Sunday, September 23, 2012

ڇتي ڪتي جو موت - امر جليل


ڇتي ڪتي جو موت
امر جليل
(شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي.  ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي.  شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي! شهمير جيستائين ڪنهن فيصلي تي پهچي، مان توهانکي اڄ شام جي واقعن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيان.)
سانجهيءَ ڌاري شهر تي عجيب قسم جو ڪوهيڙو لهي آيو. خاموشي ڇانئجي ويئي. پوءِ اوچتو، اول اڻچٽا ۽ پوءِ چٽا  آواز، رڙيون، ڪيڪون ۽ گوڙ گهمسان ٻڌڻ ۾ آيو. مان پنهنجي فليٽ جي بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺس. ٻاهر نهاريم. ڌنڌ سبب ڪجهه ڏسڻ ۾ نه آيو.


پٺيان در کڙڪڻ جو آواز آيو. مون  بالڪونيءَ مان موٽي وڃي ٻاهريون در کوليو. ماستر دائم جو ستن سالن جو پٽ قائم  بيٺو هو. سهڪي رهيو هو. منهن مان وحشت ظاهر ٿي رهي هئس. وچڙندڙ آواز ۾ چيائين، ”ادا، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
”ڪارو ڪتو ڇو ٿي پيو آهي!“
”ها ادا.“
”ڪڏهن کان؟“
”شام کان.“
ان وقت مونکي يوسف جي ڳالهه ياد آئي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته ڪارو ڪتو  ڇتي ٿيڻ جا آثار پيو ڏيکاري.  مون يوسف  جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو.
قائم چيو، ”ادا، ڪاري ڪتي دينو پخاليءَ جي پٽ کي ٻنڊڻ ۾ چڪ هنيو آهي.“
”ليمي کي؟“
”ها، ليمي کي.“ قائم چيو، ۽ شام جو ابراهيم مستريءَ کي چڪ پاتو هئائين.“
ان وقت يوسف ڊوڙندو آيو. يونيورسٽيءَ کان موٽيو هو. يوسف، شهمير، اقبال ۽ مان هڪ فليٽ ۾ رهندا آهيون ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهيون.
ڪتاب ميز تي رکي، يوسف منهنجي سامهون اچي بيٺو چيائين، ”تو منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
”مون ٻڌو آهي.“
مون ڏٺو آهي.“
اسين بالڪونيءَ ۾ وڃي بيٺاسين. ڌنڌ سبب ڪجهه نظر نه پئي آيو. بجليءَ جا بلب ڏيئن جيان پئي ٽمڪيا. ماحول  مبهم هو. فقط رڙيون، ڪيڪون ۽ ماڻهن جي ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز چٽا ٻڌڻ ۾ پئي آيا.
قائم ڪنبندڙ آواز ۾ چيو، ”ادا، مونکي گهر ڇڏي اچ. مونکي ڀؤ ٿو ٿئي.“
مون ستن سالن جي قائم ڏانهن حيرت مان ڏٺو. هو پوئين گهٽيءَ  ۾ رهندو آهي. هن ڪاري ڪتي جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي. صبح جو اسڪول وڃڻ  کان اڳ ڪاري ڪتي کي مارڪيٽ مان ڇيڇڙا آڻي کارائيندو هو. قائم جي سموري سنگت جا ٻار اسڪول کان ايندي ويندي ڪاري کي پيار ڪندا هئا. ڪارو پڇ لوڏيندو هو. ٻار خوش  ٿيندا هئا.
مون قائم کان پڇيو، ”سچ پچ ڪاري کان ڊڄين  ٿو؟“
”ها ادا.“
”ڪاري سان ته تنهنجي ياري هئي!“
”هئي ادا. پر هينئر ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي. کائڻ ٿو اچي.“ قائم ايلاز ڪندي چيو، ”مونکي گهر ڇڏي اچ، ادا.“
”هن وقت تنهنجو هيٺ لهڻ چڱو ناهي  قائم.“ يوسف چيو، ”ڇتو ڪتو احسان فراموش هوندو آهي.  پنهنجي محسن کي ته سڀ کان اول کائيندو آهي. تنهن ڪري تنهنجو هيٺ لهڻ ٺيڪ ناهي، قائم.“
مون يوسف کي چيو، ”اسانکي ڪاري جي باري ۾ جلد ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي.“
ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ يوسف چيو، ”مان پاڙي جا چار چڱا مڙس وٺي ٿو اچان.“
”پاڙي وارن جو ڇا وڃي!“
”سموري پاڙي وارن ڪارن کي پاليو آهي. تنهنڪري جيڪو به فيصلو ڪبو، سو پاڙي وارن جي رايي مطابق هوندو.“ يوسف جواب ڏيئي پاڙي جي چڱن مڙسن کي سڏڻ لاءِ هليو ويو.
قائم کي اتتڻ ٿي پيئي. چيائين، ”توهين ڪاري ڪتي کي ڇا ڪندا، ادا؟“
وراڻيم، ”شايد منسپالٽيءَ جي حوالي ڪيونس.“
”توهين ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪندا!“
”گهڻو ڪري.“
قائم جي منهن مان پريشاني ظاهر ٿيڻ لڳي. چيائين، ”ڪاري کي ميونسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. هو ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“
”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“ چيم، ”مان سمجهان ٿو، چڱا مڙس ڪاري کي مارائڻ لاءِ منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ جي رٿ ڏيندا.“
قائم جو منهن لهي ويو.
يوسف موٽي آيو. پاڻ سان پاڙي جا چار- پنج چڱا مڙس وٺي آيو. انهن ۾ ماستر دائم به هو. پنهنجي پٽ قائم کي ڏسي دائم خوش ٿيو. کڻي ڳراٽڙيءَ ۾ قابو ڪيائينس.
قائم پيءَ کي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهندي چيو، ”بابا، ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي نه ڪجو. منسپالٽيءَ وارا ڇتن ڪتن کي ماري ڇڏيندا آهن.“
مون قائم کي پيار ڪندي چيو، ”مان به جڏهن تو جيترو پتڪڙو هوس، تڏهن ڇتن ڪتن تي ڪهل ڪندو هوس، پر پوءِ، جڏهن جوان ٿي تاريخ جو مطالعو ڪيم، تڏهن محسوس ڪيم ته ڇتي ڪتي کي مارڻ لازمي  هوندو آهي. ڇتي ڪتي کي نه مارڻ قومن لاءِ تاريخي سانحو ٿي پوندو آهي. تنهنڪري مان ۽ يوسف ڪاري ڪتي کي مارڻ يا مارائڻ جي حق ۾ آهيون.“
منهنجي ڳالهه جو قائم تي ذرڙو کن اثر ٿيو. هن پيءُ جي ڳچيءَ مان ٻانهون ڪڍي ڇڏيون.
يوسف سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، ”توهان سڀني کي خبر هوندي، ته ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن شام کان، ٽن- چئن ٻارڙن، ڪريم، خانوند، ابراهيم مستري ۽ ڌڻي بخش کي چڪ  هنيا آهن.“
آواز آيو، ”اسانکي ان ڳالهه جو افسوس آهي.“
سڀني جو ڌيان ڳالهائيندڙ ڏانهن ڇڪجي ويو. هو پاڙي جو سماجي ڪارڪن عبدالله هو. ماڻهو مُنجهائڻ سندس ڌنڌو آهي. يوسف، شهمير ، اقبال ۽ منهنجي باري ۾ بدظن آهي.
يوسف گهور  وجهي عبدالله ڏانهن نهاريو. چيائين، ”اسين پنهنجي ساءِبه ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏيون ها، پر توهان وڏڙن کي آگاهه ڪرڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ ضروري سمجهيوسين، تنهنڪري توهانکي تڪليف ڏيئي هتي وٺي آيا آهيون. مان هڪ ڳالهه بلڪل واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، ته اسين ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ  مشورو ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون. افسوس ظاهر ڪرڻ لاءِ نه.“
سماجي ڪارڪن عبدالله چيو، ”مون ڪتي جي کاڌلن کي ترت سول اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي.  تازن کاڌلن کي به بنادير جي اسپتال پهچايو ويندو. توهين فڪر نه ڪريو.“
يوسف باهه ٿي ويو.   تمام کهري لهجي ۾ چيائين، ”اسانکي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، ته ڪاري کي ڇا ڪيو وڃي.“
”ڪاري جي باري ۾ ڪو به جذباتي فيصلو نه ڪيو وڃي.“ رٽائرڊ پوڙهي مختيار ڪار چيو، ”جذباتي فيصلا هميشه نقصانڪار هوندا آهن.“
”توهين مختيار ڪار رهي چڪا آهيون، تنهنڪري مختيار- ڪاري نوع ۾ پيا ڳالهايو.“ اقبال جو آواز آيو. هو در وٽ بيٺو هو. هٿ ۾ هاڪي هئس. چيائين، ”ڪاري جي باري ۾ جيڪو به فيصلو ڪيو وڃي، سو جلد ڪيو وڃي.“
چڱن مڙسن ۾ هڪ هيڊ ڪلارڪ به هو. هو سنهڙو، ڊگهو ۽ پرسا جي مناري وانگر هڪ طرف جهڪيل هو. هن چيو، ”ڪاري جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ، اسانکي ڪاري جو ڪانفيڊينشل فائيل ڏسڻو پوندو.“
مون گُهنڊ وجهي يوسف ڏانهن ڏٺو.
عبدالله چيو، ”سماج سڌارڪ جي حيثيت مان اها صلاح ڏيان ٿو، ته اسين هڪ وفد وٺي ڪاري کي سمجهائڻ لاءِ هلون.“
”بڪواس.“
آواز تي سڀني ڪنڌ ڦيرائي پوئتي نهاريو. اقبال جي ڀرسان شهمير بيٺو هو- قداور، جانٺو ۽ گنڀير. هنجي هٿ ۾ رائيفل هئي.
شهمير  چيو، ”اسين ڪاري ڪتي کي ماري ڇڏينداسين.“
”اهو جذباتي فيصلو آهي.“ پوڙهي رٽائرڊ مختيار ڪار چيو، ”اهو فيصلو ٺيڪ ناهي.“
”توهانجو رايو به توهان وانگر رٽائرڊ ٿيل آهي. مختيار ڪار صاحب.“ اقبال چيو، ”اسانجو وقت خراب نه ڪريو.“
سماج سڌارڪ عبدالله چيو، ”منهنجو خيال آهي، اسين ڪاري جي ننڍڙين ننڍڙين غلطين کي نظر انداز ڪري ڇڏيون.“
”نظر انداز ڪري ڇڏيون!“ يوسف چيو، ”عبدالله صاحب، ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي.“
ٿوري دير تائين ڪنهن نه ڳالهايو. ڪمري ۾ ماٺ جو مانڊاڻ رهيو.
ڪجهه دير کانپوءِ ماستر دائم پنهنجي پٺ قائم ڏانهن ڏسندي چيو، ”منهنجي صلاح آهي، ته اسين ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيون.“
ننڍڙو قائم پنهنجي پيءُ دائم جي ڳالهه ٻڌي روئڻ لڳو.  يوسف کيس پرچائڻس لڳو. چيائين، ”ڳالهه ٻڌ قائم. ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن تنهنجي اسڪولي سنگت جي چئن ڇوڪرن کي چڪ هنيو آهي. کين چوڏهن- چوڏهن اينٽي ريبيز سيون لڳنديون. انهن سُين ۾ ڏاڍو عذاب هوندو آهي.“
”۽ قائم.“ اقبال چيو، ”ٿي سگهي ٿو، سيون اثر نه ڪن ۽ تنهنجو ڪو سنگتي ڇتو ٿي، دردناڪ موت مري وڃي.“
قائم پنهنجو منهن، پنهنجي پيءُ دائم جي سيني ۾ لڪائي ڇڏيو. ماستر دائم اسان ڏانهن ڏسندي پڇيو، ”توهان شاگرد لڏي، جو ڪهڙو خيال آهي؟“
شهمير هڪدم وراڻيو، ”اسين ڪاري کي اُڦٽ مارينداسين.“
رٽائرڊ مختيار ڪار، سماجي ڪارڪن ۽ سنهڙي هيڊڪلارڪ چيو، ”تڪڙ نه ڪريو. توهين نوجوان آهيون. توهانجو رت گرم آهي. ماستر دائم جي صلاح مناسب آهي. ڪاري کي منسپالٽيءَ جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“
يوسف، اقبال، شهمير ۽ مون هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.
مختيار ڪار کي گوڏن ۾ وائي سور هو. هو گوڏن تي هٿ رکي اُٿيو، ”مان پنهنجي گهران فون ڪري منسپالٽيءَ وارن کي گهرائي ٿو وٺان. ٻاڻهيئي اچي کيس سوگهو ڪندا.“
رٽائرڊ مختيار ڪار هليو ويو.  هو جيستائين نه موٽيو، تيستائين ڪنهن ڪجهه نه ڳالهايو.  ڪمري ۾ خاموشي رهي. ٻاهران رڙين، گوڙ گهمسان ۽ ماڻهن جي ڊوڙڻ ڊڪڻ جا آواز ايندا رهيا.
ٿوري دير کانپوءِ رٽائرڊ مختيار ڪار موٽي آيو. چيائين،   ”ميونسپالٽيءَ وارن چيو ته اسين سج لهڻ کانپوءِ ڪتا نه جهليندا آهيون.“
”پوءِ؟“
هن چيو، ”صبح تائين اسانکي ڪاري جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صبح جو منسپالٽيءَ وارا کيس پاڻهيئي پڪڙي ويندا.“
”حفاظت! ڇتي ڪتي جي حفاظت!“ شهمير چيو، ”هوش ۾ ته آهيو؟“
اقبال چيو، ”اسين ڪاري کي مارينداسين.“
”هينئر، اصل هن وقت،“يوسف چيو.
پاڙي جي پوڙهن، اسانجي بزرگن ۽ چڱن مڙسن جو وات ڦاٽي ويو. هو حيرت ۽ اچرج مان اسان ڏانهن ڏسڻ لڳا.   سماجي ڪارڪن چيو،  ”توهين ظالم آهيو“
”اسين ظالم آهيون!“
”ها.“ هن وراڻيو،” اسان سالن جا سال سندس سار لڌي آهي. افسوس، جو اڄ توهين نوجوان، ويچاري ڪاري کي اُڦٽ مارڻ جون وايون پيا ڪڍو. افسوس افسوس!“
”ڪارو ڇتو ٿي پيو آهي.“ مون چيو، ”اسين کيس ضرور مارينداسين.“
”اهو وحشي فيصلو آهي.“
”وحشي فيصلو!“ يوسف ذري گهٽ رڙ ڪئي. چيائين، ”ڪاري توهان کي، توهانجي ٻارڙن کي، توهانجي عورتن کي کاڌو آهي، پر تڏهن به توهين مٿس مهربان آهيون!“
”اسين کيس ضرور مارينداسين،“ شهمير چيو.
اقبال چيو، ”دنيا جي سمورن ملڪن ۾ ڇتن ڪتن کي ماريو ويندو آهي.“
شهمير، اقبال، يوسف ۽ مونکي چيو،  ”هلو. دير نه ڪريو. رات جو پهريون پهر شروع ٿيو آهي. پهرين پهر ۾ اسانکي ڪارو ڪتو مارڻو آهي.“
مون ڪهاڙي کڻي ورتي.
اسين چاريئي دوست ڪاري ڪتي کي مارڻ لاءِ بلڊنگ مان نڪڙي سڙڪ تي اچي بيٺاسين.
چوواٽي تي بيهي يوسف وڏي واڪ چيو، ”پاڙي وارؤ، ٿانئيڪا ٿيو. لڙ بکيڙي ۾ ڪاري جي ورنه چڙهو. پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃو.“
ڪوهيڙي جي پڙدن مان ڌوڪي ايندڙ رڙيون،  واڪا ۽ ڀڄڻ ڊڪڻ جا آواز ڍرا ٿيڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ سموري پاڙي ۾ ماٺ ڇائنجي ويئي.
ڪوهيڙي ۽ اونده سبب ڪاري جو پتو نه پئي پيو. اسين خبرداريءَ سان وڌڻ لڳاسين.
اقبال چيو، ”اونده ۽ ڪوهيڙي ۾ ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي. خيال ڪجو.  متان ڪارو اوچتو ئي اوچتو حملو ڪري ويهي.“
تڏهن اوچتو اونده مال بل کائي ڪارو ڪتو منهنجي مٿان اچي پيو. سڻڀ تي پليل هو. جهڙو سوئر، مان ڦهڪو ڪري، ڪري پيس. ان کان اڳ جو ڪارو پنهنجا ڏند منهنجي ماس ۾ وجهي، اقبال هاڪي وهائي ڪڍيس. هاڪي کائي ڪاري هڪدم اقبال تي اُلر ڪئي. پر اقبال تيار بيٺو هو. موٽ ۾ ڪيپراٽيءَ واري هاڪي وهائي ڪڍيائينس. ڇتا ڪتا ڀونڪندا ناهن. ڪارو هاڪي کائي ملان جي حجري ڏانهن ويندڙ سڙڪ طرف رخ ڪيو. شهميرٻه گوليون هڪ ٻئي جي ڪڍ هلايون. پر ٻئي گوليون گُسي ويس. اهو سمورو ڊرامو هڪ منٽ ۾ ٿيو.
مان ڪهاڙي کڻي اٿي بيٺس. ڏند ڪرٽيندي چيم، ”ڪاري کي نه ڇڏيو.“
ان وقت ڪنهن عورت جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا- ”بچايو- بچايو.“
آواز ان طرف پئي آيو، جيڏانهن ڪارو ڪتو ڀڳو هو. اسين ڪوهيڙي ۽ اونده ۾ ڊوڙڻ لڳاسين. حجري کان اورتي ڏٺوسين ته هڪ عورت هيٺ ڪري پيئي هئي ۽ ڪاري پنهنجا ڏند سندس ڪلهي ۾ قابو ڪري ڇڏيا هئا. هوءَ رڙي رهي هئي. ڦٿڪي رهي هئي.
مون ڪهاڙي اُڀي ڪئي. شهمير بندوق سڌي ڪئي. پر يوسف اسانکي روڪيو، چيائين، ”متان گُسي وڃو ۽ مائي ماري وجهو.“
يوسف وٽ لوڙهه هئي جنهن جي هيٺائين حصي تي لوهه ويڙهيل هو. يوسف لوڙهه ورائي ڦيرائي ڪاري جي پٺيءَ تي ڦهڪائي ڪڍي.
ڪاري جا ڏند مائي جي ڪلهي مان ڇڏائجي ويا. مائي ٽپ ڏيئي اُٿي کڙي ٿي. ان وقت ڪاري ٻيهر ڦيرو کاڌو ۽ پنهنجا ڏند مائيءَ جي پنهيءَ ۾ پختا ڪري ڇڏيا. مائي چوتاڪ ٿي ڪري پيئي. اقبال ڪاري کي ڪنڌ واري هاڪي وهائي ڪڍي. ڪاري اُڇل کاڌي. اڇل کائي مائيءَ جي ٻانهن ۾ وڃي چڪ هنيائين. اوچتو  شهمير بندوق ابتي ڪري، زوم مان ڪنداق نڪ ۽ ڪيپراٽيءَ جي وچ تي وهائي ڪڍيس. ڪاري جا ڏند مائيءَ جي ٻانهن مان نڪري آيا. ڪنداق جو ٻيو ڌڪ کائي ڪارو وٺي ڀڳو.
اقبال ۽ يوسف مائيءَ کي اسپتال تائين پهچائڻ ۾ لڳي ويا. شهمير ۽ مان ڪاري ڪتي جي ڪڍ لڳاسين. ڪوهيڙو ڇڊو ٿي ويو هو. ٽيوب لائيٽ جي روشنين ۾ ڪاري ڪتي کي ڊوڙندي ڏٺوسين.
ڪارو ڊوڙندو، گڦ وهائيندو، سڌو ملان جي حجري ۾ هليو ويو. اسين سندس ڪڍ. پر ان کان اڳ جو اسين ڊوڙندا حجري ۾ هليا وڃون. ٿُلهو، متارو ملان، حجري جي در ۾ پيٽ ڪڍي بيهي رهيو.
ملان ٺپ اڻپڙهيل آهي. قرآن ۽ حديث کان اڻواقف، پاڻ کي ڪڏهن مولانا ۽ ڪڏهن علامه سڏائيندو آهي. تعويذ ڳنڍا ڪرڻ سندس ڌنڌو ۽ پيشو آهي.
ملان کي حجري جي در وٽ ڏسي شهمير رڙ ڪنديي چيو، ”هٽي وڃ، ملان .تنهنجي حجري ۾ هڪ ڇتو ڪتو ڪاهي آيو آهي.“
”ڪاري منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“ ملان چيو، ”سندس حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي.“
”ڇتي ڪتي جي حفاظت تنهنجو فرض آهي!“
“ها. خاص ڪري جڏهن هن منهنجي حجري ۾ پناهه ورتي آهي.“
”ڪارو ڪتو ڇتو ٿي پيو آهي. هن پاڙي سان ويل وهائي ڇڏيا آهن.“
”ڪارو ڪتو ڇتو ناهي. ڇتو هجي ها ته مون کي چڪ نه وجهي ها؟“
”اِها ڳالهه سوچڻ جوڳي آهي.“ مان سچ پچ سوچ ۾ پئجي ويس. ملان جي ڳالهه  ٻڌي مون کي تعجب ٿيو. واقعي! ڇتي ڪتي ملان کي ڇو نه کاڌو هو! ڪهڙو تعلق آهي ٻنهي جو پاڻ ۾!
”تون ڪهڙي ٻڏتر ۾ پئجي ويو آهين!“ شهمير چيو، ”اسين ڪاري کي جيئرو نه ڇڏينداسين.“
مون ڇرڪي شهمير ڏانهن ڏٺو.
شهمير بندوق سڌي ڪندي چيو، ”هٽي وڃ ملان. مان ڪاري جا ڦڦڙ ڪڍندس.“
ملان حجري جي در وٽان پري نه ٿيو.
ان وچ ۾ ڪارو ڪتو حجري اندران ظاهر ٿيو ۽ اسان تي حملو ڪرڻ بدران ملان جي پُٺ وٺي بيٺو ۽ اسان ڏانهن ڏسڻ لڳو.
شهمير ڪروڌ ۽ ڪراهت وچان بندوق سڌي ڪندي وڏي واڪ چيو، ”پري ٿيءُ. هٽي وڃ. وچ ۾ نه اچ. اجايو مارجي ويندين، ملان. اسان جو جهيڙو توسان نه، ڇتي ڪتي سان آهي.“
ملان اهڙو چُري جهڙي ڀت! پر، دهشت وچان ويو هيڊ ٿيندو. اکر لُڪيءَ ۾ اٽڪي پيس.
ملان جي ماٺ ۾ شهمير کامڻ لڳو. ڏند ڪرٽيندي ۽ بندوق جي گهوڙي تي آڱر رکندي شهمير چيو، ”ڇتي ڪتي کي پناهه ڏني اٿئي! اڙي، شرم نه ٿو اچيئي ملان!“
تڏهن، اُتي جو اُتي، سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد ٿي ويو. تاريخ جا ورق ورڻ لڳا. مون محسوس ڪيو، صدين کان جابر ۽ ظالم، رياڪار ۽ وحشيءَ احتساب کان بچڻ لاءِ هر دور ۾ ڪنهن ملان جي اوٽ ۾ وڃي پناهه ورتي آهي ۽ هر دور ۾ هڪ شهمير بيوس ٿي ڏانهس ڏسندو رهيو آهي.
اک ڇنڀ ۾ وري سمورو ماحول زمان ۽ مڪان جي پابندين ۾ جڪڙجي ويو. مون شهمير ڏانهن ڏٺو.  
(شهمير کي ڇتو ڪتو مارڻو آهي. ڇتي ڪتي کي ملان حجري ۾ پناهه ڏني آهي. شهمير جي هٿ ۾ بندوق آهي. ڇتي ڪتي ۽ بندوق جي وچ ۾ ملان اچي بيٺو آهي. شهمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇتي ڪتي کي مارڻ کان اڳ ملان کي ماري، يا ملان کي جيئرو رکڻ لاءِ ڇتي ڪتي کي جيئدان ڏيئي!) 




No comments:

Post a Comment