Tuesday, September 25, 2012

لھندڙ سج - رضا جويو


لھندڙ سج
رضا جويو
بيرزگاري چور بڻجي سندس زندگيءَ کي چنبڙي پئي هئي ۽ سندس آسن اميدن جو سڄو رت چوسي ڇڏيو هئائين. سندس لاءِ خوشين سان گڏ خواهشن جا دروازا به بند ٿي چڪا هئا. پوري ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو نظر نٿي آيس جنهن ۾ اميد رکي ٻه ڏوڪڙ اڌار وٺي ها. مائٽ مائٽيءَ تان هٿ کڻي ويا هئس، دوست ڦري دشمن ٿي پيا هئس. دوڪاندارن جي منهن چڙهندو هو ته، اهي به ٻين جو ڪسرون هن مان ڪڍندا هئا. ڏينهون ڏينهن عزت نفس مجروح ٿيڻ جو درد، مفلسيءَ جي درد کان وڌندو پئي ويس. پٽيوالي کان پرسنل سيڪيريٽري تائين، هر انهي نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو هيائين، جنهن لاءِ عام حالتن ۾ سندس دماغ ڪڏهن سوچيو به نه هو پر پوءِ به مايوسي ئي پلئه پئي هئس. ڊاڪومينٽس جي ڦوٽو ڪاپين، اٽيسٽيڊ فوٽوئن ۽ انٽرويوءَ جي ڪراين ڀاڙن تي، ايترا پئسا خرچ ڪيا هئائين جو، جيڪڏهن اهي پئسا گڏ ڪري ها ته هينئر ڪو ڪاروبار کولي ڇڏي ها. سکڻا انٽرويو ڏئي ڏئي هينئر صفا مايوس ٿي پيو هو. آخري دفعو جڏهن پٽيواليءَ جي انٽرويوءَ دوران، هڪڙي ٿلهي ۽ گنجي آفيسر پڇيو هئس؛
گل حسن تون آهين......؟


جي سائين.“ چيو هئائين.
تعليم ايم اي انگلش، فرسٽ دويزن؟
جي سائين.“
۽ اپلاءِ پٽيواليءَ لاءِ ڪيو اٿئي.....؟
سائين اها هاڻي منهنجي لاءِ پهرئين گريڊ جي آفيسري آهي.....“ اهو چوندي سندس مايوس مک تي زهريلي مرڪ ڦهلجي وئي هئي.
پر يار..... پر اها ناانصافي آهي......“ ٿلهي ۽ گنجي آفيسر ڀرسان ويٺل آفيسر ڏانهن ڏسندي چيو، جيڪو پنهنجي ڊگھي ۽ سفيد ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائي رهيو هو.....۽ اسان جي اداري جي بدنامي به ته.....”تو جهڙي تعليم يافته نوجوان کي پٽيوالو ڪري رکون......ها باقي توسان منهنجو واعدو آهي..... ته جيئن ئي تنهنجي لائق ڪا جاب آئي اڳ ۾ تون پوءِ ٻيا.....“
سندس ڇوھ ڇڄي پيا هئا..... منهن لهي ويو هئس...... ڪي پل چرين جيان آفيسرن جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. آفيسر کيس ڊاڪومينٽس ڏيندي ٻئي اميدوار کي سڏ ڪيو تڏهن سندس خودداري پٽ اچي پئي هئي ۽ هو آفيسرن جي سامهون ٻانهون ٻڌڻ ليلائڻ لڳو هو. کين خدا جا واطا ڏنائين ۽ سندس ٻچن کي دعائون ڪرڻ لڳو هو. هن اهي سڀئي دعائون ورجايون جيڪي سندس امڙ کيس هر انٽرويوءَ واري ڏينهن پئي ڏيندي هئي ۽ هاڻي کيس اهي سڀ به زباني ياد ٿي ويون هيون.
هاڻي ته ماءُ جي حالت ڏسي زندگيءَ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳندي هئس بيمار ماءُ جون دانهون سندس مايوسي جي باھ تي پيٽرول مٿان تيليءَ وارو ڪم ڪنديون هيون. ڏهن سالن جو هو جڏهن سندس پيءَ وفات ڪري ويو هو. ماءُ هٿ جي پورهيا، لابارا ۽ ڦٽين جا چونڊا ڪري کيس ايم اي تائين پڙهايو هئس..... پاڻ هڪ ڏينهن به سک جو نه ويٺي، سڄو ڏينهن لوڙيندي هئي پر گل حسن کي ڪک به ڀڄي ٻيڻو ڪرڻ نه ڏيندي هئي. ماءُ کي گھڻو ئي روڪيندو هو پر چوندي هئس ته ”پٽ......جنهن ڏينهن توکي نوڪري ملندي مان ان ڏينهن مان کٽ تي ويهي آرام ڪنديس.“ پر پوءِ هو انتظار ڪري ڪري گذريل هڪ کٽ تي ڪري پئي هئي. کيس دم جهڙي بيماري لڳي هئي، گھر ۾ جيڪو ٿورو گھڻو هو سندس بيماري تي خرچ ٿي ويو پر فڪين فرق نه پيو هو گذريل ٻن مهينن کان ان جي حالت تمام خراب رهڻ لڳي هئي. ڊاڪٽرن کيس شهر جي وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ چيو هوئس پر هوءِ ته پيٽ جي دوزخ ڀرڻ ۾ ئي پورو لڳو پيو هو. ايترا پئسا ڪٿان آڻي ها.... مٽ مائٽ، دوست سنگت سڀ سهائي ويٺو هو. اوڌر جا سڀ دروازا ڄڻ سندس لاءِ بند ٿي چڪا ها. ورندي ڏينهن اوڌر جي پئسن جي واپسيءَ لاءِ ماڻهن جون هانو ساڙ ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون هئس.....
ڪالھ ته حد ٿي وئي، بچل ڀاڄيءَ واري ڏيڍ سوءَ رپين لاءِ وچ اسٽاپ تي اچي ڳلي مان جھليو هئس. سڄو اسٽاپ گڏ ٿي ويو هو. ان ويل پنهنجو پاڻ کي دنيا جو بيوس ترين ماڻهون محسوس ڪيو هئائين. کيس ايلاز منٿون ڪيائين پر هن سندس ڳلي مان هٿ نه ڪڍيا هئا. زمين کان جاءِ گھريائين زمين جاءِ نه ڏني هئس. مٿي آسمان ڏانهن نهاريائين، آسمان پڻ خالي هو. ڳپل دير کان پوءِ نيٺ هڪڙي پاڙيسري کي مٿس رحم آيو هو ۽ جيڪو سندس ضامن پيو ته هو ڪيئن به ڪري هفتي اندر ڀاڄيءِ واري کي پئسا ڪر ڏيندو.....
ٻرنديءِ تي تيل وري رابيل جي مڱڻي ڪيو هو. جنهن ۾ سندن خواب ۽ وا عدا سڙي ڪوئلو ٿا ويا هئا..... ڏوه رابيل يا سندس مائٽن جو به ڪونه هو، انهن گل حسن جي نوڪريءَ جي آس ۾ چار سال انتظار ڪيو هو ۽ اڃا به بيروزگاريءَ جي هن موسم ۾ سندس روزگار جي ڪابه گارنٽي ڪانه هئي. محسوس ٿيو هئس ڪالهوڪي ڏينهن ۾ سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو هو، سندس سڀ ڪجھ لٽجي ويو هئس. سڀئي سوچون سڀئي راهون کيس مايوسيءَ جي گھاٽي ڌٻڻ تي اچي ٿي بيٺيون ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ان ۾ هيٺ لهندو محسوس ڪري رهيو هو ۽ انهيءَ ئي ڇڪتائيءَ ۾ سندس پيٽ جيان ئي خالي ذهن ۾ خودڪشيءَ جو خيال سج جيان اڀري نروار ٿي پيو، جيڪو پوء جيئن جيئن پئي سوچيائين تيئن ٿي ويو مٿي چڙهندو.
سوچيائين هڪڙي رابيل هئي جنهن کي ڏسي زهر جهڙي زندگي به امرت لڳندي هئي ڪاله ان جي به هٿن تي ڪنهن ٻئي جي نانءُ جي ميندي لڳي وئي...... باقي هڪڙي امڙ آهي جنهن لاء به ايتري پڪ آهي جو جڏهن به منهنجي خودڪشيء جو ٻڌندي ته گھڻو وقت جي نه سگھندي ۽ مون وانگر کيس به پل پل جي پيڙاءُ کان ڇوٽڪارو ملي ويندو..... باقي رهيو ڪفن دفن جو بندوبست سو پاڙي وارن ۾ اڃان ايترو خيال آهي جو ڀلي چندو ڪري ئي صحيح بندوبست ڪري ڇڏيندا.“ وري سوچيائين...... خودڪشي به ته بزدلي آهي ڇا بزدل ئي مري وڃان. وري خيال آيس روز روز جيئڻ کان ته مرڻ بهتر آهي. ان بعد هو خودڪشي جي طريقن بابت سوچڻ لڳو. گھڻي سوچ ويچار کان پوء به کيس بجليءَ ۾ هٿ ڏئي مرڻ کان وڌيڪ سولو ۽ تڪڙو ڪو ٻيو طريقو سمجھ ۾ نه آيو. سوچيائين ” گھر ۾ ته منهنجي نصيب جي تار جيان بجليءَ جي تار به ڪٽيل آهي، بس ڪنهن ٿنڀي يا ميٽر وٽ وڃي ڪنهن کليل تار ۾ هٿ وجھندس، رڳو بس ڪجھ سيڪنڊ پاڻ تي ضابطو ڪري تار مان هٿ نه ڪڍبو کيل ختم.... ماڻهن کي خبر پوندي ته به ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته مون پاڻ بجلي ۾ هٿ وڌو يا بجلي مون کي ڏسي مست ٿي پئي.“
پنهنجو پاڻ سان پڪو عهد ڪري پنهنجي منصوبي جي پورائي لاء ٽپ ڏئي کٽ تان اٿي بيٺو.... نظر وڃي ننڊ پيل ماءُ جي هيڊائين چهري تي پيس.... هانو کي جھٻي آيس... ماءُ جو هڏائون چهرو ڏسي روح رڙيون ڪرڻ لڳس، سوچيائين آخري دفعو امڙ جا پير چمان.... کانئس ٿڃ بخشرايان ۽ کيس چوان، ” امڙ مون کي معاف ڪجان.... مان هاڻي ٿڪجي پيو آهيان امڙ..... ها..... جيجان، مان ٿڪجي پيو آهيان.... مون کي معاف ڪجان امان مان تنهنجو هي حال ڏسي نه ٿو سگھان..... ها تو کي اڪيلو ڇڏي مان وڃان پيو.“
لاشعوري طور ٻي ٽي قدم ماءُ ڏانهن وڌي آيو پر ٻئي لمحي پاڻ سنڀاليائين، دل کي سمجھائي ماءُ کي پٺي ڏنائين پر اکين نه مڃيس ٻه لڙڪ زوري پنبڙين جا بند ڀڃي ڳلن تان ڪرندا سندس سيني تي اچي پيا.... اندر اڌ ٿي پيس.... هيڪاري آيس ته موٽ کائي وڃي ماءُ کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئي پر پوء به دل تي پٿر رکي تڪڙا قدم کڻندو گھر مان نڪري آيو. ٻاهر سڄي ڏينهن جو ٿڪل سج، ماءُ جي آغوش جهڙي رات جي جھوليءَ ۾ ليٽڻ جي تيارين ۾ هو، پکي پنهنجي آکيرن ڏانهن واپس پئي وريا ۽ ڌنار ڌڻ ڪاهي وٿاڻن ڏانهن پئي موٽيا، مال جي ڳيچيءَ ۾ ٻڌل چڙن جي آواز ڏينهن جي روشني کي الوداع ڪرڻ لاء گيت پئي ڳاتا پر هن کي ته ڪنهن شيءَ جو ڪو احساس ئي نه رهيو هو. هو مايوس قدمن سان هلندو هلندو ڳوٺ جي ٻاهران لڳل وڏي ٿنڀي وٽ اچي بيٺو، جنهن ۾ انيڪ ميٽر لڳل هئا.... سندس دل جي ڌڙڪن وڌڻ لڳي هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين هڪڙي ننڊڙي ڇوڪري کانسواء ٻيو ڪوبه نظر نه آيس، جنهن ٻڪري جي ڌڻ کي گھر جي دروازي مان پار پئي ڪرايو، هو بيهي سندس وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. کن پل کانپوء اهو ڇوڪرو به سندس نظرن کان اوجھل ٿي ويو.... هن قدم اڳتي وڌايا ۽ ٿنڀي کان صرف ٻن قدمن جي مفاصلي تي بيهي ان ۾ لڳل مختلف ميٽرن کي ڏسڻ لڳو هاڻي سندس دل جي ڌڙڪن کيس چٽي ٻڌڻ پئي آئي، هڪ ميٽر مان ويندڙ تار کيس ٿوري کليل نظر اچي وئي، اندازو لڳايائين ان ۾ سندس ئي آڱريون مزي سان فٽ ٿي پئي سگھيون. محسوس ٿيس سندس ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون آهن ۽ سندس منهن تي پگھر جا قطرا ظاهر ٿي پيا آهن. هڪ اڻ لکي خوف کان اکيون پوريائين ته ماءُ جو اداس ۽ اٻاڻڪو چهرو اکين اڳيان اچي بيٺس، اها ڄڻ کيس چئي رهي هئي ” شاباس هجئي پٽ ڇا مون توکي هن ڏينهن لاء ڄڻيو هو ته تون مون کي جيئري ماريو هليو وڃ. مون ته سوچيو هو تون وڏو ٿي منهنجي پيريءَ جي لٺ ٿيندين، منهنجو ڪلهي ڪانڌي ٿيندين. تنهنجا ٻچا مون سان کيڏندا.... پر تون ته مون کي اڪيلو رڻ ۾ روليو پيو وڃين. مون اڪيلي سر عورت ٿي ڪري، تو کي پالي نپائي، پڙهائي لکائي وڏو ڪيو ته تون مون کي پيريءَ ۾ سک ڏيندين پر تون ته هيڏو ڪنڌار ٿي ڪري به رڳو منهنجي بيماريءَ جي ڪري، مون کي تڙپندو ڇڏيو پيو وڃين. معنيٰ ته تون مون مان بيزار ٿي پيو آهين.... نه مان تو کي ٿڃ نه بخشينديس....“ وجود ڏڪي ويس، لئون لئون ڪانڊارجي ويس.... ازخود اکيون کلي ويس پر پوءِ به ذهن کي جھٽڪو ڏئي قدم اڳتي وڌايائين.... هاڻي موت کائنس هڪ قدم جي مفاصلي تي هو. موت جي تصور سان وري اکيون پورجي ويس ۽ هن دفعي رابيل جو معصوم چهرو اکين ۾ لهي آيس اها به ڄڻ کيس چوندي هجي...... گل.... تون ڇا ٿو سمجھين، مان تو کان پري پئي وڃان، اڙي چريا مان ته تنهنجي دل ۾ آهيان ۽ سدائين اتي ئي رهنديس. جيسين تنهنجي ڌڙڪن آهي تيسين مان به زنده آهيان...... ڇا تون پاڻ سان گڏ مون کي به ماريندين؟..... تون مون کي حوصلو ڏيندي هئين ته مان حوصلو نه هاريان.... ۽ اڄ تون پاڻ مايوس ٿي پاڻ کي پيو مارين ۽ پاڻ سان گڏ مون کي به پيو مارين... نه گل مون جيئري ماريو وڃ... مان توکان سواءِ زندھ رهي نه سگھنديس....... پاڻ جيڪڏهن هڪ ٿي نه سگھياسين ته ڇا ٿيو. گھٽ ۾ گھٽ هڪ ٻئي ڏسي ته جيئنداسين.“
ازخود اکيون کلي ويس.... سڄو پگھر ۾ شل ٿي ويو ۽ ان ئي لمحي سوچ ڦيرو کاڌس، پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳس. اندر مان آواز آيس..... ”اڙي مان هي ڇا پيو ڪريان، پنهنجو پاڻ کي پيو ماريان ۽ اهو به بک ۽ بيماري جي ڪري..... اڙي غربت جي ڪري مان پنهنجي پاڻ سان نفرت پيو ڪريان..... پاڻ ته وڃان پيو. پاڻ سان گڏ جيجل امڙ ۽ رابيل کي به جيئري ماريو پيو وڃان.... اڙي پيٽ ته ڪتا به پالي ويندا آهن ۽ بيماري اها ته رب پاڪ جي طرفان بندن لاءِ آزمائش هوندي آهي ۽ مان ان آزمائش کان گھٻرائجي ان جي ڏنل زندگي کي ختم پيو ڪيان.... مان خدا پاڪ جي رحمت مان مايوس ٿي ايڏو ظلم پيو ڪريان.... هو پٿرن ۾ پيل جيوڙن کي رزق پهچائي پيو ۽ مان هڪ انسان ٿي ڪري ان مان مايوس آهيان........ ڏهن ٻارهن سالن جا ٻار به ڪمائي پنهنجو ۽ گھر وارن جو پيٽ پيا پالين ۽ مان هڪ ماءِ جي بيماري ۽ پنهنجي بک کان ڊڄي خودڪشي پيو ڪيان مان مزدوري کان به صرف ان لاءِ پيو نفرت ڪيان جو پڙهيل لکيل آهيان...... مان تعليم کي روزگاري جو ذريعو پيو سمجھان........ تعليم ته روشني آهي ۽ مان اوندھ ۾ پيو وڃان........؟
ذهن کي جھٽڪو لڳس، مٿس آسمان ڏانهن ڏٺائين........”منهنجا مولا مون کي معاف ڪجان........ مولا مان هي ڇا پيو ڪريان.......... تنهنجي اڻميي رحمت کان مان مايوس پيو ٿيان......... مولا سائين مونکي همت ڏجان....... مان هاڻي محنت مزدوري ڪندس ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري شهر جي سٺي مان سٺو اسپتال مان امڙ جو علاج ڪرائيندس ۽ رابيل، جيڪڏهن منهنجي نه ٿي سگھي ته ڇا ٿيو مان ان جي يادن جي سهاري جيئندس........ ها رب سائين مان جيئندس........ پاڻ لاءِ نه صحيح امڙ جي خدمت لاءِ رابيل جي محنت لاءِ................“
سندس اداس نيڻن ۾ اميدن جا لڙڪ تري آيا......... هٿ جي پٺي سان لڙڪ اگھي پوئتي نهاريائين.......... سندس پٺين پاسي سج سندس مايوسيءَ جيان لهي چڪو هو ۽ سندس سامهون چوڏهين تاريخ جو چمڪدار جنڊ سندس ارادن جيان اڀري نروار ٿي پيو هو.

No comments:

Post a Comment