Monday, February 21, 2011

شيشي جو ٻوچ - الطاف شيخ

شيشي جو ٻوچ
الطاف شيخ 

گهڻواڳ جي ڳالهه آهي ته بئنڪاڪ شهر ۾ هڪ تمام وڏي نالي ۽ ساک وارو هيرن جو واپاري رهندو هو. سندس نالو ڦارا چمن هو. ڦارا چمن ڪنهن  به قيمتي هيري يا پٿر کي ڏسڻ سان پهرين نظر ۾ ئي ان جو ملهه ٻڌائي سگهندو هو. سندس مقابلي جو سڄي بئنڪاڪ ۾ ٻيو ڪوبه جواهري نه هو. ملڪ جون راڻيون، شهزاديون ۽ امير ماڻهن جون زالون هيرن جي چونڊ ۽ خريداريءَ لاءِ هنجي دڪان تي اينديون هيون.


بئنڪاڪ شهر ۾ انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ٻيو ماڻهو ”نائي ڪرو“ نالي پڻ رهندو هو. نائي ڪرو غريب ۽ اڻ پڙهيل هو پر ڦارا چمن سان سندس عليڪ سليڪ هئي ۽ هن وٽ اڪثر گهمڻ ايندو رهندو هو.
هاڻ ڳالهه هينئن ٿي ته نائي ڪرو کي ڪٿان عطر جي خالي شيشي جو صوفي ٻير جيڏو گول ٻوچ ملي ويو جنهن جو جيتوڻيڪ تر ڀڳل هو پر اهو ڪرسٽل گلاس جو هجڻ ڪري هيري وانگر چمڪي رهيو هو. نائي ڪرو ان ٻوچ جي تري کي گهي گهي اهڙي نموني سان ڪنڊون ۽ پاسا ٺاهي ڇڏيا جو پري کان ڏسڻ سان ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن اعلى. ڪاريگر هي وڏي سائيز جو هيرو ويهي گهڙيو هجي. پر ويجهو ڏسڻ سان ڪير به دوکو نٿي کائي سگهيو ۽ صاف صاف لڳو ٿي ته شيشي جي ٻوکچي هيري وانگر گول ڪيو ويو آهي.
هڪ ڏينهن نائي ڪرو ان ٻوچ کي گلابي لغڙائي پني ۾ ويڙهي ڦارا چمن جي دڪان تي کڻي آيو“، ”سائين مون تمام جهونو هيرو آندو آهي جيڪو ڪيترن ئي پيڙهين کان اسانجي خاندان وٽ حفاظت سان سانڍبو اچي. هاڻ منهنجي ماءُ جي مرڻ تي اهو هيرو مون کي ورثي ۾ مليو آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان کي ڇا ڪريان. اهو سائز توڙي ملهه ۾ ايڏو وڏو آهي جو پائڻ تي دل نٿي چوي ۽ ساڳي وقت ان کي ٽجوڙيءَ ۾ بندڪري رکڻ به ڪا عقلمندي نه ٿيندي جو آئون هڪ غريب ماڻهو آهيان ۽ پيٽ گذر لاءِ مون کي خرچ ٿو کپي، ان ڪري اهو قيمتي پٿر اوهان وٽ کڻي آيو آهيان ته اهو مون کي وڪڻائي ڏيو. آئون اهو نٿو چوان ته ڪو توهان مون کان خريد ڪريو، پر جيئن ته توهان ناليرا واپاري آهيو، ان ڪري آئون اهو توهان وٽ ڇڏي وڃڻ ٿو چاهيان ته جڏهن به توهان کي وجهه لڳي ته مهرباني ڪري مون لاءِ اهو سٺي اگهه ۾ نيڪال ڪري ڏيندا.“
اهو چئي هن ڌيرج سان گلابي پني کولي منجهائنس ”هيرو“ ڪڍي ڦارا چمن کي ڏسڻ لاءِ ڏنو. جنهن کي ڏسڻ سان ڦارا چمن کان ٽهڪ نڪري ويا ۽ نائي ڪرو ڏي گهوريندي وراڻيو:
”دماغ ته جاءِ تي اٿئي ٺڳ ڪٿي جا! شيشي جي ٻوچ کي املهه ماڻڪ سڏي مون وٽ وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو آهين؟“
اهو ٻڌي نائي ڪرو ائين کڻي شڪل ٺاهي ڄڻ هن تي ڪو ڪوڙو الزام هڻي رهيو هجي. ڏکويل دل سان هو اها حقيقت مڃڻ کان انڪار ڪرڻ لڳو. ويتر وڏا وڏا قسم کڻڻ لڳو ته اهو سچ پچ هڪ جهونو قيمتي هيرو آهي. ”اهو منهنجي ڏاڏي کي سندس پڙڏاڏيءَ کان مليو هو ۽ ان وقت کان هيءَ قيمتي شيءِ اسانجي خاندان جي نشاني طور هلندي اچي ۽ وڏي سنڀال سڙيءَ سان اسان رکندا اچون. پر جيڪڏهن توهان کي مون تي يقين نٿو اچي ته مهرباني ڪري هن کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ ڪڏهن به ڪو گراهڪ اچي نڪري ته ان کي مون پاران جوڳي قيمت ۾ وڪڻي ڇڏجو ۽ آئون توهان کي هرگز نٿو چوان ته اهو توهان مون کان خريد ڪريو پر جڏهن به ٿي سگهي ته ڪنهن ٻئي وٽ هلائي ڇڏجو.“
نائي ڪرو جي سنجيدگي کي ڏسي ڦارا چمن کي عجب لڳو ۽ سندس دل رکڻ لاءِ اهو پٿر پاڻ وٽ رکڻ جي حامي ڀري ۽ نائي ڪرو کان ان جو اگهه پڇيو ته ڀلا جيڪر وڪامي ته هو ڪيستائين ان ”هيري“ کي وڪڻي ڇڏي. پر نائي ڪرو جڏهن ٻڌايو ته هن کي هيري (ٻوچ) جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار باٿ ملڻ کپن ته ڦارا چمن کان کل نڪري ويئي ۽ چيوِ: ”جيڪڏهن ڏهه باٿ چوين ته شايد ڪو متين جو موڙهيل پنهنجي ٻليءَ کي ڳچيءَ ۾ وجهڻ لاءِ وٺي وڃي. بهرحال مڙيئي خير آهي. تون چاهين ٿو ته ڀلي ڇڏي وڃ، آئون پڪ نٿو ڏيانءِ پر جيڪڏهن ڪنهن کي ان جي خريد ڪرڻ جو شوق ٿيو ته ڏسندس من تولاءِ ڪجهه ڪري سگهان.“
ان بعد نائي ڪرو اهو ”هيرو“ ڦارا چمن جواهريءَ جي حوالي ڪري سندس دڪان مان نڪتو.
ٽي مهينا گذري ويا، ڦارا چمن جي دل تان ان پٿر جي ذري گهٽ ڳالهه ئي وسري ويئي ته هڪ ڏينهن ڪنهن محلاتي شهزادي جو خدمتگار ڦارا چمن جي دڪان ۾ گهڙيو ۽ عرض ڪيو ته هو پنهنجي رياست جي شهزادي جي چوڻ مطابق هڪ اعليَ قسم جو هيرو خريد ڪرڻ لاءِ سندس دڪان ۾ آيو آهي. سندس شهزادي کي موتين جي مالها جي وچ ۾ اهو هيرو پؤئي زال کي سوغات طور ڏيڻو آهي. جيئن ته سڄي بئنڪاڪ شهر ۾ ڦاراچمن جهڙو ڪو ٻيو هاڪارو هيرن جو واپاري نه آهي سو هي پهرين هن وٽ هليو آيو آهي.
ڦارا چمن کيس چانهه پاڻي پيئاري هڪ کان هڪ اعليَ هيرا ڏيکارڻ شروع ڪيا. پر انهن مان ڪوبه شيشي جي ٻوچ جيڏو وڏو نه هو. خدمتگار وڏي چاهه ۽ خيال سان هڪ هڪ هيرو ڏسندو ويو انهن مان ڪن جي تعريف ڪئي ته ڪن جي ٺلهي واهه واهه. مثال طور ڪو هيرو قيمتي ٿي لڳس ته سندس سائيز مان مطمئن نه هو ۽ ڪنهن جي سائيز صحيح ٿي لڳس ته ان جي سونهن مان متاثر نه پئي ٿيو ۽ ڦارا چمن کي اڃا به ٻيا هيرا ڏيکارڻ لاءِ چيو خاص ڪري وڏي ماپ وارا.
ڦارا چمن هيترا سارا هيرا ڏيکاري ڏيکاري هاڻ سخت بيزار ٿي پيو هو ۽ ساڳي وقت انهن کان علاوه ٻيو ڪوبه هيرو سندس دڪان ۾ نه بچيو هو جيڪو قيمتي هجي ۽ جيڪي قيمتي هئا تن مان گراهڪ کي هڪ به پسند نه هو. ايتري ۾ هن کي هڪدم شيشي جي ٻوچ جو خيال آيو جيڪو نائي ڪرو هن وٽ ڇڏي ويو هو. پهرين ته هن کي اهو ڏيکاريندي شرم ٿي آيو جو بئنڪاڪ جي هيڏي وڏي دڪاندار لاءِ اهو ڪوڙ ڳالهائڻ ڏکيو ڪم هو ته هڪ شيشي جي ٻوچ لاءِ گراهڪ کي چوي ته اهو سچو هيرو آهي. پر هڪ ته هن وٽ هاڻ ڪو ٻيو هيرو ڏيکارڻ لاءِ بچيو به نه هو ۽ ٻيو ته هي سمجهي ويو ته خدمتگار کي هيرن جي ڪابه سڃاڻپ يا سڌ سماءٌ ناهي. سو بيزاري مان اهو شيشي جو ٻوچ کڻي چيو: ”جيئن ته توکي منهنجن هيرن مان ڪوبه پسند نه آهي پر شايد هن کي ڏسڻ چاهين جيڪو منهنجو ته نه آهي ۽ نه ان جي گارنٽي ڏئي سگهندس. هي منهنجي هڪ دوست وڪڻڻ لاءِ هتي رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو توکي پسند اچي وڃي.“
شيشي جي ٻوچ ڏسڻ سان خدمتگار کي اهڙو ته وڻي ويو جو يڪدم ڦارا چمن کي چيوِ: ”ههڙوئي ته هيرو مون کي کپي جنهن جي ڳولا ۾ هتي آيو آهيان. سائيز به بلڪل صحيح اٿس ته سونهن سوڀيا ۾ به سندس ڪو مٽ نه آهي، پر جيڪڏهن توهان ان جي قيمت واجبي رکو ته سودو هينئر جو هينئر پڪو ٿي وڃي. مهرباني ڪري ٻڌايو ته هن هيري جا مون کي گهڻا پئسا ڏيڻا پوندا؟“
ان تي جوهريءَ هڪدم دل ۾ سوچيو: ”نائي ڪرو ته ان ٻوج لاءِ فقط ڏهه هزار باٿ ٿي گهريا پر هن ماپ جي اصلي هيري لاءِ آئون فقط ڏهه هزار گهرندس ته وٺڻ وارو گراهڪ ضرور شڪبو. ان ڪري ڏهه هزار بدران اڃا به ويهه هزار باٿ چوانس ته اهي اصلي قيمت جي ويجهو ٿي سگهن ٿا ۽ ايترا پئسا ملڻ تي ڏهه هزار باٿ مون کي به نفعو ٿي ويندو. اڳلو صفا ڪو سادي مت جو ٿو لڳي ۽ جيترو به گهرندوسانس ته خوشيءَ سان ڏيئي ڇڏيندو.
پوءِ، ٿوري ٻي سوچ ۽ ويچار ڪرڻ بعد هن خدمتگار کي مختصر جواب ڏنو؛ ”ها بابا هن هيري جي مالڪ ان لاءِ ويهه هزار باٿ پئي گهريا.“
خدمتگار اهو ٻڌي وراڻيو ته اها قيمت مناسب ئي لڳي ٿي ۽ هو اتي جو اتي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي ”بدقسمتيءَ سان“ هن وڌيڪ چيو، ”هن وقت مون پاڻ سان ايترا پئسا نه آندا آهن. مون وٽ هن وقت فقط پنج هزار باٿ آهن. پر آئون هڪ ڪم ڪندس. هي پنج هزار باٿ في الحال تو وٽ سوٿيءَ طور ڇڏي باقي پئسا هفتي اندر کڻي ٿو اچان. ان بعد ئي تون مون کي اهو هيرو ڏجانءِ. پر وڃڻ کان اڳ بهتر ٿيندو ته پاڻ هڪ ننڍڙو معاهدو لکت ۾ ڪريون، اهو هي ته هفتي اندر جي آئون پئسا کڻي آيس ۽ انهيءَ وچ ۾ تو هي هيرو ڪنهن ٻئي کي وڪڻي ڇڏيو ته منهنجي سوٿي وارن پئسن کان علاوه ٻيا به پنج هزار باٿ توکي ڏنڊ خاطر مون کي ڏيڻا پوندا. تو لاءِ هي ضمانت نامو کڻي اهم نه هجي پر مون غريب لاءِ ان ڪري آهي جو آئون هي هيرو پاڻ لاءِ نه پر پنهنجي رئيس لاءِ پيو وٺان.ان ڪري هي معاهدو پاڻ ٻنهي لاءِ فائديمند آهي.“
ڦارا چمن دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خدمتگار کي آٿت ڏيندي چيو؛ ”توکي مون کان ڊڄڻ نه کپي. آئون هڪ ساک وارو بئنڪاڪ شهر جو وڏو واپاري آهيان ۽ توسان زبان ڪرڻ کانپوءِ اهو هيرو ڪنهن ٻئي کي هرگز نه وڪڻندس.“
”سائين اها ڳالهه ته آئون  به سمجهان ٿو.“ خدمتگار چيو، ”پر وري به توهان کي جي اعتراض هجي ته معاهدو ڪرڻ بهتر آهي.“
سو نيٺ معاهدو تيار ڪيو ويو جن تي سندن صحيحن کان علاوه ٻن شاهدن جون به صحيحون ٿيون. ان بعد ڦارا چمن جي سلوڪ کان خوش ٿي خدمتگار موڪلائي چوڪلائي پنهنجي وطن سونگڪلا روانو ٿيو.
ٻن ڏينهن بعد ڦارا چمن پنهنجي دڪان ۾ ويٺ هو نائي ڪرو گهٽيءَ مان اچي لنگهيو. کيس واندو ڏسي هو دڪان ۾ گهڙي آيو ۽ کيڪار بعد چيو: ”ادا، اوچتو مونکي ياد آيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ مون توهان کي هڪ هيرو وڪڻڻ لاءِ ڏنو. جيڪڏهن اهو اڃا نه وڪاميو هجي ته مهرباني ڪري هاڻ مونکي ڀلي واپس ڪجو جو مون ٻڌو آهي ته شهر ۾ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي شهزادي جو خدمتگار اوچي قسمن جا هيرا ڳولائي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو هن کي منهنجو هيرو وڻي وڃي ۽ خريد ڪري وٺي.
نائي ڪرو پنهنجي پر ۾ ته تمام ننڍڙي ڳالهه ڪري ويو پر ڦارا چمن وڏي فڪر ۾ پئجي ويو. هاڻ جيڪڏهن هو نائي ڪروکي ٻڌائي ٿو ته ”هيرو“ هو اڳين ان خدمتگار کي وڪڻي چڪو آهي ته ڦارا چمن ڪنهن  نه ڪنهن نموني سان معلوم ڪري وٺندو ته ويهه هزار باٿن ۾ سودو طئه ٿيو آهي جنهن لاءِ ڦارا چمن ته پئي چيو ته اهو ”هيرو“ ڪنهن به ڪم جو نه آهي ۽ جيڪڏهن هو ان جا سمورا پئسا نائي ڪرو کي نه ڏيندو ته هو سڄي بئنڪاڪ ۾ کيس بدنام ڪري ڇڏيندو ۽ سندس سالن جي ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ پوءِ ماڻهو کائنس هيرا جواهر وٺڻ ڇڏي ڏيندا ۽ هڪ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن هو نائي ڪروکي سندس شيءِ واپس ڪندو ته معاهدي مطابق خدمتگار کائنس پنج هزار پاٿ ڏنڊ ڀرائي وٺندو جيڪو به هن هرگز نٿي چاهيو. نيٺ هو ان راءِ تي پهتو ته ان مشڪل مان نڪرڻ جو فقط هڪ ئي گس آهي. هن نائي ڪرو ڏي منهن ڪري وراڻيو: ”تنهنجي ڏنل هيري کي بار بار چڪاس ڪرڻ بعد هاڻ ان راءِ تي پهتو آهيان ته اهو چڱو خاصو قيمتي آهي ۽ جيڪڏهن تون چاهين ته آئون اهو توکان خريد ڪريان؟“
”پر سائين توهان ته چيو پئي ته اهو ڏهه پاٿن ۾ به نه وٺندس.“
”ها، پر هاڻي مون ارادو بدلائي ڇڏيو آهي.“
”ته پوءِ هاڻ توهان مون کي ان جا ڪيترا پئسا ڏيندائو“. نائي ڪرو پڇيو.
جيترا تون پهرين گهري رهيو هئين اوترائي ڏيندس.“
”چڱو. پر پوءِ جنهن تنهن کي نه چئجو ته مون توهان کي معمولي پٿر ڏيئي ڦريو آهي.“
”نه نه.“ ڦارا چمن دلجاءِ ڏني، آئون ان هيري مان هاڻ تمام گهڻو مطمئن آهيان.“ اهو چئي جواهري ٽجوڙي مان ڏهه هزار پاٿ ڪڍي ڳڻي نائي ڪرو جي هٿ تي رکيا جيڪو پئسا کيسي ۾وجهي روانو ٿي ويو.
ڦارا چمن پوءِ دل ئي دل۾ خوش ٿيو ته هن تمام سٺو سودو ڪيو. هاڻ هو خدمتگار جي اچڻ جو بي چينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو. آخرڪار ست ڏينهن گذري ويا پر خدمتگار جو نه هي پتو ته نه هو پتو. ان بعد اٺون ڏينهن به گذري ويو. پوءِ نائون ۽ ڏهون ڏينهن به پر خدمتگار کي نه اچڻو هو سو نه آيو. هاڻ ڦارا چمن جي دل ٻڏڻ لڳي ته هو هرگز نه ايندو. جيتوڻيڪ خدمتگار جي نه اچڻ ڪري هن جا سوٿيءَ وارا پنج هزار پاٿ کيس گهرويٺي ملي رهيا هئا پر نائي ڪرو کي هڪ معمولي شيشي جي ٻوچ جا ڏهه هزار باٿ ڏيئي کيس باهه پئي ويئي. ڇو جو ان حساب سان ڏني نه ورتي کيس سنئون سنڌو پنج هزار باٿ جو نقصان ٿي رهيو هو.
خدمتگار جو انتظار ڪندي ڪندي ڦارا چمن کي ٻيا به ڪيترائي ڏينهن گذري ويا۽ هاڻ آهستي آهستي هو ڳالهه سمجهي ويو ته اها سڄي بدمعاشي نائي ڪرو جي هئي جيڪو اٽڪل ڪري کائنس پئسا ڦري ويو. هاڻ جيڪڏهن پوليس کي دانهن ٿو ڏئي ته سڄو جهان مٿانئس کلندو ته بئنڪاڪ شهر جي هيڏي وڏي سياڻي واپاري کي هڪ ڳوٺاڻو ۽ اڻ پڙهيل بيوقوف بڻائي ويو. ان ڪري چپڙي ڪري اڄ ڏينهن تائين ويٺو انتظار ڪري ته من ڪنهن ڏينهن اهو خدمتگار موٽي 
اچي.

No comments:

Post a Comment