Saturday, September 15, 2012

ازلي سچ - منظور ڪوهيار


ازلي سچ
منظور ڪوهيار
۲۳ ذوالعقد ۳۰۹ هجري جي رات، بغداد جي مرڪزي ٿاڻي ’باب خراسان‘ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جو لوهي دروازو، هڪ چيڪٽ سان کُلي ٿو. هڪ جڳياسي ۽ جس کرو شخص، وڏي شان ۽ گنڀيرتا سان، اندر داخل ٿئي ٿو. ڪال ڪوٺڙيءَ جو داروغو ’النشار‘ دروازو بند ڪري، چاٻي هڻي، دروازي جي بند هئڻ جو اطمينان ڪري، واپس وري ٿو.
ڪال ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر، ڀت ۾ ٻرندڙ مشعل جي هلڪي روشنيءَ ۾، اهو شخص چؤڌاري نظر ڦيرائي ٿو ته کيس زمين تي هڪ پراڻو تڏو نظر اچي ٿو. جيڪو ’دجله‘ درياه ڪناري تي بيٺل پَنِ مان ٺهيل آهي. هنڌين ماڳين ٽُڪيل آهي ۽ تشدد ٿيل قيدين جي رت سان چٽيل آهي. اُهو شخص تڏي جي هڪ پاسي کان وٺي ڇنڊڪو ڏئي ٿو ته ايامن جي لڳل ڌوڙ نڪري اُڏامڻ لڳي ٿي. هُو تڏي کي رکي، بي فڪريءَ سان اُن مٿان ويهي رهي ٿو. اِهو سڄو منظر، ڪال ڪوٺڙيءَ جي ڀتين ۾ ٿيل ٻِرن مان ننڍا وڏا ڪوئا ۽ ڇت ۾ لٽڪيل چمڙا ڏسندا رهن ٿا.


ڪال ڪوٺڙيءَ جو داروغو ’النشار‘، هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ بغدادي نانُ لوڏيندو، پيرن سان ڌم! ڌم! ڪندو، لوهي دروازي تائين پهچي ٿو. هڪ هٿ سان سيخن کان نانُ اندر ڪندي، اُن شخص کي چوي ٿو؛ ’اي ملحد! اي ڪافر! اي ملعون! کائي ڍؤ ڪر، جو سڀاڻي تو کي قربانيءَ جي ٻڪر جيان ڦٿڪايو ويندو!‘
ذلت آميز جملن جي پرواهه نه ڪندي، اُهو شخص وڏي صبر ۽ ڌيرج سان اُٿي ٿو. بسم الله ڪري، بغدادي نانُ وٺي، وري اچي تڏي مٿان ويهي ٿو. محسوس ڪري ٿو ته بکايل نظرون سندس مليل نانَ کي تڪي رهيون آهن. هُو نانَ جا چار حصا ڪري، ٽن حصن کي ننڍن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪري ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻرن آڏو رکي ٿو ۽ چوٿين حصي جي ڀور ٺاهي، ڪچي فرش تي ڇَٽي ٿو.
اِهو سمورو منظر هڪ پوڙهو چمڙو، حيرت وچان ڇت وارين پٽين مان لڙڪندي ڏسي رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي قيديءَ کي نه ڏٺو هو، جيڪو ايڏو مطمئن ۽ پرُسڪون هجي. هن ته قيدين کي آه و زاري ڪندي ۽ لُڇندي پُڇندي ڏٺو هو. روئيندي رڙندي ۽ ڪيهون ڪندي ٻڌو هو.
آخرڪار، اُن پوڙهي چمڙي کان رهيو نه ٿيو. هن اُن شخص کان پنهنجي فطرتي ٻوليءَ ۾ سوال ڪيو:
’اي قيدي! تون ڪهڙيءَ مٽيءَ جو ٺهيل آهين. جو نه پنهنجي قسمت کان نالان آهين، نه وري ڪا شڪوه شڪايت ڪرين ٿو. اي قيدي! تنهنجي سخاوت به عجيب آهي، جو هڪ مليل نان به تون اهڙن جاندارن ۾ ورهائي ڇڏيو، جن کان عام قيدي نفرت ڪندا آهن. ڇا مان تنهنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟
’منهنجو نالو حسين بن منصور حلاج آهي‘ قيدي، پوڙهي چمڙي جي ٻولي سمجھندي وراڻيو.
’اي بردبار قيدي! هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ته قاتلن ۽ رهزنن کي رکيو ويندو آهي. تو کان آخر اهڙو، ڪهڙو گناهه سرزد ٿيو آهي، جو هتي پهتو آهين؟‘ چمڙي جستجو جاري رکندي چيو.
منصور حَلاج مشڪندي وراڻيو،’اهڙو ئي ڏوهه، جھڙو مون هاڻي ڪيو آهي ته هر ساهواري کي ان جي ضرورت مطابق ڏنو وڃي ته جيئن ڪير به چوري ۽ سينه زوري نه ڪري. مون ته انسانن کي اهو پيغام پئي ڏنو ته پنهنجي وجود جي حقيقت کان آگاهي حاصل ڪن. جيڪڏهن سندن وجود حقيقت آهي ته سندن ضرورتون به حقيقت آهن. ڪو به کين انهن حقن ۽ گھرجن کان محروم نه ٿو رکي سگھي ۽ نه وري سندن انفراديت کي دٻائي سگھي ٿو.‘
’اهو ته ڪو ڏوهه ئي ناهي. ايئن ته ناهي ته ڪو ٻيو ڏوهه هجي. جيڪو تون ٻڌائڻ نه چاهيندو هجين؟‘ چمڙي بي يقينيءَ واري ڪيفيت مان کانئس پڇيو.
’ها!، اهڙو ئي هڪ ٻيو ناقابلِ برداشت ڏوهه به ڪيو آهي. جڏهن مون چيو ته؛ مون کي خدا جي حوالي سان پنهنجي وجود جي اظهار ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته سندس روح منهنجي رُوح ۾ ائين سمائجي ويو آهي، جيئن عنبر، مشڪ ناب ۾ ملي ويندو آهي. ۽ ان (الله) رازن کي منهنجي دل ۾ ائين سمايو آهي، جيئن رُوح بدن ۾ سمايل هوندو آهي. جڏهن ڪا شيءِ اُن کي ڇُهي ٿي ته اُها مون کي ڇهي ٿي. هر وقت ۽ هر حال ۾ ’اهو‘ مان بڻجي وڃان ٿو.‘
منصور حلاج، پوڙهي چمڙي کي ڪجھه وضاحت سان ٻڌايو.
’اِها ڳالهه ته مان جھڙو حقير چمڙو به سمجھي سگھي ٿو. چئبو ته اڄڪلهه جو انسان چمڙي کان به ويل آهي.‘ چمڙي حيرت زده ٿيندي چيو.
’تون سمجھي وئين اِن ڪري، جو فطرت جي قريب آهين. پر انسان جيڪو اشرف المخلوقات سڏائي ٿو، اُهو فطرت کان گھڻو پري ٿي ويو آهي.‘ منصور حلاج چمڙي کي سمجھاڻي ڏيندي ٻڌايو.
’خير، تنهنجي لاءِ ڪهڙي سزا تجويز ڪئي وئي آهي؟
’مثله!‘ منصور حلاج کلندي وراڻيو.
’مثله!؟ اِها ڪهڙي قسم جي سزا آهي؟‘ چمڙي سوالن جي سلسلي کي جاري رکندي پڇيو.
’مُثله سزا تحت، مون کي پهريائين سوُريءَ جي تختي تي بيهاريو ويندو. ۽ پوءِ هٿ پير ٻڌا ويندا. پهريائين منهنجا هٿ ۽ پوءِ پير ڪپيا ويندا. اُن کانپوءِ اکيون ڪڍيون وينديون ۽ آخر ۾ زبان ڪپي ويندي. پوءِ سرُ قلم ڪري، خليفي ڏانهن اُماڻيو ويندو ۽ ڌڙ کي تيل ۾ ٻوڙي ساڙيو ويندو ۽ آخر ۾ رک دجلي جي لهرن جي حوالي ڪئي ويندي .......اي سٻوجھه چمڙا! جي تون سڀاڻي اِهو منظر پسي سگھين ته ضرور اچجانءِ ۽ شاهدي ڏجانءِ ته اسان عشق جي نماز ادا ڪندي ڪا ڪوتاهي ته ڪو نه ڪئي.‘ منصور حلاج چمڙي کي دعوت خاص ڏيندي چيو.
اي مرد حق! مان رب جو شڪر ادا ٿو ڪيان، جو اُن مون کان، اهڙن ڏينهن ڏسڻ واري سگھه سلب ڪري ورتي آهي. ڇا واقعي انسان ايڏو سفاڪ ۽ اندر جو انڌو آهي. جو ان ازلي سچ کي سڃاڻڻ کان قاصر آهي، جيڪو هر دل ۾ رسي وسي ٿو؟
ها، ساڃاه وند چمڙا! اِهو ئي انساني سماج جو وڏو الميو آهي.‘ منصور حلاج ٿڌو شوڪارو ڀريندي، پنهنجو شعر پڙهيو ......
اِهو ٻڌي، پوڙهو چمڙو، ٻين چمڙن سان ڇت مان ڀڙڪو ڏئي اُڏاڻو ۽ ڪال ڪوٺڙيءَ جي روشندان مان نڪري، زور زور سان فضائن ۾ اُڏري منادي ڏيڻ لڳو:
’انڌو اُهو آهي، جيڪو اندر جو انڌو آهي، جنهن منصور حلاج کي نه سڃاتو، اُن ازلي سچ کي نه سڃاتو، ۽ پوءِ منصور حلاج جي ٻڌل شعر کي وڏي واڪي دُهرائڻ لڳو.
اعمي بَصير و انّي ابلحهُ فَطِن
ولي کلام اِذا ماشئتُ مقلوبُ
(انڌو آهيان، ليڪن بصيرت رکان ٿو. سادو آهيان، ليڪن فطين آهيان.
۽ هي منهنجو ڪلام، غور ڪرڻ سان ابتو به ٿي سگھي ٿو.)
وڻن تي سُتل پکي پکڻ ۽ جيت جڻين ۾ ڦڙ ڦُوٽ پئجي وئي. پر ’النشار‘ ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻاهران اکيون ٻوُٽيون اوجھراڪيون کائيندو رهيو.

No comments:

Post a Comment