Tuesday, September 25, 2012

ٽٽندڙ تارو - ثناءَ سنڌو


ٽٽندڙ تارو
ثناءَ سنڌو
هو آسمان طرف ڏسي ٿي..... اڄ کيس ڪوبه تارو نظر نه ٿي آيو، ڇو ته سڄي آسمان کي ڪڪرن جي ڪاري چادر پاتل هئي ۽ اتر مان گھلندڙ هوائون هاڻي تيز ٿينديون ٿي ويون. ڀر پاسي ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ متيءَ جي ڀنل ڀنل خوشبو ساه ۾ سمائجي رهي هئي هو ٻيهر آسمان طرف ڏسي ٿي... ڳچ دير تائين هو آسمان کي ائين ئي تڪيندي رهي ٿي ته من ڪٿان ڪو ڪڪر هٽي وڃي ۽ ڪو ٽٽندڙ تارو نظر اچي وڃي.... پر ائين شايد هن وقت ممڪن نه هو.... ڇو ته هاڻي ڪڪر پنهنجي انداز سان زمين کي ڀڄائڻ شروع ٿي ويا هئا، بلڪل سندس وجود جيان..... بوندا باري ۾ تيزي اچي وئي هئي ۽ هي اڃا به ان انتظار ۾ هئي ته من ڪٿان ڪو ٽٽندڙ تارو نظر اچي..... نه ڄان ڇو اڄ هن کي ٽٽندڙ تاري جو انتظار هو وکريل وجود کي ڪنهن ٽٽندڙ تاري جو انتظار من ۾ خيالن جي وارتا اڀري اچيس ٿي. وکري ويل وجود .... ڇا ان کي سميٽڻ جو وقت اڃا به نه آيو آهي..... يا وقت گذري چڪو آهي..... نه ڄاڻان ڇو جسمن ۾ ساھ هجي ٿو..... پر وجود ڀورا ڀورا ٿيل هجن ٿا.


نه ڄاڻان ڇو...... نه ڄاڻان ڇو من ۾ ترسيل ڪيترن ئي خوهشن جو موٽ اچي وڃي ٿو.
پر خواهشون ٻيهر ڪر موڙن ٿيون. مينهن جي تيزي وڌندي رهي ٿا..... ۽ هو پنهنجي وجود کي مينهن ۾ پسندي به ڪنهن آڙاھ ۾ محسوس ڪري ٿي. اکيون بند هجنس ٿيون..... ۽ ڪنڌ آسمان طرف بلند ٿي وڃيس ٿو..... ڪو اچي ٿو جيڪون سندس مٿان ڇٽي کولي کيس بنا ڪجھ چوڻ جي ٻانهن جھلي اندر وٺي وڃينس ٿو.....
ڪمري ۾ داخل ٿيندي هئي هو پاڻ کي صوفا تي ڦٽي ٿي ڪري... مينهن مان ڀڳل وارن جي جھڳٽن مان مينهن جو چار ڪڻيون اچي چهري تي پونس ٿيون..... شال ويڙهيندي ڪافي جو ڪپ اڳيان رکي چئيس ٿي خبر به اٿئي ته سيءَ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي، پوءِ به بي پرواھ ٿي..... ڪيترن دير تو مينهن ۾ ائين ڀڄندي رهين ها، موٽ ۾ صرف خاموشي.... کانپوءِ اوچتو هن جا چپ چرن ٿا. ” .......تون مون کي هتي ڇو وٺي آئي آهين.“
مان ٽٽندڙ تاري جي انتظار ڪري رهي هئس.... ڪافي جو ڪپ چپن تائين آڻيندي آڻيندي رڪجي وڃينس ٿو......
پاڳل آهين صائمه.
ڏسي نه پيئين ته مينهن ۾ ڪيتري تيزي اچي وئي هئي.....
هر شيءِ ختم ٿيڻ لاءِ هوندي آهي. منهنجو وجود به هڪ ڏينهن هن ڌرتيءَ تان ميسارجي ويندو ۽ رهجي ويندو صرف هڪ مٽيءَ جو ڍير پوءِ هي ته چند ڪلاڪن جو مينهن آهي.......
ڪلهي تي هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪيائين.... مون سان همدردي اٿئي نه ته مان اڄ اهڙين حالتن جو شڪار آهيان جنهن جو ڪڏهن نه تو سوچيو هو نه ئي مون.....
همدردي نه آهي..... پر صائمه تنهنجي پيار جي انتها اها هئي جنهن توکي اڄ هن ان حالتن تي اچي بيهاريو آهي جو واپس ورڻ لاءِ به تنهنجا رستا بند ٿي چڪا آهن ۽ تنهنجي پنهنجن تنهنجي جيئري ئي تنهنجي نالي جا ڪتبه ٺهرائي ڇڏيا آهن.
هو اٿي ٿي.... ۽ ٻيهر لان ۾ وڃي آسمان طرف ڏسي ٿي....
هلڪي هلڪي بوند ۾ هو ٻيهر پسجڻ لڳي هئي پر هن ڀيري هو اڪيلي نه هئي...... ساڻس گڏ ساهيڙي مرڪ به هئي جيڪا هن جي پويان پويان آئي هئي.
آسمان طرف ڇا ٿي ڏسين؟
ٽٽندڙ تاري کي ٿي ڏسين”........“
ڇا ڪڪرن ۾ لڪل تارا به توکي ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟.......
پر نه ”نيٺ به ته ڪڪر هٽي ويندا نيٺ به ته تارا نظر ايندا..... ڪو تارو ٽٽندو ڪنهن آس کي پوري ڪرڻ لاءِ..... اڌ ۾ رهجي ويل دعا کي پوري ڪرڻ لاءِ...... ڪو ته تارو ٽٽندو.“
۽ پوءِ هو هر روز رات هو انهي لان ۾ اچي ڪنهن ٽٽندڙ تاري جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي پر اهو تارو ڪڏهن به نه ٽٽو جيڪو هن جي دل کي جوڙي سگھي، جيڪو هن جي محبت کي جوڙي سگھي.........

No comments:

Post a Comment