Tuesday, September 4, 2012

ڪٿان کان ڪٿي - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


ڪٿان کان ڪٿي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ...
ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي نوجوان ڇوڪريءَ اوچتو ڇرڪ ڀريو. هن جي ماءُ هڪ ننڍڙي صندوق ٺاهڻ ۾ رڌل هئي. ڏاڍي تڪڙ ڪندي پَٽين ۾ ڪوڪا هڻي رهي هئي، پر ڪوڪن تي مترڪو تمام هوري ٿي هنيائين، جيئن ٺڪ ٺڪ جو آواز گھر کان ٻاهر نه پهچي.


ڇوڪرِي، جنهن جي ڀر ۾ تازو ڄاول ڀاءُ گھري ننڍ ۾ پيو هو، اٿي ماءُ جي ويجھو وئي. اڌ رات جو ماءُ کي صندوق ٺاهيندي ڏسي، حيرت مان چيائين، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺاهين؟“
ماءُ، جا صندوق ٺاهڻ ۾ مصروف هئي، هڪ ڪوڪي کي هوريان مترڪي جو ڌڪ هڻندي چيو، ”ڌيءَ! آهستي ڳالهاءِ!“
نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجيءَ ماءُ جي احتياط نه سمجھندي، وري چيو، ”مٺڙي امڙ، تون هي ڇا ٿي ٺا...“
”خاموش!“ ماءُ صندوق جي مٿين پٽي تي آخري ڪوڪو هڻندي آهستگيءَ سان سندس ڪن ۾ چيو، ”ڀاڻين ننڊ پيو آ نه؟“
”ها ها، امڙ!“
”ان کي کڻي آءٌ!“
”ڇو... امان، هو ته ڏاڍي مزي سان ستو پيو آ.“
”اڃا آهستي ڳالهاءِ. ڌيءُ، وڃ ڀاءُ کي کڻي آ.“ ڌيءُ ماءُ جي حڪم جي پوئواري ڪندي ڍرڙن هٿن سان پنهنجي ڀاءُ کي کنيو. هو اڃا ننڊ ۾ هو. ماءُ وٽ آڻي سندس هٿن ۾ ڏنو. ماءُ ٻارڙي کي سيني سان لڳائي پيار ڪيو، پوءِ صندوق ۾ رکي ڍڪ بند ڪرڻ لڳي.
”هاءِ منهنجي امڙ! تون هي ڇا ڪري رهي آهين؟“ ڇوڪريءَ خطرو محسوس ڪندي چيو.
”چپ ڪر ڌيءُ! صبر... صبر، الله جو حڪم اهو ئي آ.“
ماءُ جواب ڏئي صندوق جو ڌڪڻ بند ڪري ڇڏيو. نوجوان ڌيءَ اکيون ڦاڙيون، سڀ ڪجھ ڏسندي رهي. ماڻس صندوق جي وٿين ۾ ميڻ هڻي، ڪلهي تي رکي، در ڏانهن هلڻ شروع ڪيو.
نوجوان ڇوڪريءَ ماءُ جي پوئواري ڪئي. ڪالهه هن کي ڪيتري نه خوشي ٿي هئي، جڏهن الله تعالى هن کي هڪ تندرست، سهڻو ۽ خوبصورت ڀاءُ عطا ڪيو هو. اڄ هن ننڍڙي ابهم ڀاءُ کي ماڻس صندوق ۾ بند ڪري، الائي ڪاڏي نيئي رهي هئي. وري مصيبت اها جو ٻڌائي به ڪو نه پئي. نوجوان ڇوڪري دل ئي دل ۾ ڀُڃي ڪباب ٿي وئي. هن جي دل گھريو ته جيڪر ماءُ کان صندوق کسي، ان مان پنهنجي مٺڙي ڀاءُ کي ڪڍي، ڪنهن اهڙي هنڌ ڀڄي وڃي، جتي کانئس ڪو به سندس ڀاءُ کسي نه سگھي. هن اڳتي وڌي، ماءُ جي چولي جو پلئه پڪڙيندي چيو، امڙ!“
”خوموش ڌيءُ.“
”هاءِ الله! تون ادي کي...“
”چپ ڪر، بلڪل خاموش! آباديءَ مان چپ چاپ نڪري هل.“
”پوءِ تون ٻڌائيندينءَ، ته تون ادي کي ڪاڏي...“
”ها... هائو ڌيءَ! ڏس پيرن جو کڙڪو به نه ٿئي.“
ڇوڪري چپ ٿي وئي. آباديءَ کان ٻاهر ايندي هن وري پڇيو. ڀلا هن کي صبر ڪٿي هو.
””ڀاڻين کي نيل ۾ وهائيندس.“ ماڻس جواب ڏنو.
”هاءِ امڙ! تون هي ڇا ٿي چوين؟ هي ڇا ٿي ڪرين؟ ادا جيئرو ڪيئن رهندو؟ نيل جا جانور هن کي ڪاٿي ڇڏيندا؟ تو کي ڇا ٿي ويو آ؟ تو کي پنهنجي خون سان ايتري محبت به ڪانهي! هاءِ امڙ! جيڪڏهن تون هن کي پالي نه ٿي سگھين، ته مون کي ڏي. مان پنهنجي ڀاءُ کي کڻي وڃي ڪنهن جھنگ ۾ رهنديس. مان کيس وٺي وڃي اهڙي جاءِ تي رهنديس جتي کيس ڪو به لهي نه سگھي، امان...!“
”نه ڌيءُ.“ ماءُ هن کي جھل ڪئي، نه ڌيءُ! مون کي ائين ڪرڻ کان نه روڪ. صبر ڪر، اهو ئي الله جو حڪم آهي. پرواهه نه ڪر، اهو الله تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“
”اهو ئي الله جو حڪم آ.“ ڇوڪريءَ ماءُ جو جملو ورجايو.
”ها ڌيءُ!“
”هاءِ منهنجو ڀاءُ!“
”ڌيءُ خدا تنهنجي ڀاءُ جي حفاظت ڪندو.“
ڇوڪريءَ پنهنجا ڳوڙها اگھي ڇڏيا. هوءَ ماءُ پويان هلندي رهي. سامهون نيل درياءُ طوفاني بيقراريءَ منجھان لهرون هڻي رهيو هو. ماءُ هٿ وڌائي صندوق کي نديءَ ۾ وهائڻ ٿي چاهيو ته ڌيڻس کڻي هٿ جھليس. چوڻ لڳي، ”امڙ، ٿورو ترس، نديءَ جي بيقراريءَ کي نه ٿي ڏسين؟“
”ڏسان ٿي، پر الله جو اهو ئي حڪم آهي.“
اهو چئي هن صندوق کي وهڪري ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ڏاڍي اطمينان سان چيو، ”اي خدا مون تنهنجي حڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي. اي الله! تون منهنجي خطائن کي معاف ڪج. تنهنجي امانت تنهنجي حوالي.“ ۽ ڌيءُ کي چيائين، “چڱو! نيل جي ڪنڌيءَ سان هلندي وڃ، ڏس ته الله پنهنجي ٻانَهن جي ڪيئن ٿو نگهباني ڪري؟“ اهو چئي ماءُ گھر ڏانهن رواني ٿي ۽ ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ جي لڙهندي صندوق کي ڏسندي نيل نديءَ جي ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. جڏهن ڪنهن لهر وڃي صندوق سان ٽڪرايو ٿي ۽ صندوق ڌڏي ٿي ته بي اختيار هن جي زبان مان ”يا الله“ نڪتو ٿي.
هوءَ الله الله ڪندي، صندوق جي سِڌ ۾ ڪنڌيءَ سان هلندي رهي. ڪيترائي دفعا ائين ٿيو جو صندوق وهندي وهندي ڪناري جي ويجھو اچي ٿي وئي، ۽ ڇوڪريءَ چاهيو ٿي ته هوءَ صندوق ڪڍي وٺي، پر تڏهن اوچتو سندس ماءُ جي لفظن سندس ڪنن ۾ گونج ٿي پيدا ڪئي: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانهن جي نگهباني ڪري.“
هوءَ هلندي رهي، ڪيترو ئي وقت هلندي رهي، تان جو پرهه ڦٽي، صبح ٿيو، سج اڀريو. هڪ وڏو محل ڇوڪريءَ جي رڪاوٽ بڻجي پيو. هي عاليشان محل نديءَ جي ڪناري تمام وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هو. ڇوڪريءَ سوچيو ته محل جي چوڌاري چڪر هڻي نديءَ جي پوئين پاسي پهچڻ گھرجي. ڪپڙا کنجي، وڏو ساهه کڻي، چاهيائين ته ڊڪ پائي، ته اوچتو ڇا ٿي ڏسي جو ڪجھ عورتون چمڪدار ڪپڙا پهريو، محل جي ڪوٺي تي بيٺيون آهن. انهن ۾ جيڪا وڌيڪ عزت واري عورت ڏيکاري ٿي، تنهن اوچتو صندوق طرف اشارو ڪندي، ڀر ۾ بيٺل عورتن کي ڪجھ چيو. پوءِ ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڪجھ مهاڻا ڄار کڻي محل مان نڪتا، صندوق تي ڄار اڇلايو ويو. صندوق ڄار ۾ ڦاٿي، مهاڻن صندوق ڇِڪي ۽ کڻي محل ڏانهن هليا.
ڇوڪري کي صبر ڪٿي. هوءَ به پويان پويان هلندي رهي ۽ مهاڻن سان گڏ محل ۾ هلي وئي. مهاڻن صندوق محل جي مالڪياڻيءَ جي حوالي ڪئي، انعام اڪرام ورتا ۽ موٽي ويا. ڇوڪري بيٺي رهي. هن ڏٺو ته مالڪياڻيءَ صندوق کولي. صندوق کوليندي ئي سندس واڇون ٽِڙي پيون (منهن تي مرڪ پکڙجي ويس). بي ساخته سندس زبان مان نڪتو ”ٻار!“
ان وقت ڇوڪريءَ جي حالت ڏسڻ وٽان هئي. هوءَ پنهنجي دل تي هٿ رکي، مالڪياڻيءَ کي هڪ ٽڪ گھوريندي رهي. سندس ڄنگھون ڏڪي رهيو هيون. هن جو من چاهي پيو ته ڊڪي پنهنجي ڀاءُ کي کڻي ۽ وٺي ڀڄي، پر اوچتو سندس ڪنن ۾ آواز اڀريو: ”ڏس ته الله ڪيئن ٿو پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪري.“ هن پنهنجو پاڻ قابو رکيو. مالڪياڻيءَ ٻار هٿ ۾ کنيو. پنهنجي ڀاءُ کي جيئرو جاڳندو پنهنجون آڱريون چوسيندو ڏسي، ڇوڪري ٽڙي پئي. هن جي اکين ۾ خوشيءَ جي چمڪ پيدا ٿي. هوءَ بيٺي ڏسندي رهي.
ٻار کي هٿن ۾ مٿي کڻندي ماڪياڻيءَ جو منهن (ڄڻڪ) بي اختيار هيٺ جھڪندو ويو، تان جو سندس چپ ٻار جي چپن سان ملي ويا. چميائين، چٽيائين، مٺيون ڏنائين، پيار ڪيائين، پوءِ ڀر ۾ بيٺل عورت کي حڪم ڪيائين، ”ملڪ جون خوبصورت، نوجوان، سونهن ۽ سوڀيا واريون کير پياريندڙ دايون حاضر ڪرايو.“
حڪم جي دير هئي، ڪيتريون ئي دايون حاضر ڪيون ويون. انهن ٻار کي کير پيارڻ گھريو، پر ٻار ڪنهن جو به کير منهن ۾ نه ورتو. ڇوڪريءَ اهو حال ڏسي اڳتي وڌي مالڪياڻي کي چيو، ”جيڪڏهن توهان حڪم ڪريو ته مان اهڙي دائي حاضر ڪيان، جنهن جو کير هي ٻار ضرور پيئندو.“
”جلدي ڪر.“ مالڪياڻيءَ حڪم ڏنو ۽ ڇوڪري خوشيءَ مان جھمريون هڻندي، نچندي، ٽپندي، محافظ ۽ مددگار الله جا ڳڻ ڳائيندي، پنهنجي گھر ڊڪندي ٿي وئي. هوءَ بي پرواهه ڀڄي رهي هئي. هن کي ٽڪرائڻ جي پرواهه ڪا نه هئي، هن کي رستي جي ڪَنڊن جي پرواهه ڪا نه هئي، ائين ٿي ڀانيو ڄڻڪ ڪوئي هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو.
نوجوان ڇوڪري سهڪندي گھر آئي. ماڻس ڄڻڪ سندس انتظار ٿي ڪيو. ”امڙ مبارڪ.“ آواز ٻڌندي ئي ماءُ ڌيءُ ڏانهن ڊوڙ پاتي. هن کي سيني سان لڳائي، سندس وات تي هٿ رکيو. ”چپ ڪر ڌيءُ، خاموش.“ ڌيءُ کي گھر جي ڪنڊ ۾ وٺي وئي. ويهندي ويهندي ڌيءُ ماءُ کي چيو، ”الله پنهنجي ٻانَهن جي نگهباني ڪندو آ.“
پوءِ ماءُ ڌيءُ کي ڏٺو، ڌيءُ ماءُ کي... ٻي گھڙيءَ ڌيءُ اڳيان اڳيان، ماڻس پويان پويان ساڳي رستي تي وڌنديون ٿي ويون.

No comments:

Post a Comment