Wednesday, October 10, 2012

راڻي - مشتاق گبول


راڻي
مشتاق گبول
هن کي جڏهن مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته، ڏسندي ئي مون کي قرت العين حيدر جي ناول (سيتا هرڻ) جي هي سٽ ياد اچي وئي هئي ته : ”نوجوان عورت، شعلي جي لاٽ مثل آهي، اي آتما! تون انهيءَ جو پروانو بڻج“
قد جي ڊگهي، ڀريل بت سان ڏسڻ ۾ ايتري خوبصورت ڄڻ ڪوهه ڪاف جي پري هجي. انهي ڪري مان کيس ”راڻي“ سڏيان ٿو، اهو نالو توڙي جو هن جو اصل نالو ناهي. پوءِ به پيار ۾ رکيل اهو نالو منهنجي لاءِ نغمو آهي. منهنجي لاءِ گيت آهي ۽ منهنجي دل جي هر ڌڙڪن سان اهو ئي نانءُ ”راڻي، راڻي، راڻي“ ڌڙڪي پيو. منهنجي دل ڌڙڪي پئي، يا هن جي نانءَ جو ورد ڪري پئي! ”پابلو نرودا“ جو نظم آهي ته:


”مون تنهنجو نانءُ ”راڻي“ رکيو آهي
تو کان وڌيڪ به دنيا ۾ ڊگهيون آهن،
گهڻيون ڊگهيون.
توکان وڌيڪ به دنيا ۾ سچيون آهن
وڌيڪ مخلص.
توکان وڌيڪ به دنيا ۾ سندر آهن،
دلربا حسينائون.
پر تون ”راڻي“ آهين.
جڏهن تون ڳلين مان گذرندي آهين
ته توکي ڪوبه سڃاڻيندو نه آهي
ڪنهن ۾ به تنهنجو چمڪندڙ تاج نظر نٿو اچي.
جڏهن تون نظر ايندي آهين.
سمورا درياهه گنگنائڻ لڳندا آهن.
منهنجي جسم ۾ گهنٽيون وڄنديون آهن.
جن جو آواز اڀ کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي،
۽ گيتن جي آواز سان دنيا ڀرجي ويندي آهي.
بس تون ۽ مان.
تون ۽ مان، منهنجا محبوب
منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏي.“
هن جي چپن جي ڪنڊ ۾ مرڪ جو سونهري ڪرڻو هميشه ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اکيون وڏيون ۽ گهريون ايتريون وڏيون ۽ گهريون جو سمنڊ وانگي لڳن ۽ انهن اکين کي ڏسندڙ پنهنجون اکيون مون کي ندي وانگي لڳنديون آهن. مان هن جي اڌ ٻوٽيل اکين بابت ناول ”سيتا هرڻ“ جون سٽون لکندس ته: ”هن جي اڌ ٻوٽيل اکين جي ماڻڪي، ايئن آهي ڄڻ ڪنول جي گل تي ڀونئر ويٺو هجي. وهنجڻ کانپوءِ سندس اکيون، ڪجل لڳڻ سان ايئن لڳنديون آهن، ڄڻ ڪنول گل تي سيندور لڳل هجي.“
اڃا به اهو لکندس ته اکيون اهڙيون خوبصورت جو شيخ اياز چواڻي: ”مون هن جهڙيون سهڻيون اکيون ڪٿي به نه ڏٺيون آهن. ڪوههِ ندا جي صدا جهڙيون اکيون، ”فنا في الوجود“ جهڙيون اکيون، سرمد جي مستي جهڙيون اکيون!“
اکين جا ڀروون بلڪل ڇڊا اهڙا جو ڏسندي لڳي ته ڄڻ ڪجل جي ليڪ نڪتل آهي. چپ اهڙا خوبصورت ۽ تازگي ڀريل ڄڻ گلاب، مکڙي مان ٽڙي گل ٿيا آهن. ڏند موتين لڙهيون ۽ انهن ۾ هڪڙو موتي اڌ ٽٽل آهي. راڻي گهڻي ڀاڱي ميڪ اپ کان پري آهي. نازڪ ۽ نفيس ايتري جو سرخي هڻڻ سان سندس چپ سڄي ۽ پچي پون.
ڪپڙا جهڙي به رنگ جا پائي، ايئن لڳي ڄڻ اهو رنگ هن جي لاءِ ٺهيو آهي. اڃان به مان ايئن چوندس ته هوءَ رنگن کي معنيٰ ڏيندي آهي. هوءَ رنگن کي خوبصورتي بخشيندي آهي. بوڇڻ وڏو ۽ ڊگهو پائيندي آهي ۽ ان سان پنهنجي سيني کي ڍڪي، پٺيان لڙڪائي ڇڏيندي آهي. جيئن پٺ ڍڪيل هجي.
”ڪازان زاڪس“ پنهنجي پهرين ملاقات ۾ پنهنجي محبوبا کي چيو هو ته:
“Create an idealized image of yourself and try to resemble it”
مون پنهنجي پهرين ملاقات ۾ ”گلابي وڳو“ پهريل پنهنجي راڻي کي اهي سٽون يا اهڙيون ڪي به سٽون نه چيون هيون، پهرين ملاقات ۾ مون ڳالهايو نه هو، مان خاموش هوس ۽ منهنجي چؤطرف خاموشي جو دائرو هو. راڻي سان منهنجي اکڙين ڳالهايو پئي ۽ هن اکڙين جي ٻولي سمجهي پئي، خاموشيءَ جي دائري ۾ ويڙهيل منهنجي وجود ۽ منهنجي ڳالهائيندڙ اکين جي خاموش ٻولي ٻڌي. هن منهنجي محبت کي دل سان قبول ڪيو هو. اها شاهدي هن جي جسماني ٻولي ڏئي رهي هئي. هوءَ هڪ ”آرڪيسٽرا“ وانگي هئي، جنهن کي مون محبت جي آڱرين سان ڇهيو هو ته ان مان ڪيترائي ”سُر“ ڦٽي نڪتا هيا ۽ هوءَ سُرن جي ٻولي ۾ سمائجي محبت جو اڻ ڇهيو گيت بڻجي پئي هئي. هن کي نظرون چورائڻ نه پئي آيون. هوءَ منهنجي محبت کي پنهنجي دل سان ڀليڪار ڪري پنهنجي لڄ ۽ شرم کي لڪائي نه پئي سگهي. لڄ ۾ ويڙهيل هن جي مرڪ هن تي بار بار چغلي پئي هنئي ۽ هوءَ هر هر پنهنجي پاڻ ۾ پاڻ کي سميٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ بار بار پنهنجو جائزو وٺي پاڻ کي ڍڪڻ ۽ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ته جيئن هن جي اندر جي اقرار واري چوري پڪڙجي نه پئي، پر هن سان هن جا عضوا ساٿ نه ڏئي رهيا هئا.
”ڍانپ رهي ٿي وه خود ڪو آنچل سي بار بار.
رات ڇپا سڪي هي ڀلا حسن چاند ڪا!؟“
هن جي سنهي چيلهه ڏسي، مون کي ياد آيو ته مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته: ”هندي شاعر عالم، هڪ ڀيري ڪنهن رنگريزڻ کي پنهنجو پوتڙو رنگڻ لاءِ ڏنو ۽ ڪاغذ تي دوهي جي سٽ پوتڙي جي ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيائين“
”ڪنڪ لتاسي نار هي، ڪت ڪاهي تي هين،“
معنيٰ ته ”هوءَ عورت سڄي سوني آهي پر هن جي چيلهه ڇو اهڙي سنهڙي آهي“ جڏهن پوتڙو رڱجي آيو ته ان ۾ ساڳيو ڪاغذ ٻڌل هو، جنهن ۾ دوهي جي ٻي سٽ به لکيل هئي ته ”ڪت ڪا ڪنچن ڪي، ڪنجن مانج ڀردين“ معنيٰ ته ”چيلهه مان سون ڪڍي ڇاتي ۾ ڀريو ويو آهي ۽ ان ڪري چيلهه اهڙي سنهي ٿي لڳي.“
ڳالهائيندي ته ڳالهائڻ وقت هن جي ڳالهين مان سچائي ۽ سادگي پئي بکندي آهي. ڳالهائڻ ۾ جيتري سادي لڳندي آهي عام زندگي ۾ هوءَ ايتري سادي ناهي. هوءَ ذهين ۽ چالاڪ آهي، ايتري جو هن جي ذهانت ۽ چالاڪي جو اندازو نٿو ڪري سگهجي، جيئن سمنڊ جي گهرائي جو اندازو نٿو ڪري سگهجي.
هن جا وار ننڍا، ننڍڙين ڇوڪرين جي وارن جهڙا، مون کي ياد آهي ته هوءَ جڏهن صبح جو وهنجي ايندي هئي ته هن جا وار آلا هوندا هئا ۽ انهن مان پاڻي جا ڦڙا ڪرندا رهندا هئا. هوءَ اچي پنهنجي وارن کي هٿ جهلي ڇنڊڪا ڏيندي هئي ته پاڻي جا ڇنڊا اچي منهنجي هانءَ تي ڪرندا هئا. مون کي ڏسندي هئي ته لڄاري ۽ شرم ۽ حيا واري مرڪ مرڪندي هئي، هن جي چهري جي ڪينواس تي لڄ ۽ شرم جا مختلف رنگ وکرڻ لڳندا هئا.
کلڻ، مرڪڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ ۾ به هن جو ڪو مثال ناهي. ٽهڪ ڏيندي ته ايئن لڳندو ڄڻ ساز ڇڙي پيا آهن. سريلن سازن وانگي هن جا ٽهڪ ٻُرڻ لڳندا آهن. مون کي هن جي ٽهڪن جي موسيقي ڏاڍي وڻندي آهي. هن جا ٽهڪ، ڪويل جي ڪوڪو کان وڌيڪ وڻندڙ آهن. هن جي آواز ۾ سحر ۽ جادو سمايل آهي. جيڪو پنهنجي منڊ ۾ منڊي ڇڏيندو آهي. جيڪو جڪڙي ڇڏيندو آهي.
ڏسڻ ۾ معصوم، ڳالهائڻ وقت هن جي معصوميت جا رنگ ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. مون کي تمام گهٽ ڇوڪرين ۾ معصوميت نظر ايندي آهي.
ڪاوڙ جي وقت ته هن ڇوڪريءَ کان الله پناهه ڏئي، گهر جا ٿانءُ اڇليندي ۽ هوش کان نڪري ويندي. سڀني گهر ڀاتين سان رسي بک هڙتال ڪندي، بک گهڻو وقت برداشت به نه ڪري سگهندي، جي گهر ڀاتين سان رسندي ۽ انهن سان ڪاوڙ ڪندي ته مصيبت ۽ شامت مون ويچاري تي اچي ڪڙڪندي، پوءِ ته دڙڪا داٻا مون کي سهڻا پوندا، سموري ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ اندر جي باهه مون تي ڪڍندي ۽ اندر هلڪو ٿي پوندس ته گهر ڀاتين سان پرچي ماني کائيندي ۽ هوش ۾ اچڻ کانپوءِ مون کي منٿون ميڙون ڪندي چوندي: ”مون کي معاف ڪر، گهر وارن تي ڪاوڙ هئي، تو تي ڪڍيم.“ مان ڇا ڪڇان!؟ مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.
ڪاليداس، شڪنتلا لاءِ جيڪو نظم لکيو هو، اهو مان پنهنجي ”راڻي“ لاءِ ورجايان ٿو ۽ هن کي ارپيان ٿو:
”هوءَ هڪ اهڙي گل وانگي آهي.
جنهن کي نه سنگهيو ويو آهي،
هڪ اهڙي پن وانگر آهي،
جنهن کي هٿ سان نه ڇڳو ويو آهي،
هوءَ هڪ موتي آهي،
جنهن کي ڪنهن هار ۾ نه پويو  ويو آهي،
هوءَ ماکي آهي،
جنهن کي اڃان تائين ڪنهن نه چکيو آهي.“
هوءَ سچائي، سادگي ۽ معصوميت جي زنده تصوير آهي. مان وڏن اجگر شهرن ۾ رهيو آهيان، مون کي اهڙي سٺي سچي، سادي ۽ معصوم ڇوڪري نظر نه آئي.
کل ڀوڳ ۽ چرچن سان دلچسپي رکندڙ، طنز مزاح، کل ڀوڳ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي هئي. اڄ جڏهن مان هن جي پڄاڻان، هن جي جدائي ۾ لڇي ۽ تڙپي رهيو آهيان. هن جي محبت ۾ سڙي ۽ پڄري رهيو آهيان.
هينئر هن جي پڄاڻان مان بهار جي اکين ۾ لڙڪ بڻيل آهيان. پر مون سک جي ايندڙ موسمن جي رستن تي ڏک جو اکيون رکي ڇڏيون آهن.
اڄ به هوءَ ۽ هن جي محبت منهنجي عبادتن ۾ شامل آهن، اڄ به هوءَ منهنجي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهي جي دريءَ ۾ موجود آهي. اڄ به هوءَ منهنجين تنها، اداس ۽ اونداهي راتين ۾ سوجهري وانگي آهي. هوءَ جنهن جي خوبصورتي تي مون نظم لکيو هو ته:
”تنهنجو جسم،
شاعري جو گلدستو آهي،
تنهنجو اکيون،
خوبصورت دوهو آهن،
تنهنجا ڊگها زلف
نظمن وانگي آهن.
تنهنجا چپ
غزل جي خوبصورت مطلع آهن
منهنجي راڻي!
تون ڇوڪري آهين
يا، ساهه کڻندڙ شاعري!؟“
مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن روزانو صبح جو سويري مان وڃي دريءَ جي سامهون بيهندو هوس، هوءَ جڏهن وڌي گيٽ کان ٽپي اندر داخل ٿيندي هئي ته پهرين نظر مون تي وجهندي هئي ۽ لڄاري، شرم گاڏڙ مرڪ، مرڪندي هئي، مونکي اها مرڪ ڏاڍي وڻندي هئي. مون کي هن جو شرمائڻ وڻندو هو، منهنجو دريءَ جي سامهون بيهڻ معمول هوندو هو ۽ هن جو به معمول هوندو هو، گيٽ ٽپي مرڪي ڪري مون کي ڏسندي هئي. هاڻي اهو وقت ويندو رهيو، نه هوءَ رهي آهي، نه هن جي اها ”نظر“ رهي آ، نه هن جي اها لازوال شرم گاڏڙ مرڪ رهي آهي. پر مان اڄ به هن جي انتظار ۾ ساڳي نموني صبح سوير اچي ساڳي دريءَ  تي بيهندو آهيان ته من ڪڏهن اچي نڪري!

No comments:

Post a Comment