛ دودي تي جنن جو واسو آهي، ۽ جنات سندس نڙيءَ ۾ ڪا پراسرار شيءِ اٽڪائي، سندس ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.
پاڙي جي کُنڊين پوڙهين جي صلاح تي مان دودي کي هڪ بنگالي پروفيسر ڏانهن وٺي ويس، جنهن جو جنن سان سڌو ۽ اڻسڌو واسطو هو. بنگالي پروفيسر سنهڙو سيپڪڙو هو، ۽ هوبهو سڪل ڇوهاري جھڙو نظر پئي آيو. مون کان دودي متعلق سربستو احوال وٺڻ کانپوءِ هن دودي کي هڪ ميز تي سمهاري ڇڏيو، ۽ سمجھ کان ٻاهر جملا وات مان ڪڍڻ لڳو. اوچتو، ڪڏهن ٻانهون آسمان ڏانهن ڪري، ۽ ڪڏهن دودي جي اکين ۾ اکيون وجھي هو بي معنى جملا وات مان ڪڍندو رهيو.
بنگالي پروفيسر جون حرڪتون ڏسي دودو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
بنگالي پروفيسر جنتر منتر پڙهڻ کان پوءِ؛ ”تنهنجي پٽ تي ڪوهه ڪاف جي هڪ پري عاشق ٿي پئي آهي. هن پنهنجي مٺ تنهنجي پٽ جي نڙيءَ ۾ وجھي ڇڏي آهي.“
وڏي ڪا بيوقوف آهي، ڪوهه ڪاف جي پري!“ چيم؛ ”مون کي ڇڏي منهنجي پٽ تي عاشق ٿي پيئي آهي!“
اِها ڪا چرچي جھڙي ڳالهه نه آهي.“ بنگالي پروفيسر چيو؛ ”ڪجھه پريون اصل ۾ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ هونديون آهن.“
چيم؛ ”پر دنيا جي ڪا به پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ نه هوندي.“
بنگالي پروفيسر پڇيو؛ ”ابراهيم کير واري جي ڌيءَ ڪير آهي، ۽ تنهنجو هن سان ڪهڙو تعلق آهي؟
ابراهيم کير واري جي ڌيءَ منهنجي زال آهي.“ چيم؛ ”هوءَ منهنجي پٽ دودي جي ماءُ آهي. پروفيسر صاحب، دنيا جي ڪا به پري ابراهيم کير واري جي ڌيءَ جي پٽ تي قبضو ڪري نه سگھندي.“
بنگالي پروفيسر سان وڌيڪ مٿو مارڻ بيڪار سمجھيم. دودي کي هنج تي کڻي سندس آفيس مان نڪري ويس.
پوءِ ڪنهن ٻڌايو ته شهر ۾ هڪ درويش آيو آهي، جيڪو دلين جي راز تان پردو کڻندڙ، ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل تي دسترس رکندڙ آهي؛ پهتل ۽ الله لوڪ شخص آهي. مان دودي کي درويش ڏانهن وٺي ويس.
درويش جون اکيون بند هيون. هو گھري سوچ ۾ گم هيو. معتقد ۽ سوالي ڪنڌ جھڪائي خاموش بيٺا هئا.
ڪجھه دير کانپوءِ درويش اکيون کوليون ۽ پنهنجيون نگاهون دودي جي چهري تي اٽڪائي ڇڏيون. دودي تان نگاهون پري ڪندي، ۽ مون ڏانهن ڏسندي چيو؛ ”تنهنجو پٽ سڄي عمر هڪ عورت جي چاهت ۾ ڦٿڪندو رهندو، پر ان عورت سان پنهنجي بيپناهه محبت جو اظهار ڪري نه سگھندو.“
مون تعجب وچان اول دودي ڏانهن، ۽ پوءِ درويش ڏانهن ڏٺو.
تنهنجو پٽ ڪُل جڳ ۾ عشق جو امام ٿيندو.“ درويش چيو؛ ”هو سڄي عمر فرهاد وانگر خوابن جا ٽڪر ڪٽيندو پر تعبيرن ۾ پنهنجي شيرين کي حاصل ڪري نه سگھندو.“
مون ڏٺو، دودو تمام غور سان درويش جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.
درويش چيو؛ ”ست سُرَ تنهنجي پٽ جي وجود ۾ سنگيت جي ڪائنات کي جنم ڏيندا، پر پيار جا گيت سندس چپن تي اچڻ کان اڳ خاموش ٿي ويندا.“
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون دودي کي هنج ۾ کڻي پيار ڪيو.
مون درويش کان پڇيو؛ ”پر هن ڳالهائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
درويش پنهنجو منهن مونن ۾ وجھي ڇڏيو. ڪجھه دير کانپوءِ، هن منهن مٿي ڪيو، ۽ چيو؛ ”تنهنجو پٽ جڏهن جوان ٿيندو، تڏهن دنيا جو رنگ ڍنگ نرالو هوندو. هو معاشري جي روش مطابق ڪوڙ جا ڪوٽ کڙا ڪري نه سگھندو. هو ڪوڙ کي سچ، اوندهه کي روشني، ۽ ظلم کي انصاف چئي نه سگھندو.“
مون وائڙو ٿي دودي ڏانهن ڏٺو.
درويش ٻانهون وڌائي دودي کي منهنجيءَ هنج مان کڻي ورتو. هن دودي کي پيار ڪيو. دودو خاموشيءَ سان درويش ڏانهن ڏسندو رهيو.
دودي کي منهنجيءَ هنج ۾ ڏيندي، درويش چيو؛ ”تنهنجي پٽ، پيار جي پيالي مان خاموشيءَ ۽ صبر جي زهر جو ڍُڪ ڀري ورتو آهي. هو سڄي عمر صبر جي علامت ٿي جيئندو، ۽ خاموش رهندو.“

No comments:

Post a Comment