Monday, October 1, 2012

محبت جو ڪَکُ - او هينري - ممتاز لوهار


محبت جو ڪَکُ
او هينري
ممتاز لوهار
”بلو لائيٽ“ دوائن جو اسٽور، ٻن گهٽين جي ملڻ واري جاءِ تي جوڙيل اسٽور. بلو لائيٽ دواخاني ۾ اوهان کي صابڻ، پرفيوم ۽ آئيس ڪريم ڪانه ملندي. ائين به ناهي ته توهان ڪنهن مرض جي خاتمي جي دوا گهرندا ۽ هُو توهان کي ڪا دوا جي شيشي ڏئي ڇڏيندا. اڄڪلهه جا ميڊيڪل اسٽور يا اهڙا دواخانه اتي دوائون ٺاهي ڏيڻ جهڙي جنجهنٽ ۾ ڪو نه ٿا پون. بس اوهان جي وڃڻ جي دير آهي. توهان کي سيرپ، ٽيبليٽ يا ڪيپسول ڏئي ڇڏيندا. مگر بلو لائيٽ وارا ان خيال جا ناهن. اتي اڄ به دوائون اوهان جي موجودگيءَ ۾ ٺاهي ڏنيون وڃن ٿيون. هي اسٽور اهڙي هنڌ آهي، جتي نوجوان اچي کيڏندا آهن ۽ اچي گوڙ ڪندا آهن ۽ راند پوري ڪري مفت مٺيون ٽڪيون وٺڻ لاءِ هٿ ٽنگي بيهندا آهن. مسٽر اڪي بلولائيٽ اسٽور ۾ رات جو ملازمت ڪندو آهي. هو پنهنجي گراهڪن جو مخلص دوست پڻ آهي. ڪنهن کي مشوري جي ضرورت هوندي آهي ته ڏئي وٺندو آهي. اصل ڪونه لنوائي. گراهڪ هن جي عقل ۽ هوشياريءَ مان متاثر آهن. توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن ته هن جون ٺاهيل دوائون چکڻ کانسواءِ ئي نالي ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن. بهرحال، هن جو وڏو نڪ ۽ علم جي بار سبب جهڪيل جسم، ننڍن ڳوٺن ۾ مشهور هيو ۽ صلاح مشوري لاءِ ماڻهو اڪثر ايندا رهندا هئس.


اڪي پنهنجي دڪان کان ڪجهه قدم پري مسز رڊل جي مسواڙي جاءِ ۾ کائڻ، پيئڻ ۽ رهڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. مسز رڊل کي هڪ ڌيءُ هُئي، روزي نالي. اوهان سمجهي ويا هوندا ته پوءِ اڪي صاحب ضرور روزيءَ جو ديوانو هوندو. هوُءَ هنن جي سمورن زخمن جي مرهم هئي. ڄڻ ته طب جو ٺهيل مڪسچر هئي. هن جي سڄي اسٽور ۾ روزي جهڙي ناياب ۽ قيمتي ڪابه دوا ڪانه هئي. اڪي هر وقت خوش رهندڙ ماڻهو هو. پنهنجي ڪائونٽر تي جڏهن هو بيهندو هو ته پوءِ خير ٻي ڳالهه هئي. ڇو ته ان مهل هن کي پنهنجي علم ۽ تجربي جو غرور به هوندو هو، پر دڪان کان ٻاهر ته هو ويچارو ۽ مسڪين لڳندو هو. گاڏين جي ڊرائيور جون رڙيون ٻڌندڙ معمولي شخص ويڪرا ڪپڙا جن تي ڪيترن ئي دوائن جا داغ ۽ انهن مان ڌپ ايندي هئي.
مگر اڪي جي رستي ۾ هڪ ڪنڊو بڻيل هو ۽ اهو هيو مسٽر چنگ جيڪو پڻ مس روزي جي نهار جو اميدوار هو، مگر هو اڪي وانگر رڳو پري جي نظارن تي زندگي نه گذاريندو هو. بلڪه هر شيءِ کي ويجهي کان ڇهڻ، ڏسڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو عادي هو. ان سان گڏوگڏ هو اڪي جو دوست ۽ گراهڪ پڻ هو ۽ جيڪڏهن بازار ۾ گهمندي ڪڏهن کيس ڪو ڌَڪُ يا رُهِنڊَ ايندي هئي ته هو دوا دارونءَ لاءِ اڪي وٽ ئي ايندو هو.
هڪڙي شام چنگ ائين ئي بي فڪر گهمندي گهمندي گنگنائيندو بلو لائيٽ اسٽور پهتو. سڌو وڃي هڪ اسٽول تي ويٺو، رڙ ڪري چيائين:
”اڪي!...“
۽ اڪي پنهنجي امام دستي سميت جنهن ۾ هن ڀاڄين مان دوائون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي، کڻي اچي هن جي سامهون ويٺو.
”ٻُڌُ.... ڪَنَ هيڏي ڪر... مون کي دوا گهرجي.“
اڪي غور ڪري چنگ جي چهري ڏانهن ڏٺو. مگر چهري تي ڪنهن به زخم جو ڪوبه نشان ڪونه هو، جنهن مان کيس سُڌ پوي ته هن ڪنهن سان جهيڙو ڪيو آهي، نيٺ هُن پڇيس:
”ڪوٽ لاهه.... لڳي ٿو ڪنهن توکي چاقو هڻي ڪڍيو آهي.... توکي ڪيڏا ڀيرا جهليو اٿم ته انهن هوٽلن ۾ ايندڙ غنڊن هٿان تون هڪ ڏينهن ضرور مرندين.“
”نه... اها ڳالهه ناهي...“ چُنگ کلندي چيو، ”هوٽل جي غنڊن ڪجهه به ناهي ڪيو، مگر تنهنجو اندازو بلڪل درست آهي. زخم ڪوٽ هيٺان آهي ۽ سيني ۾ پيارا اڪي! مون ۽ روزي اڄ رات گهران ڀڄي نڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي.“
امام دستي ۾ ڄڻ اڪي جي دل اچي وئي هئي، ٻڌڻ ساڻ ئي ساهه سُڪي ويس. اها به خبر نه پيس ته امام دستي ۾ آڱر اچي وئي آهي، جنهن تي چنگ جي چهري تان مُرڪ اڏامي وئي، شڪ ۽ حيرت هن جي چهري تي ڇانئجي ويا.
”مگر شرط اهو آهي ته تيستائين ان وچ ۾ هن جو ارادو نه تبديل ٿي وڃي. هڪ هفتي کان اهو تماشو هلي رهيو آهي جو صبح جو هُوءَ ها ٿي ڪري ته شام جو وري جواب ٿي ڏئي ڇڏي. اڄ نيٺ رات جو ڀڄي هلڻ تي راضي ٿي آهي. لاڳيتو ٻن ڏينهن کان هُوءَ ها ڪندي ٿي اچي. پوءِ به اڃا مقرر ڪيل وقت ۾ پنج ڪلاڪ باقي آهن ۽ مون کي ان ڳالهه جو ڀئُه آهي ته عين ٽائيم تي ان جو خيال تبديل نه وڃي.“
”تو ڇا پئي چيو، ڪا دوا پئي گهرئي؟“
اڪي چيس.
چنگ جي چهري تي مونجهاري جون لڪيرون اڀري آيون. هن جي آڱر دوائن جي لسٽ مٿان ڦرندي رهي، چيائين: ”مان ناڪاميءَ جو عذاب ڀوڳي ناهيان سگهندو. هڪ محلي ۾ مون هڪ گهر به وٺي ڇڏيو آهي. ڪمري ۾ هڪ ميز تي گلدستو به رکي آيو آهيان. رڌڻي ۾ ديڳڙي ۾ کاڌو به رکي آيو آهيان، مون هڪ پادري صاحب کي به تيار ڪري ڇڏيو آهي. هو نائين وڳي پنهنجي گهر ۾ منهنجو انتظار ڪندو. هن سڄي پروگرام ۾ ڪابه گڙٻڙ نه ٿيڻ گهرجي. مون کي ته رڳو ان ڳالهه جو کٽڪو آهي ته روزي جو ارادو نه بدلجي وڃي.“ چنگ جو چهرو شڪ جي گهنجن ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ”اڃا تائين مان اهو سمجهي ناهيان سگهيو، آخر توکي دوا ڇا جي لاءِ گهرجي.“ اڪيءَ سنجيدگيءَ منجهان چيو: ”مان تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان.“
”ٻُڌُ! ڇوڪريءَ جو پيءُ ته منهنجو منهن ڏسي سڙيو وڃي، هڪ هفتي کان هن روزيءَ کي پير به ٻاهر ڪڍڻ ناهي ڏنو. ٻيو مسواڙي ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي نه ته مون کي ٻه لتون وهائي پنهنجي ڏنل جاءِ مان ڪڏهوڪو ڪڍي ڇڏي ها. مان سؤ ڊالر هفتي ۾ ڪمايان ٿو ۽ جيڪڏهن هُوءَ گهر ڇڏي مون سان ڀڄي نڪتي ته ان ڳالهه جو کيس ڪڏهن به پڇتاءُ نه ٿيندو.“
”چڱو سائين! ڀلا مان وڃان. مون کي هڪڙي صاحب لاءِ دوا ٺاهڻي آهي.“ اڪيءَ چيس.
”اڙي يار! ترس ته سهي.“ چنگ رڙ ڪندي چيس، ”ڇا ڪا اهڙي دوا آهي يا ڪوئي ڪَکُ وغيره، جنهن جي کائڻ کانپوءِ محبوب عاشق جي پيرن تي اچي ڪري؟“
”اڪيءَ جا چپ احساسِ برتريءَ منجهان سڄُي ويا. هينئر هن جي ڏاهپ، ڄاڻ ۽ علم جن اعتراف ٿي رهيو هو، پر چُنگ کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ بدران پاڻ ڳالهائيندو رهيو. ”مون کي هڪ دوست ٻڌايو آهي ته هن شجر هڪ حڪيم کان اهڙو ڪَکُ ورتو جيڪو بوتل ۾ ملائي پنهنجي محبوبا کي پياري ڇڏيائين. اک ڇنڀ ۾ اهو ڪمال ٿي ويو جو ان جي محبوبا هن جا پير چٽڻ لڳي ۽ رقيب ڏسندا رهجي ويا. ٻن هفتن ۾ هنن جي شادي پڻ ٿي وئي.“
چنگ ڦڙت جرنيل وانگر ٿي پيو، جيڪو دشمن جي قلعي تي حملي ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هجي. هر طرح کان مطمئن ٿيڻ ٿي چاهيائين. ڇو ته ڪنهن هڪ پاسي کان غفلت به شڪست جو سبب بڻبي آهي.
”مان چاهيان ٿو، اگر مون کي به روزي جي لاءِ اهڙي قسم جو ڪو ڪَکُ ملي وڃي ته مان اڄ رات مانيءَ مهل ان کي کارائي ڇڏيان ته جيئن هوءَ مون کي ڀڄي هلڻ ۾ بي وفائي نه ڪري. اگر ڪابه دوا رڳو ٻن ڪلاڪن جي لاءِ اهڙو اثر ڏيکاري ته به مون لاءِ گنج آهي، چنگ چيس.
”اهڙو ڪارنامو يعني ڀڄڻ جو پروگرام ڪهڙي مهل رٿيو اٿئي؟“ اڪي پڇيس.
”نائين وڳي“ چنگ چيس ”ستين وڳي رات جي ماني کائينداسين، اٺين وڳي روزي مٿي جي سور جو بهانو ڪري سمهڻ هلي ويندي، نائين وڳي مان گهر پويان هڪ ڪنڊ کان بيٺو هوندس.
هن سان طئي ٿيل آهي. هُوءَ اتان رڊل جي گهر مان ايندي، ڇو ته وچ ۾ هڪ جاءِ تان ديوار ڊٿل آهي. مان روزي جي ڪمري جي دريءَ هيٺان وڃي بيهندس ۽ هُوءَ اتان رسي جي مدد سان هيٺ لهي ايندي، ان کانپوءِ اسان کي تمام تڪڙو پادري وٽ پهچڻو پوندو. جيڪڏهن روزي ڪٿي به ساٿ نه ڇڏيو ته ان سڄي منصوبي ۾ ڪابه ڏکيائي ڪانهي. بس اڪي تون رڳو مون کي محبت وڌائڻ لاءِ اهڙي قسم جو ڪوئي ڪَکُ ڏئي ڇڏ.“
اڪي پنهنجو نڪ مهٽڻ لڳو.
چنگ! نيٺ هن ڳالهايو، ”اهڙي دوائن لاءِ دوا ٺاهيندڙن کي تمام گهڻو احتياط ڪرڻ گهرجي، مگر تون جيئن ته منهنجو جگري يار آهين، ان ڪري توکي مان اهڙو ڪک ٺاهي ٿو ڏيان ٻئي ڪنهن کي هرگز نه ڏيان ها. تون ڏسجانءِ ته ڪيئن نه ڪک کائڻ کانپوءِ روزيءَ کي سٺي دنيا ۾ رڳو تون نظر ايندين.“
اڪي اتان اٿي دوائن جي نسخن واري هنڌ آيو. هن اتان ٻه ٽڪيون کڻي انهن کي ڪُٽي انهن مان ڪک تيار ڪيو، انهن ۾ چوٿون حصو هن آفيم جو ملائي ڇڏيو هو. ذائقي بدلائڻ لاءِ هن ان ۾ کنڊ ملائي ڇڏي ۽ ٻن اڇن پنن ۾ ويڙهي ڇڏيائين. هر ڪک ۾ آفيم ايترو ملائي ڇڏيو هئائين جو ڪوبه ماڻهو کائي ته ڪجهه ڪلاڪ کونگهرا هڻي خوابن ۾ هليو وڃي. اهي ڪک هن چنگ کي ڏئي ڇڏيا ۽ چئي ڇڏيائينس ته ڪک ڪنهن رنگ واري مشروب ۾ کيس پياري ڇڏي.
چنگ جي وڃڻ کانپوءِ اڪي جيڪو ڪجهه ڪيو، ان مان لڳو ٿي ته هو ڪيڏو چالاڪ ماڻهو آهي. هن هڪ ماڻهو رڊل ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ان نياپي سان ته اڄ رات اوهان جي نياڻي جناب چنگ سان گڏ ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪري ويٺي آهي. اوهان کي اطلاع ڏيڻ منهنجو فرض هو، وڌيڪ اوهان جي مرضي.“
مسٽر رڊل ڏنڊو ڏوٽو ورزش ڪندڙ ماڻهو هو، جيڪو دل چوندي هئس ڪري ڏيندو هو. هن اڪي جا ٿورا مڃيا ۽ چيائين، ”مان ان لوفر کي مزو ٿو چکايان. منهنجو ڪمرو روزي جي ڪمري جي مٿان آهي، رات جي ماني کائي مان رائيفل کڻي ويهي رهندس ۽ ٻنهي پاسي کان منهنجي گهر آيو ته هتان هو گهوٽ جي گاڏيءَ بدران ايمبولينس ۾ واپس ويندو.“
اڪي ان لمحي سڄو لڪاءُ ڏسڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. هو ته هيڏانهن روزي ڪجهه ڪلاڪن جي لاءِ گهري ننڊ ۾ هلي وڃي ۽ هوڏانهن مجنون جي رت جو اُڃارو، روزيءَ جو پيءُ، جنهن کي هن اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو هو، سو چنگ جو ان مهل گهٽو ڏئي ساهه ڪڍي ڇڏي ۽ ائين هي رقيب پنهنجي منزل ماڻي ۽ رستو صاف ٿي وڃي.
رات سڄي هو بلو لائيٽ دواخاني ۾ ويهي انتظار ڪندو رهيو ته ڄاڻ ان حادثي جي ٿي خبر پوي، پر سڀ بيڪار ويو ڪا خبر نه پئي.
صبح جو اٺين وڳي صبح واري ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ ٻيو ملازم پهتو. اڪي دڪان ان جي حوالي ڪري پاڻ سڌو رڊل جي گهر ڏانهن اهو ڄاڻڻ لاءِ هليو ته آخر رات ڇا ٿيو، پر هن اڃا اسٽور تان پير لاٿو ئي مس ته خود چنگ هڪ بس مان لهي هن وٽ آيو ۽ فاتحن واري انداز سان مرڪندي چهري تي چمڪ آڻي ٿورا مڃيندي چيائين، ”وڏا! سڄو ڪم ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو. روزي مقرر وقت تي هيٺ لهي آئي ۽ اسان پادري صاحب وٽ ٺيڪ نائين وڳي پهچي وياسين، هاڻ هُوءَ هارلم محلي ۾ ورتل نئين جاءِ ۾ آهي. اڄ صبح هن جي هٿن جي تيار ٿيل نيرن کائي نڪتو آهيان. مزو اچي ويو. خدا جو قسم منهنجي ته قسمت کلي پئي. يار اڪي ڪڏهن اسان وٽ هليو اچ ۽ اسان سان گڏجي ماني کاءُ، هن مهل مان پُل جي پريان پنهنجي ڊيوٽي تي وڃي رهيو آهيان.“ ”ان جي ڪکن جو تو ڇا ڪيو هو؟“ اڪي هٻڪندي پڇيس.
”اڙي! انهن ڪکن لاءِ ٿو پڇين نه، جيڪي تو ڏنا ها؟“ چنگ جون واڇون ٽڙي ويون. ٿيو ائين جو رات اسان رڊل جي گهر ماني کائڻ ويٺاسين ته مون سوچيو، اڙي يار چنگ! ڇوڪريءَ کي اهڙو ڌوڪو ڏيڻ ٺيڪ ناهي، اهڙي پياري ڇوڪري آهي، ان سان ائين نه ڪرڻ گهرجي. ان مهل مون کي هن جي پيءُ جو خيال ذهن ۾ آيو، جنهن جي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪا محبت ڪانه ٿي نظر آئي، تنهن ڪري مون موقعو ملندي ئي اهي ٻئي ڪک رڊل جي چانهه واري ڪپ ۾ ملائي ڇڏيا. ٺيڪ ڪيم نه؟“

No comments:

Post a Comment