Sunday, September 23, 2012

خاموشيءَ جو آواز - امر جليل

خاموشيءَ جو آواز
(رني ڪوٽ جو مھاڳ)
امر جليل
تون ايتري قدر سان، مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين!
مان ڪارونجهر آهيان. مان موهن جو دڙو آهيان. هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. منهنجي وجود ۾ ڪو به آواز نه آهي. منهنجي وجود ۾ زندگيءَ جو ڪو به آثار نه آهي. مان تاريخ جو بيزبان شاهد آهيان. ماٺ جي بيابانن ۾ گم ٿي ويو آهيان. سانت جي سمنڊ ۾ لڙهي ويو آهيان.
پر، تون ايتريقدر غور سان مون ڏانهن ڇو ڏسي رهيو آهين! اهو ڄاڻندي به، ته مان هينئر هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان، تون ضد ٻڌي بيٺو آهين ته مان ڳالهايان. ڪجهه چوان! تعجب آهي. سوچيو هيم، تون تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ مون کي ڳالهائڻ نه ڏيندين- مون کي چپ چورڻ نه ڏيندين. شايد، مون کي ڪڏهن به ڳالهائڻ لاءِ نه چوندين! سچ پڇين ته مون پنهنجيءَ دل مان ڳالهائڻ جي تمنا کي  تڙي ڪڍي ڇڏيو آهي ڇا رکيو آهي ڳالهائڻ ۾ ۽ ڪجهه چوڻ ۾! ائين برابر آهي ته شروعات ۾ مون کي پنهنجي ماٺ کان وحشت ٿيندي هئي. خاموشي ازل جي عذاب وانگر محسوس ٿيندي هئي. پر پوءِ، تاريخ جي هڪ دور کان ٻئي دور تائين آواز کان محروم زندگي گذارڻ کانپوءِ ،منهنجي وجود مان خاموشيءَ جي احساس جو ڊپ نڪري ويو آهي. ڪوبه خوف جو واسينگ دامنگير نه آهي. مون ماٺ جو زهر پي ڇڏيو آهي. مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان.

پر، مون کي خاموش ڏسي تنهنجي چپن تي مڪروهه مُرڪ ڇو تري آئي آهي! متان اهو سمجهين ته مون ڪو خاموشين سان ٺاهه ڪري ورتو آهي! نه. هرگز نه. اهو امڪان کان ٻاهر آهي. خاموش ٿيڻ جو مطلب خاموشين سان ٺاهه نه آهي. ها، ائين ضرور آهي، جو لاڳيتو خاموش رهندي، آواز کان محروم زندگي گذاريندي. مان هينئر خاموشيءَ جي علامت ٿي پيو آهيان. مان ڪنهن سنگتراش جو اڻپورو بت آهيان. تڪميل جي آس ۾ مون ڇيڻيءَ جي آواز لاءِ واجهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. تون منهنجو سنگتراش نه آهين. مان تنهنجي تخليق نه آهيان. تنهنجي هٿ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاو جو ٽيڪم ڏسي مان هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهيان. تاريخ جو وهڪرو خاموشين جي رڻ ۾ جذب ٿي ويو آهي. منهنجي تاريخ لکڻ واري مورخ پنهنجي قلم سان پنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏيون آهن. پر، صدين تائين مون کي خاموش ڏسڻ جي باوجود توکي ڪيئن خيال آيو ته مان هينئر ڳالهايان، ڪجهه چوان! تنهنجا لک ٿورا، جو مون کي ڳالهائڻ لاءِ چيو اٿئي. مان تنهنجو احسان وساري نه سگهندس.
سمجهان ٿو، تنهنجا ڪن منهنجو آواز ٻڌڻ لاءِ منتظر آهن. ڏسان پيو ته منهنجي خاموشي توکي بيچين ڪري رهي آهي. پر، ڇا ڪريان جو تنهنجي حڪم جي پيروي منهنجي لاءِ ممڪن نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي مسلسل ماٺ کي پنهنجي حڪم جي خلاف ورزي نه سمجهجانءِ! مان تنهنجو ڪوبه حڪم ٽاري نه سگهندس. تنهنجو هر حڪم منهنجي لاءِ هٿ ٺوڪيو قانون آهي. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس.  تو مون کي ايتري قدر خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو آهي، جو تنهنجو هاڻوڪو حڪم اوپرو ٿو لڳي. مان ڪجهه به چئي نه سگهندس. خاموشين جي آواز مان موٽي نه ايندس. ڪنهن سيتا جو سڏ نه ٻڌندس.
ڄاڻان تو، تون منهنجي واتان ڪجهه ٻڌڻ چاهين تو، منهنجي هٻڪ ۾ پنهنجي ڏهڪاءُ جو عڪس ڏسڻ چاهين ٿو. پر، ڳالهائڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. متان سمجهين ته مان ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان! نه نه. ائين نه آهي. مون کي سمجهڻ ۾ متان ڪا غلطي ڪئي اٿئي. تون اجايو شڪ جو شڪار ٿي رهيو آهين. هن دور ۾ چاهيندي به مان ڳالهائي نه سگهندس. ها، تاريخ ۾ اهڙا انيڪ دور آيا ۽ گذري ويا، جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ ضرورت محسوس ڪئي هئي. مون گهڻو ڪجهه چوڻ ۽ توکي ٻڌائڻ چاهيو هو. اهو دور گذري ويو. مون صدين کان ڳالهائڻ لاءِ ڪابه ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. بيڪار سمجهان ٿو ڳالهائڻ کي! هينئر مان هر دور ۾ خاموش رهندس. چاهڻ جي باوجود ڳالهائي نه سگهندس. ٻڌ مت جو اسٽوپا ٿي جيئندس.
خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ انسان ڏاڍا عجيب خواب ڏسندو آهي. هو اهڙا خواب ڏسندو آهي، جن جي تعبير هو پنهنجين اکين سان ڏسي نه سگهندو آهي. مان به خواب ڏسندو آهيان. چاهڻ جي باوجود مان پنهنجن خوابن جو ذڪر توسان ڪري نه سگهندس. تون خوابن جو دشمن آهين. تو کي ڪجهه ٻڌائي  نه سگهندس. مون کي اِن ڳالهه جي به پڪ آهي ته خاموش ٿي وڃڻ کانپوءِ جيڪي خواب مان ڏسندو آهيان، انهن خوابن جي تعبير مان پاڻ ڏسي نه سگهندس. منهنجي بدران، منهنجن خوابن جي تعيبر ٻيو ڪو نسل ڏسندو ۽ منهنجي خاموشيءَ جو ذڪر نوحن ۾ ڪندو. خاموش رهڻ وارن جو هڪ نسل، باهه جو مچ ٻاري، اونده ۾ الاءُ ڪري گذري ويل خاموش نسل جو ذڪر ڪندو آهي. کين ڳيچن ۽ ڪهاڻين ۾ ياد ڪندو آهي. اهڙي گذري ويل نسل جو ذڪر تاريخ ۾ ورلي ايندو آهي. اهڙو نسل ادب جي ميراث ٿيندو آهي.
تون اڃا تائين حيران آهين، ته مون وات مان اکر نه اڪليو آهي! مون ڳالهايو ڇو نه آهي! سمجهان ٿو، منهنجي خاموشيءَ کان وحشت ٿيڻ لڳي اٿئي. تعجب آهي! تو چاهيو هو ته مان خاموش ٿي وڃان. تو چاهيو هو ته مان چپ سبي ڇڏيان. تو چاهيو هو ته مان پنهنجي خيالن کي اظهار لاءِ آواز کان محروم ڪري ڇڏيان. مون ائين ئي ڪيو آهي، جيئن تو چاهيو آهي. ورهين کان مان خاموش ٿي ويو آهيان. هينئر تنهنجي حڪم جي باوجود مان ڳالهائڻ جهڙو نه آهيان. ڪوشش اجائي آهي. مان ڳالهائي نه سگهندس. منهنجي خاموشي تنهنجي مقدر ۾ اضطراب جو سبب ٿي ويئي آهي. منهنجي ماٺ تنهنجي دشمن ٿي پيئي آهي.
جابر، تاريخ جي هر دور ۾، مظلوم جي احتجاج تي حمله آور ٿيندو آهي. هو لکيل ۽ اُچاريل هر لفظ تي اُلر ڪندو آهي. هو هيڻي جي آهن ۽ زاريءَ تي اعتراض ڪندو آهي. هو قاعدن ۽ قانون جا ڪوٽ کڙا ڪري وٺندو آهي. پر هو هيڻي جي خاموشيءَ سان جنگ چوٽي نه سگهندو آهي. هو ماٺ سان وڙهي نه سگهندو آهي. منهنجي توسان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويو آهيان. خاموشي موت آهي. خاموشي پڄاڻيءَ جي علامت آهي. منهنجي خاموشيءَ ۾ شايد تون پنهنجو موت ۽ پڄاڻي ڏسي رهيو آهين. ان ۾ منهنجو ڏوهه نه آهي. اِن لاءِ تون پاڻ ذميوار آهين. تون ،منهنجي ماٺ ۽ خاموشيءَ سان پڄي نه سگهندين.
مونکي ياد ڪونهي، ته تاريخ جي ڪهڙي دور ۾ تو مون سان، ۽ مون توسان آخري دفعي ڳالهايو هو. مان تاريخ جو اُهو گمشد، باب ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهيان، جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٿيل اختتامي گفتگوءَ جو ذڪر آهي. مون کي ان گفتگو جو هڪ لفظ به ياد نه آهي. مون کي ڪجهه به ياد نه آهي. مون کي فقط ايترو ياد آهي ته، تو چاهيو هو ته مان خاموش رهان. مان خاموش رهيس. مان خاموش ٿي ويس. هميشه لاءِ. مان خاموشيءَ جي اسرار کان آگاهه نه هوس. تو مون کي آگاهي ڏني آهي. مان تنهنجو احسانمند آهيان. سچ تي ڳايل ڳيچ کي قتل ڪري سگهجي ٿو. رت ۾ ٻڏل آڱر سان لکيل تحرير کي قتل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. خاموشيءَ سان وڙهڻ ممڪن ئي نه آهي. تون مون سان وڙهي  سگهندين، منهنجي خاموشيءَ سان وڙهي نه سگهندين. تون يقين ڪر، منهنجي تون سان جنگ نه آهي. بس، مان خاموش ٿي ويوآهيان. ماٺ ٿي ويو آهيان. مان چاهڻ جي باوجود توسان ڳالهائي نه سگهندس. مان خاموشيءَ جي حد ۾ بيٺو آهيان. تنهنجو ڪو به قاعدو  ۽ قانون مون کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري نه سگهندو. دنيا جا سمورا قانون خاموش ڪرائي ته سگهندا آهن، پر، خاموشي ٽوڙائي نه سگهندا آهن! توکي ڏاڍي چڙ آهي نه خاموشيءَ تي! پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جو خاموشيءَ جي رمز کان تون مون کي آگاهه ڪيو آهي. منهنجي مسلسل ماٺ آڏو تون بيوس آهين.
تون اڃا تائين ڪاوڙ وچان مون ڏانهن ڏسي رهيو آهين! يار، مان ڳالهائي نه سگهندس. اکر اُڪلي نه سگهندس. مان خاموش ٿي ويو آهيان. هميشه لاءِ توسان ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته مان تهذيبي، تمدني ۽ ثقافتي خودڪشي ڪري ڇڏيان.
ڪٿي ائين ته ناهي، ته تون منهنجي مسلسل ماٺ ۽ خاموشيءَ کي پنهنجي لاءِ موت جو پروانو، يا ايندڙ ڪنهن طوفان جي علامت ۽ پيش خيمو سمجهي رهيو آهين! ها، ائين برابر آهي، ته جڏهن به ڪنهن قوم لاءِ تاريخ جي هڪ دور ۾ تعزپراتن ۽ وقتي ضرورتن مطابق ٺاهيل ۽ نافذ ڪيل قانونن جا ڪوٽ کڙا ڪري، کيس آواز کان محروم ڪري، خاموش ڪيو ويندو آهي، سا قوم تاريخ جي ٻئي ڪنهن دور ۾ پنهنجي چچريل، چيٿاڙيل ۽ گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پوندي آهي. اهڙن دورن جي وچ ۾ ڪڏهن صدين جي، ته ڪڏهن ڏهاڪو سالن جي، مهينن، ڏينهن ۽ ساعتن جي وڇوٽي هوندي آهي.
مان تنهنجي چال ۽ چالاڪي سمجهي ويو آهيان. ڪنهن به قيمت تي مان توسان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان پنهنجي گم ٿيل آواز جي ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان. پر، مان اڪيلو نه آهيان. منهنجي آڏو، منهنجي اڳيان پنهنجي آواز جا انت کان ٻاهر وارث آهن. منهنجي پوئتان، منهنجي پٺيان پنهنجي آواز جا وارث آهن. آوازن جي وارثن جو قافلو تنهنجي تعزيرات جي رڻ مان گذري رهيو آهي.
تنهنجي چوڻ تي، سائين منهنجا، مان نه ڳالهائيندس. اسان جي تو سان ڪا به گفتگو نه ٿيندي، مهربان!

No comments:

Post a Comment