Monday, October 29, 2012

خودڪشيءَ کان پوءِ - رياضت ٻرڙو


خودڪشيءَ کان پوءِ
رياضت ٻرڙو
”ڇا!؟“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون صدمي منجھان پنهنجي ننڍي ڀاءُ منور کي ڏٺو. مون کي ايئن لڳو ڄڻ منهنجو بدن پٿرائجندو پئي ويو، ڄڻ منهنجيءَ نڙيءَ ۾ ساهه اٽڪي پيو هجي. مون چپن کي زبان سان تَــرُ ڪري کيس چيو، ”چريو ته نه ٿيو آن؟ هيءُ ڇا ٿو چوين؟“
”ها، ڀائو!“ منور انتهائي سنجيدگيءَ سان چيو، ”جيڪڏهن منهنجِي فرسٽ اِيئر سائنس ۾ داخلا نه ٿِي، ته مان خودڪشي ڪندس.“


”خودڪشي! تو کي خبر آهي ته خودڪشي ڇا آهي؟“ مون منور جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو.
”پاڻ کي مارڻ ۽ ڏکن ۽ تڪليفن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏڻ.“ منور وراڻيو.
”خودڪشي رڳو پاڻ کي مارڻ ناهي، منور! پر پاڻ سان گڏ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ڀائرن ڀينرن کي به مارڻ آهي. تنهنجي خودڪشيءَ سان...“ مان روئي پيم ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳم.
منور منهنجو هٿ پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي زور ڏنو. مون ڳوڙهن ڀريل ڌنڌلين نظرن سان کيس ڏٺو ۽ ڇڪي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. منهنجو وجود ڏڪي رهيو هو.
”ڀائو! چپ ڪر نه!“ منور منهنجي هٿ تي ٿڦڪيون هڻندي چيو.
”منهنجا ڀاءُ!“ مون سڏڪا روڪيندي چيو، ”تون منهنجو، امان جو ۽ بابا جو ساهه آهين. ٻيهر ايئن سوچجانءِ به نه. هان! مون سان واعدو ڪر! تنهنجي داخلا مان ڪرائيندس. بس!“
”ها ڀائو. مون خواب ڏٺا ۽ بي شمار دعائون گهريون، پر ڪا هڪ دعا به قبول نه ٿي. منهنجو بِي-گريڊ به نه آيو!“ منور مايوسيءَ مان چيو، ”مان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پڙهندس، ته سائنس ۾ پڙهندس، نه ته...“
”بس، منور!“ مون کيس اڌ ۾ ئي چيو، ”مان چيو نه. هاڻ اها ڳالهه پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏ.“
منور ڪجهه به نه ڪڇيو. هُو چُپ ٿي ويو. مان کيس تڪيندو رهيس. هُو مون کان 3 سال ننڍو هو ۽ تازو ئي ڏهين جماعت جو امتحان ڊِي-گريڊ ۾ پاس ڪيو هئائين. مان بِي.ايس سِي. جي پهرين سال جو شاگرد هيس ۽ روزانو لاڙڪاڻي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ويندو هيس، ڇو ته اسان جي شهر ۾ ڊگري ڪاليج نه هو. بابا جيئن ته مِڊل اسڪول ۾ استاد هو، ان ڪري مون کي يونيورسٽيءَ جي تعليم ڏياري نه سگھيو هو. ان جو کيس ڏاڍو ڏک هو. مون کان وڏيون ٻه ڀينر هيون، جن جي شادين تي کنيل قرض اڃا بابا تي چڙهيل هو. امان ڀرت جو ڪم ڄاڻيندي هئي، ان ڪري مڙئي مهينو گذري ويندو هو. بابا جي خواهش هئي ته مان بِي ايس سِي پاس ڪرڻ کان پوءِ سندس ڪوٽا تي مڊل اسڪول ۾ ٽيچر ٿيان ته جيئن منور کي سهولت سان اعلى تعليم ڏيارائي سگهجي.
اسان ٻئي رات جي مانيءَ کان پوءِ معمول موجب، سمهڻ کان اڳ پڙهي رهيا هئاسين، جو منور اوچتو پنهنجي خودڪشيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي. مون کي گمانُ به نه هو ته منور پنهنجي پڙهائيءَ مان ايڏو مايوس ٿي ويندو، جو خودڪشيءَ بابت سوچيندو. هن ۾ اها مايوسي نائين ڪلاس جي امتحانن دوران پيدا ٿي هئي، جڏهن امتحاني سينٽرن جو انتظام فوج سنڀالي ورتو هو، جنهن تعليم لاءِ مانيٽرنگ ٽيمون جوڙي ڪاپيءَ تي سختي ڪئي هئي. منور پڙهائيءَ ۾ چڱو ته هو، پر ان اوچتي تبديليءَ کي مُنهن ڏئي نه سگهيو. نتيجي ۾، سندس نائين ڪلاس جو نتيجو پڌرو ٿيو ته هُو ٻن پيپرن ۾ فيل ٿِي پيو. اها سندس نراسائيءَ جي شروعات هئي. پوءِ هن ڏهين ڪلاس ۾ ڪجهه وڌيڪ محنت ڪئي، پر نائينءَ ۽ ڏهينءَ جا گڏيل پيپر ڏيڻ ڪري، پيپر سٺا حل نه ڪري سگهيو. هاڻ يارهين ڪلاس ۾ داخلا جا فارم ڀرجي رهيا هئا ته ڊِي-گريڊ حاصل ڪندڙن کي سائنس ۾ داخلا نه پئي ڏني وئي، جنهنڪري هُو ڏاڍو پريشان هو. اڄ شام مون کيس آٿت ڏيندي سڀاڻي فارم ڀرائڻ جو چيو هو تڏهن ڪجهه ٿڌو ٿيو هو، پر شايد سندس اندر ۾ لاوا پچندو رهيو هو ۽ هُو پڄرندو رهيو هو، جنهنڪري ڏاڍي ڳوري ڳالهه سوچي هئائين. سندس خودڪشيءَ بابت سوچيندي منهنجون اکيون وري ڀرجي آيون.
”ڀائو، ناراض آن ڇا؟“ منور مون کي چيو.
”ناراض ناهيان.“ مون اکين ۾ تري آيل ڳوڙها پيئندي کيس چيو، ”پر تو مون کي ڏاڍو ڏک ڏنو آهي.“
”مون کي معاف ڪر، ڀائو!“ منور ڪنڌ جهڪائي چيو.
”اللھ سائين تو کي معاف ڪري، منور! تون ان پاڪ ۽ اعلى هستيءَ کان معافي گُهر، جنهن تو کي زندگيءَ جي سوکڙي ڏني آهي.“ مون کيس چيو.
”اللھ سائين ڪاٿي آ، ڀائو؟“
”هُو اسان کي رڳن کان به ويجهو آهي، منور! تون ايئن ڇو ٿو چوين؟ تو کي ڇا ٿي ويو آهي؟“
”ته پوءِ هُن منهنجون دعائون ڇو نه ٻُڌيون؟ ڀائو، منهنجون دعائون پُوريون نه ٿيون. ڇا اهي اللھ جي وَس کان ٻاهر هيون!؟“ منور روئڻهارڪو ٿي چيو.
”تنهنجو ذهن هن وقت ڪنٽرول ۾ ناهي، منور!“ مون کيس چيو، ”هاڻ سمهي پئه! انشاء اللھ سڀاڻي تنهنجو ايڊميشن فارم سائنس ۾ ڀرائينداسين. صبح جو نماز پڙهي اللھ تعالى کان دعا گهرنداسين. اللھ ڪندو ته بهتري ٿي پوندي.“
”هاڻ مان دعا نه گهرندس، ڀائو. مون آخري دعا گهري ڇڏي، پر ڪجهه به نه ٿيو.“
”ايئن نه چئه، منور!“ مون کيس دڙڪو ڏيندي چيو.
”مان ڇا ڪريان! مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مان ڇا ڪيان... ڀائو! ڇا ڪيان؟ بس آخري حل اهو ئي آهي ته...“
”منور! بس ڪر!“ مون کيس ڀاڪر پائي، سڏڪي چيو، ”سمهي پئه، پِليز، سمهي پئه! ڪجهه به نه سوچ، ذهن کي آزاد ڇڏي ڏي، ڪجهه به نه سوچ. سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هان! ٺيڪ آ نه!“
منور هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. مون کيس هنڌ سڌو ڪري ڏنو ۽ هُو اکيون ٻُوٽي سمهي پيو. مان کيس ڏسندو رهيم ۽ منهنجين اکين مان ڳوڙها ڳڙي رليءَ ۾ وڃائبا رهيا.
”پٽ! اڃا جاڳين ٿو ڇا؟“ اوچتو امان جو آواز منهنجن ڪنن ۾ ٻُريو، ”هاڻي سمهي پئه!“
”ها امان!“
امان منهنجي ۽ منور جي مٿي تي شفقت جو هٿ گهمائي، ڪمري مان نڪري وئي.
مان ليٽي پيس. اکيون ٻُوٽي ڇڏيم، پر ذهن جاڳندو رهيو ۽ پُورن توڙي اڻپورن خيالن جي ڄار ۾ وچڙندو رهيو ۽  پوءِ الائي ڪهڙي گهڙيءَ بي خبريءَ جي اوندهه ۾ وڃائجي ويو. اوچتو اوندهه ۾ هڪ روشن ٽٻڪو ظاهر ٿيو، جيڪو هوري هوري ويجهو ٿيندو پئي ويو، تان جو سج جيڏو ٿي پيو. نه ڄاڻ ڪٿان ان سج اڳيان هڪ ماڻهو ظاهر ٿيو. مون کيس هڪدم سڃاتو: ”اڙي منور! تون! اتي ڇا پيو ڪرين؟“ مون بي اختيار ٿي کانئس ڏاڍيان پڇيو. منور ڪو جواب ڏيڻ بدران پري کان ئي هٿ لوڏي خدا حافظ چيو ۽ سج ڏانهن ڊُڪڻ لڳو. اوچتو سج مان وِسل وڄندي محسوس ٿيم. ”ته ڇا اها ريل آهي!؟“ مون سوچيو. ان احساس سان ئي مون کي ڪنبڻي وٺي وئي. منور کي روڪڻ لاءِ مان رڙيون ڪرڻ لڳس ته ٿاٻو کائي ڪِري پيس ۽ ڇِرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پيس. پگهر ۾ شل ٿي ويو هيس ۽ نڙيءَ ۾ اُڃ وچان ڪنڊا چُڀي رهيا هئا. منور کي ڏٺم. هُو گھري ننڊ ۾ هو.
مون ٽيبل تي رکيل گلاس مان ٻه ٽي ڍُڪ ڀريا ۽ ٻاهر اڱڻ تي نڪري آيس، ته رات جي راڻيءَ جي خوشبوءِ منهنجي وجود کي ويڙهي ڇڏيو. مون اونهو ساهه کڻي اکيون ٻُوٽي ڇڏيون. منهنجي من اندر مٺڙا احساس جاڳي پيا.
”هيءَ ڪائنات ڪيڏي نه سندر ۽ سرهاڻ ڀري آهي!“ مون سوچيو، ”۽ هن خاموشيءَ جي ٻولي ڪيئن نه دل ۾ لهي ويندڙ آهي!“
مان چڱي دير خوشبوءِ ۽ خاموشيءَ جو واس وٺندو رهيس ۽ پوءِ ڪمري ۾ اچي سمهي پيس.
صبح جو منور ۽ مان ڪاليج وياسون. فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺندڙن جي ڪا گهڻائي موجود نه هئي. ٻه سال اڳ ته بيهڻ جي جڳهه به نه ملندي هئي. 17-18 سَو شاگرد داخلا وٺندا هئا، ۽ سڀاڻي داخلا جي آخري تاريخ هئي، تڏهن به 15-20 شاگرد مَس هئا. اهو سڄو فرق ڪاپي ”ڪلچر“ جي اوچتي بند ٿيڻ ڪري ٿيو هو.
منور ڪلارڪ کان ايڊميشن فارم ورتو.
”ڊِي-گريڊ پاس جي سائنس ۾ داخلا ٿيندي نه؟“ مون ڪلارڪ کان پڇيو.
”آرٽس ۾.“ ڪلارڪ چيو، ”في الحال پاليسي ناهي.“
”معنى ته اڳتي هلي ٿِي ويندي؟“ مون پڪ ڪرڻ چاهي.
ڪلارڪ ڪو جواب ڏيڻ بدران ٻي شاگرد سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو.
منور کي ساڻ اچڻ جو اشارو ڪري، ڪلارڪ آفيس مان ٻاهر نڪري آيس. مون سوچيو ته ڪنهن استاد سان صلاح ڪجي. اتفاق سان ورانڊي ۾ پروفيسر منظور حسين ”مجبور“ ملي ويو، جنهن مون کي انٽر ڪلاس ۾ سنڌي پڙهائي هئي. هُو شاعر پڻ هو. سلام دعا کان پوءِ ساڻس مطلب جي ڳالهه ڪيم.
عادت موجب سوچ ۾ ٻڏي ويو. نيٺ چيائين، ”منهنجي صلاح وٺو ته آرٽس ۾ ئي داخلا وٺرايوس. زندگي سائنس ۾ نه، پر آرٽ ۾ آهي.“
”پر سائين! منور سائنس ۾ پڙهڻ چاهي پيو.“ مون زور ڪري چيو.
”ٺيڪ آ. توهان جي مرضي.“ پروفيسر منظور حسين ”مجبور“ چيو، ”سائنس جي معاملي ۾ مان مجبور آهيان. پر ٿي سگهي ٿو ته توهان جي ڀاءُ کي سائنس ۾ داخلا ملي وڃي.“
”اهو ئي ته چاهيون ٿا نه، سائين!“ مون خوشيءَ مان چيو. منور جو منهن به ٻَهڪي پيو.
”توهان شايد ڪالهوڪي اخبار ناهي پڙهي،“ پروفيسر منظور حسين ”مجبور“ چيو، ”متان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڊِي-گريڊ پاس کي سائنس ۾ داخلا اَلو (allow) ڪري، جو ڪراچيءَ ۾ هڪ شاگرد مئٽرڪ ۾ ڊِي-گريڊ اچڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.“
”اوهه!“ مون کان دانهن نڪري وئي ۽ مون پنهنجو وجود ڀُرندي محسوس ڪيو.

1 comment: