Monday, February 21, 2011

ظالم جو موت - الطاف شيخ

ظالم جو موت
الطاف شيخ 

ڪنهن نديءَ جي ڪناري تي هڪ تمام وڏو بڙ جو وڻ هو. هن وڻ جون ڪيتريون ئي شاخون هيون جن مان هڪ تي هڪڙو ڪارو ڪانگ پنهنجي زال سميت رهندو هو. هن، رهڻ لاءِ، وڻ جي ٿڙ ڀرسان مضبوط ڪکن جو آکيرو جوڙيو هو جيڪو وڏي عرصي کان قائم هو.


ساڳئي وڻ جي پوري ٿڙ ۾، هنن ڪانگن جي آکيري جي بلڪل هيٺان هڪ نانگ پڻ پنهنجي زال سميت رهندو هو. هڪ ئي وڻ تي هڪ ٻئي ويجهو رهڻ ڪري نانگ ۽ ڪانگ هڪ ٻئي جا سٺا دوست ۽ پاڙيسري ٿي ويا.
هڪ ڏينهن سخت جهڪ ۽ واچوڙو اچي لڳو. ان وقت نانگ جي زال کاڌي جي لاءِ ٻاهر ويل هئي ۽ جهڙو موٽي پئي ته رستي تي هڪ جهوني پپر جي وڻ جو ڏار سندس مٿان ڪري پيو. نانگ جي زال ڳري ڏار هيٺان اچڻ ڪري ان ئي مهل چيڀاٽجي مري ويئي. پريان بڙ جي وڻ تي ويٺل ڪانگن اهو حادثو ڏسي رڙيون ڪوڪون ڪري نانگ کي سندس زال جي مدد لاءِ اطلاع ڪيو. نانگ پوراٽيل ڏار جي ٻرڙ مان ٻاهر نڪري ڪريل ڏار جي هيٺان ليٿڙيون پائي رستي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کان اڳ سندس زال جو ساهه نڪري چڪو هو. نيٺ نانگ ماٺ مٺوڙي ۾ موٽي پنهنجي ٻرڙ ۾ آيو. زال جي هن اوچتي موت ڪري کيس بيحد گهڻو ڏک ۽ ڪاوڙ لڳي. هن جي سٺن دوستن ۽ پاڙيسري ڪانگن هن ڏکئي وقت ۾ نانگ جي دل وٺڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
ٻئي ڏينهن طوفان جهڪو ٿيو. ڪڪر ٽريا پکڙيا ۽ آسمان پهرين وانگر نيرو ۽ صاف ٿي ويو. ندي واري پاسي کان رکي رکي ٿڌي هير لڳڻ شروع ٿي جنهن ۾ ساون پنن سان ڀريل ٽاريون لڏڻ لمڻ لڳيون. پکي پنهنجن آکيرن مان نڪري هوا ۾ ڦيريون پائڻ ۽ لاتيون لنوڻ لڳا. ان ٻيلي جا رهاڪو جانور پڻ پنهنجن چرن مان ٻاهرنڪري خوشيءَ جو ساهه پٽڻ لڳا. هي زال مڙس ڪانگ ۽ ڪانگڻ پنهنجي آکيري مان نڪري پنهنجن دوستن سان ملڻ لاءِ ٻيلي جي ٻئي حصي ڏي اڏامي ويا. خاص ڪري پاڻ جهڙي ڏاهي همراهه لومڙي ڏي- جيڪو سندن سڀ ۾ سٺو دوست هو. هنن لومڙ سان ملي کيس نانگ جي زال بابت ٻڌايو ته ڪيئن وڻ جي ڏار هيٺان ويچاري اچي مري ويئي.
واپسيءَ تي رستي تان پنهنجن ننڍن ٻچن لاءِ ڪانگ پنهنجي چهنب ۾ ڪجهه ڪينئان کنيا جيڪي پنهنجي گهر پهچي هو پنهنجن بکايل ٻچن کي کارائيندا هئا. هن ڀيري جڏهن هو پنهنجي آکيري ۾ پهتا ته اهو ڏسي وائڙا ٿي ويا ته سندن آکيرو ٻچن کان خالي هو. کين يقين ئي نه پئي آيو ته ائين به ٿي سگهي ٿو.
هنن گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن پنهنجن ٻچن جي ڳولا ڪئي جن کي اڏامڻ لاءِ اڃا کنڀ به نه آيا هئا. پر چوڌاري ڪجهه به نه هو. مايوس ٿي هو پنهنجي پاڙيسري دوست نانگ وٽ پهتا. ساڻس سڄو احوال سربستو ڪري پنهنجن ٻچن جو پڇيو. نانگ هڪدم کهرائيءَ سان جواب ڏنو ته هو ڪو سندن ٻچن جو چوڪيدار نه هو جنهن کان پڇڻ آيا هئا. جيڪڏهن کين ٻچا اهڙا پرايا هئا ته کين ائين اڪيلو ڇڏي نه وڃن ها.
ڪانگن کي نانگ جي اهڙين ڳالهين تي بيحد گهڻو ڏک ٿيو. وقت سان گڏ آهستي آهستي نيٺ ڪانگ صبر ڪري ويهي رهيا. ڪجهه مهينن بعد آنن جو ڦوٽاڙو ٿيو ۽ سندن آکيرو ننڍن ننڍن ٻچن سان وري ڀرجي ويو. اهوڏسي کين تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ ان خوشي ۾ کانئن پراڻو صدمو بنهه وسري ويو. ٻارن جي سار سنڀال لاءِ هو هاڻ بيحد خبردار رهڻ لڳا. ٻنهي مان جڏهن هڪڙو کاڌي جي ڳولا لاءِ نڪرندو هو ته ٻيو ٻچن جي سنڀال لاءِ آکيري ۾ ئي ترسي پوندو هو.
پر هڪ دفعي اهڙو اتفاق ٿيو جو ٻنهي ڪانگن کي هڪ ئي وقت پنهنجن مائٽن سان ملڻ نڪرڻو پيو جيڪي نديءَ جي ٻئي پاسي رهيل هئا. شام جو جڏهن هو پنهنجي گهر موٽيا ته هڪ دفعو وري سندن آکيرو خالي خالي هو. سندن سڀ ٻچا غائب ٿي چڪا هئا. سڄو اوسو پاسو ڳولڻ تي به سندن پتو پئجي نه سگهيو. ٻچا نه ملڻ ڪري ماءُ واڪا ڪري روئڻ لڳي.
ٻئي ڏينهن هن پنهنجي مڙس ڪانگ کي چيو ته ٻارن جي سلامتي لاءِ هاڻ کين هتان لڏڻو پوندو. ان وڻ مان لڏو پٽي ڪنهن ٻئي وڻ ۾ آکيرو ٺاهڻو پوندو. جتي حفاظت سان ٻارن کي نپائي وڏو ڪري سگهجي. هنن کي پڪ ٿي ويئي ته سندن غير حاضري ۾ نانگ ئي سندن ٻچا ڳڙڪائي ڇڏيا هئا. پر پيءَ ڪانگ خطري کان ڀڄڻ بدران ان سان مقابلو ڪرڻ چاهيو ٿي. هو ڪيترن ئي سالن کان ان وڻ ۾ رهندا اچن. هن اتي رهي نانگ کي سبق ڏيڻ چاهيو. ان لاءِ هو پنهنجي پراڻي دوست لومڙ وٽ ويا. لومڙ ڪانگن جي ڏک ڀري ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير سوچ ۾پئجي ويو. آخرڪار هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي. هن پنهنجن دوستن کي ويجهو سڏي چيو: ”هن گهاٽي ٻيلي جي ڏورانهين ڪنڊ وٽ هڪ وڏي محل ۾ بادشاهه سلامت رهي ٿو. هن کي هڪ ڌيءَ آهي، جنهن سان هن کي بيحد گهڻو پيار آهي. اها شهزادي وهنجڻ لاءِ روزانو ڀر واري ڍنڍ تي ويندي آهي. هاڻ توهان ائين ڪريو جيئن سمجهايانوَ ٿو. اميد ته ان ظالم نانگ کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملي ويندي.“
لومڙ سڄي رٿ ڪانگن کي سمجهائي ته ڪيئن ٻئي ڏينهن شهزادي جڏهن وهنجڻ لاءِ اچي ته هو ڇا ڪن. ڪانگ پنهنجي دوست لومڙ جا ٿورا مڃي روانا ٿيا.
ٻئي ڏينهن ٻئي ڪانگ ڍنڍ جي ڪناري تي پهتا. ٿوري دير بعد شهزادي پنهنجن ساهيڙين سان گڏ وهنجڻ لاءِ ڍنڍ تي پهتي. هن ڪپڙا لاٿا ۽ سوني تند وارو هيرن جو هار لاهي ڪپڙن جي ڍير مٿان رکيو. پوءِ هن وهنجڻ لاءِ جيئن ئي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏنو ته ڪانگڻ پنهنجي چهنب ۾ هار کڻي پنهنجي آکيري ڏي وٺي اڏاڻي. پيءَ ڪانگ اتي ترسي شهزاديءَ جي نوڪرياڻين ۽ چوڪيدارن جا تاثر ڏسڻ لڳو.
هڪ چوڪيدار ڪانگڻ کي شهزاديءَ جو هار کڻي ويندو ڏسي ورتو ۽ رڙيون ڪري هڪدم ٻين کي به ٻڌايو. اهڙيءَ طرح سڀ لٺيون کڻي ڪانگڻ پٺيان ڊوڙڻ لڳا، جيڪا هار چهنب ۾جهلي سڀ کان اڳيان مٿان مٿان اڏامندي ويئي. پيءُ ڪانگ زور زور سان ڪان ڪان ڪري چوڪيدارن جو ڌيان ڪانگڻ ڏي ڇڪائيندو رهيو.
چوڪيدار ڍنڍ جي ڪناري کان وٺي ٻيلي تائين ڪانگڻ پويان ڊوڙندا آيا. رستي تي ڪيترائي دفعا هو ٿڙيا ٿاٻڙيا پر اک ڪانگڻ ۾هئين، جيڪا چهنب ۾ هار کڻيو پئي ويئي.
آخرڪار ماءُ ڪانگڻ پنهنجي آکيري وٽ اچي پهتي. هيٺان چوڪيدار به اچي گڏ ٿيا. ڪانگڻ وڏي چالاڪيءَ سان هار کي ان سوراخ ۾ کڻي ڪيرايو جنهن ۾ نانگ رهيل هو. تيستائين پيءُ ڪانگ به اچي پهتو ۽ ٻئي ڄڻا پري کان ويهي تماشو ڏسڻ لڳا ته چوڪيدار ڪيئن نانگ جي ٻر مان هيرن جو هار ڪڍن ٿا.
جنهن وقت نانگ جي ٻر ۾ ڪانگڻ هار ڪيرايو ان وقت نانگ گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. هار سندس ڀرسان اچي ڪريو. چوڪيدار وڻ اڳيان پهچي ويا تڏهن به نانگ بي خبر ستو رهيو. هڪ چوڪيدار لڪڻ سان هار کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. لڪڻ هار کي لڳڻ بدران جهڙو نانگ کي لڳو ته هو ڪاوڙ مان ٻاهرنڪري آيو. چوڪيدارن جي نانگ تي جيئن ئي نظر پيئي ته لٺين ۽ بانٺن سان کيس اُتي جو اتي ڍيري ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ شهزادي جو هار کڻي روانا ٿي ويا.
اهڙيءَ طرح ظالم نانگ جو موت ٿيو ۽ ڪانگ هاڻي بي فڪر ٿي زندگي جا باقي ڏينهن پنهنجي ئي پراڻي آکيري ۾ گذارڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment