Thursday, February 17, 2011

صدين جو سوداءُ -امر جليل


صدين جو سوداءُ
امر جليل
        تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو هڪ بيحد سهڻي ڇوڪري اچي بيهندي آهي. نئين وڳي ۾ هوءَ روزانو اتي اچي بيهندي آهي - ساڳيءَ جاءِ وٽ، ساڳي هنڌ تي، نه هڪ وک هيڏانهن، نه هڪ وک هوڏانهن. ائين بيهندي، ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي.
        مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران فٽ پاٿ تي ٺهيل ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن لاڳيتو ڏسندو رهندو آهيان. هوءَ مون کي ائين انتظار ڪندي، ڏاڍي وڻندي آهي. هوءَ، منهنجي وجود کان بيخبر، روزانو ساڳئي هنڌ اچي بيهندي آهي. هوءَ ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي اتي بيهندي آهي، ۽ مان به ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي پنهنجي جاءِ تان ڏانهنس لاڳيتو ڏسندو رهيو آهيان. ڀانءِ ته ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهي آهي! هوءَ ڪالهه به اتي ئي بيٺي آهي. هوءَ اڄ به اتيئي بيٺي آهي. سڀاڻي به هوءَ اتي ئي بيٺي هوندي. وقت وڌي ويندو آهي. وڇوٽيون قائم رهنديون آهن.


        سڀاڻي شام جو هوءَ جڏهن تلڪ چاڙهيءَ ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ اچي بيهندي، تڏهن سوچيان ٿو، مان يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي ڏانهن لاڳيتو نه ڏسندس، مان فٽ پاٿ تي ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي نه بيهندس. منهنجي جاءِ ٻيو ڪو اچي والاريندو. هوءَ پنهنجي جاءِ تي موجود هوندي. منهنجيءَ جاءِ تي ٻيو ڪو، ممڪن آهي توهان منجهان ڪو ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي کيس لاڳيتو ڏسندو. اتي مان نه هوندس. مون ڪيفي جارج جي ٻن آن واري چالو چانهه پيتي آهي.
        ڪالهه جڏهن مان ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هوس، ۽ لاڳيتو ڏانهن ڏسي رهيو هوس، تڏهن هن هٿ سان مون کي پاڻ ڏانهن اچڻ جو اشارو ڏنو هو. مان خوش ٿيو هوس، ۽ خوش ٿي ڏانهن وڌي ويو هوس. هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ڏامر جو رستو هو، ۽ رستي تي بدحواسيءَ سان ڊوڙندڙ موٽرن، بسن، رڪشائن ۽ ٽيڪسين جو سلسلو هو. وچ رستي هڪ آڙيڪاپ وڏيري جي چلڪندڙ شورليٽ موٽر هيٺان مرندي مرندي بچيس. هر اُها موٽر جنهن ۾ وڌيڪ گوڙ ڪندڙ هارن لڳل هوندو آهي، سا موٽر گهڻو ڪري ڪنهن آڙيڪاپ وڏيري جي هوندي آهي. موٽر کي بريڪ هڻي بيهارڻ کانپوءِ، موٽر جي مالڪ مون کي خوفناڪ گار ڏيندي چيو، “مان هن وقت هوٽل اورئينٽ ۾ ڊنر تي پيو وڃان. واندڪائي هجي ها ته جيڪر کلا ٺوڪيانءِ ها. ڀـَـڄ، بخشيانءِ ٿو.”
        سندس ڀوائتيون مڇون ڏسندي، ۽ ٻئي هٿ جوڙيندي، کيس عرض ڪيم، “يا سخي، سنڌ جا سرتاج تنهنجي مهرباني جو مون صدين جي مسڪين جي جان بخشي اٿئي.”
        هو مون کي هلڪڙي گار ڏيئي هليو ويو.
        مان رستو لنگهي تلڪ چاڙهي ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ پهتس.
        هوءَ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. جڏهن ويجهو پهتم، تڏهن پڇيائين، “موٽر ۾ ڪير هو؟”
        “اڙي! تون نه سڃاڻينس؟”
        “نه.”
“تعجب آهي.” چيم، “صدين کان تون ۽ مان، هن رستي جي ڪنارن سان، هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون، ۽ هو صدين کان اسان آڏو لنگهندو رهيو آهي. ڪمال آهي، تڏهن به تون کيس نه ٿي سڃاڻين!”
        “نه.” چيائين، “مان کيس نه ٿي سڃاڻان.”
        “اسان جو سائين هو، سائين.” چيم، “سنڌ جي عظمت جو زندهه مثال! اسان جا ڏک سور هر دؤر ۾ حڪومت جي ڪن تائين پهچائيندو آهي. ڪڏهن ايم. پي. اي ٿيندو آهي، ۽ ڪڏهن ايم. اين. اي.”
        “پڇيائين، ““ تون ڪير آهين؟”
        چيم، “مان ماڻهو آهيان.”
        “اوهه! مون سمجهيو هو، شايد پوليس وارو آهين.” سـُـکَ جو ساهه کڻندي پڇيائين، “ڇا ڪندو آهين؟”
        “ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي، صدين کان توکي ڏسندو رهندو آهيان.”
        “ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
        “وڏيرن کي ووٽ ڏيندو آهيان.”
        “ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
        “مغزز شڪارين لاءِ ٻوڙن مان تتر اُڏاريندو آهيان.”
        “ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
        “جڏهن ڪو عزتماب ايندو آهي، تڏهن چار آنا وٺي نعرا هڻندو آهيان.”
        “ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
        مان منجهي پيس. هن جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. چيائين، “ها ها، ٻڌا”. ٻيو ڇا ڪندو آهين؟”
        شرمائيندي وراڻيم، “ٻيو پـُـلاءَ پچائيندو آهيان.”
        پڇيائين، پڙهيل آهين؟”
        “ايم. اي آهيان، پر عقل کان وانجهيل آهيان.”
        “نوڪري ڪندو آهين؟”
        “نه.”
        “ته پوءِ ڇا ڪندو آهين؟”
        “مان محبت ڪندو آهيان.” چيم، “ڪلهوڙن جي دؤر ۽ ميرن جي صاحبيءَ کان وٺي مان توسان محبت ڪندو آهيان.”
        پڇيائين، “مان ملڪيت اٿئي؟”
        “ڪنگال آهيان.” وراڻيم، “پر دل جي دنيا جو بادشاهه آهيان.”
        هن جواب نه ڏنو، ۽ سوچڻ لڳي. سوچ ۾ گم ٿيڻ کانپوءِ هوءَ وڌيڪ سهڻي نظر اچڻ لڳي.
        چيم، “سامهون واري مسجد جو مـُـلو منهنجو دوست آهي، ۽ اتفاق سان نڪاح رجسٽرار به آهي.”
        هن پنهنجي پرس مان ٻه آنا ڪڍي منهنجي تريءَ تي رکيا. چيائين، “ڪيفي جارج تي وڃي هڪ چالو چانهه پيءُ، ۽ ٺلهه وٽ بيهڻ ڇڏي ڏي. تون صدين جو سودائي ٿو ڏسجين.”
        مون ڏک وچان اول ڏانهن، ۽ پوءِ ٻن آنن ڏانهن ڏٺو. ان وقت ساڳئي شورليٽ موٽر موٽي آئي، ۽ اسان ٻنهي وٽ اچي بيٺي. پويون در کوليو، ۽ هوءَ موٽر ۾ ويهي رهي.
        سڀاڻي يونيورسل بڪ ڊيپوءَ جي ٻاهران ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي مان نه بيهندس. منهنجي بدران ٻيو ڪو شخص ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيهندو، ۽ لاڳيتو ان بيحد حسين ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو رهندو، جيڪا تلڪ چاڙهي، ۽ نزرٿ ڪاليج جي ڪنڊ وٽ روز شام جو اچي بيهندي آهي.

No comments:

Post a Comment