Sunday, October 21, 2012

لَو مئريج - شگفته شاهه


لَو مئريج
شگفته شاهه
منهنجي ۽ ليليٰ جي شادي ٿيڻ جو قصو اڄ به ياد پوندو اٿم، اسين ٻئي شاديءَ کان اڳ ”ڪيوپڊ“ جي تير جو نشانو بڻجي چڪا هئاسين ۽ پوءِ عشق جا ڪيئي امتحان پاس ڪرڻا پيا. اهڙيءَ ريت جو اسان وٽ اڄڪلهه جيان ”چيٽنگ“ ڪرڻ جو چانس به نه هو. هوءَ سچ پچ ليليٰ ٿي چڪي هئي ۽ آئون پڻ ”مجنونءَ“ جي جانشين ٿيڻ جي ڀرپور ڪوششن ۾ هوس ۽ ليليٰ جا ۽ منهنجا مائٽ ”ظالم سماج“ جو رول ادا ڪري رهيا هئا.


ڪيترن ئي ڏينهن تائين جڏهن ڪوششن جي باوجود به اسان جا مائٽ اسان جي شاديءَ لاءِ راضي نه هئا، تڏهن اسان به ”لَوِ اسٽوري“ جي ڪلائمڪس تي پهچي وياسين ۽ ٻنهين مائٽن کي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو اسان جي شادي نه ڪرائيندا ته اسان ٻئي هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت زهر کائي پنهنجو انت آڻينداسون. (گهر مان ڀڄي ڪورٽ مئريج ڪرڻ جو آئيڊيا به ذهن ۾ آيو هو پر ان دور ۾ منهنجي کيسي ۾ ٽڪو به نه هوندو هو، سو رڪشا جي ڀاڙي جيترا پئسا نه هئڻ ڪري اهو فيصلو ڊراپ ڪرڻو پيو) سو نيٺ خودڪشيءَ جي ڌمڪيءَ اثر ڪيو ۽ اسان جا مائٽ نيٺ راضي ٿيا. ائين پوءِ مڱڻو ڪري اهو شرط رکيو ويو ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي، شادي نه ٿيندي. سو نيٺ نوڪري به هٿ ڪيم ۽ ائين منهنجي ۽ ليليٰ جي ”لو مئريج“ وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. اسان هڪ ٻئي کي حاصل ڪري پنهنجي ننڍڙي گهر ۾ انتهائي خوش هئاسين ۽ محبت جي نشي ۾ ايترا مخمور هئاسين جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو. ايستائين جو شاديءَ کي سال ٿي ويو ۽ شاديءَ جي پهرين سالگرهه واري ڏينهن ليليٰ مون کي چيو هو:
”ڊارلنگ! اسان شاديءَ جي سالگرهه ۾ ڪنهن کي به انوائيٽ نه ڪنداسين ۽ جيستائين حياتي هوندي، چاهي ڪجهه به ٿئي، سڀ مصروفيتون ڇڏي، ان ڏينهن گڏجي ويهنداسين. اهو ڏينهن اسان جو فقط هڪٻئي لاءِ هوندو ۽ ها! اسان اڄ کان اها روايت به وجهون ٿا ته هر سال شاديءَ جي سالگرهه تي اسٽوڊيو ۾ هلي گڏ فوٽو گراف ضرور ٺهرائينداسين ۽ ائين هڪڙو آلبم ٺاهينداسين، جنهن ۾ فقط اهي فوٽو هڻنداسين، جيڪي اسان ويڊنگ اينيورسريءَ جي موقعي تي ڪڍرائينداسين.“
مون کي ليليٰ جو ڏنل اهو آئيڊيا تمام گهڻو پسند آيو ۽ اڄ تائين اسان پنهنجي وچ ۾ ٿيل ان معاهدي تي عمل ڪندا آهيون. اهڙيءَ طرح ان آلبم ۾، جنهن جي مٿان ليليٰ گلن واري سهڻي پني تي خوبصورت لفظن ۾ "The Album of Love" لکي ان جي ڪوَرَ جي مٿان ٽرانسپيرنٽ پلاسٽڪ ڪَوَر چاڙهي ڇڏيو آهي، ان ۾ ڏهه فوٽو لڳي چڪا آهن.
جي ها! ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي شاديءَ جي ڏهين سالگرهه خير سان ٿي گذري ۽ هينئر آئون ”آلبم آف لَوِ“ کولي ڏسي رهيو آهيان. هيءَ پهرئين صفحي تي اسان جي شاديءَ جي تصوير آهي. ڪنوار جي روپ ۾ ليليٰ ڄڻ ته حُور لڳي رهي آهي. خير آئون به ته شهزادو لڳي رهيو آهيان!
۽ هيءَ شاديءَ جي پهرين Anniversary جي تصوير آهي. اسان ٻئي هٿ ۾ هٿ ڏئي بيٺل آهيون. ٻنهي جا چهرا خوشيءَ، سڪون ۽ آشائن جي جذبن سان ٽمٽار آهن.
۽ هيءَ شاديءَ جي ٻي سالگرهه تي نڪتل تصوير. اسان ٻنهي جا مرڪندڙ چهرا آهن. اسان جي وچ ۾ ويٺل جمشيد، جنهن کي اسان پيار مان ”جِمي“ چوندا آهيون، جنهن جي عمر ان مهل اٺ نو مهينا هئي.
۽ پوءِ اڳتي ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، سواءِ ان جي ته سال به سال نڪتل تصويرن ۾ ليليٰ مسلسل ٿولهه ڏانهن مائل ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ آئون پڻ بيڊولو ٿيڻ سان گڏ تسلسل سان گنجو ٿيندو نظر پيو اچان ۽ اسان سان گڏ بيٺل ٻارن جو تعداد وڌندو پيو وڃي ۽ گذرندڙ وقت سان گڏ هر سال جي تصويرن ۾ اسان جي چهري تان مُرڪ آهستي آهستي غائب ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
۽ هي اهو فوٽو آهي، جيڪو اسان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي شاديءَ جي ڏهين سالگرهه تي ڪڍرايو آهي. اسان جي اڳيان پنج ٻار بيٺل آهن. ٽي پٽ آهن، اسان کي ۽ ٻه نياڻيون جن کي فوٽو گرافر عمر جي تسلسل مطابق اهڙيءَ ريت ترتيب سان قطار ۾ بيهاريو آهي جو ڄڻ ”سيڙهي“ بڻجي وئي آهي. هن تصوير ۾ ليليٰ جي چهري تي مرڪ جو نالو نشان به ڪونهي، پر هوءَ ڄڻ ڪاوڙ مان ڦوڪي بيٺي آهي ۽ منهنجي چهري تي زوريءَ سجايل مرڪ آهي، جنهن مان خوشيءَ جو تاثر گهٽ پر تڪليف جو تاثر زياده پيو بکي. تڪليف ڪيئن نه ظاهر ٿئي، آخر شاديءَ جي ڏهين سالگرهه واري ڏينهن اسان ”حسب معمول“ جهيڙو ڪندا رهيا هئاسين ۽ پوءِ پنهنجي عادت مطابق منهنجي ”گجگوڙ“ جي جواب ۾ هن مون کي ريڪ تان هڪڙو ڪتاب کڻي وهائي ڪڍيو، جيڪو مون ته پٺن تي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ به هن منهنجي مٿين جي رَن وي يعني وارن کان خالي حصي تي لينڊ ڪيو هو. خير هونءَ ليليٰ ايڏي به ظالم ڪانهي، هوءَ رحم جي جذبي کي آڏو رکندي هلڪن ڦلڪن ”هٿيارن“ سان جنگ ڪندي آهي، جن سان ”ٽٽڻ ڦٽڻ“ يا زخمي ٿيڻ جو چانس نه هجي، پر بدقسمتيءَ سان هن ڀيري شايد بي خياليءَ مان (هاءِ ڙي منهنجي خوشفهمي) هن اهڙو ڪتاب اڇلي ”حملو“ ڪيو هو جيڪو وزن ۽ سائز جي حساب سان ڪافي Heavy هو. شڪر جو وڌيڪ ”تباهه ڪاري“ ڪرڻ بجاءِ هن فقط ڪجهه ”ڊينٽ“ ڪري وڌا هئا ۽ هڪ عدد گومڙو منهنجي ٽِنڊ تي اڀري چڪو هو. ان لاءِ فوٽو ڪڍرائڻ مهل جڏهن مون مرڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته گومڙي مان نڪرندڙ سُور جي (الفا گاما اينڊ بيٽا ريز نما) لهرن مرڪ کي تڪليف جي آثارن ۾ بدلائي ٿي ڇڏيو.
ها، اسان جي شاديءَ جي چئن سالن کانپوءِ ئي اسان هڪٻئي آڏو ”گهريلو جنگي محاذ“ جي ميدان ۾ لهي آيا هئاسون ۽ هر ٻئي ٽئين ڏينهن جهيڙا ڪرڻ اسان جو معمول بڻجي ويو. انهن ئي ڏينهن کان مون کيس ”ليليٰ“ چوڻ بجاءِ ”بيگم صاحبه“ چوڻ شروع ڪيو، ڇو ته هڪ پاسي ته وقت جي بمباريءَ اسان جي وجودن جي اصل شڪل شبيهن کي ڪافي ڇيهو رسايو هو، ان ڪري نه ته هوءَ شڪل صورت ۽ بدن مان ڪنهن طرح ”ليليٰ“ ٿي لڳي ۽ نه ئي ”مجنون“ ڪنهن گنجي ۽ عينڪ پائيندڙ شخص کي پڪاري ٿي سگهيو. ان جو ٻيو سبب اهو هو ته الائي ڇو (اڪثر سوچيندو آهيان ته ان مسئلي بابت ڪنهن نفسياتي ماهر کان پنهنجو سائيڪو ايناليسيز ڪريان) لفظ ”بيگم صاحبه“ ٻڌندي ئي ذهن ۾ ”ٽارزن ڪِي واپسي عرف هنٽر والي“ جهڙو ڪو تصور ذهن ۾ اچي ويندو آهي. ٻئي پاسي هوءَ.... جيڪا شاديءَ جي ٻن سالن تائين مون لاءِ ”هِي“ يا ”هُو“ ڪري ڳالهائيندي هئي، اڪثر هوءَ منهنجي متعلق ٻين سان هن ريت ڳالهائيندي هئي.
”هُو بس اچڻ وارا هوندا...“
”هُنن کي مون ٻڌايو هو....“ وغيره.
۽ مون کي سائين ”ٻڌو ته....“ چئي مخاطب ٿيندي هئي (حالانڪ شاديءَ کان اڳ ۾ هوءَ منهنجو نالو وٺندي هئي).... هاڻي ”جميءَ جا پيءُ...“ ڪري مخاطب ٿيندي آهي.
بهرحال هڪ ڳالهه آئون اڃان به چوندس ۽ مڃيندس ته اسين ڪيترا به جهڳڙا ڪريون پر هڪٻئي تي اڄ به ساهه ڇڏيون ٿا. هوءَ بيمار هوندي آهي ته منهنجو چين کسجي ويندو آهي ۽ جي مون کي ڪجهه ٿيندو آهي ته هن جو سک ڦٽي پوندو آهي. اسان ۾ ڪيترا اختلاف هوندي به اسان جي هڪٻئي کانسواءِ ڪانه سرندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان هڪٻئي کان ڪيترائي ناراض ڇو نه هجون ۽ چاهي اسان ۾ ڳالهه ٻولهه بند ڇو نه هجي پر پوءِ به Wedding Anniversary واري ڏينهن گڏجي وڃي اسٽوڊيو ۾ تصوير ضرور ٺهرائيندا آهيون. هن ڀيري به صبح جو ٿيندڙ جهيڙي جي باوجود به مون آفيس مان معمول جيان ان تاريخ تي موڪل ڪئي ۽ اسان جي هڪٻئي سان ڳالهه ٻولهه بند هئي پوءِ به اسان گڏجي وياسين فوٽو ڪڍرائڻ. اسٽوڊيو ڏانهن وڃڻ ۽ گهر ڏانهن موٽي اچڻ دوران اسان هڪٻئي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو. پوءِ نيٺ جڏهن هن مون لاءِ ورتل Wishing Card مون کي ڏنو ته مون به ٿوري دير اڳ لِڪائي آندل ڪيڪ سندس اڳيان اچي رکيو هو ۽ پوءِ اسان ٻئي کِلي پيا هئاسين.
آئون "The Album of Love" کي ڏسي رهيو آهيان ته هوءَ اوچتو اچي ظاهر ٿي آهي ۽ ”بمباري“ شروع ڪري ڏني اٿس:
”واهه!.... سائين جن صبح کان رڳو آرام فرمائي رهيا آهن. ڪلاڪ تائين اخبار پڙهي آهي ۽ هينئر نواب ٿيو ويٺو آهين ۽ هڪڙي آئون ته مِلي وئي آهيان مفت جي نوڪرياڻي. مردن کي ڇا هي؟ موڪل جي ڏينهن سمهي ننڊون ڪن. اخبارون ۽ رسالا پڙهن، ٽي وي ڏسن، پر اسان عورتن لاءِ ته ڪو به ڏينهن ڪونهي موڪل جو، جيئن چوڻي آهي ته ”چري جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين....“
”واقعي، سچ ٿي چئين، جهڙي پنهنجي گهر ۾ هئينءَ، تهڙي ئي مون وٽ.“ مون به ”جوابي حملو“ ڪيو آهي.
”ڇا.... آئون چري آهيان!؟“
”هاڻي مان پنهنجي زبان سان ڪيئن چوان....“
هن ڪاوڙ مان ٽيبل تان گلدستو کڻي مون ڏانهن ”نشانو ٻڌو“ ته سندس ارادن کان باخبر ٿي بلال عرف ”ببلو“ رانڀاٽ ڪري ڄڻ خطري جو سائرن وڄائي ٿو.
”آخر ڪهڙي آفت اچي وئي آهي....؟“ چوان ٿو.
”توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم ته ٽيليفون، بجلي ۽ گئس جو بل وقت تي پيئاري ڇڏيندو ڪر پر هميشه ڏنڊ جا پئسا ڀريندين، باقي وقت تي ڪم ڪونه پڄندئي.... ٽيليفون جي بل جيDue Date گذري چڪي آهي، گئس جو بل مهينن کان ڪونه ڀرايو آهي ۽ بجليءَ جي بل ادا ڪرڻ جي سڀاڻي آخري تاريخ آهي. هوڏانهن ببلوءَ جي هيڊمسٽريس ڪيترا ڀيرا فون ڪيو آهي ببلوءَ جي پڙهائي بابت رپورٽ وٺڻ لاءِ. اهو پڻ چيو اٿس ته جيڪڏهن هفتي کن ۾ اسان ٻئي رپورٽ وٺڻ نه وينداسين ته هوءَ ببلوءَ کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيندي. هوڏانهن روز رڙيون پئي ڪريان ته روبيءَ جي ڪي جي ۾ ايڊميشن ڪرائڻي آهي. باقي ڪجهه ڏينهن ته بچيا آهن داخلائون ختم ٿيڻ ۾.“ هن گلدستو رکندي يڪساهي چيو.
”بيگم صاحبه! ڪجهه ڪم ته تون به ڪري ڇڏيندي وڃ. مان هڪڙو ڄڻو ڪهڙا ڪهڙا....“
”ها!.... تون چڱو جو هڪڙو ڄڻو ايڏا ڪم ٿو ڪرين. آئون جا هڪڙي ڄڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪري اڌمُئي ٿيندي آهيان. گهر کي ڏسان يا ٻاهر جي ڪريان....“ هوءَ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چوي ٿي.
”آخر آئون ئي ته انهن سڀني ڪمن کي مُنهن ڏيندو آيو آهيان.... ٻيو تنهنجا بابا....“
”جميءَ جا پيءُ.... آئون چوان ٿي ته اسان جي جهيڙن ۾ منهنجن مائٽن جو نالو به نه وٺندو ڪر. اڙي هن جو مون تي اهو ئي سڀ کان وڏو احسان آهي ته هو توسان منهنجي شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو.“
”دراصل ان جو سبب اهو آهي ته هُو پهرين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون کي ناپسند ڪندو آهي. ان لاءِ هن سوچيو ته هو مون کي اهڙا سزا ڏئي جيڪا منهنجي سڄي زندگي برباد ڪري، ان ڪري هو تنهنجي شادي مون سان ڪرڻ تي راضي ٿي ويو هو....“ اهو چوندي آئون اڳئين حملي لاءِ تيار ٿي پوزيشن سنڀالي ويٺس.
”ڇا!....؟ مون تنهنجي زندگي برباد ڪئي آهي. ائي.... الاهي ڪهڙي ساعت مت ڦري هئم جو توکي ڏسي پسند ڪيو هئم...“ هوءَ چئي رهي هئي ته اوچتو ماريه، اسان جي ڌيءَ، ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس هٿن ۾ اسڪول جا ڇڳل بُوٽ هئا. هن ماءُ کي چيو:
”امي! هي نوان شوز ته پندرهن ڏينهن ۾ ئي ڦاٽي پيا آهن.“
”بس راڻي ڇا ڪريان. مون ۾ سڀ کان وڏي اها ئي ته خامي آهي ته جن به شين ۽ ماڻهن کي ”معياري“ سمجهي حاصل ڪيم سي اڳتي هلي ”غير معياري“ نڪريو پون. مسئلو ته اهو آهي ته شيون ته مٽائي به سگهجن ٿيون پر ماڻهو ته....“ هوءَ مون ڏانهن ڏسي جملو اڌ ۾ ڇڏي ٿي ڏئي.
”ها ها! مون ته توکي رڳو ڏک ڏنا آهن ۽ تو ته ڄڻ مون کي سک ڏئي ڇڏيا آهن.“ ماريه جي وڃڻ کانپوءِ مون کيس چيو. ”مون کي خبر آهي، ته ڪيئن نارَ جي ڍڳي جيان وهي اوهان لاءِ ڪمايان ٿو. توکي ان جو پر قدر ئي ڪهڙو. پاڻ نوڪري ڪرين ها ته خبر پوئي ها ته ڪمائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي....“
”جميءَ جا پيءُ، مون کي اهو ڪمائڻ جو مهڻو نه ڏيندو ڪر. ائي الله.... ڪهڙو نه زمانو اچي ويو آهي جو مرد پنهنجن زالن کي ذري ذري ڳالهه تان مهڻا طعنا ڏيڻ لڳا آهن. اڳ ۾ چوندا هئا ته زالون گهر ٿيون ڦٽائين، نفرتن جون باهيون ٿيون ٻارين، پر..... منهنجا موليٰ...! اڄڪلهه اسان جا مرد گلا غيبت مهڻن ڏيڻ ۽ هتي جي هُتي پهچائڻ ۾ زالن کي ته الاهي ڪيترو پوئتي ڇڏي ويا آهن..... توبهه.... توبهه...“ هن چيو.
”چڱو هاڻي اجايو مٿو نه کاءُ....“
”مون کي ڪو شوق ڪونهي توسان ڳالهائڻ جو. آئون ته اهو چوڻ لاءِ آئي هئس ته سائين جن آخر ڀاڄي ڪيڏي مهل آڻيندا. اڄ جمعي جو ڏينهن آهي. تون رڳو ويهي پلنگ ڀڃيندين، پر ڪاڙهو تپي ويو آهي. آخر سيڌو ڪيڏي مهل ايندو ته سوير ماني ٽڪي جي ڪري وٺان. توکي ڇا هي، گرميءَ ۾ چلهه جي ڀرسان ته آئون ٿي سڙان نه. اڃا ٻارن کي وهنجارڻو به اٿم. اڄ صفائي واري مائي به ڪانهي آئي، اڃا اهو ڪم آهي. ائي منهنجي ته چيلهه چٻي ٿي وئي آهي. هيءَ به ڪا زندگي آهي؟“
هن ڪمري مان ويندي ويندي چيو ته مون به ڪاوڙ مان "The Album of Love" بند ڪري الماريءَ تي ڦٽو ڪيو ۽ ٿوريءَ دير بعد رڌڻي ۾ وڃي ليليٰ کي چوان ٿو:
”سانئڻ! ڇٻي ڏيو ته غلام سودو سلف وٺي اچي.“
”هان! وٺ.“ هن ڄڻ ڇٻي مون کي اُڇلي هنئين. آئون اها ”ڪيچ“ ڪري رڌڻي مان نڪرڻ وارو هئس ته اوچتو هوءَ مٺڙي انداز ۾ چوي ٿي:
”جميءَ جا پيءُ....“
”ڇا هي.“ بيزاريءَ مان جواب ڏيان ٿو.
”هي تنهنجي لاءِ صبح کان محنت ڪري کير کارڪون ٺاهي ٻارن کان لڪائي رکيون اٿم. توکي وڻنديون آهن نه.“
هن کير کارڪن جو پيالو مون ڏانهن وڌايو ته منهنجو موڊ هڪڙي لحظي ۾ خوشگوار ٿي ويو ۽ چوان ٿو:
”نه... اڃا رک. ڀاڄي وٺي اچان پهرين. سچ ته الاهي گرمي آهي. پوءِ رڌڻي ۾ بيهڻ عذاب ٿي پوندو ۽ ها، مون به سوير ئي اڄ ٻوڙ لاءِ بصر وڍي فرج ۾ رکي ڇڏيو آهي. تون ڪم ۾ مصروف هئينءَ نه....“
”توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم ته اهڙا ڪم نه ڪندا ڪريو. مون کي سٺو نه لڳندو آهي. اهي ڪم مرد نه ڪندا آهن.“
”اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ننڍا وڏا گهر جا ڪم ڪرڻ سان مرد جو شان گهٽجي ويندو آهي ۽ تون به ته منهنجا ڪم ڪري بار هلڪو ڪندي آهين.“
”ڪهڙا؟“
”خبر اٿم ته بچت وارن پئسن مان تون گئس جو بل ادا ڪندي رهي آهين ۽ ٻارن جي اسڪول جي رپورٽ به وٺڻ لاءِ ويندي رهي آهين ۽ منهنجن فائلن جا پنا سدائين سنڀالي ترتيب سان فائلن ۾ وجهي رکندي آهين.“
هوءَ مرڪي ٿي ۽ آئون به مرڪندو ڇٻي کڻندو، اڱڻ ۾ فٽبال راند ڪندڙ ٻارن جي بال کان پاڻ بچائيندي ڀاڄي وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪران ٿو.

No comments:

Post a Comment