Monday, February 21, 2011

وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي ڪبايان - الطاف شيخ

وتايو فقير، نصيرالدين هوجا ۽ سي ڪبايان
الطاف شيخ 

هن پاسي ’سي ڪبايان‘ جا قصا ائين مشهور آهن جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ وتائي فقير جا يا ترڪي پاسي نصيرالدين هوجي جا. فرق فقط اهو آهي ته وتائي فقير کي هر وقت پنهنجي رب سان شڪايت هئي. نصير الدين هوجي کي پنهنجي سس سان، پر سي ڪبايان کي پنهنجي سهري سان. جيڪو پاڻ وري پنهنجي ناٺي (سي ڪبايان) مان بيزار هو.
مثال مشهور آهي ته وتايو فقير پنڌ ڪري جڏهن ٿڪجي پيو ته پنهنجي اپائڻهار کي ٻاڏايائين ته؛ منهنجا مولا هن جهنگل ۾ ڪا سواري ڏيار ته ان تي چڙهي ڳوٺ تائين پهچان.


ٿوري دير اڳتي هليو ته ڏٺائين ته هڪ پوليس واري جي گڏهه ڪنهن کوتي کي وچ رستي تي ڄڻيو بيٺي هئي ۽ پوليس وارو ڪنهن واٽهڙو جي ڳولا ۾ هو جيڪو سندس مدد ڪري. وتائي کي ڏسي هڪل ڪيائين: ”اڙي هيڏانهن اچ، هي کوتو ته ڳوٺ تائين کڻائي هل.“
وتائي کوتي کي ڪلهي تي رکي چپن ۾ ڀڻڪيو: ”منهنجا مولا سڻين ٿو پر سمجهين نه ٿو. مون چيومانءِ ته مونکي پنهنجي لاءِ سواري کپي جنهن تي آئون چڙهي هلان يا سواري منهنجي مٿان چڙهي هلي.“
نصيرالدين هوجا جا به وتائي فقير ۽ سي ڪبايان وانگر چرچا مشهور آهن. پر انهن مان لڳي ٿو ته هن غريب جي سس تمام ڏنگي طبيعت جي هئي ۽ کيس چڱو ڇتو ڪيو هئائين جو ايتري قدر جو هوءَ جڏهن دريا ۾ ٻڏي ويئي ته سندس لاش کي نصير الدين درياهه جي وهڪ ڏي نه پر ابتي طرف ڳولڻ لڳو. واٽ ويندڙن کيس سمجهائيندي چيو پئي: ”بابا جنهن پاسي درياهه جو لاهه آهي، لاش کي ان پاسي ڳولڻ کپي. مٿي ڪوهه پيو وڃين؟“
نصيرالدين معصوم صورت ٺاهي چيو: ”يارو توهان کي منهنجي سسُ جي خبر ناهي ته هوءَ ڪهڙي ڦريل دماغ جي عورت هئي.“
بهرحال اهڙي طرح سي ڪبايان جا قصا مشهور آهن پر هي همراهه وري پنهنجي سهري مان بيزار هو، جنهن کي پنهنجي ناٺيءَ کان هر وقت اها دانهن هئي ته هو سست آهي، ٽوٽي آهي، ڪو ڪم نٿو پڄيس وغيره، ان ڪري سهرو ڪبايان سان جٺيون ڪندو وتندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن آخر ۾ نقصان ڪبايان بدران سهري کي ئي رسندو هو، جيئن هنن ڪهاڻين مان لڳي ٿو.

No comments:

Post a Comment