Saturday, September 15, 2012

اونداهيءَ جو مسافر - سليم ڪورائي


اونداهيءَ جو مسافر
سليم ڪورائي
ڪاري اماس جي رات هئي. هر طرف ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جو راڄ هو. اهڙيءَ رات ۾ انسان جي نظر، ٻن چئن فوٽن تائين به مس ڪم ڪندي آهي. هو اهڙيءَ اونداهي رات ۾ بي خوف ريل جي پٽڙين وچان وڃي رهيو هيو. ريل جو بند، شهر کان چڱو مٿي هو. بند جي هڪ پاسي، ريلوي جي ملازمن جا پيلي پيلي رنگ جا ڪوارٽر هئا. ڪوارٽرن جي پريان پڪين سرن جي ٺهيل وڏي ديوار هئي ۽ ديوار جي اندر، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول جي وڏي عمارت هئي. ٻئي پاسي بس اسٽينڊ هو. بس اسٽينڊ تي بجليءَ جا بلب ٻري رهيا هيا. پر ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي سبب، سندن روشني مڌم ۽ هلڪي هئي. انهيءَ مڌم ۽ اڻ وڻندڙ روشنيءَ ۾، پريان پراڻو پاور هائوس، پراڻي ماڻهوءَ وانگر خاموش ۽ گنڀير نظر اچي رهيو هو.


هو سامهون سگنل جي ڳاڙهي ٻرندڙ بتيءَ کي ڏسندو، تڪڙو تڪڙو وڃي رهيو هو. اوچتو سرد هوا جون چماٽون محسوس ڪري بيهي رهيو ۽ پنهنجن ڪنن کي مفلر سان ڍڪڻ لڳو. اوندھ ۾ چڱي وقت تائين هلڻ سبب، سندس نظرن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. سامهون هڪ ماڻهو، بجليءَ جي ٿنڀي جيئان خاموش بيٺو هو. هن جي اهڙي نموني سان اونداهي رات ۾ بيهڻ جو مقصد، کيس سمجھ ۾ نه آيو.
جڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ جي ڀرسان لنگهيو ته اوچتو ماڻهوءَ جي جسم ۾ تحرڪ اچي ويو ۽ سندس هٿ ڇوڪر جي ويڻيءَ ۾ سختيءَ سان پئجي ويو. ڇوڪر اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙي، حيرانيءَ وچان هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جنهن ايڏي آزاديءَ سان سندس ويڻيءَ ۾ هٿ وڌو هو. ڇوڪر هن کي سڃاتو ئي ڪو نه ته، هٿ وجهندڙ مرد، تمام سختيءَ سان پڇيو؛ ”ڪير آن؟“
ڇوڪر کي اهو آواز اجنبي محسوس ٿيو. هو اجنبي آواز جي خوفناڪيءَ کان ڊڄي، ويڻيءَ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
”ڪير آن؟“ اجنبي مرد. ڇوڪر جي ويڻيءَ کي زور ڏيندي، وري پڇيو.
ڇوڪر ڏاڍو سور محسوس ڪيو. چوڻ لڳو؛ ”ڇڏ مونکي ڇڏ، تو ڇو مون کي پڪڙيو آ؟
اهو ٻڌي، اجنبي مرد، ڇوڪر کي بند کان هيٺ ڇڪيو. بند کان هيٺ گهلجڻ سبب، هن جي پيرن منجهان نئين چمپل نڪري ويئي، جنهن لاءِ هن پنهنجي ماءُ کان انگل ڪري پئسا ورتا هئا. ”بيھ ته، چمپل نڪري ويئي.“ هن جي واتان اهو جملو از خود نڪري ويو. اجنبي مرد تي، انهيءَ جملي ڪو به اثر نه ڪيو. هو هن کي مسلسل گهليندو رهيو. جڏهن زمين جي سنوت تي پهتا ته سرديءَ جي باوجود ڇوڪر کان خوف وچان پگهر وهي رهيو هيو. هو انهيءَ مهل اونداهيءَ جي باوجود، پنهنجي ڇليل پيرن منجهان، رت نڪرندي محسوس ڪري رهيو هيو.
چار ڄڻا سندس سامهون بيٺا هئا. جيڪو ماڻهو کيس بند تان گهليندو هيٺ آيو هو. انهيءَ کي هڪڙو چوڻ لڳو؛ ”واھ ڙي واھ عمر! واقعي جوان جو پٽ آهين. ڇوڪر به ليڊر کڻي آيو آهين“.
اهو ٻڌي، غلام عمر ڦوڪجي ويو ۽ بيهي بيهي ڇوڪر جي اڳيان قميص مٿي ڪري، سندس اڳٺ ۾ هٿ وجهڻ لڳو.
ڇوڪر ڇرڪ ڀري پوئتي هٽيو، ۽ رڙ ڪري چيائين؛ ”تون اهو ڇا ٿو ڪرين، منهنجو نالو علي آ ۽ مان نبي شاھ جو پٽ آهيان.“
”علي!“ چئني ماڻهن جي واتان نڪتو.
”ها!“ ڇوڪر ڪجھ دليري ڏيکاريندي سختيءَ سان چيو.
”پوءِ هت ڇا پيو ڪرين؟“ انهن مان هڪ حيرانيءَ وچان پڇيو. هن جا عورتن وانگر وار وڏا هئا ۽ هو وڏن وارن ۽ ننڍين مڇين ۾ ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو.
” فلم زرق خان ڏسيو گهر پيو وڃان.“ ڇوڪر وري دليريءَ سان چيو.
”فلم چڱي هئي؟“ وري به ساڳئي ماڻهوءَ کانئس پڇيو.
اهو ٻڌي غلام عمر کي ڪاوڙ اچي ويئي. هن دئونس ۾ چيو؛ ”وڏو ڪو لوسي آن غلام علي. هاڻي هي به ڪو وقت آ فلمي ڳالهين پڇڻ جو. پرتي ٿيءَ ته مان ٿو ڏسانس. اڙي چڱي نموني سڌو ٿيءُ نه ته...“ غلام عمر ڪاوڙجي، جملي کي اڌ مان ڪٽي ڇڏيو.
”مان ڇو سڌو ٿيان. منهنجو نالو علي آ ۽ مان نبي شاھ جو پٽ آهيان. جيڪو گاھ پڙيءَ تي چرس کپائيندو آهي.“
”نبي شاھ ته شاھ جو اولاد ئي ڪونهي. هو چرس جهڙي نشي ۾ به ملاوٽ ڪرڻ کان نه مڙندو آهي.“
ڀريل جسم واري مرد چيو ۽ پوءِ نبي شاھ کي هڪ گار ڏيئي، ڇوڪر کي زوريءَ ڀاڪر ۾ جهلي هڪ چمي ورتي.
ڇوڪر انهيءَ حملي کان واقف نه هو، تنهن ڪري سندن واتان رڙ نڪري ويئي؛ ”ابا ڙي!“
”اڙي وات بند ڪريس، فتو! رڙ ٿو ڪري ذليل!“ ڀريل جسم واري فتوءَ جهٽ ۾ ڇوڪر جو وات، هٿ ڏيئي بند ڪيو! غلام عمر مڪ ٺاهي ڇوڪر کي لوندڙيءَ واري هنئي ۽ چيو؛ ”رڙ ٿو ڪرين ذليل!“ مڪ لڳڻ سان ڇوڪر جو ساھ منهنجي ويو. تنهن ڪري ڪارن لٽن واري فتوءَ پنهنجو هٿ ڇوڪر جي وات تان هٽائي ڇڏي. ڇوڪر ڪجھ سامت ۾ آيو ۽ وڦلندي چوڻ لڳو؛ ”مون توهان جو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي. منهنجو نالو علي آهي ۽ مان نبي شاھ جو پٽ آهيان، جيڪو گاھ پڙيءَ تي چرس کپائيندو آ ۽ هو چرس ۾ ملاوٽ ڪڏهن به نه ڪندو آهي.“ ڇوڪر جي اکين منجهان پاڻي وهي رهيو هيو.
ايتري ۾ ڀريل جسم واري فتوءَ، زوريءَ ڇوڪر جي سٿڻ لاهي وڌي ۽ کيس سوگهو ڪندي چوڻ لڳو؛ ”هاڻي ڪاڏي ويندين جاني!“
”مان پنهنجي گهر ويندس ۽ اڳتي فلم نه ڏسندس، توهان بابي ڏانهن ايندؤ ته توهان کي چرس به مفت ۾ وٺي ڏيندس. صرف مونکي هاڻي ڇڏي ڏيو جو بابو دير ڪرڻ تي ڏاڍو ماريندو آهي!“ ڇوڪر وچڙندڙ آواز ۾ روئندي چيو. غلام عمر کي ڪاوڙ اچي وئي. هو رشوت وٺندڙ ڏيندڙ جو سخت خلاف هو. هن غصي ۾ چيو؛ ”اڙي لوسي، اسان کي رشوت جي لالچ ٿو ڏين، ڄڻ اسان پوليس وارا آهيون.“
”پوليس وارا حرامي هوندا آهن، پر منهنجو چاچو حرامي ماڻهو نه آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن ٽانگي واري کي چالان نه ڪيو آهي.“ ڇوڪر وڏي نماڻائيءَ سان کين چيو.
”اڙي رميش! بند ڪرينس وات! جو ڪرائي نه ذليل، غلام عليءَ سختيءَ سان رميش کي چيو. جيڪو ڪلين شيو نوجوان هو. رميش اڳتي وڌيو. غلام عليءَ، ڇوڪر جي ڪنڌ مان مفلر ڪڍي، رميش کي ڏنو. ڇوڪر، رميش کي خوفزده نظرن سان ڏسڻ لڳو. جيڪو هٿ ۾ مفلر ڪري، سندس وات بند ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو. اچانڪ ڇوڪر رڙ ڪري رميش کي چيو؛
”رميش مونکي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر. مون پهريائين ڪوڙ پئي ڳالهايو. منهنجو نالو علي نه آهي، مان نبي شاھ جو پٽ به نه آهيان. منهجنجو نالو؛ گوتم آهي. گوتم. مون کي ڪو ئي پيءُ ڪونهي.“
رميش جا پير زمين ۾ کپي ويا. هو حيرت وچان ڇوڪر کي ڏسڻ لڳو، جيڪو پنهنجو نالو گوتم ٻڌائي رهيو هو. رميش سوچڻ لڳو؛ ”شايد گوتم، وري جوڻ مٽائي آيو آ!“
”اڙي سوچين ڇا ٿو رمو! تڪڙ ۾ وات بند ڪرينس ته پوءِ مزو نه وڃائي ويهي!“
”پر......پر.....هي ته پاڻ کي گوتم ٿو چوي، غلام عمر!“ رميش ڊڄندي ڊڄندي آهسگتيءَ سان چيو.
”پوءِ ڇا ٿي پيو، اڳيئن سال تنهنجي مائٽ جوتيءَ کي نه آندو هيوسين.“
”اهو صرف جوتي هو، غلام عمر. هن جو پيءُ صرف واچ ميڪر هو. ۽ هي.... هي....گوتم آهي، جنهن جي جڳھ تاريخن جي بابن ۾ آهي. شايد گوتم جوڻ مٽائي آيو آهي. مان گوتم جي ڪردار کان ڏاڍو متاثر آهيان. مون کان اهو ڪم ٿي نٿو سگهي.“
”ڇا ٿو چوين!“ ٽنهي ڄڻن ڪاوڙ مان پڇيو ۽ غلام عمر ڪجھ سوچي چيو؛ ”چڱو پهريان تو سان پوءِ هن سان ٿا نبرون!“
”نه.....نه.....ائين نه ڪيو. توهان منهنجو مطلب نه ٿا سمجهو.“
”ڇا جو مطلب نٿا سمجهون؟“
”اهو ته متان هي واقعي گوتم هجي.“
”پوءِ ڇا ٿي پيو؟“
”واقعي پوءِ ڇا ٿي پيو!“ رميش حيرت مان پڇيو
”نه، ته؟“
”چڱو... چڱو مان به توهان سان ساڻ آهيان. مان ته توهان سان ڀوڳ پيو ڪريان!“ اهو چئي رميش کلڻ لڳو. ڇوڪر سوچڻ لڳو؛ ”ايڏي ڪوڙ جي باوجود به آ بچي نٿو سگهان.“ پوءِ دل ۾ خدا کي چوڻ لڳو؛ ”يا خدا، منهنجي مدد ڪر. هاڻي تنهنجي ئي مدد مون کي بچائي سگهي ٿي!“
هن جو وات مفلر سان سُڪ هيو. تنهن ڪري چاهڻ جي باوجود به ڳالهائي نه پئي سگهيو.
ٿوري دير کانپوءِ ڇوڪر جو ساھ منجهڻ لڳو. مٿان چار دوست پنهنجو پنهنجو وارو وٺي رهيا هيا. پڇاڙيءَ وقت جڏهن رميش وارو وٺي بيٺو، ته ڇوڪر هٿ پير هڻڻ بند ڪري ڇڏيا. رميش ڪنهن خيال کان ڏڪي ويو. غلام عمر ۽ فتوءَ ڇوڪري جي نبض ڏٺي. نبض بند ٿي چڪي هئي.
اونداهي وڌيڪ گهري ٿي ويئي. رات جو هڪ ٿي چڪو هو. ڇوڪر جو مرده جسم، چئن ماڻهن جي پيرن وٽ پيل هو. اوچتو سامهون سگنل تي ريل هيڊ لائيٽ پوڻ لڳي ۽ خوف وچان، ڇوڪر جي مرده جسم کي ڇڏي، ڊڪندا ڊڪندا نئين ٺهندڙ پل هيٺان لڪي ويا. نئين ٺهندڙ پل، نئين گورنمينٽ، عوام جي سک لاءِ ٺهرائي هئي ۽ انهيءَ مهل نئين پل جي هيٺان چار ماڻهو خوف وچان هڪ ٻئي مٿان ڪريا پيا هئا. هنن جي سامهون سرن جي ڍڳ تي شيطان بيٺو هو. هو حيرت مان ڪڏهن هنن کي ته ڪڏهن مٿي آسمان ڏي ڏسي رهيو هو ....

No comments:

Post a Comment