Monday, February 14, 2011

ھن ڄار ۾ - امر جليل

ھن ڄار ۾
امر جليل
کير جھڙي انگريزياڻي ٽپ ڏيئي جيپ جي اڳين سيٽ تي عليءَ جي ڀرسان چڙھي ويٺي. عليءَ منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. اکين ۾ شرارت ھئس. چاٻي ڦيرائي جيپ جي مشين مان زوڪاٽ ڪڍيائين. گير وجھي، اوچتو کاٻو پير ڪلچ تان کنيائين ته جيپ سٽ ڏيئي حرڪت ۾ آئي. علي مھارت سان اسٽيشن جي ٽانگن کان جيپ بچائيندو، روھڙي شھر ڏانهن ڦري ويو. اسٽيشن روڊ جي لاھي لھندي پڇيائين، ڪيئن ٿو ڀائين شيخ.“
”اڄ جھڙي رات جنت ۾ به نه گذاريندين.“
مون انگريزياڻيءَ ڏانهن ڏسندي ٽھڪ ڏنو. ھن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. سمجھائين ڪجھ به نه، پر تڏھن به منهن تي مرڪ مڙي آيس. عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھ چيس، جنهن تي ھن به ٽھڪ ڏنو. ان ڏينهن زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ديسي ۽ ولايتي ٽھڪ ۾ فرق محسوس ڪيم. علي ساڻس ڳالھائيندو به رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين سڙڪن تان جيپ به ھلائيندو رھيو.

 
علي به واھ جو جوان مڙس آھي! سنڌي ھجن ته اھڙا! حيدرآباد  کان موٽندي روھڙي اسٽيشن تي انگريزياڻيءَ کي ڏسڻ شرط چيو ھئائين، ”شيخ، جي ھن کي ھٿ نه ڪيوسين، ته پوءِ ير حيف آ اسان جي مڙسيءَ تي.“
”وارو ڪر علي. ھي شڪار ماريئھ ته ڄڻ ٻئي جھان کٽيئھ.“
”تون اتي ئي ترس، مان اجھو ٿو ڪوڙڪي ۾ آڻيانس.“
”تڪڙ نه ڪجانءِ علي، پليٽ فارم تي سپاھي ٿا گھمن.“
”سپاھي پنهنجا سنگتي آھن، تون فڪر نه ڪر شيخ.“
سنڌي زميندارن وانگر فل سوٽ پائيندو آھيان، پر انگريزيءَ جو اکر  به نه ڄاڻان، مان اتي ئي ترسيس. عليءَ انگريزياڻيءَ ڏانهن وڌي ويو.
ھوءَ ڏاڪڻ وٽ سامان رکي ايندڙ ويندڙ سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي. پر سنڌي سٻاجھڙا ڀلا انگريزيءَ مان ڇا ڄاڻن! لڳس گھورڻ. کيس الفيءَ جھڙو ويڪرو، بنا ٻانهن چولو پيو ھو. وارن کي جائيتو رکڻ لاءِ آسماني رنگ جو سنهڙو رومال ٻڌو ھئائين. پيرن ۾ چھنبائي کڙيءَ سان چمپل ھئس. نيريءَ چوليءَ مان، جنهن جو نالو عليءَ سئڪ ٻڌايو ھو، سندس ڀريل پنيون اس ۾ جرڪي رھيون ھيون. لسيون لسيون بلوري ٻانهون چيلھ تي رکي بيٺي ھئي. کانئس وڌيڪ ڀرپور ۽ سنگ مرمر جھڙي عورت مون اڳ ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي.
سنڌ آھي انبن، کارڪن ۽ ڦٽين جو ملڪ، ھتي ست مھينا ھلن جھولا، لڪ لھسائي ۽ بڊو باھ لڳائي. اسان جي عورتن مان اچي پگھر جي بوءِ ۽ ڇيڻن جي ڌپ. پوءِ ڀلا ڪيئن اسان جي پنهنجين سنڌي عورتن ۾ اک ٻڏي!
مان انگريز عورت جون ٽنگون گھوريندو رھيس ۽ مڇ مروڙيندو ريس. مان سنڌ جو وڏو زميندار آھيان. وڏي رھائيءَ وارو آھيان، ان ڪري مڇ به وڏي رکندو آھيان. ٻه سنڌي انگريزياڻيءَ کي گھوريندا، منهنجي ڀرسان اچي لنگھيا. ھڪ
چيو، ”بلي بلي، زائڦان آھي، ڪي انگريزي فلمن جي ھيرائن!“
ھوءَ ھئي به اھڙي؛ ناريل جي ڳر جھڙي. خدا کيس جبلن جي برف جھڙو حسن ۽ رنگ روپ ڏنو ھو. کيس ڄڻ ته ملائي مکڻ سان ٺاھيو ھئائين. سندس ڏورا ڏسي نصرپور جا پيڙا ياد آيم. علي مڙسي نه ڪري ھا، ته جيڪر سڄي عمر پڇتائيندو رھان ھا.
علي آھي دلير جوان. ان سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪندو آھي، جنهن جو ٻيو نالو ھـذا من فضل ربي آھي. شوقين مڙس آھي. مرن ۽ عورتن جي شڪار جو ماھر آھي. مرن کي سڌو سنئون گولين سان ماريندو آھي، ۽ عورتن کي اٽڪلن جي بندوق ۾ دولت جا ڪارتوس ڀري ماريندو آھي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۽ ذات پات جي عورت نه ڇڏي اٿائين. ان ڳالھ تي فخر اٿس. اڪثر چوندو آھي، ’اسان سنڌي دنيا جي عورتن کي آزمائڻ لاءِ پيدا ٿيا آھيون.‘
علي ڪجھ دير عورت سان ڳالھائيندو رھيو ۽ پوءِ ھٿ جي اشاري سان مون کي سڏ ڪيائين. وک وڌايم. رن جي چمڙيءَ جو چلڪو ڏسي، دل جي چرٻي سيني ۾ رجندي محسوس ڪيم. ويجھو وڃي پڇيومانس، ”گٿو آھين ڇا؟“
”اھڙي بددعا ته نه ڪر يار.“ عليءَ وراڻيو، ”چئي ٿي، انگليڊ کان آئي آھي.“
”سنڌ گھمڻ؟“ حيرت مان پڇيم.
”ھا، موھن جي دڙي جي تاريخ لکڻ آئي آھي.“
”چري ته ناھي؟ ڀلا موھن جي دڙي ۾ ڇا رکيو آھي! ڊٺل شھر، ڀينگ، پڪ مغز خراب اٿس.“
”چئي ٿي، ته موھن جو دڙو دنيا جي قديم تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھيو آھي، ان ڪري کيس موھن جي دڙي سان انس آھي.“
”رن کي پڪ سنڌ جي گرمي لڳي آھي.“
”نه يار، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان خاص ان ڪم لاءِ اسڪالر ملي اٿس.“
”انگريز ڀوڪ ھميشه کان چريا، پيا ڀتر ٺڪر ميڙيندا.“
عليءَ جواب نه ڏنو. عورت سان ڳالھائيندو رھيو.
روھڙيءَ جي اسٽيشن سنڌ جي سڀني اسٽيشنن کان وڏي آھي. بيشمار مسافر لھن ۽ چڙھن. جيڪي لٿا، اسان جي چؤگرد گڏ ٿيندا ويا. واڇ گودو ھڻي وين. غريب غربا ھئا. عليءَ کين ڇڙٻ ڏني: اڙي ٽرو، پري ٿيو، عمر ۾ عورت به نه ڏٺي اٿو، وڃو وڃي سکر ۾ انگريزي فلم جو شو ڏسي سڪ لاھيو. پوءِ ٻن چئن پوليس وارن کي گھرائي، سنڌين کي پڳن وارا ڏنڊا کارايائين. تڏھن وڃي ڪا پيھ پري ٿي.
جڏھن خلق ٽڙي پکڙي ويئي، تڏھن عليءَ چيو، ”شيخ، روڊ سان موھن جي دڙي تائين وڃڻ ٿي چاھي.“
”ته پوءِ ھٻڪين ڇو ٿو؟ تنهنجي جيپ تيار آھي نه. نوڪرن ضرور آندي ھوندي.“
”ھا، ڏسين نٿو سامھون ڊرائيور بيٺو آھي.“
”ته پوءِ چئينس ته اسان کيس ويران شھر ۾ پھچائينداسين.“
عليءَ انگريزيءَ ۾ ڪجھ چيس. ھوءَ ڪجھ گھڙيون سوچيندي رھي. مان سندس ياقوتي چپ ڏسي، جي- بي منگھارام جا کٽمٺڙا ياد ڪرڻ لڳس. ٻه چار گھڙيون خاموش رھي، انگريزيءَ ۾ ڪجھ چيائين، ته عليءَ جي منهن تي رونق ڦھلجي ويئي. چيائين، ”شيخ ھلڻ لاءِ تيار آھي. اسان جا ٿورا مڃيا اٿائين.“
مون مولى جا لک شڪرانا بجا آندا، جو مرشد جي مھر سان مکڻ ملائيءَ جھڙي انگريزياڻي اسان کي مال غنيمت ۾ ڏنائين. مرشد سائين اھڙن ڪمن ۾ ھميشه منهنجي مدد ڪئي آھي. دل مان دعا نڪتي. شل سدائين جيئن سنڌ جا مرشد سڳورا.
انگريزياڻيءَ وٽ ڪپڙن لٽن جي پيٽين کان وڌيڪ ڪتاب ۽ نقشا ھئا. عليءَ پنهنجن نوڪرن کي سامان کڻڻ لاءِ چيو. نوڪر سامان مٿي تي رکي، اسان کان اڳڀرو ھلڻ لڳا. پليٽ فارم جي مٿان پل تان لنگھندي انگريزياڻيءَ عليءَ کان ڪجھ پڇيو. جواب ۾ عليءَ پنهنجو نالو، ۽ سنڌ جو نالو کنيو. ان مان سمجھيم ته ھن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ھئي. عورت سندس نالو دھرائيندي علي ۽ محمد جا نالا کڻي ڪجھ دير تائين ڳالھائيندي رھي. جواب ۾ علي به چڱي دير ڳالھائيندو رھيو. مون کان رھيو نه ٿيو. عليءَ کان ٺونٺ ھڻندي پڇيم، ”ھيءَ ڪافرياڻي الله ۽ رسول جا نالا ٿي کڻي، اھو ڪم ٺھي ٿو؟“
عليءَ وراڻيو، ”پڇيائين پئي ته حضرت علي حضرت ' جن جو سوٽ ھو ته پوءِ سندن وفات بعد ھو خليفو ڇو نه ٿيو؟
”مار! ڪافرياڻيءَ کي اسلام جي واھ جي ڄاڻ آھي.“
”مون وراڻيس ته اسلام جمھوريت جو حامي آھي.“
”واھ جو جواب ڏنئيس.“
”پر شيخ، رن به آڙيڪاپ آھي. پڇيائين، ته پوءِ حضرت علي ۽ امير معاويھ خلافت لاءِ ٻه خونخوار جنگيون ڇو لڙيا ھئا؟“
”يار ھيءَ ته بلا آھي. شيطان جي زال آھي،“ مون حيران ٿيندي چيو، ”تو ڪھڙو جواب ڏنس.“
”ٻڌايومانس ته مسلمان مختلف حصن ۾ ورھايل آھن، جن مان ھڪڙا آھن سني ۽ ٻيا شيعا. مان ان موضوع تي نه ڳالھائيندس.“
”شاباس!“
ھڪدم پڇيائين، ”اسلام جيڪڏھن ايڪائي ٿو سيکاري ته پوءِ توھان مسلمان ٻاھتر فرقن ۾ ڇو ورھايل آھيو؟“
”تو ڇا وراڻيس؟“
”جواب ڏنومانس، اسان وٽ ان سوال جو جواب ڪونهي.“
مان عليءَ سان ڳالھائي رھيو ھوس ته ھن مون ڏانهن اشارو ڪندي عليءَ کان ڪجھ پڇيو. عليءَ کيس جواب ڏيئي، مون سان مخاطب ٿيو، ”تنهنجي باري ۾ پڇيائين ته ڪير آھي؟ ٻڌايومانس ته سنڌ جو مشھور زميندار آھين.“
”ٻي به ڪا ساراھ ٻاراھ ڪرينس ھا.“
”چيومانس ته تون بيحد مھمان نواز آھين.“
”ٻيو ڪجھ؟“
”ھن رن کي اسان کان وڌيڪ سنڌ جي ڄاڻ آھي.“
”ڪيئن؟“
يورپ ۾ تاريخ جي شاگردن کي اھو ئي ٻڌايو ويو آھي، ته سنڌي مھمان نواز، رحمدل، سٻاجھا ۽ امن پسند آھن.“
”ڀلا پنهنجو نالو ٻڌايائين؟“
”ھا، نالو اٿس مارگريٽ.“
ڳالھيون ڪندا، ڏاڪڻ لھي، جيپ وٽ پھتاسين. نوڪرن سامان جيپ ۾ رکيو ۽ پري ٿي بيٺا. عليءَ نوڪرن ۽ ڊرائيور کي ريل رستي سکر اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ جيپ ھلائڻ لاءِ اڳين سيٽ تي ويٺو. مان پٺيان ويٺس ۽ مارگريٽ ٽپ ڏيئي عليءَ جي ڀرسان ويھي رھي. اسان جنهن وقت روھڙي شھر ۾ داخل ٿياسين، تنهن وقت سج آخري تجلو ڏيئي لينڊس ڊائونپل جي پويان ٽٻي ھڻي ويو. علي مارگريٽ سان ڳالھائيندو به رھيو ۽ ھوشياريءَ سان روھڙيءَ جي سوڙھين گھٽين مان جيپ به ھلائيندو رھيو.
ھن پڇيو ٿي، ۽ عليءَ يا ته وراڻيو ٿي، يا انڪار ۾ ڪلھا لوڏيائين پئي. منهنجي پڇڻ تي عليءَ وراڻيو، ”پڇي ٿي ته ساڳيو شھر آھي نه، جتان نوجوان عربي جنرل لنگھيو ھو.“
”عربي جنرل! ھتان ته جرمن- جپان واري جنگ جي ڏينهن ۾ انگريز سپاھي لنگھندا ھئا.“
سوچيم، ڇوري ضرورت کان وڌيڪ پڙھيل آھي، تنهنڪري وڦلي ٿي. ماٺ ميٺ ۾ چوسول ٽپي منسپل جي زبون عمارت وٽان ٿيندا، بندر روڊ تي پھتاسين. روھڙيءَ جو بندر روڊ سنڌوءَ جي ڪناري تي آھي ۽ سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري تي آھي سکر. جڏھن حاجنا شاھ پير وٽ جيپ پھتي، ته ھن عليءَ کي جيپ بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ ھڪدم جيپ بيھاري ڇڏي. مارگريٽ پنهنجن نقشن مان ھڪ نقشو ڪڍيو ۽ بايونٽ تي وڇائي غور سان جاچڻ لڳي. نقشي تي ھڪ ھنڌ ڳاڙھي پينسل سان منڌيئڙو ھڻندي، اورنگزيب ۽ دارا جا نالا کڻندي ڪجھ چئي ويئي. عليءَ کان پڇيم، ته ھن وراڻيو، ”بکر جي قلعي نالي چئي ٿي، ته ھي اھو قلعو آھي، جنهن ۾ اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀاءُ دارا کي سوگھو ڪري، سندس کاڌي پيتي جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا ھئا.“
”رن چري آھي.“
”يا اسان کي چريو ڪندي.“
”اھڙو واقعو اسان جي سامھون ته نه ٿيو ھو، باقي بکر جي قلعي ۾ شاھ صدرالدين جي قبر آھي، جتي لاھور ۽ ڪراچيءَ جون فسٽ ڪلاس ڪڃريون نچڻ ۽ ڳائڻ اينديون آھن.“
علي ۽ مان ايندڙ رات جي تات ۾ ھئاسين. ھوءَ پنهنجي ڪم ۾ رڌل ھئي. ڪڏھن نقشي تي ڳاڙھا نشان ھنيائين پئي، ۽ ڪڏھن پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ لکيائين ٿي. چڱي دير لکڻ کانپوءِ، جڏھن سانجھيءَ جا پاڇا ھر طرف ڦھلجڻ لڳا، تڏھن ھن نقشا ويڙھيا، ڊائري بند ڪئي ۽ موٽي اچي جيپ ۾ چڙھي ويٺي.
اسان اڳتي وڌياسين.
عليءَ جيپ جو رخ پل واري سڙڪ ڏانهن نه ڦيرايو ۽ سڌو بندر روڊ ورتائين. ناڪي کان ٿيندا، سيشن وٽان لنگھي، ستين جي آستان وٽ پھتاسين. عليءَ مارگريٽ کي انگريزيءَ ۾ ڪجھ ٻڌايو. جيڪي ڪجھ عليءَ ٻڌايس، ٻڌي اکين ۾ حيرت تري آيس. پنهنجي ڪئميرا ۾ بلب اٽڪائي، ستين جي آستان جا ٻه چار فوٽا ڪڍيائين. عليءَ کان پڇيم ته ڇا ٻڌائيسين؟ ھن وراڻيو، ”ٻڌايومانس ته ھي آستان انهن پاڪ دامن بيبين جو آخري آرام گاھ آھي، جن ھڪ بدنيت ڪافر جي ھٿ چراند کان بچڻ لاءِ خدا کان پنهنجي عزت ۽ عصمت جي حفاظت لاءِ دعا گھري ھئي. خدا سندن عرض اگھايو. جبل ڏري پيو ۽ نيڪ بيبيون اتي ئي دفن ٿي ويون.“
”بيشڪ، بيبين جي عزت الله کي پياري آھي. سبحان الله.“
مارگريٽ فوٽو ڪڍي چڪي ته علي اڳتي ھليو. ستين جي آستان کان وٺي سکر بيراج تائين سڙڪ جي ھڪ پاسي انبن ۽ کارڪن جا باغ آھن ۽ ٻئي پاسي سنڌو. سنڌوءَ جي پرئين پاسي سکر آھي. ستين جي آستان وٽان ڦري، بيراج جو رخ ڪيوسين. ھر طرف ذري گھٽ اونداھ ڦھلجي چڪي ھئي. سامھون سکر جي بندر ۽ گھرن جون بتيون روشن ٿي چڪيون ھيون. روشنيءَ جا ڪرڻا رنگا رنگي قطارن ۾ سنڌوءَ جي لھرن تان موٽ کائي رھيا ھئا. عليءَ کي چيم، ”انگريزياڻيءَ کي سامھون وارو نظارو ڏيکار. ڀل ڏسي ته اسان جي سنڌ ڪھڙي نه سھڻي  آھي. اجايو موھن جي دڙي ۾ ڌڪا کائڻ مان ڇا ورندس!“
علي مارگريٽ کي ڪجھ چيو. ھن منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺو. ٿورو مرڪيائين. سکر ڏانهن ڏسي عليءَ کي ڪجھ چيائين. عليءَ ترجمو ڪندي چيو، ”چئي ٿي جھڙي سونهن سنڌ جي ٻڌي ھيم، تهڙي ڏٺم.“
”ٻيو ڪجھ به چيائين ڇا؟“
”چيائين ته توھان سنڌي ڏاڍا رحمدل ۽ مھمان نواز آھيو.“
مون ايندڙ ٽھڪ کي نڙيءَ ۾ ئي روڪي ڇڏيو.
مارگريٽ سکر بيراج ڏانهن اشارو ڪندي عليءَ کان ڪجھ پڇيو. علي سندس سوالن جا جواب ڏيندو رھيو. جڏھن بيراج جي اڌ وٽ پھتاسين ته ھن عليءَ کي جيپ بيھارڻ لاءِ چيو. عليءَ جيپ بيھاري ڇڏي. ھوءَ ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿي ۽ بيراج جي ٻني تي ٻانهون رکي مھراڻ جي مستي ڏسڻ لڳي. پاڻي لوھي درن سان وڙھندو جھڙندو، لڙڪندو اڳتي ڌوڪيندي پئي ويو. علي وڃي سندس ڀر ۾ بيٺو. مان جيپ ۾ ئي ويٺو رھيس. ٻئي ڄڻا ڳالھائيندا رھيا. ڪجھ دير کان پوءِ جڏھن جيپ ۾ اچي ويٺا، تڏھن عليءَ کي چيم، ”اڙي ڀاڙي، متان دغا ڪئي اٿئي.“
”دلجاءِ ڪر شيخ.“ عليءَ وراڻيو، ”ونڊي ورھائي کائينداسين.“
”ڏاڍو سياڻو آھين، علي.“
جيپ جڏھن بيراج کان نڪري سکر شھر جو رخ ڪيو، تڏھن عليءَ کان پڇيم، ”ڪھڙيون ڳالھيون پئي ڪيئھ ھن سان.“
”ڇوريءَ جو مغز خراب آھي يار. چيائين پئي ته سنڌو نديءَ ۾ ھماليھ جي برف جو رجيل پاڻي آھي. جيئن ھماليھ بلند آھي، تيئن سنڌين جا اخلاق به بلند آھن.“
اسان ٻنهي ھڪ ٻئي ڏانهن مرڪي نهاريو.
عليءَ پڇيو، ”تنهنجي اوطاق ته واندي ھوندي نه؟“
”ھا، واندي ھوندي.“
”ڪو ڪامورو ترسيل ته نه ھوندو؟“
”نه بابا نه، سڀ ٻاھر ويل آھن.“
عليءَ چڱيءَ دير ھن سان ڳالھائڻ کانپوءِ مون کي چيو، ”تڪڙ چڱي نه ھئي. زوريءَ رات رھايونس ھا ته گوڙ ڪري ھا.“
”پوءِ ڪيئن رات رھڻ تي راضي ڪئيسين؟“
”چيومانس ته موھن جي دڙي ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي رات جو ڦر ٿيندي آھي. چاھين ته اسان ھلڻ لاءِ تيار آھيون. ورنه شيخ جي اوطاق رات گذارڻ لاءِ حاضر آھي.“
”واھ جو اٽڪلي آھين، علي، ير توکي ته ڪو وڏو عملدار ھئڻ گھربو ھو.“
”ھاڻي ڪنهن کان گھٽ آھيون ڇا؟“
علي شھر ۾ اندر نه ھليو، بيراج ڪالونيءَ مان ڦري شڪارپور روڊ ورتائين.
ڀرڪڻ کان اورتي منهنجي زمين ۽ اوطاق آھي. تر جا وڏا وڏا عملدار منهنجي اوطاق تي رات ملھائيندا آھن. تنهن ڪري صوبيدار سپاھي سڀ اسان سان ٺھيل آھن. اوطاق ۾ ڪنهن به قسم جو ڊپ ڊاءُ ڪونهي.
عليءَ جيپ آڻي اوطاق جي در ٻاھران بيھاري. نوڪر چاڪر ڊوڙندا آيا. مون سليمان کي ان ئي وقت ڪباب ۽ چاپون آڻڻ لاءِ سکر روانو ڪيو. مٺي شيديءَ کي ڀنگ گھوٽڻ لاءِ چيم. ڀنگ ڇوريءَ کي به پيئارڻي ھئي، تنهن ڪري ڀنگ ۾ ڦوٽا، خس خس باداميون ۽ مصري به وجھرايم. علي جيپ مان سامان لاھرائي رھيو ھو. مان اوطاق ۾ گھڙي ويس. پويون ڪمرو، جيڪو خاص اھڙن موقعن لاءِ ٺھرايل آھي، تنهن ۾ صفائي ڪرائي، پيٽروميڪس بتي ٻارائي ٻاھر آيس. علي ۽ ڇوريءَ کي ساڻ وٺي اندر ويس. ڪمري ۾ سنڌي سامان ڏسي، مارگريٽ جي دلچسپي وڌي ويئي. پلنگ ڪشمور جي ماھر واڍي ٺاھيو آھي. جنڊيءَ جون ڪرسيون ۽ ڊريسنگ ٽيبل ڏسي، ھن عليءَ کي انگريزيءَ ۾ ڪجھ چيو. عليءَ مون کان پڇيو، ”ھن جنڊيءَ جي ڪرسيءَ جي قيمت ٿي پڇي.“
”پنجويھين جي آھي.“
عليءَ کيس قيمت ٻڌائي. حيرت مان ڄڻ ڇرڪ ڀريائين. ڪجھ چيائين، عليءَ ٻڌايو، ”چئي ٿي ته توھان وٽ آرٽ جو قدر ڪونهي.“
”ٻڌائينس ته اسان وٽ آرٽسٽ ئي ڪونهن. ھجن ھا ته قبرستان جي خاڪ اڏائن ھا.“
اتي ئي بيٺا ھئاسين ته مٺو شيدي ڀنگ جو جڳ ۽ ٽي گلاس کڻي آيو. پھريون گلاس ڀري مارگريٽ کي ڏنوسين. مٺاڻ ۽ ٿڌاڻ ڪري پيئندي ويئي. اڌ گلاس پي، عليءَ کان ڪجھ پڇيائين.
”پڇي ٿي ته ھي لذيذ شربت ڇاجو ٺھيل آھي.“
”ٻڌائينس ته ھيءَ درويشن جي ٻوٽي آھي.“
عليءَ کيس ٻڌايو.
ھن کي ڀنگ پيئاري اسان ٻاھر آياسين. ھوءَ ٻاھر نه آئي. ٿوري دير کان پوءِ سليمان ڪباب ۽ چاپون کڻي آيو. کائڻ جو مال ۽ ڀنگ جو ٻيو جڳ ڀرائي وري اندر وياسين. ھوءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪجھ لکي رھي ھئي. سامان ٽيبل تي رکائي، کيس سڏ ڪيوسين. ھوءَ آئي ۽ ڪرسي سوري ميز جي پاسي کلي ٿي ويٺي. عليءَ ڪبابن جي ٿالھي ڏانهنس وڌائي. ھن ڪباب جو ٽڪر وات ۾ وجھي، ڀنگ جو ڍڪ ڀريو. اکيون ڳاڙھيون ھئس. پھرئين گلاس جو اثر ظاھر ٿي رھيو ھو. عليءَ کي ڪجھ چيائين.
علي مون سان مخاطب ٿيو، ”ڀنگ لڳي اٿس. سمجھي ٿي سفر
جي ٿڪ ڪري مٿي ۾ ڦيري محسوس ٿي رھي آھيس.“
”ايتري ۾ ڍيري ٿيڻ نه ڏجانس، ڳالھائيندو رھينس.“
علي ساڻس ڳالھائڻ لڳو ۽ گفتگو جو ترجمو مون کي ٻڌائيندو ويو. چيائين، ”مڱيل آھي، سندس مڱيندو ٺونشيباز آھي.“
”ٺونشيباز!“
”ھا، Boxer آھي. ھڪٻئي کي ڏاڍو چاھيندا آھن.“
”ٺونشيباز سان عشق ڪندي آھي؟“
”ھا، سندس مڱيندي جو سينو ٻائيتاليھ انچ ويڪرو، قد ساڍا ڇھ فوٽ ۽ ٻانهن جو ڏورو سورھن انچ آھي.“
”ماڻھو آھي يا راڪاس.“
”راڪاس ٿو ڀانئجي.“
”اِجھو ھت اچي ته نه نڪرندو؟“
عليءَ کان ٽھڪ نڪرير ويو. ”راڪاس انگلينڊ ۾ ٺونشيبازي ڪندو ھوندو، سندس پري اسان وٽ آھي.“
”ٻيو ڇا چيائين؟“
”سندس مڱيندي کيس آفريڪا وڃڻ جي اجازت نه ڏني ھئي، ڇو جو اتي جھنگلي ۽ وحشي رھندا آھن ۽ سنڌ لاءِ کيس خوشيءَ سان موڪل ڏنائين.“
ايترو ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ نه عليءَ ڳالھايو، نه مون. ھوءَ ڪباب به کائيندي رھي ۽ ڀنگ جا ڍڪ به ڀريندي رھي. ڪباب لذيذ ھئا. مرچ به منجھن سرس ھئا، تنهن ڪري زبان ۽ وات کي ٺارڻ لاءِ ھو ڀنگ جا ٻه گلاس پي ويئي. خالي گلاس ميز تي رکي، ھوءَ پنهنجي پلنگ تي وڃي ليٽي. پرس مان ھڪ گوري ڪڍي ڦڪيائين. عليءَ کانئس گوريءَ جي باري ۾ پڇيو. ھوءَ جواب ڏيئي، ڀت ڏانهن منهن ڪري ليٽي پئي. عليءَ چيو، ”چئي ٿي ته ٿڪ سبب مٿي ۾ ڦيري محسوس ڪري رھي آھيان.“
اسان ٻنهي مرڪيو.
اتان اٿياسين. چيم، ”ڀنگ گھڻن جي ڀينگ ڪئي آھي، پر آھي درويشن جي ٻوٽي.“
ورانڊي ۾ پھتاسين ته عليءَ چيو، ”شيخ ڀلا ڪر بسم الله.“
”اھڙي ڪا ٻي ڳالھ.“
اسان ٻنهي ڪپڙا لاھي ڪليءَ تي ٽنگيا. ھڪ ٻئي ڏانهن ڏٺوسين. پڌر واري دري بند ڪرڻ لاءِ وڌيم. لالٽين جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ ڏٺم ته دريءَ ٻاھران ھڪ بکايل ڪتو منهنجي چوزي کي چٻاڙي رھيو ھو. منهنجين اکين ۾ رت لھي آيو. اتان ئي مٺي شيدي کي رڙ ڪيم. ”اڙي شيدي، بدبخت. ڪتي جي ايڏي مجال جو منهنجي چوزي کي ماري! اڙي ھڻينس بندوق ۽ اڦٽ ماري وجھينس.“
شيديءَ بندوق کڻڻ لاءِ ڊوڙ پاتي.
اسان ٻئي رن جي ڪوٺيءَ ڏانهن وڌياسين. در وٽ پھتاسين ته عليءَ چيو، ”شيخ، وارو ڪر. وڌي وڃي ٻک وجھينس.“
مان در جي وچ وڃي بيٺس. علي اوٽ ٿي بيٺو. مون وک اڃا مس وڌائي جو خاموش فضا ۾ ڪارتوس ڇٽڻ جا ٻه آواز ٿيا. ھوءَ ڇرڪ ماري اٿي ويٺي. اکيون مھٽيندي در ڏانهن ڏٺائين. مون تي نظر پيس، ته ذري گھٽ کانئس رڙ نڪري ويئي. ھوءَ پلنگ تي ڀت ڏانهن سرڪندي ويئي. ڪاوڙيل لھجي ۾ ڪجھ چوڻ لڳي. ڪجھ به سمجھي نه سگھيس. پر محسوس ڪيم ته ھوءَ سنڌ تي ڇوھ ڇنڊي رھي ھئي. عليءَ کي سڏ ڪيم علي به منهنجي پاسي ۾ اچي بيٺو. عليءَ کي به ساڳئي حال ۾ ڏسي رن کان دانهن نڪري ويئي. عليءَ کان پڇيم، ”اسان سنڌي آھيون، گاريون برداشت نه ڪندا آھيون. رن گاريون ٿي ڏئي ڇا؟“
علي وراڻيو، ”پنهنجن پروفيسرن ۽ ڪتابن کي گاريون ٿي ڏئي.“
رن ڏانهن وڌندي چيم، ”ٻڌائينس ڇو نه ٿو علي، ته ھيءَ سنڌ، موھن جو دڙو ناھي.“
ھوءَ ھيسيل ھرڻيءَ وانگر ڪنبڻ لڳي. ڊنل ڊنل نگاھن سان مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. اوچتو، ڇلانگ ماري وڃي سوگھو ڪيومانس.

No comments:

Post a Comment