Sunday, February 20, 2011

چنڊ جي ڌيءَ - الطاف شيخ

چنڊ جي ڌيءَ
الطاف شيخ 

هڪ هئي ننڍڙي ڇوڪري. هن جا ماءُ پيءُ مري ويا هئا. هوءَ ويچاري گهر ۾ اڪيلي رهجي ويئي. هڪ شاهوڪار ماڻهو  هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو جتي هن ويچاريءَ کي تمام گهڻوڪم ڪرڻو پيو ٿي. هن کي سڄي گهر لاءِ پاڻي ڀرڻو پيو ٿي ۽ سڄي گهر جي ڀاتين لاءِ ماني پچائڻي پئي ٿي. وچ ۾ جيڪو وقت مليس ٿي ان ۾ ٻارن جي سار سنڀال لڌيائين ٿي ۽ ان سڄي ڏينهن جي پورهئي جي عيوض هن کي بس ٻن وقتن جي رُکي سُکي ماني ملي ٿي. راند روند ته ٿي پري جي ڳالهه هن کي کن پل جو آرام نٿي مليو. شاهوڪار ماڻهو بيحد چالاڪ ۽ بي رحم هو ۽ هن جي زال تي هن کان به ٻه وکون اڳيان هئي.


هڪ رات جي ڳالهه آهي جڏهن آسمان تي چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ ٻاهر تمام گهڻو سيءَ هو. شاهوڪار ماڻهوءَ جي زال هن نينگريءَ کي پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چيو. هيءَ ٻارڙي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر ويئي. جڏهن هوءَ تلاءَ وٽ پهتي ته سيءَ کان هن جا پير پٿر ٿي ويا. پاڻي به سڄو ڄميو برف ٿيو پيو هو. نينگريءَ برف جي مٿئين تهه ۾سوراخ ڪيو ۽ پاڻيءَ جي باردي ڀري گهر ڏي واپس ورڻ لڳي. گهرجي ويجهو پهچي جيئن ئي هن در جو دڪيون چڙهيون ته پير ترڪي ويس ۽ سڄو پاڻي هارجي ويس. ڇوڪري ڊڄي ويئي. ته هاڻ هوءَ ڇا ڪري. خالي باردي کڻي اندر گهر ۾ گهڙي نٿي سگهي. هوءَ دروازي جي ئي ٻاهر بيهي ڏڪندي رهي. مٿي آسمان ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ هن ڏي ڏسي کلي به رهيو هو.
ڇوڪريءَ چنڊ کي چيو: ”اي چنڊ، ڇا تون نٿو ڏسين ته آئون ڪيتري ڏکويل آهيان. ڇا توکي مون تي ڪهل نٿي اچي. ڇا تون منهنجي مدد نه ڪندين؟ مونکي هنن ظالمن مان آزاد ڪر. هي مونکي ماري ڇڏيندا.“
چنڊ هن جي ظلم جو داستان ٻڌي هيٺ زمين تي لهي آيو. هو هڪ خوبصورت نوجوان جي ويس ۾ هو ۽ اڇي رنگ جي وڳي ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. چنڊ جي وڏي ڀاءُ سج به هن ڇوڪريءَ جون آزيون نيزاريون ٻڌي ورتيون هيون ۽ هو به مرداڻي شڪل ۾سونهري رنگ جا ڪپڙا اوڍي زمين تي لهي آيو.
سج چنڊ کي چيو: ”آئون هن ڏکويل ڇوڪريءَ کي وٺڻ آيو آهيان. هن کي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ. ان ڪري جو آئون توکان وڏو آهيان.“
چنڊ ورندي ڏنس: ”اهو صحيح آهي ته تون مون کان وڏو آهين ادا سج، پر هن وقت رات آهي، ۽ آئون رات جوبادشاهه آهيان. هن نينگريءَ مون کان مدد گهري ۽ پهرين آئون هيٺ آيس. ان ڪري هن کي آئون وٺي ويندس.
چنڊ هن غريب ڇوڪريءَ کي پنهنجن ٻانهن تي کڻي آسمان ڏي اڏامي ويو. ان وقت کان وٺي هيءَ ننڍڙي ڇوڪري چنڊ ۾ رهي ٿي. جڏهن توهان چوڏهين جي سڄي چنڊ کي غور سان ڏسندائو تهان ۾ هيءَ کلندي ڳائيندي نظر ايندو.

No comments:

Post a Comment