Thursday, February 17, 2011

بڙ جو غم -امر جليل

بڙ جو غم
امر جليل
]مان زندگيءَ جو اُهو دؤر قبول نه ڪندس، جيڪو، توکان جدا ٿي گذاريندس.[

        پڪ سان اوهان کي ٻڌائي نه سگهندس، ته مان ڪيتري دير کان بڙ جي هن قديم، سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان. وقت جي گهڙيال جا مون ٻئي ڪانٽا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ ڪيلينڊرن جا ورق ورائي ڇڏيا آهن. لمحن، ساعتن ۽ پهرن کان بيخبر، مان بڙ جي پراڻي، سڪل ۽ کاڌل وڻ جي ويجهو بيٺو آهيان. بڙ جي وڏي ۽ ويڪري ٿڙ تي نه دل جو نشان اُڪريل آهي، ۽ نه ئي ڪيپوڊ جو تير دل مان پار ٿيل آهي. ائين به نه آهي، ته خدا جي ڪنهن نيڪ بندي مون کي بڙ جي ويجهو بيهڻ جي تلقين ڪئي آهي. مان پنهنجي مرضيءَ سان بڙ جي ويجهو بيٺو آهيان- مان خوابن جي تعبير جو مالڪ نه آهيان. فقط پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهيان. مان پنهنجي مرضيءَ مطابق بڙ وٽ بيٺو آهيان. هڪ چٻري کي شڪ آهي ته مان ڪنهن جن يا راڪاس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ چلو ڪاٽي رهيو آهيان. نه، نه. ائين هرگز نه آهي. ڪجهه ماڻهن ۽ مرؤن جو خيال آهي ته مان پاڻ جن آهيان، جنهن منهنجي لاءِ چلو ڪاٽيو، تنهن جي قبضي ۾ نه آهيان. جنهن منهنجي لاءِ چلو نه ڪاٽيو تنهن جي قبضي ۾ آهيان. بهرحال، پراڻي، سڪل ۽ کاڌل بڙ جي ڀرسان مان پنهنجيءَ مرضيءَ سان بيٺو آهيان. ڪنهن ڏاڍي جي چوڻ تي نه بيٺو آهيان.

        اڄ صبح جو شميم جڏهن آفيس مان ڪوهه مريءَ لاءِ رواني ٿي رهي هئي. مون کيس چيو هو: “ڇتر وٽ هڪ قديم ۽ کاڌل بڙ جو وڻ آهي. اهو وڻ مون کي وڻندو آهي. سمجهان ٿو، اهو کاڌل ۽ ويران وڻ به مون کي پسند ڪندو آهي. تنهنجي اُسهڻ کانپوءِ مان ڇتر وٽ بڙ جي کاڌل وڻ ڀرسان وڃي بيهندس. اڄ شام مريءَ کان موٽيندي تون جڏهن فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڇتر وٽان لنگهندينءَ، مان توکي کن پل لاءِ ڏسي وٺندس ۽ خوش ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس. هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. توکي ڏسڻ کانپوءِ مان جيڪڏهن خوش ٿيندو آهيان، تڏهن پنهنجيءَ پوڙهيءَ ماءُ جي هٿ جي پڪل ماني کائي سگهندو آهيان. مان ماني کائيندي اڪثر سوچيندو آهيان ته رزق جي داڻي داڻي تي منهنجي نصيب جي مهر لڳل آهي: هونءَ نه ته، بڙ جي پراڻي، سڪل ۽ کاڌل وڻ ويجهو بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا ماني نه کائيندا آهن.”
        شام ٿيڻ تي آهي. سج لهڻ تي آهي. ڪا ڪونج اڏامڻ تي آهي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مريءَ ڏانهن رواني ٿيڻ کان اڳ شميم چيو هو: “تون ته اجايو ملول پيو ٿئين ميٽنگن جي سلسلي ۾ جنرل مئنيجر سان گڏ ڪوهه مري، ايبٽ آباد وغيره وڃڻ منهنجي ذميدارين ۾ شامل آهي. يقين ڪر، توکان سواءِ مون کي ڪنهن سان محبت نه آهي. تون مون کي ان ڪري به وڻندو آهين جو هميشه ڪنهن سڪل بڙ جي ويجهو بيهي رهندو آهين، ۽ منهنجو انتظار ڪندو آهين. اڄ اسين شام ڌاري ڇتر وٽان لنگهنداسين. موٽر ۾ مان جنرل مئنيجر ڀرسان دريءَ وٽ ويٺي هونديس. تون مون کي ڏسي وٺجان”، ۽ پوءِ گهر وڃي پنهنجي پوڙهي ماءُ جي هٿ جو رڌل کاڌو کائجانءِ ۽ هڪ لولي ٻڌي سمهي پئجان”.”
        في الحال مون کي بک نه لڳي آهي. مان بڙ جي پراڻي ۽ سڪل وڻ وٽ بيٺو آهيان ۽ شميم جو انتظار ڪري رهيو آهيان. شميم کي جنرل مئنيجر جي پاسي ۾ ويٺل ڏسي مان سڙي خاڪ نه ٿيندو آهيان. انسان زندگيءَ ۾ هر دفعي خاڪ نه ٿيندو آهي. انسان پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو خاڪ ٿيندو آهي، ۽ پوءِ وري سڙي، ٻري خاڪ ٿي نه سگهندو آهي. شميم کي ڏسڻ جي خواهش دل ۾ کڻي مان پراڻي بڙ وٽ بيٺو آهيان. مان کيس کن پل لاءِ ڏسندس. خوش ٿيندس، ۽ پوءِ گهر وڃي امان جي هٿ جي پڪل ماني کائيندس. منهنجي ماءُ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه مان منهنجي لاءِ ماني پچائيندي آهي. مان جنهن ڏينهن ماني کائي نه سگهندو آهيان، سو سمورو ڏينهن امان اُداس اُداس رهندي آهي. مان پنهنجي ماءُ کي اُداس ڏسي نه سگهندو آهيان. چاهيندو آهيان ته هوءَ خوش رهي. کلندي رهي. مون کي ماني کائيندي ڏسي ٽڙندي رهي. مان ماني فقط تڏهن کائي سگهندو آهيان، جڏهن شميم کي هڪ نظر ڏسي وٺندو آهيان. هڪ افلاطون جو قول آهي ته شميم منهنجي لاءِ ڦودني جي ڦڪي آهي، جنهن جو تعلق سڌو سنئون منهنجي هاضمي سان آهي. پر ائين نه آهي. اِهو منهنجو ۽ منهنجيءَ ماءُ جو ذاتي مسئلو آهي، جنهن جو تعلق شميم سان آهي.
        سج ڪجهه گهڙين جو مهمان آهي -  منهن لڪائڻ لاءِ ماندو آهي چٻري جو پري پري تائين نالو نشان نه آهي ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي جو شميم جو انتظار ڪندي سج وسامي ويندو آهي، ۽ پوءِ هڪ چٻرو ڪٿان اُڏامندو ايندو آهي ۽ سڪل بڙ جي هڪ ٽاريءَ تي ويهي مون ڏانهن ڏسڻ لڳندو آهي. تڏهن، اُها موٽر جنهن ۾ شميم کي جنرل مئنيجر سان واپس ورڻو هوندو آهي، سا موٽر ڇتر وٽان نه لنگهندي آهي. تڏهن رات جا واسينگ بڙ جي سڪل ٽارين مان لٽڪڻ لڳندا آهن، ۽ مٿاهين ٽاريءَ تي ويٺل هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهي. مان پنهنجي ساءِ آهيان ته وڏو آڙيڪاپ، پر اڄ تائين اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته اسان کي مجبور ۽ بيوس ڏسي چٻرا ڇو مرڪندا آهن! ڍڳا ڇو نه مرڪي سگهندا آهن! سمجهان ٿو، اسان جي ملڪ جا ڍڳا تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ذهين شاگرد آهن. کين اسپين جي ڍڳن جو حشر ياد آهي، کين خبر آهي ته تيز تلوار فقط ڍڳي جي سيني ۾ لهي سگهندي آهي، ڪنهن چٻري جي سيني ۾ نه. تنهن ڪري، اسان کي مجبور ۽ لاچار ڏسي، فقط چٻرا اسان جي حال تي کلي سگهندا آهن- ڍڳا کلي نه سگهندا آهن. اسين چٻري جي سيني ۾ تلوار لاهي نه سگهندا آهيون.
        بڙ جو هيءُ وڻ جنهن جي پاسي کان مان بيٺو آهيان، بيحد پراڻو ۽ قديم بڙ آهي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش نه آهي. ان باري ۾ مون کي پڪ آهي. پڪ ان ڪري آهي، جو بڙ جو وڻ ۽ مان هڪ جيترا آهيون. نه بڙ عمر ۾ مون کان وڏو آهي ۽ نه مان بڙ کان عمر ۾ وڏو آهيان. اسين ٻئي هڪ جيترا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي ماضيءَ ۽ حال کان واقف آهيون. بڙ جو ٿڙ ڏسڻ ۾ وڏو ۽ ويڪرو آهي، پر اندران خالي آهي. ڪو غم کيس کائي ويو آهي. هينئر، منجهس ڪو شهر آباد نه آهي. هينئر، منجهس هڪ طوطو رهندو آهي. بڙ جي طوطي جي منهنجي وجود جي طوطي سان ياري ٿي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو بڙ جي طوطي مون کي بڙ جي ٿڙ سان لڳي ان موٽر جو انتظار ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن ۾ شميم فرم جي جنرل مئنيجر جي ڀرسان ويٺي هوندي آهي ۽ مريءَ کان موٽندي ڇتر وٽان لنگهندي آهي. شميم جو انتظار ڪندي ڪندي، مان ڪنهن وقت پاڻ کي پراڻي ۽ قديم بڙ جو هڪ حصو سمجهڻ لڳندو آهيان. تڏهن مون کي پنهنجي وجود تي بڙ جو، ۽ بڙ جي وجود تي پنهنجي وجود جو گمان ٿيڻ لڳندو آهي.
        هڪ دفعي مون شميم کان پڇيو هو: “فرم جو جنرل مئنيجر آفيس بدران پڪنڪ پوائنٽس تي وڃي ميٽنگ ڇو ڪندو آهي، ۽ توکي نويڪلي ماحول ۾ ڊڪٽيشن ڇو ڏيندو آهي. ڇا هو آئوٽ ڊور شوٽنگ تي ويندو آهي!”
        “ڏاڍو ڪم ڪندو آهي ويچارو! ٿڪجي پوندو آهي هڪ ئي ماحول ۾ ڪم ڪندي ڪندي!” شميم منهنجي عام معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو هو: “پڪنڪ وري هنڌ ۽ هوادار ماحول ۾ ميٽنگ ڪرڻ سان وڏن وڏن مسئلن جو حل نڪري ايندو آهي.”
        انهن ئي ڏينهن ۾ مون بڙ جي طوطي کي چيو هو: “مان هڪ نه هڪ ڏينهن شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي ويندس ۽ پوءِ پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي مسئلي جو حل تلاش ڪندس.”
        بڙ جي طوطي چيو هو: “تون شميم کي هوادار ماحول ۾ وٺي وڃي نه سگهندين.”
        “ڇو نه وٺي وڃي سگهندس!” مون تعجب وچان پڇيو هو.
        “ان ڪري جو هوءَ تنهنجي اسٽينوگرافر يا پرائيويٽ سيڪريٽري نه آهي. هوءَ تنهنجي ماتحت نه آهي.” بڙ جي طوطي چيو هو: ““ يار، تو وٽ ٽويوٽا هائي ايس به ته نه آهي!”
        بڙ جي طوطي جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويو هوس، مون کي پنهنجو وجود اندران خالي خالي محسوس ٿيو هو. اهو احساس جو پهريون زخم هو. هينئر، مون کي خبر آهي ته منهنجي وجود ۾ ڪو شهر آباد نه آهي. منهنجي وجود ۾ هڪ وسيع ويراني آهي، ۽ ان ۾ هڪ طوطو رهندو آهي. منهنجي وجود جي طوطي جي بڙ جي طوطي سان دوستي آهي.
        هڪڙي ڏينهن بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو: “هيءَ شخص جنهن عورت سان محبت ڪندو آهي، ڇا هوءَ ڏاڍي سهڻي، من موهڻي آهي؟”
        “ڌوڙ جي سهڻي آهي!” منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي ٻڌايو هو: “ان عورت جون اکيون مئل ٻڪر جي اکين جهڙيون، پير هوبهو بدڪ جي پيرن جهڙا ۽ هٿ خاڪي رنگ جي آلي ٽوال جهڙا آهن.”
        بڙ جي طوطي حيرت وچان منهنجي وجود جي طوطي کان پڇيو هو: “ته پوءِ هيءُ شخص بڙ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي اهڙي عورت جو انتظار ڇو ڪندو آهي؟”
        منهنجي وجود جي طوطي کلندي چيو هو:”ڇو جو هن شخص کي ان موالي عورت سان محبت ٿي ويئي آهي.”
        دڙڪو ڏيندي مون پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش رهڻ جي تلقين ڪئي هئي- نه ڳالهاءِ طوطا- ماٺ ڪر- ڳالهائڻ وارو طوطو. مون کي نه وڻندو آهي، مان گونگن طوطن کي پسندو ڪندو آهيان.
        لڳيم ٿو ڄڻ صديون گذري ويون آهن. مون کي شميم جو انتظار ڪندي ڪندي! ڪنهن مورخ تاريخ جو هڪ باب لکي ڇڏيو آهي، جنهن جا لفظ ۽ جملا ميسارجي ويا آهن ۽ مفهوم اُڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو آهي.
        مون هڪ دفعي شميم کان پڇيو: “ڇا اهو ممڪن ناهي جو تون پڪنڪ وارن هنڌن ۽ هوادار ماحول ۾ وڃي جنرل مئنيجر کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏين؟”
        “نه. اهو ممڪن ته آهي، پر جنرل مئنيجر کي انڪار ڪرڻ مناسب نه آهي.” شميم چيو هو: “نوڪريءَ ۾ منهنجي ترقيءَ جو دارومدار جنرل مئنيجر جي ساليانين رپورٽن تي آهي. مان ڪنهن به صورت ۾ کيس خفي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.”
        ڪيتري دير تائين منهنجي وجود جو طوطو ويران شهر ۾ اُڏامندو رهيو، ٻوليون ٻوليندو رهيو ۽ زندگيءَ جا آثار ڳوليندو رهيو، پر ناڪام رهيو. منهنجي وجود جو طوطو وحشتن جي چمڙن کان ڀڄندو رهيو.
        “هيءُ اسلام آباد جو شهر آهي. اڌ شهر سفارتي نمائندن سان ۽ اڌ شهر ڪامورن سان آباد آهي.” شميم چيو هو: “تون سنڌ جي نهايت ئي پٺتي پيل ڪنهن شهر مان آيو آهين، تنهن ڪري نئين شهر جي جديد ماحول کي سمجهي نه سگهيو آهين. ڪهڙي شهر مان آيو آهين؟”
        آهستي وراڻيو هيم: “ڪراچيءَ مان.”
        شميم چيو: “نوڪري ڪندڙ عورت سان محبت ڪرڻ جا ڪي اصول هوندا آهن، سمجهيه”!”
        هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو هوم: “ڪجهه ڪجهه سمجهي ويو آهيان.”
        “گڊ!” شميم چيو هو: “ميٽنگن ۾ ڊڪٽيشن وٺڻ لاءِ مان پنهنجي باس سان پڪنڪن ۽ هوادار ماحول ۾ ويندي رهنديس- آفيس جي ساٿين سان ملندي جلندي رهنديس -  کلي کلي هنن سان ڳالهيون ڪندي رهنديس- هنن جي پارٽين ۾ شامل ٿيندي رهنديس -  هنن سان گڏجي مانيون کائيندي رهنديس -  پر، اصل ۾ محبت فقط توسان ڪندي رهنديس. اهي ڳالهيون توکي سمجهه ۾ اچڻ گهرجن.”
        سمجهان ٿو، اِهي سموريون ڳالهيون هينئر منهنجي سمجهه ۾ اچي ويون آهن. خدا جي فضل سان مان ڏاڍو سمجهو ٿي پيو آهيان. ڳالهين جي تهه تائين ٺهه ٺهه پهچي ويندو آهيان. ڦٽل ناسپاتيءَ کي صوف سمجهي اکين تي رکندو آهيان. بڙ جي ڀرسان بيهي شميم جو انتظار ڪندي بيزار نه ٿيندو آهيان. اڄ به مان شميم لاءِ منتظر آهيان. سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان. آسمان جو رنگ بدلجي ويو آهي - چاهتن جو رت اُفق جي ٻارن ۾ وهي ويو آهي. سج خاموش مرثين جي رديف سان ماتمڪدي ڏانهن وڌي رهيو آهي.
        بڙ جي طوطي منهنجي وجود جي طوطي کي چيو آهي: “بڙ جو هيءُ وڻ ڪڏهن سرسبز ۽ آباد هو. ٽاريون گهاٽن ساون پنن سان سينگاريل هئس، ان وقت بڙ جي وجود ۾ منهنجي لاءِ گنجائش نه هئي. تڏهن مان سندس ٽارين تي ويهندو هوس. پر پوءِ، هيءُ وڻ ويران ٿي ويو. ڪو غم کيس کائي ويو. اندران خالي ٿي ويو. تڏهن مان سندس ٽارين تان اُٿي، سندس وجود ۾ رهڻ لڳس.”
        “هيءُ شخص به آباد هو ڪڏهن.” منهنجي وجود جي طوطي بڙ جي طوطي کي چيو آهي: “ڏاڍو کلندو هو، ماڻهن کي کلائيندو هو. خوشيون ونڊيندو هو، خوشيون ورهائيندو هو. پر پوءِ، کيس خاموشيءَ جي خزان ورائي ويئي. ڪو غم کيس کائڻ لڳو. جڏهن کان هن شخص جي وجود جو شهر ويران ٿيو آهي، مان هن جي اندر رهڻ لڳو آهيان.”
        ان کان اڳ جو مان دڙڪو ڏيئي پنهنجي وجود جي طوطي کي خاموش ڪري ڇڏيان، ٻئي طوطا هڪدم خاموش ٿي ويا آهن. بڙ جو طوطو کاڌل ٿڙ جي اوندهه ۾ گم ٿي ويو آهي. منهنجي وجود جو طوطو چاهتن جي ٽٽل شهتيرن پٺيان وڃي لڪي پيو آهي.
        مون بڙ جي سڪل ٽارين ڏانهن ڏٺو آهي. هڪ ڏنگي، ڦڏي ۽ اُگهاڙي ٽاريءَ تي چٻرو ويٺو آهي، ۽ مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. سندس منحوس منهن تي مرڪ آهي. هو گهور وجهي مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. ائين پيو لڳي، ڄڻ ٽهڪ ڏيئي کلي پوندو. مون کي اُلوءَ کان نفرت آهي. مان کيس مارڻ جون ترڪيبون سوچڻ لڳو آهيان. وڏو ڪو بدبخت چٻرو آهي! مون تان کلڻ جو اختيار هڪ چٻري کي ڪنهن ڏنو آهي! الوءَ جو پٽ! مون نفرت ۽ حقارت وچان چٻري ڏانهن ڏٺو آهي.
        “مون کي خبر آهي، تون مون کي مارڻ جون ترڪيبون سوچي رهيون آهين.” چٻڙي مرڪندي چيو: “پر تون مون کي ماري نه سگهندين.”
        زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مون ڪنهن چٻري کي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. تعجب جي ڳالهه آهي. ائين ته ناهي، تاريخ جو ڪو نئون باب لکجي رهيو آهي! پر، ڳالهائيندڙ چٻري ڪهڙي آڌار تي دعويٰ ڪئي آهي ته مان کيس ماري نه سگهندس! مان کيس ضرور ماريندس. هن دفعي نه، ته اڳئين دفعي کيس ضرور ماريندس. ان ڳالهه جو مون پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. وري جڏهن به شميم فرم جي جنرل مئنيجر سان گڏ ڪنهن هوادار ماحول ڏانهن ويندي ۽ کانئس ڊڪٽيشن وٺندي، تڏهن مان شميم جي واپسيءَ جو انتظار هٿين خالي نه ڪندس. مان پاڻ سان هڪ بندوق کڻي ايندس، ۽ هن چٻري کي اُڦٽ ماري وجهندس. مان کيس کلڻ نه ڏيندس!
        “تون مون کي ماري نه سگهندين.” چٻري مرڪندي چيو آهي: “ڇتر وٽ سڪل بڙ جي ڀرسان بيهي ڪنهن جو انتظار ڪرڻ وارا مون کي ماري نه سگهندا آهن.”
        مون تعجب وچان کانئس پڇيو آهي: “يار، تون ڪهڙي قسم جو چٻرو آهين، جو منهنجي تحت الشعور جا ارادا پروڙي وٺين ٿو. ڪٿي تون ڪنسلٽنٽ سائيڪالاجسٽ ته نه آهين!”
        “هر احمق لاءِ زندگيءَ ۾ ڇتر جو مقام هوندو آهي، جتي بڙ جو هڪ سڪل وڻ ايشيائي عاشق لاءِ علامت جي نشاني هوندو آهي. ان وڻ جي ڀرسان بيهي هو اهڙي ڪنهن اسٽينو گرافر جو انتظار ڪندو آهي، جيڪا محبت ته ساڻس ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن پنهنجي باس کان وٺندي آهي.” اُلوءَ کلندي چيو آهي: “مان تنهنجي کوپريءَ ۾ رهندو آهيان. سوچيندي سوچيندي تون جڏهن مري ويندو آهين، تڏهن مان تنهنجي کوپريءَ مان نڪري ڪنهن سڪل اُگهاڙي ٽاريءَ تي وڃي ويهي رهندو آهيان، ۽ توڏانهن ڏسي مرڪڻ لڳندو آهيان.”
        منهنجي هٿ ۾ بندوق نه آهي. هڪ چٻرو مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي، ۽ مرڪي رهيو آهي. مان صدين کان سڪل بڙ جي ڀرسان بيٺو آهيان، ۽ اهڙي عورت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جيڪا محبت ته مون سان ڪندي آهي، پر ڊڪٽيشن ٻئي ڪنهن شخص کان وٺندي آهي.

No comments:

Post a Comment