Sunday, February 20, 2011

هيرن جو صوف - الطاف شيخ

هيرن جو صوف
الطاف شيخ 

هڪ هو بادشاهه جيڪو نيڪ دل ۽ رحمدل هو. هن جي رعيت هن مان بيحد خوش هئي. هر ماڻهو هن کي دعائون ڏيندو هو، پر هڪ ڳالهه ڪري ماڻهو سخت پريشان هئا. اها ڳالهه هيءَ هئي ته هنن جي دلعزيز بادشاهه شادي نٿي ڪئي. هو وڏي عمر جو ٿي وڃڻ جي باوجود اڃا ڪنوارو هو.
هڪ ڏينهن هن جي وزيرن تنگ ٿي هن کي چيو: ”سائين منهنجا، جيڪڏهن توهان اسان جا بادشاهه ٿي رهڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي هر صورت ۾ شادي ڪرڻي پوندي.“


بادشاهه وراڻيو: ”جيڪڏهن توهان جي اهائي خوشي آهي ته پوءِ مون کي قبول آهي. پر شادي آئون اهڙي ڇوڪريءَ سان ڪندس جيڪا هڪ سؤ فوٽن جي فاصلي تان صوف هڻي منهنجو تاج ڪيرائي ڏيکاري.“
ڪجهه ڏينهن بعد وزيرن شهر جي تمام سهڻين ڇوڪرين کي محل ۾ گڏ ڪيو. هر ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ صوف هو. پوءِ جڏهن مقابلو شروع ٿيو ته ڪابه ڇوڪري صوف اڇلي بادشاهه جو تخت ڪيرائي نه سگهي. هنن کي اهوئي ڀؤ ٿيو ٿي ته ڪٿي اهو صوف گسي نه وڃي ۽ بادشاهه سلامت جي منهن کي نه وڃي لڳي. ان ڪري هو صوف کي صحيح نشاني تي اڇلي نه پئي سگهيون.
جڏهن سڀ ڇوڪريون بازي کٽي نه سگهيون ته اتي هڪ ڊگهي سنهي چست ڇوڪري اڳيان وڌي. هن جي مٿي تي ٿلهي چادر هئي ۽ هٿ ۾ جيڪو صوف هو ان تي  هيرا چڙهيل هئا. هوءَ سؤ فوٽن جي فاصلي تي ٿي بيٺي ۽ پوءِ نشاني ڏي چڱي طرح نهاري صوف اڇلايو. ٻي لمحي بادشاهه جي مٿي تان تاج اڏامي وڃي پري پيو. سڀني ماڻهن خوشيءَ وچان تاڙيون وڄايون ۽ هر شخص ان ڇوڪريءَ کي شاباس ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌيو پر اها ڇوڪري هڪدم غائب ٿي ويئي. بادشاهه حڪم ڏنوته ان ڇوڪريءَ جي يڪدم ڳولا ڪئي وڃي. وزيرن ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ڏي سپاهي ۽ جاسوس ڀڄايا پر ڇوڪريءَ جي نه هيءَ خبر نه هوءَ خبر.
ٻن ٽن مهينن بعد بادشاهه وري ملڪ جي سهڻين ڇوڪرين کي گهرايوپر ڪابه ڇوڪري هن جو تاج ڪيرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. ايتري ۾ وري ساڳي ڊگھي ڇوڪري ظاهر ٿي. هن هيرن سان جڙيل صوف اڇلايو، بادشاهه جو تاج ڪري پيو ۽ پاڻ غائب ٿي ويئي. بادشاهه جي سپاهين هن کي جهلڻ ۽ ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هوءَ هرڻيءَ وانگر ڇال هڻي نظرن کان غائب ٿي وئي.
هاڻ بادشاهه اداس رهڻ لڳو. هو روز صبح جو اڪيلي اڪيلي شڪار تي نڪري ويو ٿي ۽ شام جو ماٺ مٺوڙي ۾ موٽي آيو ٿي.
هڪ دفعي هو جهنگل ۾ شڪار پٺيان تمام پري نڪري ويو، اتي هن کي شام ٿي وئي. سج غروب ٿي چڪو هو ۽ هاڻ چوڌاري اونداهه هئي. ايتري ۾ هن کي پري کان هڪ هنڌ لالٽين ٻرڻ جي روشني نظر آئي. هو اوڏانهن وڌڻ لڳو. ويجهو اچي معلوم ٿيس ته اهو هڪ پوڙهي عورت جو گهر آهي. ان عورت کي ٻه ڌيئون هيون ۽ اهي ٻئي ڪوجهيون هيون. بادشاهه سلامت گهر ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ڇوڪرين کان اجازت ورتي پر ڇوڪرين صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ هنن جي ماءُ اچي وئي. هن بادشاهه کي سڃاڻي ورتو. هوءَ هن کي اندر وٺي آئي ۽ هن لاءِ صاف سٿري چادر وڇائي.
رات جو بادشاهه سمهڻ لڳو ته هن کي ڀر واري ڪمري مان هن پوڙهي عورت جو زور زور سان ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ ڪنهن ڇوڪريءَ تي چڙ ڪري رهي هئي.
صبح جو جڏهن وڃڻ لڳو ته هن پوڙهي عورت کان پڇيو: ”رات توهان ڪنهن تي ڪاوڙيل هيون؟“
پوڙهيءَ چيو: ”منهنجي هڪ ويڳي ڌيءَ آهي. هو بيحد سست ۽ ڪاهل آهي. پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو سهڻي سمجهي ٿي. رات هن مانين جا ڀور ڀورڪري ڇڏيا. پڇيومانس ته ائين ڇو ڪيئي ته چوي ٿي ته پنهنجي پاليل پوڙهي ٻري کي کارائينديس ڇو جو ان چٻري هن کي ٽي اهڙا صوف ڏنا آهن جن تي هيڙا مڙهيل آهن.
بادشاهه اهو ٻڌو ته هن جي دل ٽپ کائڻ لڳي. هن پوڙهيءَ کي چيو ”مهرباني ڪري تنهنجي ان ويڳي ڌيءَ کي گهراءِ آئون هن کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“
پوڙهيءَ هن کي سڏ ڪيو: ”او ڏائڻ، هيڏانهن اچ.“
اوچتودر کليو ۽ هڪ ڇوڪري ڦاٽل ۽ چتيون لڳل ڪپڙن ۾ ٻاهر نڪتي. هوءَ چنڊ کان  به وڌيڪ سهڻي لڳي رهي هئي. بادشاهه هن کي ڏٺو ته رڙ نڪري ويس.“ اڙي تون ته اهائي ڇوڪري آهي. اچ، مون سان گڏ هل، آئون توکي پنهنجي راڻي بڻائيندس.“
بادشاهه هن ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي سوار ڪيو ۽ محلات ۾ وٺي آيو. ڪجهه ڏينهن بعد ٻنهي جي شادي ٿي وئي ۽ هو خوشين جي زندگي گذارڻ لڳا.



No comments:

Post a Comment