Thursday, September 20, 2012

دوکو - نجم عباسي

دوکو
نجم عباسي
ڊاڪٽر چارلس چارمنگ ڏاڍو خوش هو، تازو هو انگلنڊ ۾ جوهري جنگ (Nuclear War) خلاف، هلچل هلائي حيدرآباد سنڌ ۾ پنهنجي هڪڙي پياري ۽ ذهين دوست ۽ شاگرد وٽ آيو هو. هن جو خيال هو ته جوهري جنگ جو جئين ته انساني حياتيءَ جي بقاءَ سان واسطو آهي، ۽ هڪ ڊاڪٽر جي ذميواري به انساني جانيون بچائڻ آهي، انڪري هن کي هر حال ۾ اهڙي جنگ ٿيڻ کي روڪڻ، ۽ جوهري هٿيار (Nuclear Weapons)، جي هيل تائين دُنيا ۾ ٺاهيا ويا آهن انهن کي برباد ڪرڻ ۽ انهن جي وڌيڪ ٺاهڻ تي بندش وجھڻ لاءِ اُپاءُ وٺڻ کپن. هن کي خبر هئي ته جوهري جنگ جو نتيجو ۽ اثر ڏسڻ لاءِ، دنيا ۾ ڪو انسان ئي ڪونه بچندو. نه رڳو انسان، پر حيوان ۽ وڻ ٻوٽا به تباهه ٿي ويندا. جتي ڪٿي انسانن ۽ جانورن جا سڙي ويل هڏاوان پڃرا نظر ايندا. زمين جي مٿاڇري جو پاڻي سُڪي ويندو، ۽ جو پاڻي بچندو، اهو زهريلو ۽ پيڻ لائق نه هوندو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو انسان بچيو ته اهو به ڪئنسر ۾ ورتل، لولو لنگڙو ۽ رڳو چرندڙ پرندڙ لاش ۽ شڪل ۾ ڀوائتو هوندو. هن جو ماس سُڪل سڙيل هوندو، هو نه ڏسي سگھندو ۽ نه ٻڌي سگھندو. انسان جي صدين دوران حاصل ڪيل تهذيب ۽ ترقي پل کَنَ ۾ تباهه ٿي ويندي. ماحول ۾ گرميءَ جو ٽيمپريچر ايترو وڌي ويندو، جو ڪوبه ساهوارو جيئرو رهي نه سگھندو. اهڙي جوهري جنگ ٿيڻ خلاف سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ احتجاج ٿيا هئا. ڊاڪٽر چارلس چارمنگ جي تحريڪ تي برٽش ميڊيڪيل ائسوسيئيشن، اهڙي جنگ کي ٻِنجو ڏيڻ ۽ اهڙن موتمار هٿيارن ٺاهڻ تي بندش وجھڻ لاءِ سرگرم رهي هئي. اتي جي اٽڪل ٻن هزار ڊاڪٽرن، انگريزي پارليامينٽ آڏو ۲۴ ڪلاڪن جي بُک هڙتال ڪئي هئي، ۽ اتي جي جوهري ڪارخاني (Nuclear Plant) آڏو مظاهرو ڪيو هو. لنڊن ۾، يورپ ۽ آمريڪا جي ٻين مرڪزي شهرن وانگر، عوام لکن جي ڳاڻيٽي ۾ هڪ زبردست جلوس ڪڍيو هو. ان ۾ ماڻهن اهڙا نقلي چهرا (Masks) پائي شامل ٿيا هئا، جهڙا ڀوائتا چهرا، جوهري جنگ جي نتيجي ۾ ماڻهن جا ٿِي ٿي سگھيا. اهي موت جا ڊڄاريندڙ چهرا هئا. ڊاڪٽر چارلس به موت جو ماسڪ (Masks) پائي، ان عوامي جلوس ۾ شريڪ ٿيو هو.


اهڙي قسم جي احتجاجن جو ئي نتيجو هو جو دنيا جي ٻن وڏين طاقتن، يعني روس ۽ آمريڪا جي پڳدارن ان مامري تي ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ ۽ جوهري هٿيارن ۽ جوهري جنگ کي روڪڻ لاءِ تجويزون ڳولي لهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ گڏجڻ جو ارادو ڪيو هو. اها ڳالهه هئي ڊاڪٽر چارلس جي خوشيءَ جو ڪارڻ. هو انسان ۽ انسان ذات، ۽ دنيا جي سونهن ۽ سينگار جو گھڻگھرو هو.
ڊاڪٽر چارلس برٽش ميڊيڪل ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ هو ۽ انگلنڊ جي هڪڙي وڏي ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسيپال پڻ. هن ڪاليج ۾ دنيا جا وڏا وڏا ۽ ماهر ڊاڪٽر پڙهي ۽ سکيا وٺي چڪا آهن. اهڙي طرح هن جا شاگرد هر ملڪ ۾ پکڙيل آهن. انهن مان گھڻن سان هن جي دوستي ۽ شخصي ناتا هوندا هئا. اهي پيا هن کي سندن ملڪ ۾ اچڻ ۽ گھمڻ جون دعوتون ڏيندا هئا. جوهري جنگ جي سلسلي ۾ هلچل جي ڪاميابيءَ کانپوءِ هن کي دنيا گھمڻ ۽ ڏسڻ جو شوق جاڳيو.
هو دنيا جي ڪن ملڪن جو سير ڪندو، هاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڊاڪٽر لائق ٿيٻي وٽ اچي مهمان ٿيو هو. اچڻ سان ڊاڪٽر ٿيٻي کي چيائين: ”مان جتي به ويو آهيان، اُتي مونکي شهرن جون رنگينيون ۽ روشنايون ڏيکاريون ويون آهن، يا وڌ ۾ وڌ سمنڊن، ڍنڍن، ندين ۽ باغن جي نظارن ۾ وندر ڪرائي ويئي آهي. پر هاڻي تون مونکي انهن کان صفا الڳ هنڌ گھماءِ، پوءِ ڀلي ته ان ۾ مونکي تڪليفون ڏسڻيون پون ۽ مصيبتون سهڻيون پون. مان دنيا جي ڪنهن نئين تجربي کان واقف ٿيڻ چاهيان ٿو.
ڊاڪٽر لائق نه فقط ماهر ڊاڪٽر هو، پر هو دانشور ۽ ساهتڪار قسم جو ماڻهو به هو. هو ٿر جو ويٺل هو، ۽ هن ٿر جو سوچيو.
جيپ جڏهن ٿر جي وارياسي ميدان تي پهتي ته سج چڱو چڙهي آيو هو. مئي جو مهينو هو، ۽ گرمي پنهنجيون ڄڀون چوڌاري پکيڙي رهي هئي. هر طرف واريءَ جون ڀِٽون هيون. ننڍيون ڀٽون، وڏيون ڀٽون، نه رستو، نه واٽر ڪورس، نه واهه، نه نهرون، نه ڍنڍون، نه تلاءُ. ڪوهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو انسان جي قد کان ننڍو ۽ ڇانوَ کان وانجھو ٻوٽو. نه بنگلا نه ماڙيون. ڪٿي ڪٿي ٻن چئن چؤنُرن وارا ڳوٺ. نه ساوڪ نه سبزي، نه آبادي نه پوک. چوڌاري اُس جو کورو ۽ واريءَ جون چڻگون. آسمان ۾ ڪو پکي اڏامندو نظر نه ٿي آيو. البت هڪ هنڌ، مٿي آڪاش ۾ ڪيترن پکين جو ميڙ اڏامندي نظر آيو.
”اهي ڪهڙا پکي آهن؟“ چارلس پُڇيو
”اهي ڳجھون آهن“ ڊاڪٽر لائق جواب ڏنو.
”اهي ڪنهن مُئل جانور مٿان مڙيل آهن، ۽ ان جي ڍونڍ کي چيرينديون ڦاڙينديون آهن. هتي سالن کان مينهن نه اُٺو آهي. جانور ته ڇڏيو انسان به بُک ۽ اُڃ وگھي مري رهيا آهن.“ ڊاڪٽر لائق چيو.
ڊاڪٽر چارلس ان ڍونڍ وارو هنڌ ڏسڻ چاهيو. اڏامندڙ ڳجھن جي آڌار تي، ڀٽن جي وچ مان جيپ ڪاهيندو، ڊاڪٽر لائق ان جاءِ تي پهچي ويو، جتي ٻن ڍڳن جي ڍونڍ کي ڳجھون چيري ڦاڙي رهيون هيون. چارلس حيرت ۽ ماٺ ۾ اهو نظارو ڏسندو رهيو.
هن هلندڙ جيپ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڳجھن جا ولر اڏامندي ڏٺا.
اڳڀرو هليا ته ٽن اُٺن جو هڪڙو قافلو اچي لنگھيو. اُٺ ڏٻرا ۽ ڏُڪاريل هئا. انهن تي چڙهيل ٻار، ضاعفون ۽ مرد، بس انسانن جا پاڇولا هئا، سنهڙا سُڪل، زندگيءَ جو ڪو اهڃاڻ به ڪونه، نه رنگ نه روپ، نه جوڀن نه جواني، نه صحت نه صفائي. چپ سُڪل اکيون ڏرا ڏيئي ويل. ڪُٻا ۽ اڌ اگھاڙا. ماس ته هون ئي ڪونه. رڳو ڪاراٽيل ۽ گھنجيل چمڙي ۽ هيڻا هڏڙا. چپ ئي ڪونه ٿي چرين، ڄڻ گونگا هئا. اکيون خالي، ڄڻ نظرن کان وانجھيون هيون.
رستو ڪٿي هئو ئي ڪونه. ڪٿي ڪٿي گاڏين هلڻ ڪري ڪجھه چيلا ٺهيل هئا، نه ته جيپ گھڻو ڪري ڀٽن جي وچ مان پنهنجا پيچرا ٺاهيندي هلي رهي هئي. هڪڙي هنڌ هڪڙي ٽرڪ ويندي نظر آين. چارلس ڏٺو ته اها تمام پراڻي هئي ۽ تمام اڍنگا گھوگھٽ ڪندي، وڌ ۾ وڌ ڏهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي هئي. پُٺيان ماڻهو ڀريل هئا. انهن جي وهڻ واسطي ڪي سيٽون ڪونه هيون، پر سڀ هيٺ تري ۾ ويٺل هئا، ۽ اهڙا سوڙها ويٺا هئا جو چرڻ پُرڻ جي گنجائش به ڪونه هئين. اهي اڀرا ۽ سُڪل سڙيل هئا، ۽ هينئر پگھر ۾ شل هجڻ ڪري ۽ مٿان واريءَ ۽ ڌوڙ ۾ لنبجڻ ڪري، هو عجيب قسم جا ڀوت لڳي رهيا هئا. نه رڳو ايترو پر هنن سان گڏ وچ ۾ ڪجھه ٻڪريون به وهاريون يا بيهاريون ويون هيون ۽ انهن جو مُٽ ۽ ڦولهڙيون، هنن جي لٽن ڪپڙن کي ثڦي ۽ ڌپ ڦهلائي رهيون هونديون. چارلس سنڌي نه هو، نه ته جيڪر ’ٻڪرٻوساٽ‘ جي اصطلاح جو جيئرو جاڳندو مثال، هن جي ذهن ۾ اُڀري ها.
هو هڪڙي کوهه وٽ اچي بيٺا. چارلس نوڙي کوهه ۾ نهاريو. ٻه سؤ فوٽ اونهو هو. هڪڙو اُٺ رسيءَ ۽ گرڻيءَ رستي ان مان پاڻيءَ جون پخالون ٻاهر ڇڪي رهيو هو. پاڻي گندو ۽ ڪاري رنگ جو هو. هن اهو چکڻ چاهيو، پر ان جي صورت ڏسي، اهو خيال لاهي ڇڏيائين. اتي ڪجھه عورتون، مرد، ۽ ٻار دلا، ڏول ۽ گھاگھرون کنيو بيٺا هئا. انهن سڀني جا جسم بيمار ۽ نٻل هئا، ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيل ۽ اڻ پورا. هن کي ٻڌايو ويو ته ڏهن ڪوهن اندر، ماڻهن ۽ حيوانن جي پاڻِيءَ جو ذريعو اهو اڪيلو کوهه هو. ماڻهن کي ايتري پنڌ تان پاڻيءَ جي هڪڙي گھاگھر واسطي اچڻو ٿي پيو.
هو اڳتي وڌيا. ڪن هنڌن تي پاڻيءَ جا ننڍا تلاءَ يا دُٻا نظر آيا، جي ٿوري گھڻي پيل مينهن جي ڪري بنيا هئا. چارلس ڏٺو ته اهو تلائن جو بيٺل پاڻي ڪنو ٿي ويو هو، سائو ۽ گندو هو ۽ پري کان ئي نڪ بند ڪرڻ جيتري ڌپ ٿي آئي. وڏي ڳالهه ته ان مان جانور، ڍور ڍڳا، ڪتا توڙي انسان پاڻي پي رهيا هئا. انسان ان پاڻيءَ ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي گندگي صاف ڪري رهيا هئا، ۽ حيوان ان ۾ پنهنجي گندگيءَ فارغ ڪري رهيا هئا. چارلس کي اهو ڏيک ڏسي، ايتري ڪرڀ ۽ ڪراهت آئي جو هن کي قيءِ اچي ويئي.
هو هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا. ان ڳوٺ ۾ ڪجھ ڪچين سرن جي جاين ۽ هڪ ٻن پڪين سرن جي جاين کانسواءِ ٻيا گھر سڀ چؤنرا هئا. ڊاڪٽر لائق، ڊاڪٽر چارلس کي هڪڙي دڪان تي هلي بيهاريو، جو هڪ حڪيم جو دواخانو هو. مريضن جا ميڙ لڳا پيا هئا. چارلس هنن کي ڏسي اندازو ڪيو ته هنن ۾ گھڻا سلهه جا مريض هئا. ٻيا مليريا، دستن، مدي جي بخار ۽ شايد ڪي ڪئنسر جا بيمار پڻ. هن ڏٺو ته حڪيم فقط نبض تي هٿ رکي، هر ڪنهن کي دوا ڏئي رهيو هو. ڪنهن کي گوريون، ڪنهن کي ڪک، ڪنهن کي چاٽو، ڪنهن کي عرق، ڪنهن کي شربت ۽ ڪنهن کي معجون. اتي نه جسماني تپاس جا اوزار هئا، نه رت ۽ پيشاب جون چڪاسون، نه ايڪسري ۽ نه چڪاس جا ٻيا سائنسي ذريعا. هن کي خيال آيو ته هنن بيمارن جون انساني صورتون رهيون ئي ڪونه آهن. رت جي گھٽتائي، هيڻائي، ڪُٻائي، بيماريءَ جي پيڙا، اڻ پوري کاڌي ۽ موسمن ۽ ماحول جي اثر هنن جي چهرن تي نه زندگيءَ جو اهڃاڻ ڇڏيو آهي ۽ نه ئي انساني روپ.
هي هئا ڪجھه ڏيک، جي ڊاڪٽر چارلس ٻاهر ڏٺا. پر ساڻس ڇا ٿي گذريو؟
اونهاري جي گرمي، سج جو تيک ۽ تتل واريءَ مان اُٿندڙ لُکَ، ڊاڪٽر چارلس جي برداشت کان ٻاهر هئي. هن گُهٽَ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪيو ۽ هو سهڪڻ لڳو. هلندڙ جيپ جي هوا هوندي به هو پگھر ۾ شل ٿي ويو. پهرين قميص جا ٻيڙا کوليائين، پوءِ قميص لاهي ڦٽي ڪيائين. پوءِ سوٽ لاٿائين، بوٽ ۽ جوراب لاٿائين، گنجي به لاهي ڇڏيائين، پڇاڙيءَ ۾ فقط ڪڇو وڃي رهيس، تڏهن به پگھر ريلا ڪري ٿي نڪتس، مٿان وري اڏامندڙ واري، هن جي بدن سان ٿڦجندي ۽ چنبڙندي ٿي ويئي. ائين سمجهيو ته پگھر، ڌوڙ ۽ واريءَ جي گاري سان هن جو سڄو جسم لنبجي ويو. واريءَ اکين ۾ ٿي پيس ۽ مهٽڻ ڪري اهي ڳاڙهيون ٿي ويون هئس، جن مان ڄڻ رت ٿي ٽميو. وات ۾ واريءَ جي داڻن پوڻ ڪري ڪِر ڪِر محسوس ڪرڻ لڳو. ان سان گڏ ساري بدن ۾ بيزاري پئي محسوس ڪيائين. هن کي ائين لڳي رهيو هو ته هو ٻئي قسم جي مخلوق ۽ مٽيل انسان بنجي ويو هو.
البت هنن کاڌي پيتي جو سامان جام ساڻ کنيو هو. ٿڌي پاڻيءَ جو ڪولر هو، شراب جون بوتلون هيون ۽ کائڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون. چارلس ڪڏهن ٿڌو پاڻي ٿي پيتو ۽ ڪڏهن شراب چڪو. اهڙي نموني ٻاهريون ٻنو رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿي ويو، باقي اندر جي اندر سان هئس.
هڪ هنڌ، واريءَ جي دڙي جو پاسو اُڪرندي، جيپ جو توازن رکجي نه سگھيو ۽ جيپ پاسيري ٿي ڪري، پر بلاٽيون کائڻ کان بچي ويئي. ٻيئي ڊاڪٽر پري واريءَ تي وڃي ڪريا. گھڻو هاڃو ڪونه ٿيو. ڪنهن کي زخم ڪونه رسيا. چارلس واريءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويو. جسم پگھر ۾ آلو هجڻ ڪري، واري ۽ ڌوڙ بدن تان پوري طرح ڇنڊجي نه سگھيون. جيپ کي آسانيءَ سان سڌو ۽ چالو ڪري سگھيا.
هو تعلقي جي هيڊڪواٽر واري شهر پهتا. هتي ڊاڪٽر چارلس کي هر هنڌ ڪچا رستا، ڪنو پاڻي، گند جا ڍير ۽ ڊٺل پراڻا گھر نظر آيا ۽ هر جڳهه بدبوءِ هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ مجبور هئي. هن ڏٺو به ۽ پُڇڻ تي به معلوم ٿيس ته هن شهر ۾ به بجلي ڪانه آهي.
ڊاڪٽر لائق ٿيٻي جي هتي واري هڪڙي دوست وٽ وڃي هنن کي ٽڪڻو هو. هو هن جي گھر ۾ گھڙيا. گھر سهڻو ۽ آرام وارو ٿي ڏٺو.
هڪري ڪمري ۾ گھڙندي، اتي رکيل درسنيءَ ۾ جئين ئي ڊاڪٽر چارلس جي نظر پنهنجي شڪل تي پيئي، ته هو خوفناڪ دانهن ڪري، بيهوش ٿي ڪري پيو. ٿڪ ۽ گرميءَ کان بيحال ته اول ئي هو، پر آرسيءَ ۾ پنهنجو ڀيانڪ چهرو سڃاڻي نه سگھيو، ۽ صدمي ۽ اڻ ڄاتل خوف کان هوش حواس وڃائي ويٺو. هي چهرو ڪنهن انسان جو ته نه هو!
هن جي منهن تي ٿڌيءَ پاڻي جا ڇنڊا هنيا ويا، ۽ هنکي مڌ جو چڪو پياريو ويو. ٿوري ويرم کانپوءِ هن جا هوش حواس درست ٿيا. هن ڪجھه سوالن جا جواب ڏنا. پوءِ اُٿي هڪ آرام ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي آهلي پيو. هو اکيون بند ڪري، ڳچ مهل ماٺ ۾ رهيو. پڌرو هو ته هو ڪنهن گھري سوچ ۾ آهي.
نيٺ ڊاڪٽر لائق هن کان پُڇيو، ”ڊاڪٽر صاحب! ڇا پيا سوچيو؟
ڊاڪتر چارلس چارمنگ اکيون کوليون، جي اڃا به رت جھڙيون ڳاڙهيون هيون، ۽ هوريان هوريان چپ کوليائين جي اڃا به سُڪل هئا، ۽ پهرين ڌيمي آواز ۾ ۽ پوءِ زور سان جوشيلي آواز ۾ جواب ڏنائين ۽ ائين ڳالهايائين ڄڻ ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هجي.
هن چيو: اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي، اسان يورپ ۽ آمريڪا ۾ جوهري جنگ ۽ جوهري هٿيارن خلاف احتجاج ڪندڙن سان دوکو ڪيو ويو آهي. اسان کي چيو ويو هو ته اڃا هنن ائين نه ڪيو آهي، پر مون اڄ پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته سامراجين ٽين دنيا جي هن ننڍڙي ٽڪري تي ننڍڙو جوهري بم(Nuclear Bomb)  اڇليو آهي.“

No comments:

Post a Comment