Saturday, September 15, 2012

اجگر - احسان دانش


اجگر
احسان دانش 
محمد خان جي گھر يارھن سالن جي ٿڪائيندڙ انتظار کان پوءِ، سڪيلڌي سدوري ڄائي هئي. پشم جهڙي ڀوري ۽ خوبصورت. سدوريءَ تي پڻهس جهڙو نالو رکيو، پنهنجي سڀاءَ ۾ به هوءَ اهڙي ئي هئي. هوءَ ننڍي هوندي کان ئي ٻين ٻارن کان نرالي ۽ نرمل هئي. ڳوٺ جون ٻيون نينگريون نه رڳو رنگ ۾ هن کان ڪوجھيون هيون پر هنر ۾ به گھڻو گھٽ. سدوري ڪڏهن پنهنجي حسن ۽ هنر تي ناز نه ڪيو. هوءَ سراسر نماڻي هئي، جهڙي نوري. سامائي ته سندس جوڀن اهڙو نکري پيو، جو چئي چپ ڪجي......


محمد خان، ڳوٺ جو هڪ مسڪين ۽ شريف ماڻهو هيو. سندس ڪُلُ ملڪيت ٻنيءَ جا چار ٻارا هئي، جيڪا سندس ننڍڙي ڪٽنب جي پيٽ قوت لاءِ ڪافي هئي. سندس ڪٽنب هيو به ڪهڙو... پوڙهو پيءُ، جيڪو ڏهن سالن کان دم جي مرض ۾ مبتلا، سندس سگھڙ زال حاجران ۽ سهڻي سدوري. حاجران جوان هئي ته نه رڳو گھر جو سڄو ڪم ڪار ڪندي هئي پر ڀرت ۽ سيبي ٽوپي جو ٻيو ڪم به شوق سان ڪندي هئي، سدوري وڏڙي ٿي ته سندس هٿ ونڊائڻ لڳي، هن کي ماءُ سان به پيار هيو پر پيءُ تان اصل اول گھول ويندي هئي. شام ٽاڻي گھر جي در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺي هوندي، هن کي هر پل بابل جو انتظار هوندو هو، گرميءَ جي ڏينهن ۾ ٻني تان پگھر ۾ شل ٿي موٽندو هيو ته جھٽ ۾ مٽ مان ٿڌو پاڻي ڀري ايندي هئي جيئن پيءُ جي پياس پوري ٿئي. کٽ تي ويهندو ته پکو جھليندي، ڊڪندي ماني کڻي ايندي، پڻهس ڏانهنس ٻاجھ ڀريون نظرون کڻي نهاريندو ۽ دعائون ڏيندو هو.....
حاجران ننڍي هوندي کان ئي سدوريءَ کي هڪ سٺي گھر ڌياڻي ٿيڻ جا سبق سيکاريندي هئي، جنهن ۾ هن ايڏي دلچسپي ورتي جو ماءُ کان به ٻه هٿ اڳتي نڪري وئي. هن جي هٿ ۾ جا نفاست ۽ نزاڪت هئي سا ڳوٺ جي ٻي ڪنهن عورت ۾ نه هئي، سندس جيڏيون سرتيون هن جي ڀرت تي ريس ڪنديون هيون، ڪيتريون ئي هرمچي، ڪشميري ۽ ڪُنڍيءَ جو ڪم وٽس سکڻ اينديون هيون. شهر جون ڇوڪريون فرمائش تي وٽائنس ويس ڀرائينديون هيون، ڇوته سوڪهڙي جي ڏينهن ۾ ان هنر مان گھر جي خرچ لاءِ ٻوپيسي جي مدد ملي پوندي هئي.... تنهن ڪري گھڻو تڻو ماءُ ڌيءُ ان ڪم ۾ رڌل هونديون هيون.
سدوريءَ جو ڏاڏو جواني ۾ کٽون واڻيندو هو، هو پنهنجي وقت جو بهترين ڪاريگر هيو، هو سچو ۽ سڌو ماڻهو هيو، شوقين مڙس يا وڏيرا سنهي مڃَ مان کٽن ۽ منجين جون من پسند ڊزائينون ٺهرائيندا هئس. هن اهو ڪم ڪندي ڪيئي واهڻ ۽ شهر لتاڙيا هئا پاڙا ۽ گھٽيون گھميون هيو ۽ قسمين قسمين ماڻهن سان ملاقاتي ٿيو هو. سياري، سانوڻ محلن ۽ ميدانن تي مڃ کولي هئي..... هن وڏو زمانو ڏٺو هو زماني جا رنگ ڏٺا هئا.... سدوري واندڪائي ويل ڏاڏي جي کٽ تي ويهي سندس وقت جا قصا ڏاڍي چاھ سان ٻُڌندي هئي. هو هڪ هڪ ڳالھ ائين کوليندو هو جيئن واڻ جون ويڙهوٽيون کوليندو هجي..... سدوريءَ کي ڏاڍو مزو ايندو هيو. هوءَ جڏهن کانئس پڇندي هئي ته ”بابا وڏا اڳي ۽ هاڻي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ ته ڄڻ سندس من ۾ ڪا ڇيت لهي ويندي هئي. ٿڌو ساھ ڀري چوندو هو ”ڌيءَ هاڻي اهو زمانو نه رهيو آ نه ئي اهي ماڻهو، هاڻي اشراف جي جاءِ ناهي... ۽ ڪمينو زور آ، اڳي شرافت ۽ عزت ئي ماڻهوءَ جي ملڪيت هوندي هئي ڌيءَ، هاڻي ته ڄڻ شرافت کي ڪنهن ڍڪَ ۾ وجھائي ڇڏيو آهي، هر پاسي لُچ ۽ لوفر جو راڄ آهي، امان...... ماڻهو رڳو پئسي جي پٺيان آهن، هاڻي خلق جو دين ايمان بس ڏوڪڙ آهي.... ڪاڏي وئي اها همدردي..... ڪاڏي وئي اها مهمان نوازي، ڪاڏي ويا اهي مڙس مهان جيڪي سامون جھليندا هئا.........“ هو جڏهن به تڪڙو ڳالهائيندو هو ته کيس سهڪو ٿي پوندو هو، جيئن سهڪو ٿيندو هيس ته سدوري سٽ پائي مٽ مان هن لاءِ پاڻي ڀري ايندي هئي.
محمد خان کي پٽ جو اولاد نه هيو پر سدوري هن کي پٽن جيان ئي پياري هئي.... پر گھر ۾ نياڻي جو جوان وياءُ پيءُ ماءُ لاءِ سدائين ڪنهن سُٺي رشتي جي سچ جو سبب بڻبو آهي، هن کي اهو ته فڪر نه هيو جو سندس ڀاءُ  هن سان پنهنجي موڀي پٽ سوڍي لاءِ سدوري جي سڱ جي ڳالھ گھڻو اڳ  ڇڏي هئي...... پر هو جڏهن به سدوريءَ جي رخصتيءَ جو سوچيندو هيو ته سندس پنبڙيون پُسي پونديون هيون، نيٺ سياري جي هڪ سرد رات حاجران سانجڻ مان واندي ٿي جڏهن هنڌ ۾ سهڙي هئي ته، ساڻس سدوري جي سڱ جي ڳالھ چوري هئائين.
”سدوريءَ جا پيءُ هاڻي ڌيءَ اچي جوان ٿي آهي، ڌيءُ ڌڻ هونءَ ئي امانت هوندي آهي، ڀلا ادي وارن جو ڇا ارادو آهي....؟“
”حاجران ادو ته چوي ٿو ته هن فصل تي ئي شادي ٿي وڃي پر......“
”پر وري ڇا...؟“
”اڙي سوچيان ٿو سدوري هلي ويندي ته گھر جو اڱڻ ٻُسو ٿي ويندو.“ محمد خان جي نيڻن جا ڪنارا آلا ٿي پيا هئا.
”سدوريءَ جا پيءُ اهو ته دنيا جو دستور آهي، نياڻي نماڻي ڀلا ڪيترو وقت پيءُ جي گھر ۾ رهندي، نيٺ ته هڪ ڏينهن شينهن ڪُلهي چڙهڻو اٿس.... تون دل نه لاھ، هونءَ به ادا وارن جو ڳوٺ رڳو اٺ ڪوهن جي پنڌ تي ئي ته آهي، جڏهن سِڪ لڳئي ته کڻي ڌيءَ سان ملي اچجانس. ٻيو ته سوڍو سوٽ اٿس، ڪو ڏکيو ڪونه رکندس، هاڻي ته سيڌي جو دڪان پڪو ڪري ٺهرايو اٿائين، پنهنجي مڇيءَ ماني لائق آهي ۽ وڏي ڳالھ ته ٻئي سنُ آهن. رب ڪندو سدوري سدا سُکي رهندي.“
”پوءِ مان هائو ڪيانس...“
”منهنجي ته اها ئي مرضي آهي، ٻيو ته توکي خبر آهي ته مان پنهنجي سيبي ٽوپي مان سدوري جي ڏاج جو گھڻو سامان ته گڏ ڪري چڪي آهيان، الله ڪندو هن ڀيري فصل سُٺو ٿيو ته باقي سامان به ٿي پوندو.“
”ها رب وڏو آهي، ان رازق ۾ آسرو آهي، هن دفعي وڏيري ججھو قرض ڏيڻ جو به واعدو ڪيو آ، باقي هر سال جيان ڀر واري ڳوٺ ۾ هن جي وانگار وهڻي پوندي. رب سڀ چڱي ڪندو، بس تون رڳو دعا ڪر ته هيل سنڌوءَ ۾ جام پاڻي اچي ته جيئن فصل سُٺو ٿي پوي نه ته سوڪهڙي جي ڪري اڌ زمين اُڃي رهجي ٿي وڃي......“
”ڌڻي ڪندو ته هن ڀيري اسان جي سدوريءَ جي ڀاڳ ۾ جَلُ جام ٿي پوندو.“
سدوري ۽ سوڍو هيا به ڄڻ سهڻي ۽ ميهار. ننڍي لاءِ هڪ ٻئي لاءِ جا اُڪير هين سا جواني تائين اهڙي محبت ۾ مٽجي وين جنهن جا مثال داستانن ۾ ملندا آهن، پر سدوري اها سهڻي هئي جنهن پنهنجي سوڍل لاءِ ڪڏهن پنهنجي پيءُ جي عزت جي چانئٺ نه اورانگھي ۽ سوڍو به اهڙو ميهر نه هو جيڪو سدوريءَ جي چادر ۽ چوديواري اورانگھڻ لاءِ اتاولو هجي......
نيٺ هڪ ڏينهن محمد خان جو ڀاءُ برادري جي چئن چڱن سان گڏجي وٽس سدوري جي سڱ جي ڳالھ پڪي ڪرڻ لاءِ پهتو، دنيا جي رسم رواج کي پاڻي ڏيڻو هيو نه ته ٻئي ڌريون اڳي ئي راضي هيون، طئي ٿيو ته ايندڙ فصل تي شادي جو ڪاڄ ڪيو ويندو. محمد خان جي ڀاڄائي نياڻي کي رئو وڌو، سڀني وات مٺو ڪيو ۽ سرتين سهيلين لاڏا چيا. سياري جي جنهن رات سوڍي ۽ سدوريءَ جي رشتي جي ڳالھ پڪي ٿي ان رات وڏو پارو پيو هو، پر هنن ٻنهي جي من ۾ ڪو مچ ٻري پيو هو. سدوري ته سڄي رات اکين تي ڪاٽي هئي، ان رات هن کي انَ جي سوڙ ۾ به سيئاندو پئي ٿيو، هوءَ تڏن جي تڪ تڪ ۽ ڏور ويٺل گدڙ جي اُلڪي بنا سڄي رات رڳو سوڍي لاءِ پئي سوچيو. مڱڻي کان اڳي سوڍو چاچي جي گھر ايندو هو ته سدوريءَ سان اکين ۾ ڳالهائيندو هيو پر جڏهن جڳ ۾ سندن ٻنڌڻ جي ٻاٻور ٻُري ته سدوري سندس اڳيان شرم ٻوٽي بڻجي وئي. سوڍو سندس گھر ۾ پير پائي ته هوءَ وڃي ڪمري ۾ لڪي، ڄڻ هو کيس ڇُهي ڪومائي ڇڏيندو.
انتظار ۾ راتيون ۽ ڏينهن ڏکيا گذرندا آهن، سوڍو پنهنجي مڱ ماڻڻ لاءِ مهينن مان ڏينهن ڳڻيندي گذاريندو رهيو ۽ سدوري پنهنجي نيڻن ۾ انيڪ خواب پالي جوان ڪيا. حاجران، نياڻيءَ جو لاڳ گڏ ڪندي وئي... ويس، وڳا، هنڌ ويهاڻا ۽ ٿانوَ ٿپا ته گھڻو اڳ تيار ڪري ڇڏيا هيائين، هاڻي ڌيءُ جي زيورن جي ڳڻتي هيس، هن کيس دهري، هس، ڪڙيون، ٻانهيون، جھومڪ، نٿ، گُجريون، چوڙيون مطلب سمورا عورتاڻا زيور ڏيڻ جو سوچيو هيو ۽ ڪجھ ٺهرائي به ورتا هئا، سدوري سندن سڪي لڌي ڌيءَ هئي، تنهن ڪري کيس اهڙو ڏاج ڏيڻ پئي چاهيائين، جنهن تي ڀلي جڳُ ريسون ڪري.
راتيون ڏينهن کي ڳهنديون ويون سيارو سانوڻ ۾ مٽجي ويو، زمين تي هر هلڻ لڳا، ٻجُ ڇٽجي ويو، رونبا ٿي ويا، سانوڻيءَ جو مينهن ڪڙڪا ڏئي وسيو، سڄو تَرُ سرسبز ٿي ويو، هر چهرو ٻهڪي پيو، آسوند جون اکيون چمڪي پيون..... سوڍو سينڍون وڄائي گھمڻ لڳو، سدوريءَ کي هر هر هِڏڪي ٿيڻ لڳي، جا سوڍي جي نانءَ سان ختم پئي. شاديءَ جون تياريون تيز ٿي ويون.... هاڻي رڳو اوسيئڙو هيو فصل جو. سانوڻيءَ جي مينهن سُڪل تل تراين به ڀري ڇڏيون هيون محمد خان مالڪ جي مهر تي ڏاڍو خوش هيو جو هن ڀيري فصل ڀلو ٿيڻ جي اميد هيس. هن اڳي کان وڌيڪ زمين تي رونبو ڪيو هو، پر هنن مان ڪنهن به خبر نه هئي ته هن سانوڻيءَ جيڪو مينهن خوشين جو پيغام کڻي آيو هو ان جي پٺيان درد جو ڪيڏو وڏو سيلاب لڪل آهي....!
اها رات پورنماس جي رات هجڻ باوجود محمد خان جي زندگيءَ جي تاريڪ رات هئي، جنهن رات درياھ جو بند ٽٽو هو ۽ پاڻي شينهن جي گاج وانگر هيانءُ ڏاريندو تيز ڊوڙندو پئي آيو، لانڊيون ۽ لوڙها ڊهي پيا، وستيون ۽ واهڻ ٻڏي ويا، اڱڻ ۽ اوطاقون نه رهيون، مال ۽ چارا چٽُ ٿي ويا، اَن ۽ اٽا آلا ٿي ويا، هر پاسي دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، لاش ماڻهو لڙهڻ لڳا، روڄ ۽ راڙو شروع ٿي ويو... ڪيئي ونين ور وڇڙي ويا، ڪيئي ٻاتا ٻول ٻُڏي ويا.... درياھ جو بند نه ٽٽو هو ڄڻ موت جي راڪاس راڙو ڪيو هو.
چوڏهينءَ جو چنڊ چِٽو هيو، درياھ جي موجن ۾ اجگر واري اُٿل هئي، اجگر جي ڦوڪ دليون دهلائي ڇڏيون. محمد خان جي پيءُ جي هٿ مان لٺ ڇڏائجي وئي، ٿاٻڙجي ڪري پيو، چيلھ ۾ چُڪ پيس، سهڪو وڌي ويس، اٿي نه سگھيو ۽ اجگر کيس ڳڙڪائي ويو. محمد خان کي اندازو به نه هيو ته وڏيري جي وانگار کيس ايڏي مهانگي پوندي، اها رات جا هن ٻنيءَ جي ٻارن تي گذاري هئي سا هن جي زندگيءَ جي ايڏي ڀيانڪ رات هوندي هن ته اهو سوچيو ئي نه هيو. سهري کي سنڀالڻ حاجران جي وس ۾ نه هيو هن جو هيانءُ هٿن مان نڪري ويو هو، هر ڪو پنهنجي سِرَ بچائڻ ۾ پورو هو، پاڻي ۾ چپڪا هيا، ڀاڄ هئي......... حاجران کي ڪجھ به ياد نه هيو نه دهري، نه چوڙيون، نه هس، نه جھومڪ ....... سدوريءَ جي ڏاج جو سارو سامان جيڪو وڏن سورن سان ٺاهيو هئائين ان وقت کيس ياد ئي نه آيو جو پاڻي ٻرانگھون ۽ ٻاڪون هڻندو چڙهندو پئي ويو، ان گھڙيءَ سرن جي سلامتي ئي ڏاج ۽ ڏيوڻ هيو. سدوري هيسيل هرڻيءَ ٿي پئي هئي، سندس دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي، هن جا نيڻ سڙي رهيا هئا، خواب سڙي رهيا هئا، من سڙي رهيو هو...... ۽ پاڻي تيزيءَ سان چڙهي رهيو هو. جھٽ ۾ گوڏي کان چُتر ۽ چيلھ تائين پهچي ويو..... ماءُ ڌيءُ کي چيلھ جيڏو پاڻي اچي ڪلهن تار ٿيو، حاجران پاڻيءَ ۾ هئي، سدوري سير ۾ هئي، ڄڻ سهڻي سير ۾ هئي..... هو پاڻي جھاڳينديون رڙهنديون، رڙنديون، روئينديون ۽ رمنديون رهيون.....
محمد خان چئن ڏينهن کان ڪراچيءَ جي ڪيمپ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل آهي، هن جا چپ سبيل آهن ۽ اڃا نيڻ سُڪيا ناهن.


No comments:

Post a Comment