Monday, February 21, 2011

حاجي سڳوري لاءِ دعوت - الطاف شيخ


حاجي سڳوري لاءِ دعوت
الطاف شيخ 

گهڻي وقت کان ڪبايان کي سڻڀو طعام نصيب نه ٿيو هو ۽ لڳاتار هفتن جا هفتا سندس گذر ’پاڻيءَ پسئي خشڪي ڀت‘ ۽ دال تي ٿي رهيو هو. هن ڪنهن ريت چڱو کائڻ چاهيو ٿي. ”پر ٻوڙ پلاءُ ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿو”“ هن سوچيو.


ڪبايان کي اها خبر هئي ته سندس سهرو حاجين مان متاثر آهي ۽ جڏهن به ڪو حاجي گس پنڌ مليس ٿو ته ان کي ماني کارائڻ بنا ڇڏي نٿو. ان لاءِ ماني به جهڙي تهڙي نٿو ڪرائي پر ڀت ۽ ڀاڄيءَ کان علاوه مڇي، ڪڪڙ ۽ ريڍو يا ٻاڪرو گوشت پڻ پچرائي ٿو. انهن طعامن جو سوچي ڪبايان جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو. سندس سهري کي اڃا حج نصيب نه ٿيو هو پر ڀلي پاڪ کان جيڪو به آيو ٿي ته ان کان اتي جون خبرون چارون پڇي پنهنجي دل خوش ٿي ڪئي.
ڪبايان کي اها رٿ واهه جي وڻي ته حاجين وارا ڪپڙا پائي حاجي ٿي سهري اڳيان اچجي ۽ سهرو کيس سچو حاجي سمجهي ضرور دعوت ڪندو. اهو سوچي هن آر جي اڇي ٽوپي ۽ اڇو ڪوٽ هٿ ڪيو جيڪي اڪثر حاجي پائي ايندا هئا. هيٺان هڪ صاف سٿرو سارونگ (گوڏ) ٻڌي . ڳچيءَ ۾ ڊگهي تسبيح ۽ پيرن ۾ تازا پالش ٿيل چڪمندڙ بوٽ پاتا ۽ پوءِ اکين هڪ پراڻي فئشن جي هڪ عينڪ چاڙهي. چپن مٿان کونئر هڻي هن ٻڪريءَ جا ڪجهه ڪارا وار ان تي چنبڙيا ته بلڪل مڇون ٺهي پيس.
ڪبايان کي خبر هئي ته سندس سهرو روز ان وقت ڪافي پيئڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ اچي ٿو. سو ڪبايان حاجيءَ جوروپ ڌاري ان هوٽل ۾ پهتو. اندر گهڙي ڏٺائين ته سندس سهرو هڪ ٽيبل وٽ اڪيلي سر ڪافي پي رهيو آهي. ڪبايان به ساڳي ٽيبل تي وڃي ويٺو. ويهڻ وقت سندس سهري ڪنڌ مٿي کڻي ڪبايان ڏي نهاريو. ڪبايان موٽ ۾ مرڪيو ۽ سمجهي ويو ته سندس سهري کيس بنهه نه سڃاتو.
”اسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاتة“ ڪبايان جهيڻي آواز ۾ سلام ڪيو.
”وعليڪم سلام ورحمة الله وبرڪاتة“ سندس سهري عزت سان جواب ڏنو.
ڪبايان ان بعد هٿ جي اشاري سان بئري کي سڏ ڪيو. پر سندس سهري يڪدم کائنس پڇيو: ”سائين منهنجا توهان ڇا پيئڻ پسند ڪندائو. ڇا مون طرفان ڪافيءَ جو ڪوپ پيئڻ قبول ڪندائو؟“
”اکين تي. توهان جي مهرباني.“
ان بعد سندس سهري بئري کي ڪبايان لاءِ ڪافي آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن اها آئي ته ڪبايان ڍُڪ ڀري پنهنجي سهري کي چيو: ”سائين توهان جا لک لائق. وڏي مسافري ڪري صبح کان آئون هلي هلي ٿڪجي پيو آهيان. هيءَ ڪافي پيئڻ سان ضرور فرحت اچي ويندم. شام جو وري مون کي پنهنجو سفر جاري رکڻو آهي.“
”حاجي صاحب اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. آئون ته هر وقت توهان جهڙن نيڪ ماڻهن جي خدمت جو انتظار ڪندو رهان ٿو. آئون پاڻ ته اڃا حج ڪري نه سگهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو توهان جهڙن جي دعائن رسڻ سان هڪ ڏينهن مون کي به اتان جو سڏ اچي وڃي.“
”ضرور ضرور، انشاءَ الله.“ ڪبايان چيو.
پوءِ سندس سهري چيو: ”حاجي صاحب توهان کي شام جو وري ڊگهي سفر تي نڪرڻو آهي هينئر ٿڪل به آهيو. منهنجي گهر ڇو نٿا هلي ماني به کائو ۽ آرام ڪريو.“
ڪبايان ٿوري دير لاءِ ماٺ ڪئي ڄڻ سوچي رهيو هجي ته آيا هن کي ترسڻ به کپي يا نه.“ منهنجي خيال............. ۾ ........“
”سائين مڙيئي خير آهي. ٿوري دير لاءِ فرحت ڪري پوءِ کڻي سفر تي نڪرجو.“
”چڱو ڀلا. توهان زور ٿا ڪريو ته مونکي قبول آهي. توهان جي مهرباني.“
ڪبايان جو سهرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حاجي (يعني ڪبايا) کي وٺي پنهنجي گهر آيو. گهر پهچي زال کي چيو: ”مون سان گڏ مهمان به آهي ۽ منجهند هتي ڪري پوءِ ويندو. سو وارو ڪر. هڪ ٻه ڪڪڙيون ڪهائي وٺ ۽ ڀت ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون تيار ڪري وٺ. ڪافي لاءِ کنڊ به ولايتي وٺي اچ.“
بهرحال ڪبايان پيٽ ڀري ماني کاڌي. اهڙو مزيدار ٻوڙ پلاءُ کاڌي هن کي ڏينهن ٿي ويا هئا. مانيءَ بعد هن يڪا ٽي چار ڪوپ ڪافيءَ جا به چٽ ڪيا. پر بدقسمتي سان ڪافيءَ جي گرمائش ۽ ٻاڦ هن جي مڇن جي کونئر کي وٽڙائي رکيو ۽ ٻڪريءَ جا وار جيڪي هن مڇن خاطر استعمال ڪيا هئا سي پنهنجي اصل جاءِ تان رڙهي اچي هيٺين چپ وٽ پيا. سندس سهرو جيڪو ڀر ۾ ئي ويٺو هو تنهن هيءَ لقاءُ ڏسي سمجهي ورتو ته هي حاجي ڪو ٻيو نه پر سندس ئي ناٺي ڪبايان آهي. چڙ ته ڏاڍي ويس. هيڪر دل ۾ آيس ته ڀَت جو ڀريل پيالو منهن ۾ وهائي ڪڍيس پر بهتري ان ۾ سمجهي ماٺ ٿي ويو ته ان جو پلاند ٻئي ڪنهن ڏينهن لاءِ رکجي. سو هن ڪبايان کي اهوڏيک نه ڏنو ته هن سڃاڻي ورتو آهي. ان کانپوءِ سگهوئي ڪبايان هٿ ڇنڊي اٿي کڙو ٿيو. ”ماني ٽڪيءَ لاءِ وڏي مهرباني. سائين،“ ڪبايان چيو، ”شل سدا سکي رهو.“
”توهان به سدا سلامت رهو. هيڏانهن ڪڏهن وري اچڻ ٿيانوَ ته پيا منهن ڏيکارجو.“ سندس سهري پنهنجي ڪاوڙ کي اندر ئي دٻائي ٻاهران خوشيءَ جو اظهار ڪيو. کيس خارون ته ڏاڍيون پئي آيون ته هن پنهنجي نڪمي ناٺيءَ کي ڏني نه ورتي ويهي هيڏي ماني کارائي ۽ هاڻ ڪنهن ريت پنهنجي ناٺيءَ مان پڻ ايڏي وڏي دعوت ڪڍڻ لاءِ سٽل سٽڻ لڳو.
ان ڳالهه کي مهينو ٻه ٿي ويو پر ڪبايان جي سهري ان بابت گهر ۾ ڪوبه ذڪر نه چوريو. هڪ ڏينهن ڪبايان جيئن گهر ۾ ليٽيو پيو هو ته درتي ڪنهن اچي تاڙي هنئين. اٿي در کوليائين ته سامهون هڪ حاجي نظر آيس.“ ”سائين اسلام عليڪم.“ حاجي چيو.
”وعليڪم سلام، سائين.“ ڪبايان وراڻيو.
آئون آگوس نواريءَ نالي هڪ همراهه کي ڳولي رهيو آهيان مون سمجهيو ته هو هن ڳوٺ ۾ رهي ٿو پر افسوس جو هتي نظر نه آيو.“
”مون کي پڻ اهڙي نالي وارو ڪو همراهه نٿو سجهي.“ ڪبايان جواب ڏنو.
”ڀائو!“ حاجيءَ چيو، ”سندس ڳولا ۾ سڄي شهر ۾ ڦرڻ ڪري ٿڪجي پيو آهيان.“
ڪبايان ايتري ۾سمجهي ويو ته حاجي حقيقت ۾ سندس سهروئي آهي پر هن نمونو اهو ڪيو ڄڻ هن پنهنجي سهري کي نه سڃاتو آهي.
”حاجي صاحب! ڀلا اندر اچي ڪجهه دير لاءِ آرام ڪيو.“
”هائو بابا. مهرباني. مون کي ٿوري دير آرام ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي.“
ڪبايان جو سهرو اهو چئي اندر آيو ۽ کٽ تي پٿل ماري ويٺو.
”توهان جي منهن مان ئي لڳي ٿو ته توهان تمام گهڻو ٿڪل آهيو ۽ ماني به شايد نه کاڌي اٿوَ. توهان ويهو ته آئون پنهنجي زال کي چئي ٿو اچان توهان لاءِ ڪا ماني ٺاهي وٺي.“
”وڏي مهرباني. واقعي مونکي ڏاڍي بک آهي.“
ڪبايان پاسي وارو در ٽپي پٺيان آيو جتي سندس زال ڪڪڙين کي ان ڏيئي رهي هئي. هن ڄاڻي واڻي زال سان وڏي واڪي ڳالهايو جيئن سندس سهرو به ٻڌي سگهي: ”عجيم! پاڻ وٽ هڪ معزز مهمان آيو آهي.“
ڪبايان اهو ڪير آهي؟“ سندس زال پڇيو.
”ڪو حاجي آهي. ڀلين جاين جي زيارت ڪري موٽيو آهي. پاڻ کي هن لاءِ عاليشان ماني تيار ڪرڻ کپي. هو تمام گهڻو بکايل آهي. هڪدم چانور ۽ ڀاڄي چلهه تي چاڙهي پوءِ وڃي ڪو وڏي ٻانگ وارو متارو ڪڪڙ ڪهائي اچ.“
”پر- پر، ڪابيان، پاڻ وٽ.....“ سندس زال ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي پر ان کان اڳ ڪبايان رڙي ڪري چيس.:
”نه نه. ڪڪڙ نه. ههڙي ڀلاري حاجي لاءِ ڪڪڙ رڌڻ صحيح نه ٿيندو. پاڻ کي ڪا ٻڪري يا رڍ حلال ڪرڻ کپي. هيئن ڪر جو ڪا ٿلهي سگهاري رڍ کڻي وڃي ڪاسائي کان ڪهائي اچ.“
”پر ڪبايان، توکي ته خبر آهي ته پاڻ وٽ ڪابه ٿلهي متاري رڍ ناهي.“ عجيم چيو.“
”ها. اها ته مونکي به خبر آهي. پر تنهنجي پيءَ وٽ ته آهي سندس گهر جي پويان هڪ گهيٽو ٻڌو پيو اٿئي. ان کي ڇوڙي ڪهائي اچ.  تنهنجو پيءُ بلڪل رنج نه ٿيندو. پاڻ خوش ٿيندو ته پاڻ حاجيءَ جي مزماني ڪئي. هو پاڻ به ته چوندو رهندو آهي ته حاجين کي سٺي ماني کارائڻ ثواب جو ڪم آهي. مهينو ڏيڍ اڳ به  هن هڪ اڻ ڄاڻ حاجيءَ کي عاليشان ماني کارائي هئي. چڱو هاڻ گهڻي دير نه ڪر. جلدي ائين وڃي ڪر جيئن ٻڌايو مانءِ.“
هوڏانهن جڏهن ڪبايان جي سهري اهو ٻڌو ته سندس ئي نقصان ٿو ٿئي ته اچي پريشان ٿيو. هن کي پنهنجي ٿلهي متاري گهيٽي جو فڪر ٿيو ته ماڳهين ٿو ڪسي. سو ماٺ ڪري ويهڻ بدران ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ سڌو رڌڻي ڏي ڀڳو، جتي ڪبايان ۽ سندس زال بيٺي هئي. ”سائين مون چيو منهنجي ڳالهه ته ٻڌجو. مهرباني ڪري مون لاءِ ماني نه ڪجو. مون کي هينئر هينئر هڪ ضروري ڪم ياد آيو آهي. ان لاءِ مونکي هينئر جو هينئر ڀر واري ڳوٺ ۾ پهچڻو آهي. ان ڪري آئون ته هلان پيو، خدا حافظ.“
اهو چئي هو ائين وٺي ڀڳو جو ڪبايان کي جواب ڏيڻ جو به موقعو نه مليو.
عجيم وائڙن وانگر ڪبايان ڏي نهاريندي چيو: ”تنهنجي مهمان حاجي صاحب کي ٿيو ڇا جو وٺي ڀڳو؟“
ڪبايان مرڪندي وراڻيو: مون کي پاڻ خبر ناهي.“



No comments:

Post a Comment