ڪانونِ جي قوم
نثار ابڙو
صبح جو سهانو وقت . . . نسيم
(صبح جي ٿڌڙي ۽ خوشبوردار هوا)، جنهن ماحول کي ٿڌي ۽ مٺي ڪرڻ لاءِ پئي جدوجھد ڪئي
۽ هاڻ سج جي پهرين ڪرڻن سان نبيري جي ڪوشش ۾ رُڌل هئي . .
ڪراچي يونيورسٽي جي فيڊرل هاسٽل
۾ هڪ سادو موچارو ڪمرو مليل هو . . . هِڪُ جمعي جو ڏينهن ۽ مٿان واري ڇنڇر جي
موڪل، ڪيترائي شاگرد ويجھن ڳوٺن ۽ شهر ۾ موجود مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن وٽ وڃي
ٽڪيا هيا ۽ باقي موڪل هئڻ سبب اڃا ننڊ ۾ يا وري ڪمرن کان ئي نه نڪتا هيا . . . آءٌ
به دير تائين ڪچهريون ڪري سُتو هوس . . . بلڪله هاسٽل جي ماحول ۾ رات جي ٻارهين
کان اڳ سمهڻ عجب لڳندو آهي . . .
رات جا پويان پهر بستري تي
تڙپندي گذريا، ننڊ به عجيب شيءَ آهي ۽ وري انکان وڌ عجب خواب . . . . ڪڏهن آسمان
جو سير ته ڪڏهن اُونهي کڏ . . . ڪڏهن محبوب ملاقاتون ته ڪڏهن وڇوڙا ۽ جدايون . . .
ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجھد ته وري ڪڏهن خوشين ۽ غمن جو سمنڊ اُٿليو پوي . . . .
شاهه چواڻي:
اڀريام انگور، ستي سپرين جا
کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿان.
اهڙي ئي لڇ لوچ واري حالت ۾ رات
گذري . . . ننڊ جو غلبو ته اڃان حاوي هيو پر خيالن ۽ خوابن مان جند ڇڏائڻ خاطر
اُٿي چانهن چسڪي لاءِ ڪئنٽين جو رخ ڪندي . . . هاسٽل کان ٻاهر نڪري گھرو ساهه کنيم
. . . خاموشيءَ جا ڪڪر ڇانيل . . . سج جي گلابي ڪرڻن جو ڄار . . . آسمان صاف هوبهو
سمنڊ جي پاڻي جيئان . . .
سج کي سلام جي نيت سان آسمان
طرف نگاهه ڪيم . . . سج کان اڳ نظر وڃي هڪ ٿلهي متاري سرڻ (الَ) تي پئي . . .
پنهنجن مضبوط چنبن ۾ ڪانءُ جو نئون ڄاول ٻچڙو کنيو ڪنهن پاسي ٿي وئي . . . مون کيس
معمولي سمجھندي، سج کي سلام واري نگاهه ڪندي اڃان ڪنڌ هيٺ ئي ڪيو هو ته اوچتو ڪنهن
پاسي کان هڪ ڪانءُ جي زوردار ڪان . . ڪان . . ڪان ڪن تي پئي. مون وري مٿي ان طرف
نهاريو ۽ ائين لڳوم ته ڪانءُ ان سرڻ چوڌاري لامارا ڏيندي صداءِ احتجاج ڪري رهيو
هجي . . . بس پوءِ ته هر طرف کان ڏسندي ئي ڏسندي ڏهن مان سوَ ۽ سوَن مان هزارن جي
تعداد ۾ ”ڪانوَن جي قوم“ گڏ ٿيندي وئي . . . رڙيون، دانهون ۽ پوءِ سرڻ تي حملا
شروع . . .
مون کان چانهن وئي وسري ۽ پاڻ
کي ڪانون جو ساٿي محسوس ڪندي، سندن حمايتي ٿيندي ويٺم جاچڻ . . . ايئن ٿي لڳو ڄڻ
آفريڪي ڪارا انسان پنهنجي بقاءِ آزادي ۽ نسل جي بچاءُ جي قومي ويڙهه وڙهڻ لاءِ . .
. گورن نسل پرست، پرمار ۽ ڦورو حڪمرانن خلاف گڏ ٿي جدوجھد ڪري رهيا هجن . . .
سرڻ پنهنجي شڪار کي وڃائڻ نٿي
چاهيو . . . ۽ هونءَ به ظالم پنهنجي ظلم تان ڪو سٿرو هٿ ٿوروئي کڻندو آهي . . . پر
ڪانون جي ڪوڪن ۽ حملن کان گھٻرائجي ۽ بوکلائجي هيڏانهن کان هوڏانهن پئي ڦيراٽون
کاڌيون . . . هوڏانهن وري ڪانوَ هيا جو ”فتح ٻڌي سان“ ۽ ”ٻه ته ٻارنهن“ واري اصول
تي عمل ڪندي حملا جاري رکيا . . .
آءُ ڏسندو رهيس . . . چانهن جي
پياس ۽ راتوڪي لُڇ پُڇ واري ڪيفيت وسري وئي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ڪانون جي احتجاج ۾
شريڪ ٿي، سرڻ مٿان اُلرون ڪرڻ لڳس ۽ شاهه جون هي سٽون وَرَ وَرَ ڪري پئي جھونگاريم:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گھڻو.
ڪانگن به هاڻ احتجاج ڇڏي ٻڌا
حملا ٿي ڪيا . . . ڄڻ ته ويٽنامي قوم پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان هٿيار کڻي،
آمريڪي ويڙهاڪن تي، جن جا قد وڏا، جسم ڳرا طاقتور ۽ ڇاتيون ويڪريون . . . پنهنجي
ننڍڙي قد ۽ ڪمزور جسمن ذريعي پئي حملا ڪيا . . . سرڻ به عالمي سامراج جيئان ٿي لڳو
جو پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر، ٻين جو رت چوسيندو ۽ ٻچا ماريندو آهي . . . پنهنجي طاقت
ذريعي خوف ۽ حراس ويهاري، مظلومن کي بک مرڻ تي مجبور ڪري پنهنجي طاقت ۽ پيٽ کي
ڏينهن ه ڏينهن ويندو آهي وڌائيندو . . . .
انسان سماج ۽ خالص سنڌي معاشرو
ڪانگ کي ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ واڌو ڪاٽو نظر سان ڏسي ٿو جيئن ”سياڻو“، ”چالاڪ“،
”قاصد“، ”ڊڄڻو“ ۽ ”اندر ڪارو“ وغيره وغيره . . . هونءَ به ڪانءُ انساني شين کي
خراب پڻ ڪندو آهي . . . ٻارن کان شيون، ماني يا گوسٽ ٽُڪر کسي کائي ويندو آهي . .
. پر اڄ هو مظلوم هو . . . سندن نازڪ ۽ معصوم ٻچڙي کي سرڻ جي بي رحم چنبي ۾ ڏٺو
هوم ۽ انهيءَ کي ڇڏائڻ جي تڙپ ڏٺي هيم . . .
”جت ٻاهه ٻري، اهو هنڌ سڙي“
مظلوم قوم جو فرد ٻئي مظلوم ۽
ڏتڙيل قوم جي ڏکن کان واقف هجي ٿو . . . ڪانگ پکي ڪيترو به خراب ڇو نه هجي پر سندس
ڪي خوبيون اهڙيون اٿس، جي سنڌ واسين ۾ اڻ هوند آهن . . . ڪانءٌ دشمن خلاف گڏيل
جدوجھد ڪندا آهن . . . پنهنجي رنگ، نسل ۽ قوم سان بيحد پيار ڪندا آهن . . . پنهنجن
گھرن ۽ اولاد جي حفاظت خوب ڪري ڄاڻن . . . ڪو شڪاري جڏهن هٿيار کڻي جھنگ جو رخ
ڪندو آهي ته هي ئي اهو واحد پکي آهي جو کيس للڪاريندو آهي ۽ پنهنجي چالاڪي ۽
ڦڙتيءَ سان پيڇو ڪندي، پنهنجي مخصوص آواز سان مڙني پکين کي خبردار ڪندو رهندو آهي
. . . ان ڪم ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جان به وڃائي ويهندو آهي . . . شڪاري کيس يا ته
ماري يا ڀڄي يا وري لڪي جان ڇڏائيندو آهي. . .
اڄ ڪانون کي قومي وجود لاءِ
وڙهندي ڏسندو رهيس . . . سرڻ کي نديندو رهيس . . . سرڻ به طاقتور هئي، جسماني طور
سڀني کان وڏي هئي، شڪار سندس چنبن ۾ هو، پنهنجي طاقتور پرن جي ٻل تي هيٺان کان
مٿي، ساڄي کان کاٻي مطلب ته چؤڦير پئي لامارا ڏنائين . . . هوڏانهن ڪانوَ به متحد
ٿي سرڻ جي لامارن تي ويتر ڪاوڙ ۾ ڀرجي پرتشدد حملا ڪرڻ شروع ڪيا . . . پنهنجن چهنن
۽ لتن سان ڪاهون ڪندا رهيا . . . سرڻ به طاقت جي گھمنڊ ۾ هئي . . . حملا بچائيندي
. . هيٺ مٿي پئي لامارا کاڌا . . .پر آخر ته مظلوم جي فتح ٿيڻي آهي . . . سچ جي
ٻيڙي لُڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي . . . ڪانون جي همٿ هڻي هنڌ ڪيو . . . ظالم سرڻ جا
چنبا ڍرا ٿيا، ٻچڙو هيٺ ڪريو ۽ هوءَ جھاز ٿيندي نظر آئي . . . سامراج جي شڪست ٿي،
مظلوم کٽيو . . . مرادون پُنيون . . ڪانگن فتح جا نعرا هنيا . . . هيٺ اچي مئل
ٻچڙي کي سلامي ڏئي وڃي پنهنجي ڪم سان لڳا . .!
آءٌ ڏسندو رهيس، سندن سوڀ تي
مرڪندو رهيس ۽ جت آسمان زمين کي سجدو ٿي ڪيو ان جاءِ تي نظرون ٽِڪائي . . پنهنجي
وجود تي . . . پنهنجي قوم تي سوچيندو رهيس . . . آسمان صاف ٿي چڪو هو . . . !
No comments:
Post a Comment