Friday, September 14, 2012

ڳالهه پنهنجي ۽ ٻين جي - منظور ڪوھيار


ڳالهه پنهنجي ۽ ٻين جي
(منظور ڪوھيار جي ڪھاڻي ڪتاب سج لھڻ کان پوءِ جو مھاگ)

راجندر سنگهه بيدي، پنهنجي افسانن جي مجموي ”مڪتي بوده“ ۾ افساني ۽ شعر جي هيٺين ريت تشريح ڪئي آهي:
”افساني ۽ شعر ۾ ڪوئي فرق ڪونهي، آهي ته صرف ايترو ته شعر ننڍي بحر ۾ ٿئي ٿو ۽ افسانو هڪ اهڙي ڊگهي ۽ مسلسل بحر ۾، جيڪو افساني کي منڍ کان وٺي، آخر تائين وٺي هلي ٿو“.


جڏهن به ڪو مون کان پڇندو آهي ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ته آ چوندو آهيان ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪوئي فرق ڪونهي. آهي ته صرف ايترو ته افساني جو دائرو ننڍو ۽ ڪهاڻي جو دائرو وسيع آهي. جيئن يوڊرالٽي چيو آهي:
”ڪهاڻيون پنهنجي گهڙاوَ ۽ وڙاءَ جي لحاظ کان، ائين آهن جيئن آسمان تي وکريل ستارا...“.
ڪهاڻيءَ جي شروعات اوهان لکت جي حوالي سان ڪٿان به ڪري سگهو ٿا. پراڻي انجيل ۾ لکيل حضرت يوسف جي قصي کان يا سميرين جي سبق آموز ڳالهين کان. هندو ديومالائي ڪٿائن کان، يا يوناني ۽ رومين جي ايسپ جي آکاڻين کان. ڪهاڻيءَ ۾ ڏاڍي  لچڪ آهي. ڪپلنگ جي ٽيلس کان وٺي، چيخوف جي تيز ۽ تند شارٽ اسٽوري تائين، ورجينا وولف جي تاثراتي اسڪيچ کان وٺي ساروان جي لکڻين ۾ ڏنل معمولي عڪس تائين. انهيءَ ڪري، مون افساني لکڻ جي بجاءِ ڪهاڻي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. محدود دائري ۾ بند ٿيڻ جي بجاءِ، وسيع دائري ۾ ڦيراٽيون پائڻ کي ترجيح ڏني آهي.
زندگيءَ جي پهرين ڪهاڻي، جنهن کان آ متاثر ٿيس، سا منهنجي ماءُ جي ٻڌايل آهي. ڏاڍي عجيب ۽ غريب، طلسماتي، سچي، سماجي، نفسياتي، علامتي، جذباتي، وقعاتي، ... اها ڪهاڻي، مون ان وقت ٻڌي هئي، جڏهن مان ساڍن چئن سالن جو هيس. هڪ ڏينهن منهنجي ماءُ پنهنجين ڪرائي ۾ پهريل رنگ برنگي چوڙيون کٽ جي ٻانهن تي هڻندي پئي ڀڳيون. آ حيرت ۽ ڪنهن اڄاتي خوف وچان تڪيندي کانئس پڇيو؛ ”امان، چوڙيون ڇو ٿي ڀڃين؟“
هن روئيندي ٻڌايو هيو:
”پڻهين، پاڻ کان رُسي، پَرَن واري گهوڙي تي چڙهي آسمان ڏانهن اُڏري ويو آهي“. ان ڏهاڙي کان وٺي، هر روز شام جو ڪوٺي تي چڙهي، پيءُ جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهيس، نيري گگن ۾، نيڻ نهار تائين گهوريندي..... مون کي يقين هيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن هو ضرور موٽي ايندو. روز روز جي آڏي پڇا تي، هوءَ وئي ڪهاڻيءَ کي اينگهائيندي ۽ طويل ڪندي. ايستائين جو آ ۲۸ سالن جو ٿيو هيس ۽ پنهنجي ماءُ جي ٻڌايل ڪهاڻيءَ کي ڪوڙو ۽ جڙتو سمجهي ويٺس. هڪ ڏينهن آ جيئن گهر ۾ گهڙيس ته منهنجي ماءُ اندرين ڪمرن مان ڀڄندي آڳر تي اچي، ٻانهن پڪڙي چوڻ لڳي:
”تون چوندو هئين، منهنجي ڪهاڻي ڪوڙي آ ... هلي پنهنجي اکين سان ڏس، پڻهين موٽي آيو آهي ....“ 
ماءُ سان گڏ اندرين ڪمري ۾ داخل ٿيس. منهنجي جوءِ جي ڀر ۾ ناڙي وڍيل، نئون ڄاول ٻار مٺيون ڀڪوڙيندي ڄنگهان هڻي رهيو هو. مون مشڪي، ٿڌو ساهه کڻندي، ماءُ کي ڏٺو ۽ دل ۾ چيو: ”امان، واقعي تنهنجي ڪهاڻي سچي ۽ لاجواب آهي. اهڙي بهترين پڄاڻيءَ واري ڪهاڻي ته نه آ پڙھي ۽ نه وري ٻڌي آهي.“
تڏهن لاڪون، مان انهيءَ نظريي تي قائم آهيان ته، دنيا جي پهرين ڪهاڻيڪارھ عورت هوندي، سا به گهڻو ڪري ماءُ. جنهن پنهنجي ٻارن کي سرچائيندي ۽ پرچائيندي، نه ڄاڻان ڪيتريون اڻ کٽ ڪهاڻيون ٻڌايون هونديون. ان ڪري منهنجو اهو به مفروضو آهي ته دنيا جا اڪثر ڪهاڻيڪار، ڀل کڻي اعتراف نه ڪن، پر پهريائين پنهنجين مائرن جي ڪهاڻين کان متاثر ٿيا هوندا.
رواجي ڪهاڻي لکڻ جي شروعات، ادبي گڏجاڻين مان ڪئي. پهرين ڪهاڻي ’سرڳواسي طوطارام‘، بزم شهباز ۾ گهڻو ڪري ۱۹۷۴ع ۾ پڙهي. بزم شهباز جون گڏجاڻيون مرحوم قلندر بخش بدوي، پنهنجي اوطاق تي ڪرائيندو هو. ڏاڍو ملنسار ۽ وڏي ڇاتيءَ وارو شخص هو. لاهوري محلي جي پوڙهن، اڌڙوٽن، اورچ، اجهل ۽ کينچلن ڇوڪرن کي سڏي ويهاريندو هو. اڄ تائين منهنجو پاڙيسري دوست سهيل (محمد حسين مڪاني) مون کي ياد ڏياريندو آهي؛
”ڪيئن تون پڪي راڳ جي محفل ۾ ٽهڪ پئي ڏنا. سائين، ڪيئن تو کي سڀن اڳيان، خانصاحب خورشيد علي خان جي سامهون ويهاري سُڪَ ڪري ڇڏيو“. سندس ئي شخصيت جي اثر ۽ تربيت جي ڪري، ڪجهه نه ڪجهه محفلن ۽ گڏجاڻين ۾ اٿڻ ويهڻ جهڙا ٿياسين.
جيئن چيو ويندو آهي ته سَن مان ساءُ ايندو آهي. انهيءَ ساءَ، روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ ڇڪي آندو، روح رهاڻ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون، علي گوهر آباد محلي ۾، مرحوم افضل قادري جي جاءِ جي ڪچي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن تي ٿينديون هيون. افضل قادري، واجد، سليم ڪورائي، رزاق مهر، زيب سنڌي، جليل ڪورائي، غفار عباسي گجڻ پور وارو، ممتاز ابڙو ۽ ٻيا ڪيترا ئي ساٿي ڪچين، ڀتين کي ٽيڪ ڏيئي پنهنجيون تخليقون پڙهندا هئا. جن اتي گرم نرم تبصرا ڏٺا ۽ ٻڌا، تن کان نه وسرندا، اهي جوش ۽ جولانيون. ڪيهر شوڪت، ڪراچيءَ مان ڪهي روح رهاڻ جون گڏجاڻيون اٽينڊ ڪرڻ ايندو هو. ڪيهر شوڪت کي، انهيءَ زماني ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو جنون هيو. هوڪا ڏيئي چوندو هيو؛ ”فلابيئر جو مادام بواري پڙهو!..... ٽالسٽاءِ جو وار اينڊ پيس پڙهو!.....ترگنيف جو فادر اينڊ سن!..... موپسان جو اسٽوري ٽيلس اٽ سيلف... يار، ڏاڍا زبردست ڪتاب اٿو. منهنجا ته لڱ ڪانڊاري ڇڏيا ٿئون!.....“ سنگت ڪڏهن عمل ڪندي هئي، ڪڏهن نه. ڇو ته سنگت جا سدائين لڱ ڪانڊاريل ۽ اکيون ڳاڙهيون هونديون هيون.
منهنجو ملڪ آگاڻي، آگاڻين مان ڪانڀ ڪڍي اچي ويهندو هيو. سنگت کي انقلاب لاءِ سڌارا ٻڌائي ويندو هيو. سندس وئي کان پوءِ، ترت ئي ٻئي ڏينهن سنگت تماچي هوٽل ۾ ويهي، هڪ هڪ ڪري سڀئي سندرا ڇوڙي اڇلائي ڇڏيندي هئي.
منهنجي پهرين ڪهاڻي، سليم ڪورائيءَ جي ڪلاڪار پبليڪيشن ۾ ڇپي. ٻي ڪهاڻي، رزاق مهر جي نئين دنيا پبليڪيشن ۾ شايع ٿي. ٽين ڪهاڻي ”اديون“ رسالي ۾ ”هيري سندي هير“ جي عنوان سان، جيڪا گهتي ٻار جي عنوان سان ڏنل آهي. چوٿين ڪهاڻي لاڙڪاڻي جي ڪنهن لوڪل اخبار ۾ آئي. ھاڻ نه ان اخبار جو نالو ياد آهي ۽ نه ڪهاڻيءَ جو. گهڻو ڪري ته اهو زمانو ۱۹۷۵ع يا ۱۹۷۶ع جو هو.
۱۹۷۹ع ۾ آ سموري سنگت کان ائين ڪاٽا ٿي ويس جيئن غريب مقام مان لغڙ ڪاٽا ٿي، گجڻ پور پهچي، پاڻ زورن ڇورن جي ڇڪ ڇڪاڻ ۾ پرزا پرزا ٿي وڃي. پنهنجي شخصيت به ائين پرزا پرزا ٿي وئي. نه راند روند، نه لکڻ نه پڙهڻ، نه گهمڻ نه گهتڻ. نوڪري ڪندي، زندگي ڄڻ بي گار ڪئمپ ٿي وئي.
جڏهن نوڪريءَ سانگي، ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور کان ٿيندو سکر پهتم، اباڻي لاڙڪاڻي، هڪ نه ٻئي ڏينهن اچ وڃ ٿيڻ لڳي. پراڻي سنگت سان ميل جول شروع ٿيو ته ساڳيو ڳن ڪهاڙيءَ ۾ پئجي ويو. آ ۱۹۸۹ع ۾ ميگهه ملهار ادبي سنگت جو بنياد رکيو. پراڻي سنگت کي ورائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو ته آزمائشي طور تي لکيل ڪهاڻيون دوزخ جو ترو ۽ ايڪسپلينيشن ڪال، پهريائين لطيف ڊائجسٽ ۾ ڇپيون. ان ڪري سڌي يا اڻ سڌي طرح، مون کي ڪهاڻيڪار جي لوڌ ۾ ورائڻ جو ڏوھ علي احمد بروهي صاحب تي آهي. ڪالم لکڻ لاءِ همت افزائي ۽ عزت افزائي هدايت منگي ڪئي. ان ڪري ۱۹۸۹ع جي آخري مهينن ۾، ”فڪر ڦرهي هٿ ۾“ ڪالم، هلال پاڪستان ۾ ڇپجڻ لڳو. ائين ڪالم نويسن جي وڳ ۾ قطارجي ويس.
محمد علي پٺاڻ جي ساٿ به جوش خروش پيدا ڪيو. ڪجهه ترجما، سفرنامي جون قسطون، تبصرا، مضمون ۽ شعر به لکيم. پر پوءِ دل گهرين دوستن جي انهيءَ تنقيد تي به ڌيان ڌريم ته فني خان ٿيڻ جي بجاءِ، مون کي ڪنهن هڪ اڌ فيلڊ ۾ لکڻ گهرجي. سنگت جي سهڻي صلاح کان پوءِ، پاڻ کي محدود ڪيم؛ ڪهاڻي ۽ تحقيقي مضمونن تائين.
لکڻ لاءِ، وڌيڪ سنجيدگيءَ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾، جناب اياز حسين قادري، ڪامريڊ سوڀي گياچنداڻي، غلام نبي مغل، بدر ابڙي، يوسف سنڌي، همسفر گاڏهي، انعام شيخ ۽ انعام عباسي جو به هٿ آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو ۽ شاخ لاڙڪاڻي جي سنگتين ساٿين جي مٺين کٽين تنقيدن به تخليقي اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. توڙِي جو ساڻن رسڻ پرچڻ جي ريت به رهي آهي. جيڪا سڄي سنڌ جي اديبن جو الميو چئو. پر پوءِ خاص، مسئلن ۽ موقعن تي هڪ ٿيڻ وارو ڪردار به رهيو آهي ۽ وساري ويهڻ سڀيئي حڪايتون شڪايتون رسول حمزاتوف جي انهيءَ شعر جيان:
Possibly your friend was hasty
And, offending, you by chance
When he saw his fault, confessed it
Don’t look at him askance,
 پنهنجي ڏيٺ ويٺ ۽ سنگت ساٿ کان سواءِ، جن شخصن اڃا اعتماد وڌايو، انهن ۾ امر جليل ۽ رسول بخش پليجي جهڙيون مهان ادبي شخصيتون به آهن، ته سڄاڻ پڙهندڙ به. جن جو مون کي تصور به ڪو نه هو ته ڪو لابي ازم واري دور ۾ اهڙا الهه لڳ ڳالهائڻ وارا ماڻهو به ٿي سگهن ٿا. مون کي ڪنهن به قسم جي، ڪا به غلط فهمي ڪونهي ته آ ڪو وڏو اديب آهيان، آ ته اڃا ليکڪ آهيان. جنهن جي سادي وصف آهي ته :
 A person, who writes is a writer.
سچ ته اهو آهي ته مون اڃا ايمانداري ۽ گهرائيءَ سان انهن موضوعن کي ڇهيو ئي ڪونهي. جيڪي منهنجي ذهن ۾ ڪهڪشائن ۽ ستارن جي جهرمٽن جيان محفوظ آهن ۽ نه وري ٻوليءَ جي انهي سگهه، حسن ۽ جمال کي استعمال ڪري سگهيو آهيان، جيڪا مون سکي آهي. مون کي احساس آهي ته هڪ ليکڪ مان ڦري اديب ٿيڻ لاءِ، مون کي پينٽر مان ڦري انهيءَ مصور جيان ٿيڻو پوندو، جيڪو ٻن اکين سان گڏ ديوتائن واري ٽين اک به رکندو هجي ته جيئن پاڻ ۽ پنهنجي سماج کي صحيح تصوير ڏيکاري سگهي. انهن لطيف احساسن ۽ جذبن کي اڀاري سگهي، جيڪي هن نفسانفسي واري دور ۾ گهٽبا ۽ مرندا ٿا وڃن.
با عمل اديب ٿيڻ لاءِ ته انهيءَ چوٿين اک کي به کولڻو پوندو، جيڪا ديوتائن وٽ به ڪونهي. جيڪا صرف ڌرتيءَ جي انهن ڪلاڪارن ۽ اديبن وٽ هوندي آهي، جيڪي جيڪو چوندا آهن، سو ڪري ڏيکاريندا آهن.

منظور حسين ”ڪوهيار“
هائوس نمبر سي-۵۹۷
لاهوري محلو، لاڙڪاڻو 

No comments:

Post a Comment