Wednesday, September 26, 2012

پاتال - احسان دانش


 پاتال
احسان دانش
هن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي، تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو. ڪاسائي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، اَڏيءَ تي ڪاتُ هلندو رهيو، گوشت جون ٻوٽيون ٻوٽيون ٿينديون رهيون، ٻوٽين مان قيمو ٺهندو رهيو...... ڳاڙها ساوا نوٽ مَٽبا رهيا پر هو پوڙهو، جنهن جي چهري تي صدين جو سوداءُ ۽ پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا اڻ ڳڻيا گُھنج هيا، تَنهن جي نيڻن ۾ جا التجا هئي تنهن کي ڪنهن محسوس ئي نه پئي ڪيو....
وقت جي بار کان جھڪي ويل پوڙهو ڪيئي پَلَ ڪاسائيءَ جي دڪان تي ٽنگيل رانن کي غور سان گھوريندو رهيو. تازو ڪٺلَ جانور جو گوشت اڃا ڪٿان ڪٿان ڦڙڪي رهيو هو.


پوڙها ڇا کپئي؟“ ڪاسائي سندس ميري پهراڻ ۽ ڇڳل چپل ڏي ڏسي ڪجھ کُهري انداز ۾ ڳالهايو.
ابا گوشت.“ سِيرَ ايندڙ جانور جهڙو آواز نڪتس.
گھڻو کپئي؟
ابا! صاحب کي ران مان ٽي ڪِلو تازو گوشت کپي.“ مئجسٽريٽ جي خاص نائڪ امالڪ اچي حڪم ڪيس.
حاضر بابلا اجھو ٿو ڪري وٺان.“
۽ ها ناشتي لاءِ ميڄالو به کپي..... جلدي ڪڍي وٺ.“
ڇورا ايڏانهن مغز کڻي وٺ.“ ڪاسائي پريان ويٺل همراهه کي هڪل ڪئي.
ٻيو حڪم بابا؟
ها ٽيون ڏينهن جيڪي جيرا ۽ بُڪيون موڪليون هيئي ......... اهي بيگم صاحبه کي نه وڻيئي...... ڏاڍي ناراض پئي ٿئي...... چئه پاروٿا ڏنا اٿائين..... ٻيلي خيال ڪر ڪٿي چالان نه ٿي وڃين.“
هي نور ڀٽاري جو قسم آ صاحب کي تازي شي ڏيندو آهيان.“ ڪاسائي ڏهه ئي آڱريون کڻي اکين تي رکيون. ”ڪوڙي تي لعنت ڪريس نائڪ..... پاروٿو گوشت ڏئي صاحب جي ٻچن کي بيمار ڪندا سي؟
ها صاحبن جو خيال رکڻو پوندئي، ڌنڌو روزي به ته هن ئي شهر ۾ ڪرڻو اٿئي نه....؟“ نائڪ رازداري واري انداز ۾ آهستي چيس ”اسان کي خبر ناهي ڇا ته تون مئل ڍورن جو گوشت کپائي لکاپتي ٿيو آن.......... ڊاڪٽر ڪوڙا سرٽيفڪيٽ ڪيئن ڏيندا آهن، اهو به پتو آ........“
ڪاسائيءَ جي منهن جو پنو لهي ويو. تڪڙ ۾ رڙ ڪيائين ”ڇورا نائڪ لاءِ ٿڌو کڻي آ.“ هٿ جوڙي، اک ڀڃي چيائينس ”بس پارت ٿئي بابا........... بيگم صاحبه کان معافي وٺي ڏجانءِ، جيئن صاحب منهنجي مٿان نه ڏمرجي.“
نائڪ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي مُڇَ کي تاءُ ڏنو، ٿڌو اچي ويو ۽ ميڄالو ٿيلهيءَ ۾ لهي ويو.
هي تازو مغز منهنجا سائين...... “ ڪاسائي نائڪ ڏي ٿيلهي وڌائي ”۽ گوشت هاڻي ئي ٺهرائي بنگلي تي موڪلي ٿو ڏيان.“
نائڪ بوتل مان آخري ڍُڪ ڀري ڪپڙا ڇنڊي ميڄالو کڻي ٻانهون ٺوڪيندو دڪان ٻاهران گذريو ته ڀرسان تازي ڪُٺل پهروءَ جي رتُ تي ويٺل مَکيون اڏامي وري اچي ويٺيون.
ٿوري ئي دير ۾ ڪاسائيءَ جي دڪان تي ماڻهن جو ميڙو مچي ويو. پوڙهو هر ايندڙ گراهڪ جي پٺيان ٿيندي ٿيندي پري وڃي ٺُلهه سان لڳو.
ٻه ڪِلو....... اڍائي ڪلو......... چار ڪِلو...... پاوا....... بُڪيون............. جيرا .......... ميڄالو ........... قيمو............ ٻه سوء .............. پنج سوء ................ هزار ........... ڳاڙها ساوا نوٽ........
پوڙهو ڳيتون ڏيندو پير پير اڳتي وڌندو آيو.
پيرسن ڪلاڪ ٿيو اٿئي رڳو پيو ٿو مُنهن تڪين، گھڻو گوشت ڏيانءِ؟“ ڪاسائيءَ ران ۾ هٿُ وجھندي چيس.
پُٽ .............“ لفظ پوڙهي جي حلق ۾ ڦاسي پيا.
ها اڌ ڪِلو ڪيان ............ هان...“
نه نه.“
باقي؟
هي ..........“ پوڙهي ڏڪندڙ هٿ ۾ مروڙيل ويهه رپئي جو نوٽ ڪڍي ڏانهس وڌايو.
پوڙها مٿو خراب ٿيو اٿئي ڇا؟!“ ڪاسائيءَ ڇينڀ پٽيندي چيس. ”گھر وڃي مهل سان ننڊ ڪر........ ويهه رپيا کڻي هليو آن گوشت وٺڻ. ويهين رپئين ۾ هٽ تان دال به نه ملندئي......... هل بابا هل......“
ابا ٻه مهينا ٿيا هن ٻچڙن ٻوٽي نه کاڌي آ.“ پوڙهي جي لفظن ۾ رحم جي درخواست ۽ بي وسي هئي.
ٺيڪ آ پر ٻيهر ايترا پئسا کڻي نه اچجانءِ جھونا.“ ڪاسائيءَ کي پوڙهي جي اکين ۾ ترندڙ لڙڪ ڏسي رحم اچي ويو. ”گوشت ڏيڍ سوء رپيا ڪلو ٿي ويو آ خبر اٿئي نه ..........“
ڪاسائيءَ گوشت جو هڪ چرٻيءَ مليل ننڍڙو ٽُڪرو ڪروڌ سان ڪَپيو ۽ اڏيءَ تي رکي ڪاتَ سان ننڍيون ننڍيون ٻوٽيون، جهڙوڪر قيمو ڪري ٿيلهيءَ ۾ وڌيون. اهي سڀ ٻوٽيون ننڍڙي ٿيلهيءَ جي هڪ ڪُنڊ ۾ ماپي ويون. اهي ٻوٽيون ماجسٽريٽ جي هڪ لقمي کان وڌيڪ نه هيون .................. پوڙهو ڄڻ خالي ٿيلهي کڻي اڳتي وڌيو. اها ٿيلهي ڏاڍي هلڪي هئي پر هن جي اندر جو غم ڏاڍو ڳورو هيو...... هو پنهنجا ڳورا قدم کڻي مُڙيو، سندس هڪ هڪ وک ڄڻ پاتال ڏانهن کڄي رهي هئي.
پوڙهو دُڪان مان نڪتو ته ڪُتو پڇ لوڏي نماڻن نيڻن سان ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان اچي ويٺو.
ڪاسائيءَ صبح کان گوشت مان بچيل ڇڇڙا ڪُتي اڳيان اڇليا، ڇڇڙن ۾ چنبڙيل ٿورو ٿورو گوشت پوڙهي جي ٿيلهيءَ ۾ وڌل گوشت کان وڌيڪ هيو.“

No comments:

Post a Comment